عبدالرزاق
عبدالسلام ميمڻ
عبدالرزاق بن عبدالسلام ميمڻ
،
”ساهتي“
پرڳڻي جي قديم تواريخي شهر، نوشهري فيروز جي بلند
مرتبي جي عالمن، فاضلن، اديبن، شاعرن ۽ تعليمي
ماهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ نوشهري فيروز جي
مشهور
”صابـُـوگرن“
جي محلي
جو رهندڙ هو. سندس زندگيءَ ۽ علمي ۽ ادبي ڪارنامن
جي باري ۾، هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ ۽
تذڪري نگار ڪوبه احوال بيان نه ڪيو آهي. ازان سواءِ،
سنڌي زبان ۽ ادب جي تواريخ مـُـرتب ڪندڙن پڻ هن
علمي شخصيت کي پنهنجن تواريخن ۾ بلڪل نظرانداز ڪري
ڇڏيو آهي. ايتري قدر، جو اسان جو نئون نسل، هن بي
مثل عالم، اديب ۽ شاعر جي علمي ڪارنامن کان پوريءَ
طرح سان ڪنهن به صورت ۾ واقف نه آهي. عبدالرزاق
عبدالسلام جو مشهور ناول
”جهان
آرا“
ورهين کان ٻارهين (انٽر) ڪلاس تي سنڌي مضمون جي
سلسلي ۾، نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. ليڪن، مصنف جي
متعلق، شاگردن خواه عام پڙهندڙن کي هن بلندپايي جي
نثرنگار ۽ شاعر جي باري ۾ ڪابه مفصل ڄاڻ حاصل نه
آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جي باري ۾ تمام گهڻي
ڳولا ۽ جستجوءَ کان پوءِ،
سندس متعلق جيڪي ڪجهه احوال دستياب ٿي سگهيو آهي،
ان جي بيناد تي سندس حياتيءَ جو احوال ۽ سندس
علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪارنامن کي مرتب ڪري، هتي پيش
ڪجي ٿو.
عبدالرزاق عبدالسلام، نوشهري فيروز جي مشهور علمي خاندان،
”خطيب“
گهراڻي جو چشم ۽ چراغ هو. قديم دؤر ۾، نوشهري
فيروز جي
”ميمڻ“
قوم مان هيءُ گهراڻو وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نظر
سان ڏٺو ويندو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو ميان
عبدالسلام بن حافظ محمد اسماعيل
هو. عبدالرزاق جو جنم 15- سيپٽمبر 1898ع تي نوشهري
فيروز ۾ ٿيو. (1) جيئن ته عبدالرزاق جي ابتدائي
تعليم جي باري ۾ اڃا تائين ڪوبه مفصل احوال ملي نه
سگهيو آهي، ته پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم وقت جي
ڪهڙن نامور اُستادن وٽان حاصل ڪيائين. ان هوندي به
سندس خانداني روايتن مان ايترو واضح ٿئي ٿو ته هن
پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر نوشهري
فيروز ۾ ئي حاصل ڪئي. جيئن ته سندس والد ميان
عبدالسلام ميمڻ، سنڌي پرائمري اسڪول نوشهري فيروز
جو هيڊماستر هو، جنهن مان انهيءَ گمان کي تقويت
ملي ٿي ته هـُـن ضرور پنهنجي والد جي زيرنگرانيءَ
نوشهري فيروز جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري سنڌيءَ
جي تعليم حاصل ڪئي هوندي. سندس خانداني روايتن مان
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عبدالرزاق پنهنجي ڀائرن
وانگر فارسي زبان جي تعليم پڻ پنهنجي شهر جي
”قاضين جي محلي“
واري مدرسي مان حاصل ڪئي هئي. انهيءَ لحاظ سان هڪ
اندازي موجب هن 1905ع ڌاري ابتدائي پرائمري تعليم
جي منزل طيءِ ڪئي هوندي!
ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ،
پاڻ ثانوي تعليم جا ڪجهه درجا
”مدرسه
هاءِ اسڪول، نوشهري فيروز“
۾ پڙهيو. جيئن ته نوشهري فيروز ۾ قائم ڪيل
”مدرسه
هاءِ اسڪول“
ان وقت تائين تعليمي لحاظ کان اڃا
”هاءِ اسڪول“
جي سطح تائين ڪونه پهتو هو، ان ڪري عبدالرزاق جي
والد کيس
”سنڌ مدرسته
الاسلام، ڪراچيءَ“
۾ داخل ڪرايو، جتان هن 1916ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان
”بمبئي
يونيورسٽيءَ“
مان پاس ڪيو. انهيءَ متعلق، عبدالرزاق پنهنجي ڪتاب
”گـُـئٽي:
هڪ جرمن شاعر ۽ ڊراما نويس“
جي
”تمهيد“
۾ هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو:
”اتفاقاً رات خواب ۾ پنهنجو پيارو اُستاد، مرحوم مسٽر ٽامس هئري
وائينس،
ايم.اي.، سابق پرنسيپال سنڌ مدرسه جو ڏٺم،“(2)
عبدالرزاق ميمڻ، انهيءَ مٿئين عبارت ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسيپال ٽي. ايڇ.
وائينس جو نالو ڄاڻايو آهي، جو سندس اُستاد هو. ان
مان اسان جي گمان جي تائيد ٿئي ٿي ته عبدالرزاق
سنڌي پرائمري چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ،
ثانوي تعليم جا چار درجا کن مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهري فيروز ۾ پڙهيو ۽ ان بعد پنجين درجي
انگريزيءَ کان مئٽرڪ تائين سنڌ مدرسته
السلام، ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ليڪن، انهيءَ
تعليمي عرصي جو پورو ۽ صحيح احوال ڪونه ٿو ملي.
انهيءَ ڏس ۾، سندس تعليم کاتي ۾ ملازمت جي شروعات
جي سن، يعني 1922ع جو ذڪر ملي ٿو، جڏهن هـُـن ايم.
اي. پاس ڪئي هئي. ان لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته
هـُـن 1917ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت
سان پاس ڪيو هوندو! مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ،
اٽڪل ڇهن ستن سالن واري عرصي جي باري ۾، سندس
متعلق ڪوبه واضح احوال ڪونه ٿو ملي.
انهيءَ عرصي ۾، عبدالرزاق ميمڻ ضرور وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾
جدوجهد ۾ مشغول رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته سندس تعلق
علمي گهراڻي سان هو ۽ ائين خاموشيءَ ۾ وقت ڪونه
گنوايو هوندائين! انهيءَ لاءِ وري به سندس ڪتاب
”گـُئٽي“
جي تمهيد طرف رجوع ڪرڻ سان اسان کي هڪ ٻيو اشارو
ملي ٿو، ته هـُـن بي. اي. تائين اعليٰ تعليم سنڌ
جي مشهور درسگاهه، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان
حاصل ڪئي. ان بابت پاڻ چوي ٿو:
”آخر ۾ مان پنهنجي مـُـشفق ۽ مـُـربي اُستاد، پروفيسر گربخشاڻي
صاحب ايم. اي.، پي ايڇ.ڊي. جو از حد مشڪور ۽
ممنون آهيان، جنهن صاحب نوازش فرمائي هن ڪتاب جي
باري ۾ گوهر فشاني ڪئي آهي.“
(3)
عبدالرزاق ميمڻ جي پنهنجي انهيءَ بيان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جو
مشهور عالم، اديب، محقق ۽ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحه جو پارکو، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
پڻ سندس مـُـربي استاد هو. عبدالرزاق، بي.اي. پاس
ڪرڻ کان پوءِ،
انگريزي ادب ۾ ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو. پاڻ
ايل.ايل.بي جو امتحان به پاس ڪيو هئائين.
عبدالرزاق جي متعلق، سندس زندگيءَ“
تعليم جي سلسلي ۾، اسان کي فقط ايتري ئي معلومات
دستياب ٿي سگهي آهي، جنهن جي آڌار تي سندس احوالُ
مرتب ڪيو ويو آهي. عبدالزاق ميمڻ پنهنجي دؤر ۾
انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو عالم ۽ فاضل
هو، ۽ ويهين صدي عيسويءَ جي وڏن برک سنڌي عالمن ۾
بلند مقام رکندڙ هو.
جيئن ته عبدالرزاق ميمڻ جي خاندان جو لاڙو درس ۽ تدريس جي طرف هو، انهيءَ
ڪري هـُـن پڻ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪرڻ کي وڌيڪ
ترجيح ڏني ۽ تعليم کاتي ۾ هڪ اُستاد جي حيثيت ۾
داخل ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ قانون جي ڊگري به رکندڙ هو
۽ اُن زماني ۾ وڪالت جي پيشي کي وڏي اهميت ڏني
ويندي هئي، ليڪن هـُـن وڪالت جي بدران تعليم کاتي
کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ انهيءَ ميدان ۾ پاڻ کي هر
لحاظ کان ڪامياب ثابت ڪيائين. البت، اهو معلوم ٿي
نه سگهيو آهي ته پاڻ سڀ کان پهريائين ڪٿي ۽ ڪهڙي
تعليمي اداري ۾ اُستاد جي حيثيت ۾ ملازمت جي
شروعات ڪيائين، ۽ ڪهڙيءَ طرح درجي بدرجي ترقيءَ
جون منزلون طيءِ ڪيائين.
انهيءَ سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد
”حامي“
لکي ٿو:
”سن 1923ع ۾ عبدالرزاق عبدالسلام، ناز هاءِ
اسڪول
خيرپور ميرس جو پرنسيپال مقرر ٿيو.“ (4)
پروفيسر
”حامي“ صاحب جي انهيءَ مٿئين بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ذهانت،
علمي قابليت ۽ انتظامي مهارت کان متاثر ٿي، خيرپور
رياست جي واليءَ، مير علي نواز خان
”ناز“ کيس ناز هاءِ اسڪول، خيرپور ميرس جو پرنسيپال مقرر ڪيو هو. ان
سلسلي ۾، اسان جي راءِ آهي ته عبدالرزاق شروع ۾،
يعني 1922ع ۾ ضرور ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ اُستاد مقرر
ٿيو هوندو، جتي سندس غير معمولي قابليت، تعليمي
مهارت ۽ انتظامي صلاحيتن کان متاثر ٿي، کيس رياست
خيرپور جي هن وڏي اهم تعليمي اداري جو پرنسيپال
مقرر ڪيو ويو.
ناز هاءِ اسڪول، خيرپور ميرس ۾ پاڻ ڪيترو وقت پرنسيپال جي عهدي تي فائز رهيو
۽ اُتي ڪيتري قدر پاڻ کي هڪ ڪامياب تعليمي ماهر ۽
اعليٰ منتظم ثابت ڪيائين، ان جي متعلق به ڪا واضح
حقيقت ڪانه ٿي ملي. ليڪن، سندس ڪتاب
”گـُـئٽي“
جي تمهيد مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ جڏهن اهو
مذڪور ڪتاب تصنيف ڪري سن 1929ع ۾ شايع ڪرايائين،
ته اُن وقت به پاڻ خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول
جو پرنسيپال هو. اهڙيءَ طرح، سندس هڪ ٻيو ڪتاب
”جهان آرا“
ناول جي صورت ۾ 1931ع ۾ شايع ٿيو ۽ انهيءَ ساڳئي
سال 1931ع ۾ سندس ٽيون ڪتاب
”گلزار
نظم“
پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته پاڻ انهيءَ ساڳئي عهدي تي
خيرپورميرس ۾ نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ،
سن 1934ع ۾ سندس چوٿون ڪتاب
”مٺڙا
ٻول“
ڇپجڻ وقت به ميمڻ صاحب خيرپور ۾ ئي ناز هاءِ اسڪول
جو پرنسيپال هو.
ازان سواءِ، مفتي محمد رحيم سڪندري، خطيب مسجد درگاهه شريف، پير جو ڳوٺ،
پنهنجي هڪ مضمون ۾ انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ڪندي
لکي ٿو:
”حضرت پير سائين
’ڪوٽ
ڌڻي‘
پنهنجي لائق ۽ فائق نينگر، پير سائين صبغت الله
شاهه جي تعليم جو انتظام ڪيو. قرآن پاڪ، ديني
تعليم، فارسي ۽ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مرحوم حافظ
خدابخش سومرو (منگرجي جو)، مولوي امام بخش مهيسر ۽
عبدالرزاق صاحب ميمڻ (پرنسيپال خيرپور ڪاليج)
کي مقرر ڪيو.“
(5)
مفتي محمد رحيم سڪندريءَ جي انهيءَ مٿئين عبارت مان
اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پير سائين سيد صبغت الله شاهه
(ثاني) کي انگريزي ٻوليءَ تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ
عبدالرزاق ميمڻ کي سندس اتاليق ڪري رکيو ويو هو.
ساڳئي وقت، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ان وقت
خيرپور ۾ پرنسيپال جي عهدي تي فائز هو.
انهن مٿين شاهدين مان اهو واضح ٿئي ٿو ته عبدالرزاق ميمڻ، سن 1923ع کان
1935ع تائين
”ناز هاءِ اسڪول“،
خيرپور جو لاڳيتو پرنسيپال ٿي رهيو. انهيءَ عرصي
دوران سندس تعليمي مهارت ۽ بهترين انتظامي
ڪارڪردگيءَ کي ڏسي، رياست جي واليءَ، 1937ع ۾ کيس
ترقي ڏيئي، رياست جي اندر وڌيڪ جديد انگريزي تعليم
جي ڦهلاءَ ۽ بهترين تعليمي نظام قائم رکڻ لاءِ،
ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي.پي.آءِ.)
جي منصب تي فائز ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد
”حامي“ جو قول آهي:
”عبدالرزاق، خيرپور رياست جو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي.پي.آءِ.)
به ٿي رهيو.“
(6)
پاڻ ڊي. پي آءِ. جي عهدي تي ڪيترو وقت رهيو، ان باري ۾ به ڪا صحيح معلومات
ڪانه ٿي ملي. پر جيئن ته عبدالرزاق ميمڻ 1941ع ۾
وفات ڪئي، تنهنڪري اسان جو گمان آهي ته پاڻ ان وقت
به ڊي.پي.آءِ.
جي عهدي تي فائز هو ۽ ان دوران ئي رحلت ڪيائين.
عبدالرزاق ميمڻ جي باري ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هن برصغير
هند و پاڪ جي وڏين تعليمي ڪانفرنس ۾ رياست خيرپور
جي نمائندگي ڪئي، ۽ انهن موقعن تي هن پنهنجي اعليٰ
صلاحيتن ۽ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيءَ مهارت ۽
قابليت جو مظاهرو ڪيو. ان ڏس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا
محمد
”حامي“
جو قول آهي:
”سن 1924ع ۾ عبدالرزاق جڏهن ناز هاءِ اسڪول جو پرنسيپال هو، ته
ان وقت دهليءَ ۾ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
منعقد ڪئي ويئي هئي. خيرپور جي واليءَ، مير علي
نواز خان
”ناز“
طرفان اُن ڪانفرنس ۾ کيس رياست جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو
هو. پاڻ جڏهن ان ڪانفرنس کان موٽي آيو، تڏهن ان جي
مڪمل رپورٽ مير صاحب کي پيش ڪئي هئائين.“ (7)
پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد
”حامي“
پنهنجي انهيءَ مٿئين بيان ۾ مذڪور ڪانفرنس جي
منعقد ٿيڻ جو هنڌ
”دهلي“
لکيو آهي، جيڪو تواريخ جي لحاظ کان دُرست نه آهي.
دراصل، اها ڪانفرنس
”بمبئيءَ“
۾ ٿي هئي ۽ اهو ڪانفرنس جو 37 هون اجلاس هو، جو
آنريبل سرابراهيم رحمت الله بمبئيءَ واري
جي صدارت ۾ ٿيو هو. (8)
عبدالرزاق ميمڻ تعليم سان گڏ علم ۽ ادب سان به گهري دلچسپي رکندڙ هو. سندس
مشهور ناول
”جهان آرا“
جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ جڏهن ناز هاءِ
اسڪول خيرپور ميرس جو پرنسيپال هو، ته ان وقت
اسڪول مان هڪ علمي ۽ ادبي مخزن جاري ڪئي هئائين.
اها مخزن هڪ اعليٰ درجي
جي علمي ۽ ادبي مخزن هئي، جا علمي، ادبي ۽ تواريخي مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو
مـُـرقع هئي. عبدالرزاق پاڻ به ان مخزن ۾ پنهنجا
معلوماتي ۽ تواريخي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر ڏيندو
هو. نثر نويسيءَ سان گڏ پاڻ شعر گوئيءَ جي مذاق به
رکندڙ هو ۽ پنهنجي شعر ۾
”رفعت“ تخلص استعمال ڪندو هو.
خيرپور جو شهر،
”رياست خيرپور“
جي راڄڌاني هو. خيرپور رياست جا ٽالپر حڪمران پڻ
پنهنجي وڏن جي روايت مطابق، علم ادب ۽ شعر و
شاعريءَ جو ذوق ۽ شوق رکندا هئا. خيرپور رياست جي
ٽالپر حاڪمن جي علمي ۽ ادبي ذوق ۽ ڪارنامن جي
متعلق، پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد
”حامي“ صاحب پنهنجي پي ايڇ.ڊي جي مقالي ۾ تفصيل سان روشني وڌي آهي.
خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ هميشه
وقت جا نامور عالم، اديب ۽ شاعر موجود رهندا هئا.
مير صاحب انهن جا وڏا قدردان هئا. روايت آهي ته هن
ئي شهر ۾ اڪثر شاعرن جون محفلون ۽ مجلسون منعقد
ٿينديون هيون، جن ۾ نامور شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا
۽ داد وصول ڪندا هئا. عبدالرزاق
”رفعت“
پڻ انهن مشاعرن ۾ وڏيءَ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو
هو. ان کان سواءِ،
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد جي مشاعرن ۽ علمي
مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ به اچي حصو وٺندو هو. پاڻ مير
علي نواز خان
”ناز“
جي خاص صحبتين ۽ مجلس ڪندڙن مان هڪ هو. پروفيسر
ڊاڪٽر عطا محمد
”حاميءَ“،
”ڪليات
ناز“
۾ هڪ هنڌ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي. (9)
عبدالرزاق ميمڻ جي علمي ۽ ادبي نثري ڪتابن ۽ شاعريءَ جي مجموعن جي مطالعي
کان پوءِ، اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ هڪ وڏو ذهانت جو صاحب، بهترين انسان
۽ بلند درجي جو عالم هو. پاڻ فطرتاً ڪريم النفس،
نيڪ، خليق ۽ دوست نواز هو. ساڳئي وقت پاڻ قومي
غيرت جو جذبو رکندڙ هو. سندس ناول
”جهان
آرا“
جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ مذهبي ڪٽرپڻي
کان آزاد هو. پاڻ محبت ۽ ايڪتا جو حامي هو.
”هندو-
مسلم“
اتحاد جو پڻ قائل هو.
عبدالرزاق ميمڻ جڏهن خيرپور رياست جو ڊي. پي. آءِ.
هو، ته ان وقت پاڻ ذيابطيس جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي
پيو. کيس علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو
ويو، ليڪن سندس حياتيءَ جو ماڻُ ڀرجي آيو ۽ 43
ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ 31- ڊسمبر 1941ع تي هن فاني
جهان مان رحلت ڪيائين. کيس سندس اباڻي شهر، نوشهري
فيروز جي قديم قبرستان،
”ميان
عدر سلطان“
۾ دفن ڪيو ويو. مرحوم عبدالرزاق کي جيڪڏهن اڃا
حياتي وفا ڪري ها، ته پاڻ سنڌي زبان ۽ ادب جي دامن
۾ اُهي سهڻا ۽ دلڪش گـُـلَ نڇاور ڪري ها، جي اڃا
به وڌيڪ سڳنڌ ۽ سـُـرهاڻ ڏين ها!
عبدالرزاق ميمڻ،
ڳڙهي ياسين جي ميان عبدالعزيز سمي جي نياڻيءَ سان
شادي ڪئي. سندس انهيءَ گهرواريءَ 75 ورهين جي عمر
۾ 1974ع ۾ رحلت ڪئي ۽ خيرپور ۾ ئي مدفون ٿي.
عبدالرزاق کي ظفرالحق نالي صرف هڪ فرزند ٿيو. ظفر
الحق 1929ع ۾ تولد ٿيو. پرائمري تعليم پرائڻ کان
پوءِ ناز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. ان وقت سندس والد، عبدالرزاق ميمڻ وفات
ڪري ويو هو. خيرپور رياست جي واليءَ، ميمڻ صاحب جي
گهرواريءَ لاءِ معقول پينشن مقرر ڪئي ۽ سندس فرزند
ظفرالحق لاءِ اسڪالر شپ منظور ڪري، کيس اعليٰ
تعليم لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو، جتان
هـُـن بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ
کان پوءِ،
پاڻ شروع ۾ ڪجهه وقت لاءِ انڪم ٽيڪس آفيسر ٿي
رهيو. 1952ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڊي.ايس.پي مقرر ٿيو،
جتان ترقي ڪندي 1978ع ۾ ڊي.آءِ.جي جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ اتان ئي پينشن ورتائين. 9- جنوري
1994ع تي 65 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيائين“
ڪراچيءَ ۾ مدفون ٿيو. ظفرالحق ٻه شاديون ڪيون، جن
مان کيس ٽن پــُـٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو.
هتي سندس اولاد جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
1. اڪرام الله: هن جي ولادت 1947ع ۾ خيرپورميرس ۾ ٿي. ناز هاءِ اسڪول مان
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ممتاز ڪاليج،
خيرپورميرس مان انٽر ڪيائين. 1970ع ۾ پوليس کاتي ۾
ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ هن وقت سانگهڙ ضلعي ۾
”چڪ
41 ورڪشاپ“
ٿاڻي جو ايس.ايڇ.او. آهي.
2. جاويد ظفر: پاڪستان ايئر فورس
۾
گروپ ڪئپٽن جي عهدي تي پشاور ۾ آهي.
3- وقار ظفر: هيءُ زميندار آهي ۽ زمينداريءَ جو ڪم
سنڀاليندو آهي.
4. نياڻي: لاڙڪاڻي جي مشهور جاگيردار، مرحوم پير بخش ڀـُـٽي جي گهرواري آهي.
تصنيفات
عبدالرزاق ميمڻ پنهنجي ملازمت جي مصروفيتن ۽ درس و تدريس جي مشغلي سان گڏ،
تصنيف ۽ تاليف جو به ڪافي ڪم ڪيو آهي . پاڻ اٽڪل
ويهن ورهين تائين سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ لکندو
رهيو. بهرحال، هن جيڪي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا
آهن، تن مان هر ڪتاب پنهنجيءَ جاءِ تي علمي ۽ ادبي
لحاظ کان هڪ بهترين املهه ماڻڪ آهي. هتي سندس انهن
لکيل ڪتابن ۽ شاعريءَ جو علمي لحاظ کان جائزو وٺون
ٿا:
گـُـئٽي:
عبدالرزاق ميمڻ جي ادبي ڪارنامن تي روشني وجهڻ وقت اهو معلوم ٿئي ٿو
ته سندس سڀ کان پهرئين تصنيف
”گـُـئٽي:
هڪ جرمن شاعر ۽ ڊرامانويس“ آهي. گـُـئٽي، هڪ مشهور جرمن دانشور، شاعر ۽ ناٽڪ نويس ٿي
گذريو آهي. هـُـو اوڻويهين عيسوي صديءَ جي مکيه
شاعرن مان هڪ برک شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو ۽ سـُـڃاتو
وڃي ٿو. شعرگوئيءَ ۾ تمام لاثاني هو ۽ ناٽڪ به
پنهنجيءَ جاءِ تي بي نظير اٿس. کيس سنڌ جي علمي
طبقي ۽ عام پڙهندڙن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ،
عبدالرزاق هيءُ ڪتاب لکيو هو. هن ڪتاب جي اهميت جي
باري ۾، سنڌ جو مشهور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر گربخشاڻي
انهيءَ ڪتاب جي
”مهاڳ“ ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ساهتيه جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق اڄ البت اڳي کان وڌيڪ آهي، پر
اڃا دل گـُـهري ترقي نه ٿي آهي. انهيءَ جو هڪ سبب
هيءُ آهي، جو سنڌ ۾ خاص ساهتيه جي سـُـڌاري ۽
واڌاري جي مدنظر سان ورلو ڪو ڪتاب لکيو وڃي ٿو.
ڪتاب ڇپجن به گهڻيئي ٿا، مگر اڪثر اهڙا، جن مان نه
هــُـوند نه شـُـڪر. تنهنڪري جڏهين ڪو اهڙو ڪتاب
ڇپجي، جنهن مان هڪ پاسي نوجوانن کي دماغي ۽ اخلاقي
ترغيب ملي، تڏهين اسان جو عين فرض آهي ته اهڙي
ڪتاب جي قدر شناسي ڪري، مصنف جي همت افزائي ڪريون.“(10)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اُن دؤر جي سنڌي ادب جي عڪاسي
ٿئي ٿي، ۽ ساڳيءَ طرح ان ڪتاب جي ضرورت ۽ اهميت جو
به پتو پوي ٿو. عبدالرزاق پنهنجي هن ڪتاب ۾،
گـُـئٽي جي نظم ۽ ناٽڪ جون خوبيون ۽ خاميون نهايت
ئي ناقدانه انداز ۾، سنجيدگيءَ ۽ صاف گوئيءَ سان
عام فهم سنڌي عبارت ۾ بيان ڪيون آهن ۽ اهو ثابت
ڪيو اٿس ته هيءُ جڳ مشهور عالـِـم وڏي پايي جو
بــُلند درجي وارو انسان، شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو. هن
ڪتاب جو ڳــُـوڙهو اڀياس ڪندي اهو به واضح ٿئي ٿو
ته علم تنقيد، خاص طرح سان شعر ۽ شاعريءَ جي پرکڻ
لاءِ ڪي خاص اُصول، ماڻ ۽ ماپا آهن، جن جي بنياد
تي انهيءَ قسم جي ڪتاب کي پرکي سگهجي ٿو. مصنف،
انهن سڀني ڳالهين ۽ اصولن کي مدنظر رکي،گـُـئٽي کي
اُجاگر ڪرڻ جي عالمانه انداز ۾ ڪوشش ڪئي آهي. هن
ڪتاب جي ورق گرداني ڪرڻ سان عبدالرزاق جي علمي
بصيرت، وسيع مطالعي ۽ سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي
پــُـورو پــُـورو عبور هئڻ جي ڄاڻ پوي ٿي. هيءُ
ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 107 صفحن تي مشتمل آهي ۽
نومبر 1929ع ۾ ڀارت پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو.
جهان آرا:
عبدالرزاق ميمڻ جو لکيل ناول
”جهان
آرا“،
سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ شاهڪار آهي. هيءُ ناول،
سنڌي ٻوليءَ جي اصولڪن ناولن مان هڪ آهي، ۽ زبان
۽ پلاٽ جي لحاظ کان مڪمل ۽ فني لحاط کان پخـُـتي
پلاٽ وارو ناول آهي. ان دؤر ۾ جيڪي اصلوڪا ۽
طبعزاد ناوِلَ، آڱرين تي ڳڻن جيترا لکيا ويا هئا،
تن ۾
”جهان
آرا“
هڪ چڱو مقام رکي ٿو. ان دؤر ۾ اڪثر ڪري ناوِلَ،
انگريزي ۽ ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيا ويندا هئا.
مصنف، هيءُ ناول لکي، سنڌي زبان ۾ طبعزاد ناول لکڻ
جو مثال پيش ڪيو. هن ناول جو مرڪزي خيال، ناول
نگار جي لکيت مطابق، عورت جي وفائي ۽ مرد جي بي
وفائي ڄاڻايو ويو آهي. ليڪن، پاڻ انهيءَ مرڪزي
خيال کي ناول اندر ايترو اُجاگر ڪري نه سگهيو آهي.
هيءُ ناول سڀ کان پهريائين 1931ع ۾ ڇپيو. تازو
2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان هن ڪتاب جو
پندرهون ايڊيشن پڌرو ٿيو آهي. هيءُ ناول ورهين کان
وٺي ٻارهين ڪلاس جي سنڌي نصاب طور رکيل آهي. هن
ناول جي باري ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري،
محترم انعام الله شيخ تازي ڇاپي ۾ پنهنجي راءِ
ڏيندي لکي ٿو:
”ممڪن آهي ته پنهنجي موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان
’جهان
آرا‘
بعد جي ڪيترن سنڌي ناولن سان ڀيٽي نه سگهجي، پر ان
۾ ڪو شڪ ناهي ته ادب ڏانهن ابتدائي لاڙو پيدا ڪرڻ
۾ هن ناول بيشمار پڙهندڙن ۾ اُتساهه پيدا ڪيو آهي.“(1)
خانزاده سميع الوري پنهنجي ڪتاب
”تزئين
ساهتي“
۾ لکي ٿو ته،
”عبدالرزاق
ٻه ناول لکيا هئا، جن مان هڪ جو نالو
’نورجهان‘
هو.“(12)
خانزادي صاحب پنهنجي انهيءَ بيان ۾ غلطي ڪئي آهي.
دراصل،
”نورجهان“
ناول عبدالرزاق جو نه، بلڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو
لکيل آهي. ساڳئي وقت، ميمڻ صاحب صرف هڪ ناول
”جهان
آرا“
سنڌي زبان ۾ لکيو هو.
گلزار نظم:
عبدالرزاق ميمڻ شعر ۽ شاعريءَ سان ذوق رکندي، هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان
جي قديم صوفي شاعرن ۽ ان دؤر جي جديد همعصر شاعرن
جي ڪلام جو انتخاب ڏنو آهي. دراصل، ان دؤر ۾ سنڌ
جو پرڳڻو، بمبئي پريزيڊنسيءَ سان لاڳاپيل هو ۽ سنڌ
جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جي امتحانن جو سلسلو
پڻ بمبئي يونيورسٽيءَ سان واسطو رکندو هو. هيءُ
ڪتاب مئٽريڪيوليشن امتحان جي نصاب طور منظور ٿيل
هو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1931ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو
1932ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪرائون
سائيز ۾ 96 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ
ڪمپني، ڪراچي طرفان شايع ٿيو.
مؤلف ، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور قديم شاعرن ۽ پنهنجي همعصر شاعرن سميت ڪل 28
شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو آهي. هن مجموعي ۾ جن شاعرن
جو ڪلام درج آهي، اُهي هي آهن: حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چئراءِ
”سامي“،
فقير قادر بخش
”بيدل“،
فقير محمد محسن
”بيڪس“،
پير علي گوهر شاهه
”اصغر“
راشدي، خليفو گل محمد
”گل“
هالائي، حمل فقير لغاري، صوفي دلپترام
”دلپت“، حافظ حاجي”حامد“
ٽکڙائي، سيد فاضل شاهه
”فاضل“،
مير عبدالحسين خان
”سانگي“،
ديوان ليلارام وطڻمل
”خاڪي“،
رئيس شمس الدين
”بلبل“،
مرزا قليچ بيگ
”قليچ“،
پير ڪمال الدين”ڪمال“
فقير، مير علي نواز
”علوي“،
ڊاڪٽر مرزا مدد علي
”مدد“،
فقير هدايت الله
”نجفي“
، مير علي نواز خان
”ناز“،
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
”صديق“،
محمد هاشم
”مخلص“،
ڪشنچند
”بيوس“،
ديوان صوڀراج نرملداس
”فاني“،
محمد خان
”غني“،
نواز علي
”نياز“
جعفري، محمد بخش
”واصف“
۽ عبدالرزاق
”رفعت“.
اهڙيءَ طرح، هن ڪتاب ۾ جــُـملي هڪ هزار شعر ڏنل آهن. ڪتاب جي مــُـنڍ ۾
مؤلف
”مهاڳ“
لکيو آهي، جنهن ۾ هـُـن
”گلزار
نظم“
کي مرتب ڪرڻ جي باري ۾ وضاحت سان روشني وڌي آهي.
عبدالرزاق هن ڪتاب کي پنهنجي اُستاد ۽ ڊي.جي.سنڌ
ڪاليج، ڪراچيءَ جي پرنسيپال، صاحب سنگ چندا سنگ
شهاڻيءَ
ڏانهن منسوب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي
ته مؤلف هن مجموعي ۾ جن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو
آهي، تن مان هر شاعر جي ڪلام جي مــُـنڍ ۾، ان جي
حياتيءَ جو مختصر خاڪو ۽ سندس شاعريءَ جي خوبين
متعلق ڄاڻ پڻ ڏني ويئي آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب جي
اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ٿيو آهي . هيءُ ڪتاب نه
صرف ان دؤر ۾ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ ڪارآمد هو، پر
اڄ به سنڌ جي عام پڙهندڙن ۽ علم دوست ماڻهن لاءِ
نهايت ئي مفيد آهي.
مـِٺڙا ٻول:
عبدالرزاق ميمڻ ،
”گلزار
نظم“
کان پوءِ،
چونڊ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو ٻيو انتخاب،
”مٺڙا ٻول“
جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪيو. هيءُ ڪتاب
1934ع ۾ چندن (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ
۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 64 صفحن تي
ڦهليل آهي ۽ منجهس هڪ هزار شعر آيل آهن. مؤلف، هن
ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ شاعر،
شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ ڏانهن ڪيو آهي. پاڻ انتساب ڪندي،
مرزا صاحب کي
”اُستادِ
زمان“
۽
”ملڪ
الشعراء“
ڪري سڏي ٿو. مرزا قليچ بيگ، عبدالرزاق جو وڏو
معاصر هو ۽ جديد شاعريءَ جي ڏس ۾، پاڻ مرزا صاحب
کان ڪافي متاثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو
کيس اُستاد شاعر ڪري لکيو اٿائين.
عبدالرزاق ، هن ڪتاب جي
”مهاڳ“
۾، عالمانه انداز ۾ وضاحت ڪندي لکي ٿو:
”مـِـٺـِـي
شيءِ سدائين وڻندڙ ٿيندي آهي ۽ انهيءَ مان ننڍا
توڻي وڏا عجيب حظ ۽ لطف حاصل ڪندا آهن. مگر اهو
مزو ۽ سواد بلڪل ٿورو وقت هلندو آهي. پر اهڙي شيءِ،
جنهن جو ميٺاج زايل نه ٿي سگهي ۽ جنهنجو لطف ۽ حظ
هميشه اِنسان جي دل ۽ دماغ کي تر ۽ تازو ڪري، اسان
کي ملي سگهي ته ڪهڙو نه چڱو.
دنيا ۾ جيڪي به ڌڻيءَ سڳوري پيدا ڪيو آهي، گل ۽ ٻوٽا، وڻ ۽ ٽڻ، پکي
۽ پکڻ، ساوڪ ۽ سبزي، ميوا ۽ مليدا، پسون ۽ حيوان،
مال ۽ ملڪ، دولت ۽ عزت، اولاد ۽ اطفال سڀ پنهنجي
مخلوق جي اُتم، اشرف ۽ اعليٰ فرد، يعني: اِنسان
واسطي راحت ۽ عيش جو سامان ڪيو اٿس. پر اُنهن سڀني
جي ڪري اِنسان تي ڪي جوابداريون به
آهن، جيڪي وقت
نا وقت کيس عيش ۽ راحت جي عيوض رنج ۽ ملال پهچائين
ٿيون. ڪڏهين ته سندس حالت اهڙي غم ۽ انڪساريءَ جي
ٿيو پوي، جو سندس بيقراريءَ ۽ آه ۽ زاريءَ تي جيڪو
به ماتم ڪجي، سو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس دل جي
دونهي کي دٻائڻ ۽ سندس سيني جي سوز ۽ آتش کي وسائڻ
جي هر ڪا ممڪن ڪوشش بيڪار ٿيو پوي.
اهڙيءَ حالت ۾ فقط هڪ ئي چيز آهي، جا سندس دستگيري ڪري سگهي ٿي ۽
سندس رنج کي راحت سان مبدل به ڪري سگهي ٿي، اگرچه
اُها شيءِ به ڪنهن جي ته دل جي دونهي ۽ سيني جي
سوز جو ئي نتيجوآهي. اها شيءِ آهي شعر، جو ويچاري
مصيبت جي ماريي شاعر جي جذبي ۽ اُمنگ، فڪر ۽ فراق
جو ڦــَـلُ آهي. مگر انهيءَ حالت ۾ هن پنهنجي
چاشني دار چپن سان جيڪي به چيو آهي ۽ پنهنجي زبان
جي شيرينيءَ سان جيڪي به ٻوليو آهي ۽ قلم جي
سياهيءَ سان جيڪي به لکيو آهي، اُهو اهڙو ته
مـِـٺو ۽ اٽل مـِـٺو آهي، جو دنيا جي هستيءَ تائين
زواليت کي نه پهچي سگهندو. ويچاري شاعر ڪهڙي به
اضطراب جي حالت ۾ پنهنجا ٻول ٻوليا هـُـجن، مگر
انهن ئي ته هن کي آخرين تسڪين ۽ تسلي بخشي آهي.
سندس مٺڙا ٻول ماکيءَ کان مــِـٺا ۽ آب حيات کان
وڌيڪ پايدار آهن. هـُـو ويچاري اِنسان جا عزت ۽
ذلت، راحت ۽ رنج ۽ اُميد ۽ نااميديءَ جي عميق بحر
۾ ٻيڙي به آهن ته سڙهه به، ۽ ساحل به ۽ اميد ۽
آسرو به.
انهيءَ ڪري اهڙي ميٺاج واري چيز کي
’مٺڙا
ٻول‘
ڪوٺيا ويا آهن ۽ سنڌ جي شاعرن جي اهڙن مٺڙن ٻولن
جي چونڊ ڪئي ويئي آهي.“(13)
اهوئي سبب آهي جو هن مجموعي ۾ جن شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي، تن
کي جڏهن جهونگارجي ٿو ته انهن جو اهڙو ته مٺاڻ چپن
کي لڳي ٿو، جو اهو وسرڻ جهڙو نه آهي. هن مجموعي ۾
هيٺين سترهن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي: حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چئنراءِ
”سامي“،
خليفو گل محمد
”گل“
هالائي“،
صوفي دلپترام
”دلپت“،
فقير قادربخش
”بيدل“،
فقير محمد محسن
”بيڪس“،
روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو، حافظ حاجي
”حامد“ ٽکڙائي، سيد فاضل شاهه
”فاضل“،
مير عبدالحسين خان
”سانگي“،
ديوان ليلارام وطڻمل
”خاڪي“،
مرزا قليچ بيگ، محمد بخش
”واصف“،
ديوان صوڀراج نرملداس
”فاني“،
نواز علي
”نياز“
جعفري ۽ عبدالرزاق
”رفعت“.
مؤلف، هن ڪتاب ۾ پڻ
”گلزار
نظم“
وانگر هر شاعر جي ڪلام اڳيان ان جي زندگيءَ جو
مختصر احوال ۽ سندس شاعريءَ جي خوبين متعلق ڄاڻ
ڏني آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي شاعريءَ جو هڪ عمدو
انتخاب آهي ۽ ان مان عبدالرزاق
”رفعت“
جي شاعريءَ جي ذوق ۽ سندس دلي لڳاءُ جو ڀليءَ ڀت
پتو پوي ٿو.
انهن مٿي بيان ڪيل ڪتابن کان علاوه، عبدالرزاق ڪيترائي نصابي ڪتاب پڻ تصنيف
۽ تاليف ڪيا هئا، جن مان سـِـردست هيٺين ٻن ڪتابن
جو احوال ملي ٿو:
نئين جاگرافي سنڌ (خيرپور اسٽيٽ):
هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 56 صفحن تي ڦهليل آهي ۽ سن 1939ع ۾ ديوي
پرنٽنگ پريس، شڪارپور سنڌ مان شايع ٿيو.
نئين جاگرافي هندستان:
هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سن 1940ع ۾، ميول
سنگهه پرسواڻيءَ، شڪارپور سنڌ مان پڌرو ڪيو.
سنڌي ٻولي ۽ عبارت جو جائزو:
عبدالرزاق ميمڻ جو تعلق، جيئن ته سنڌ جي
”ساهتي“
پرڳڻي جي قديم شهر
”نوشهري
فيروز“
سان هو، ان ڪري هـُـن پنهنجي سنڌي نثر نويسيءَ ۾
گهڻي ڀاڱي
”ساهتي“پرڳڻي
وارو لهجو استعمال ڪيو آهي. ساڳئي وقت، ملازمت جي
لحاظ کان سندس گهڻو وقت خيرپور رياست ۾ گذريو.
انهيءَ ڪري،
”ساهتي“
واري سنڌي لهجي تي
”خيرپوري“
لهجي جو به اثر غالب نظر اچي ٿو. سندس ٻن نثري
ڪتابن، جهڙوڪ:
”گـُـئٽي“
۽
”جهان
آرا“
جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان اڀياس ڪجي ٿو ته اهو
معلوم ٿئي ٿو، ته هـُـن اُهي
”ساهتي“
پرڳڻي
وارا
محاورا، اصطلاح،
تشبيهون ۽ ترڪيبون استعمال ڪيون آهن، جي اڪثر ان
طرف مروج آهن. انهن مذڪور ٻنهي ڪتابن کي تصنيف ڪئي
اٽڪل مـُـني صديءَ جو عرصو گذري چـُـڪو آهي ۽ اُهو
عرصو ڪو ٿورو نه آهي. انهيءَ دوران سنڌي زبان، خاص
طرح سان
”ساهتي“
پرڳڻي واري لهجي ۾ پڻ ڪيتريون ئي نيون تبديليون ۽
نواڻ ۽ واڌارا رونما ٿي چڪا آهن. هونئن به ٻوليءَ
جي ماهرن جو چوڻ آهي ته علمي، ادبي ۽ مهذب ٻوليون
ويهن ورهين کان پوءِ،
پاڻ ۾ نيون تبديليون ۽ نوان رجحان، نوان اصطلاح ۽
نيون ترڪيبون جذب ڪنديون آهن. انهن ٻنهي ڪتابن ۾
پڻ ان دؤر جي
”ساهتي“
پرڳڻي اندر جيڪي لفظ، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون مروج
هيون، تن کي نهايت سهڻي انداز ۾ ۽ سليقي سان
استعمال ڪيو ويو آهي. اگرچه هن وقت ڪيترائي لفظ،
محاورا ۽ اصطلاح متروڪ ٿي استعمال ۾ ڪونه ٿا اچن
۽ انهن جي جاءِ تي ٻيا ڪيترائي نوان لفظ ۽ اصطلاح
رواج ۾ آهن. عبدالرزاق جا اهي استعمال ڪيل لفظ ۽
محاورا، سنڌي زبان ۽ لـُـغت جو هڪ وڏو ورثو آهن.
صرفي ۽ نحوي بناوتن جو به جڏهن غور سان جائزو ورتو
وڃي ٿو ته ان ڏس ۾ به”ساهتيءَ“
جي طرف جيڪي صرفي ۽ نحوي اصول، قاعدا ۽ لوازمات
آهن، تن کي گهڻي قدر استعمال ۾ آندو ويو آهي.
عبدالرزاق ميمڻ جي انهن ٻنهي نثري ڪتابن جي مطالعي مان اها ڳالهه به صاف طرح
سان نظر اچي ٿي ته سندس نثري عبارت تي عربي، فارسي
۽ انگريزي زبانن جو به وڏو اثر آهي. هن پنهنجي
نثري عبارت ۾ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جا لفظَ
اڪثر جاين تي ڪثرت سان استعمال ڪيا آهن. عبدالرزاق
خود پنهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ جو ذڪر، پنهنجي ڪتاب”گـُـئٽي“
۾ هن طرح سان ڪري ٿو:
”مون کي پڪ آهي ته ضرور ڪي صاحب اها تنبيه
ڪندا ته هن ڪتاب ۾ گهڻا انگريزي لفظ ڪم آندل آهن،
۽ عربي ۽ فارسي لفظن جو پڻ گهڻو تعداد ڪم آندو ويو
آهي. منهنجو ادب سان هيءُ چوڻ آهي ته انگريزي
زبان، جا هينئر حڪومت جي زبان آهي، انهيءَ جا ڪي
لفظَ جي هن ڪتاب ۾ حڪمراني ڪن ٿا،انهن جي عيوض مون
کي پنهنجي زبان ۾ وڌيڪ موزون لفظ نه سـُـجها ۽
منهنجو اهو به ادب سان عرض آهي ته جي اهي لفظ مروج
نه آهن ته جيڪڏهن ڪو اسان وٽ سنڌي زبان ۾ انهن جو
هم لفظ موجود نه آهي، ته انهن جي عيوض انگريزي
لفظن جو استعمال غير موزون نه ٿيندو.“(14)
مٿئين عبارت ۾ اگرچه عبدالرزاق خود پنهنجي انهيءَ مذڪور ڪوتاهيءَ جو اعتراف
ڪندي ان ڳالهه جي صفائي پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ دليل
ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هتي ايترو چوڻ بيجاءِ نه
ٿيندو ته سنڌي زبان ايتري ته وسيع ۽ ڪشادي آهي، جو
اُن ۾ ٻين ڌارين ٻولين جا هزارين لفظ ملن ٿا ۽
ساڳئي وقت انهن جا هم معنيٰ نعم البدل پڻ موجود
آهن. ان ڪري اسان عبدالرزاق جي انهيءَ مٿئين بيان
سان سـُـهمت نه آهيون، ۽ نه وري سندس پيش ڪيل
صفائيءَ سان متفق آهيون. بهرحال، انهيءَ ڪوتاهيءَ
جي باوجود عبدالرزاق جون اهي ٻئي نثري تصنيفون
پنهنجيءَ جاءِ تي سنڌي نثري ادب جو هڪ وڏو شاهڪار
آهن.
عبدالرزاق
”رفعت“ جي شاعري:
عبدالرزاق
ميمڻ
سنڌي زبان
۾ شعر ۽ شاعري به ڪئي آهي، جنهن جو مٿي مختصر ذڪر
ڪري آيا آهيون. پاڻ پنهنجي شعر ۾
”رفعت“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شعر، ان دؤر جي ڪيترن ئي سنڌ جي
مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي، ۽ ان کي هن
وقت تائين ڪنهن به مرتب نه ڪيو آهي. سندس ڇپيل
ڪتابن، جهڙوڪ: جهان آرا، گلزار نظم ۽ مٺڙا ٻول ۾
سندس غزل، نظم، فرد ۽ قطعا وغيره ڪافي انداز ۾ ملن
ٿا، جن کي سامهون رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ
سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو مقام رکندو هو. جديد شاعريءَ
جي هر صنف ۾ کيس چڱو ملڪو حاصل هو. سندس شاعريءَ
کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو، ته اُن تي فارسيءَ جو
وڏو اثر غالب هو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام اُن وقت جي
شاعرن جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو آهي، ليڪن اهو هر لحاظ
کان پنهنجي دؤر جي بهترين شاعرن ۾ وڏو درجو رکي
ٿو. ممڪن آهي ته
”رفعت“ ڪو مجموعو يا ديوان مرتب ڪيو هجي، جو زماني جي ستم ظريفيءَ جو
شڪار ٿي ويو هجي! بهرحال، عبدالرزاق
”رفعت“
جو هٿ اکر لکيل هڪ
”بياض“
قلمي صورت ۾ سندس لائق پوٽي، اڪرام الله ميمڻ کان
ميسر ٿيو آهي، جنهن ۾ پڻ سندس ٿورو ڪلام ملي ٿو.
اسان هتي سندس شعر جو ڪجهه انتخاب پڙهندڙن جي
ملاحظي لاءِ ڏيون ٿا.
*
غزل
ڇا نـِـڌر جي قتل جي ، پـِـريـَـن خبر ڪائي نه هـِـي؟
دلربا وٽ اڄ رقيبو! محفلِ آرائي نه هـِـي.
رات رانول قـُـرب مان قاصد مـُـڪو هو قتل لئي،
ڇا مگر اهڙو نياپو عزت افزائي نه هـِـي؟
خون جو ڪاسو کڻي، سو پـِـرتوانن وٽ ويو،
هاءِ جو اُت دوستو! اڄ باده پيمائي نه هـِـي.
عشق وارن اصل کان هو نينهن جو ناتو ٻڌو،
هو مـُـقدر ۾ مقرر، ڪنهنجي خود رائي نه هـِـي.
دلبرِ ديدار لئي، آهـُـون ڪيم اڌ رات جو،
درد منهنجي جي شمع کي ڪا شناسائي نه هـِـي.
قسمتِ بد کان زماني ۾ مگر مون کي نصيب،
آستان - يار جي هرگز جبين سائي نه هـِـي.
چشم - نرگس گلبدن تنهنجي ڪيو مخمور جو،
تنهن نشي کان مون بچڻ جي ڪابه يارائي نه هـِـي.
خال جي داڻي وڌو هو، زلف جي جو دام ۾،
مون گرفتار - بلا، مـُـرلي وڄارائي نه هـِـي.
ضعف اهڙو هو ڪيو حيران پريشان جان - من،
جو اچڻ تنهنجي پسڻ لئي ڪا توانائي نه هـِـي.
غم الم تنهنجي پرين مون کي ڪيو بيمار پر،
بدنصيبيءَ کان سندم تو وٽ مسيحائي نه هـِـي.
دم هنيو تنهنجي محبت جو سڄڻ مون بوالهوس،
سا سڄي ديوانگي هـِـي، ڪابه دانائي نه هـِـي.
ماه - ڪنعان لئي عزيزا منتظر ۽ دربدر،
مست و لايعقل فقط تنهنجي زليخائي نه هـِـي.
عاشق و معشوق ٿا گڏجي ٿين رسوا ذليل،
قيس جي رُسوائي ڇا، ليليٰ جي رسوائي نه هـِـي؟
ڇو حسينن لئي جهڄڻ جي ٿا ملامت مون ڪيو؟
ڇا جهڄڻ
جهوري سندم،
ڪج
تنهائي نه
هـِـي.
سو ڏِسي ظاهر ظهور انجام ڌوٻڻ
”رفعتا“،
رات ساري وٽ
پنهل صبر و شڪيبائي نه هـِـي.(15)
*
شل نه منهنجو ڪو لڪائي درد - دل،
ڀل وري ويتر وڌائي درد - دل.
دل سندو اسباب ڪيڏو ٿا ڏسو،
قافلو سارو لـُـٽائي درد - دل.
هر گهڙي ڌوٻڻ جي جهوري ڇا هئي؟
هوت جو هر دم سمائي درد - دل.
ڏي ڪناري تان ٽپو ميهر مـُـٺا!
سـِـيرَ ۾ سهڻي گنوائي درد - دل.
کيت جي ميلاپ لئي هر صبح و شام.
مارئيءَ کي ٿو نـِـوائي درد - دل.
زندگيءَ جـِـي جي ڪـُنجي ڪا تـُون لهين،
ڪانه ڪم ايندءِ،
سـِوائي درد - دل.
ڪير منهنجي درد جو ٿيندو طبيب،
ويڄ جون وايون وڃائي درد - دل.
جي ٻـُڏي ڪو بحر- غم جي موج ۾،
تنهن ٻــُڏ کي ٿو بچائي درد - دل
درد - دل لئي
”رفعتا“
ٻـَـڌ تون ڪمر،
ٿو مـُـئل دل کي جيائي درد - دل.(16)
*
خموشيءَ ۾ لڪل آهن، هزارين خواهشون دل جون،
غريبن جي مٿي تـُـربت، سدائين گـُـل ڏِيو آهي،
هزارين حسرتون آهن، دل - بيتاب جي اندر،
نٿو ڪــُـڇجي، مگر ڏاڍو، صبر جو هـُـل پيو آهي.
سڄو ئي کيتُ خواهش جو، ويو خـَـس ٿي ادا هاري!
هينئر تو جهار جهرڪيءَ جو، اجايو غـُـل وڌو آهي.
جتي آهيُ رڳي وارِي، ۽ برباديءَ سندو ڪلر،
اتي
”رفعت“
ڪڏهن سبزي، نه ٻوٽو گـُـلُ ٿيو آهي.(17)
*
حوالا
(1) ميمڻ محمد صديق، خانبهادر:
”سالانه
رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32-
1931ع ۽ ادبي تحفو“،
مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ، ص
76
(2) ميمڻ عبدالرزاق:
”گـُـئٽي:
هڪ جرمن شاعر ۽ ڊرامانويس“،
ڀارت پرنٽنگ پريس، ڪراچي سنڌ، 1929ع، ص 5
(3) ايضاً
(4)
”حامي“ عطامحمد، ڊاڪٽر:
”وکريل موتي“،
سنڌڙي ڪتابي سلسلو، رتوديرو سنڌ، 1983ع، ص 67
(5) سڪندري محمد رحيم، مفتي:
”پير
سائين سيد صبغت الله شاهه(ثاني) جي سيرت“،
(مضمون)، ڏسو:
”امام
انقلاب: سورهيه سائين“،
بزم راشد، جامعه
راشديه،
پير جو ڳوٺ سنڌ، ص 56
(6) ڏسو حوالو نمبر (4)
(7)
”حامي“ عطامحمد، ڊاڪٽر:
”خيرپور
جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو سنڌ، 1994ع، ص
186
(8) سيد الطاف علي بريلوي:
”آل
پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ڪـِـي صد ساله تاريخي
ڊائري“(اردو)، مطبوعات آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، ڪراچي، ص 7
(9)
”حامي“ عطا محمد، ڊاڪٽر:”ڪـُـليات
ناز“،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، 1988ع، ص 14
(10) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 1
(11) ميمڻ عبدالرزاق :
”جهان
آرا“(ناول)،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، ڇاپو پندرهون
2005ع، ڏسو
”ڇپائيندڙ
پاران“
(12) خانزاده سميع الوري:
”تزئين
ساهتي“(اردو)،خانزاده
سميع الوري اڪيڊمي، نوشهروفيروز سنڌ، 1994ع، ص 54
(13) ميمڻ عبدالرزاق:
”مٺڙا
ٻول“،
چندن(اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ، 1934ع،
ڏسو:
”مهاڳ“
(14) ڏسو: حوالو نمبر(2)،ص 2 ۽ 3
(15) ميمڻ عبدالرزاق:
”گلزار
نظم“،
ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي سنڌ، ڇاپو ٻيو
1932ع، ص 91 کان 93
(16) ڏسو حوالو نمبر (13)، ص 64
(17) ڏسو حوالو نمبر (11)، ص 38
(اڻ ڇپيل)
|