شگفته شاهه
اکيون پسي آئيون
نوڪري
-
پرائيويٽ اسڪول:
انٽر آرٽس پاس ڪرڻ کان پوءِ مون بي. اي ۾ به
گورنمينٽ زبيده گرلز ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جيئن ته
منهنجو ميڊيم شروع کان ئي انگريزي رهيو هو، انڪري
بي- اي ۾ به انگريزي رهيو. پر ڪلاس ۾ ليڪچر ۽ نوٽس
اردوءَ ۾ ئي ملندا هئا. انگريزي ميڊيم وارن کي
سيلف اسٽڊي ڪرڻي پوندي هئي، سو فري ٽائيم ۾ آئون
گهڻو ڪري ڪاليج جي لائبرري ۾ هلي ويندي هيس. ڪاليج
جي لائبرري ۾ ڪتابن جي سٺي ڪليڪشن هوندي هئي. آئون
ڪتاب اشو ڪرائي گهر کڻي ايندي هيس ۽ پاڻ انهن
ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجا نوٽس تيار ڪندي هيس.
هفتي ۾ فقط هڪ يا ٻه ڏينهن ڪاليج ويندي هيس. اهڙي
طرح مون بي- اي پارٽ ون جو امتحان ڏنو ۽ فائنل
ايئر ۾ اچي ويس.
”ميڊم! آئون ننڍن ٻارن کي نٿي پڙهائي
سگهان...... مون کي اها نوڪري ڪونهي
ڪرڻي......“
فيبروري 1986ع جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي ننڍي ڀيڻ
رخشنده ٻڌايو ته سندس اسڪول ۾ ٽيچرز جي ضرورت آهي.
سندن ميڊم چيو هو ته دلچسپي رکندڙ ڇوڪريون اسڪول
سان رابطو ڪن. هوءَ هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهندي هئي
جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان اسان جي پاڙي ۾ کوليو
ويو هو. اسين سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سرڪاري اسڪولن
مان پڙهيو هو ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽي سڀ تعليمي
ادارا نيشنلائيز ڪري ڇڏيا هئا، 1980ع کان پوءِ
ڪافي پرائيويٽ اسڪول کلي ويا هئا. اسان جي پاڙي ۾
اهو هڪ ئي پرائيويٽ اسڪول هو جنهن جون ٻه برانچون
هيون (جونيئر ۽ سينئر) رخشنده نرسري کان وٺي
انهيءَ اسڪول ۾ پڙهي هئي ۽ ان اسڪول جي پڙهائي جو
معيار سٺو هو. جڏهن خبر پئي ته اتي ٽيچرز جي ضرورت
آهي ته مون پنهنجي سي. وي موڪلي ڏني. ان مهل
منهنجي تعليم فقط انٽر تائين هئي ۽ بي. اي فائنل
جي شاگردياڻي هيس! پر پوءِ به مون کي ’انٽرويو
ڪال‘ اچي وئي. آئون خير سان انٽرويو ڏيڻ پهتس.
انٽرويو جي پينل ۾ اسڪول جو مالڪ، اسڪول جي
مالڪياڻي ۽ پرنسپل ۽ بورڊ جا ميمبر هئا. مون کان
منهنجي بابت پڇڻ لڳا. بابا جو نالو ٻڌي سڀ کين
سڃاڻن پيا. خدا ٿو ڄاڻي ته منهنجو انٽرويو بهتر
ٿيو هو يا بابا جي نالي جو ڪمال هو جو هڪ ٻن ڏينهن
۾ مون کي اپائنٽمينٽ جو آرڊر مليو 500 روپيا پگهار
هئي. تڏهن اهي پيسا جيڪڏهن وڏي رقم نه هئي ته ايڏي
ننڍي به نه هئي. اڄ جو نسل شايد يقين نه ڪري، پر
500 مان انوقت هڪ سٺو وڳو 200 کان 250 تائين ملي
ويندو هو، سو روپين تائين سٺو سينڊل ۽ سو روپين
تائين سٺو هينڊ بيگ ملي ويندو هو. هڪ شاگردياڻيءَ
جي حيثيت سان 500 روپيا سٺي پاڪيٽ مني هئي.
اسڪول جي مين برانچ ڪجهه ڪمرن ۽ هڪ ننڍي اڱڻ تي
مشتمل هئي ۽ پرائمري برانچ ٿورو پرتي هڪ بنگلي جي
هڪ پورشن ۾ هئي. مون کي پرائمري واري برانچ ۾ رکيو
ويو. مون 1 مارچ 1986ع کان ٽيچنگ جي پروفيشن جي
شروعات ڪئي. پر مون کي بنگلي جي هڪ پورشن ۾ گهٽيل
۽ بند اسڪول ۾ مزو نه آيو. اسٽاف سٺو هو. سڀ سنڌي
ٽيچرز هيون ۽ ٻار به. اتي پڙهائڻ کان پوءِ مون کي
اندازو ٿيو ته پرائمري ليول تي استادن کي ڪيتري
محنت ڪرڻي ٿي پوي. هر ٽيچر کي پورو وقت هڪ ئي ڪلاس
۾ گذارڻو هوندو هو. ان وچ ۾ پڙهائڻ کان پوءِ ڪلاس
ورڪ ۽ هوم ورڪ ۽ هوم ورڪ جي ڪاپين تي ٻارن کي لکي
۽ لائينون به پائي ڏيڻيون هونديون هيون. ان ليول
تي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪلاسن ۾ گهٽ ٻار رکيا ويندا آهن
ته جيئن ايترن ننڍڙن ٻارن کي استاد آسانيءَ سان
پڙهائي سگهي ۽ پورو توجهه ڏئي سگهي. ان لاءِ هڪ
ڪلاس ۾ ڏهه کان پندرهن ٻار هئڻ گهرجن. آخري حد
ويهه ٻار هوندي آهي! پر اسان وٽ عام طرح پنجٽيهن
کان پنجيتاليهه ٻار به رکيا ويندا آهن جيڪي استاد
لاءِ مسئلو هوندا آهن. جاءِ بند هئڻ ڪري ۽ ڪلاس
ويجها هئڻ ڪري ڏاڍو گوڙ ٿيندو هو. سڄو ڏينهن هڪ
منٽ جي به واندڪائي نه ملندي هئي. فقط بريڪ جي اڌ
ڪلاڪ ۾ اسين استادياڻيون هڪٻئي سان ڳالهائي
سگهنديون هيوسين. باقي ٽيچرون ته پراڻيون هيون ۽
ان ماحول ۾ سيٽ هيون، پر مون کي مزو نه پئي آيو.
مون چاهيو پئي ته مون کي سينئر برانچ ۾ رکيو وڃي.
هڪ ڏينهن ٻارن ايڏو ته گوڙ ڪيو، اصل ماٺ نه ڪن
مٿان وري ڀرسان وارن ڪلاسن مان گوڙ جو آواز
........ منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو..... گوڙ ڄڻ مغز ٿي
ڦاڙيو..... سو آئون ڪلاس مان وٺي ڀڳس ۽ سوڙهن
ڪاريڊورز مان نڪري لائونج ۾ پهتس ته ان مهل ئي
اسڪول جي مالڪياڻي/ پرنسپل اڱڻ کان ايندي لائونج ۾
پهتي. الائي منهنجي چهري تي ڪهڙا تاثر هئا جو
پريشان ٿي پڇيائين:
”ڇا ٿيو شگفته ۽ خير ته آهي نه؟“
”ميڊم! آءٌ ننڍن ٻارن کي نٿي پڙهائي سگهان... مون
کي اها نوڪري ڪونهي ڪرڻي..“
هوءَ کلڻ لڳي پوءِ مون کي ويهاري سمجهائڻ لڳي ته
تون هتي جلد سيٽ ٿي ويندينءَ. هوءَ منهنجي
ڪارڪردگيءَ مان ڪافي مطمئن هئي، جو اوچتو اچي وزٽ
ڪندي هئي ۽ مون کي پڙهائيندي ڏسندي هئي. سندس
سمجهائڻ تي مون پڙهائڻ جاري رکيو ۽ مارچ 1986ع کان
مئي 1986ع تائين ٽي مهينا پرائمري سيڪشن ۾
پڙهايم...
جون- جولاءِ ۾ گرميءَ جون موڪلون ٿي ويون. منهنجو
پڙهائڻ جو شوق پورو ٿيو. ويڪيشن کان پوءِ مون بي.
اي فائنل جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا. ميڊم مون کي
ڪيترائي نياپا موڪليا! پر آئون نه ويس. انهيءَ سال
آئون پنهنجي تصويرن جي سولو نمائش جي تيارين ۾ به
هيس جيڪا 27 نومبر تي ٿي. آئون نمائش جو دعوت نامو
کڻي ميڊم کي ڏيڻ ويس ته هن وري مون کي اسڪول جوائن
ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ اهو چيائين ته هن ڀيري هوءَ
مون کي مين برانچ/ سينئر سڪيشن ۾ رکندي. سندس گهڻو
چوڻ تي مون واعدو ڪيو ته نمائش ٿيڻ کان پوءِ آئون
ڊيوٽي جوائن ڪندس ڇو ته ان دوران مون بي اي فائنل
جا ڪلاس اٽينڊ ڪري ڇڏيا هئا باقي امتحان ڏيڻو هو
جيڪو 1987ع ۾ رٿيل هو.
منهنجي مصوريءَ جي بيحد ڪامياب نمائش کان پوءِ
واعدي موجب مون 2 ڊسمبر 1986ع کان ٻيهر اهو اسڪول
جوائن ڪيو. هن ڀيري مون کي سينئر برانچ ۾ رکيو ويو
جتي اڃان ڪلاس ڇهين درجي تائين پهتا هئا.
مون کي انگلش ۽ سائنس پڙهائڻا هئا. هاڻي وڏن ٻارن
کي پڙهائڻ بهتر ٿي لڳو، پر مون کي سخت محنت ڪرڻي
پئي. ڪلاس ۾ پڙهائڻ کان اڳ آئون خود ڪتاب پڙهندي
هيس. هاڻي احساس ٿيو ته شاگرد جي حيثيت سان اسين
لاپرواهه هوندا آهيون، پر پڙهائڻ تمام وڏي ذميواري
هوندي آهي. انڪري پهرين پاڻ پڙهجي ۽ سٺي تياريءَ
سان ڪلاس ۾ وڃجي ته جيئن شاگردن پاران پڇيل هر
سوال جو جواب ڏئي سگهجي.هاڻي آئون خوش هيس. اسٽاف
تمام سٺو هو. اسان ڇوڪرين جي سٺي دوستي ٿي وئي. ان
وچ ۾ مون بي. اي فائنل جو امتحان به ڏئي ڇڏيو.
جيئن ته آئون اڳ ٻڌائي چڪي آهيان ته 1987ع کان
پوءِ سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ ڪافي اٿل پٿل هئي ۽
هاڻي سنڌي ۽ مهاجر ٻن الڳ الڳ بلاڪن ۾ ورهائجي
رهيا هئا تڏهن ان اسڪول ۾ ”سنڌيت“ جو پرچار هو.
سڄو عملو ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌي هئا. قوم
پرستيءَ جو جذبو اڀري رهيو هو.
جيتوڻيڪ ان مهل آئون ۽ ٻيون ٽيچرون نوجوان هيوسين.
پر ان وقت ماحول ايترو ته بهترين هو جو شاگرد
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان جي بيحد عزت ڪندا هئا. آرٽسٽ
هئڻ جو اهو فائدو هو ته آئون سائنس پڙهائڻ لاءِ
چارٽ ٺاهيندي هيس ۽ پنهنجي ذهن ۽ سمجهه سان نئين ۽
دلچسپ ٽيڪنيڪز سان پڙهائيندي هيس جنهن ڪري شاگرد ۽
شاگردياڻيون منهنجي ڪلاس ۾ اچڻ سان تمام خوش ٿيندا
هئا. آئون سزا نه ڏيندي هيس نه ئي دڙڪا ڏيندي هيس
انڪري اهي بي خوف ٿي پڙهندا هئا. سچ پچ ته خود مون
منهنجن شاگردن کان گهڻو ڪجهه سکيو. ڪڏهن ڪو اهڙو
سوال پڇندا هئا جنهن بابت مون کي معلومات نه هوندي
هئي ته آئون اها معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ
مطالعو ڪندي هيس.
جڏهن سينئر موسٽ بيچ اٺين درجي تائين پهتو ته
اسڪول جي مالڪ بورڊ جي ميمبرن کي گهرايو ۽ اسٽاف
سان ميٽنگ رکي چيو:
”اسان جو اسڪول هاڻي مڊل تائين پهچي ويو آهي. اڳتي
بورڊ جو امتحان آهي. اسين اڃان ان پوزيشن ۾ نه
آهيون جو وڏي پگهار تي استاد رکي سگهون. ان لاءِ
سوچيون پيا ته مڊل اسڪول تائين ڪلاس رکجن. اوهان
جي ڇا راءِ آهي.“
ان دور ۾ نائين درجي ۾ پنج مضمون پڙهايا ويندا
هئا. سنڌي، انگريزي، پاڪستان جو اڀياس، اسلاميات ۽
بائلاجي ۽ ميٽرڪ ۾ ميٿس، ڪيمسٽري، فزڪس ۽ آسان
اردو جا مضمون هئا. مون جيتوڻيڪ انٽر تائين سائنس
پڙهي هئي ۽ انٽر جو امتحان نه ڏنو هو ۽ پوءِ آرٽس
پڙهي هئي. پر انٽر تائين منهنجو پسينديده مضمون
بائلاجي هو. مون هڪدم چيو:
”سر! منهنجو خيال آهي ته اسڪول کي هائي اسڪول جي
ليول تائين کڻي وڃجي. نائين ڪلاس ۾ ٽن مضمونن کي
پڙهائڻ جي ذميواري آئون ٿي کڻان بائلاجي، انگلش ۽
سنڌي.“
”پاڪستان جو اڀياس ۽ سنڌي آئون پڙهائي ويندس.“ مس
انيسه جوڻيجو چيو.
”اسلاميات آئون پڙهائيندس.“ مِس فاطمه شاهه چيو.
اهو ٻڌي سر جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ فيصلو ٿي
ويو ته اسڪول کي هائي اسڪول جي درجي تائين کڻي
وڃبو. پوءِ نه صرف اهو اسڪول هاءِ اسڪول تائين
پهتو، پر اسڪول جي انتظاميه پاران ڪاليج به کوليو
ويو.
مون ان اسڪول ۾ پورا ست سال نوڪري ڪئي. 2 ڊسمبر
1986ع کان 30 سيپٽمبر 1993ع تائين. اهو سمورو دور
بيحد يادگار رهيو. يادون مٺيون به آهن ته تکيون
به، پر گهڻو ڪري سٺو وقت گذريو. پينسل هيل تي بيهي
لاڳيتو ڇهه ڇهه ته ڪڏهن ست پيرڊ وٺڻ ياد آهي. جڏهن
هن اسڪول جي پهرينءَ بيچ بورڊ جو امتحان ڏنو ته
اي. ون رزلٽ آيو. ان وقت تائين ڪاپي ڪرڻ عام ڪونه
هو. پهرينءَ بيچ ۾ ڪل ڇهه شاگرد هئا. چار
شاگردياڻيون ۽ ٻه شاگرد. شاگردياڻين مان هڪ منهنجي
ننڍي ڀيڻ رخشنده هئي، هڪ پاڙي جي ڇوڪري عظميٰ
ڀنڀرو، شهناز آغا ۽ چوٿين اسمه جوکيو هئي ۽ ٻه
شاگرد هئا. شاگردياڻيون تمام محنتي هيون. مون کين
بائلاجي ۽ انگلش پڙهائي هئي. ٻي بيچ ۾ فضا قريشي
(نذير قريشيءَ جي ڌيءَ)، يونيورسٽيءَ جي پروفيسر
ظفر حسن شاهه جي ڌيءُ ماهره شاهه ۽ اعجاز قريشيءَ
جي ڌيءَ ارم قريشي کانسواءِ ٻيون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا
هئا. سڀ گهڻو ڪري بهترين شاگرد هئا ۽ استادن جو
احترام ڪندڙ ۽ فضيلت وارا هئا. مون کي ياد آهي ته
پروفيسر ظفر حسن جي گهرواري قمر شاهه هڪ ڀيري
اسڪول آئي ته مون سان ملي ۽ چيائين:
”توهان ايترو ته بهترين بائلاجي پڙهائيندا آهيو جو
توهان جي محنت کي داد ڏيان ٿي.“
اهي ڪمينٽس ڪنهن عام ماڻهوءَ جا نه هئا، پر زبيده
ڪاليج جي زولوجي جي سينئر ليڪچرر جا هئا. هن مون
کي نه سڃاتو هو ته آئون سندس ئي شاگردياڻي هيس
ڪاليج ۾. ۽ مون دلبرداشته ٿي سائنس جو شعبو ڇڏي
ڏنو هو.
وقت تيزيءَ سان گذري رهيو هو. آئون سينئر ٽيچر
بنجي ويس. پرنسپل سالن تائين کلي مون کي اهو ڏينهن
ياد ڏياريندي هئي ته شروع ۾ آئون ڪيئن نه ڪلاس ڇڏي
وٺي ڀڳي هيس. ستن سالن جي ان سروس دوران اسان
بهترين پروگرام ڪيا. سالياني
Parents day
تي هزارن جي تعداد ۾ والدين جي آڏو سندن ٻارن جي
بهترين پرفارمنس پيش ڪيون ويون. ان دور ۾ آئون
ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام ڪندي هيس جنهن سبب نصير
مرزا، گل حسن قريشي ۽ الاهي بخش ٻانڀڻ جي
مهربانيءَ سان مون کي بهترين رڪارڊ فيچر ملي
ويندا هئا ڇو ته اهي سڀ اتي پروڊيوسر هئا. انهن
رڪارڊنگز تي مون فيچر تيار ڪرايا جن ۾ شاگردن ۽
شاگردياڻين بهترين پرفارمنس ڏني. انهن ۾ ”عمر
مارئي“ ۽ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ يادگار رهيا. تڏهن ٽيپ
رڪارڊر تي ڪيسيٽون هلائي اهي فيچر تيار ڪندا
هئاسين. 1992ع واري
Parents day
۾ سرمد سنڌيءَ کي به گهرايو ويو هو جيڪو ان دور ۾
سنڌ جو مقبول ڳائڻو هو. انهن پروگرامن جون تياريون
پورو مهينو هلنديون هيون. آخري ويجهن ڏينهن ۾ ته
صبح کان شام تائين اسڪول ۾ هوندا هئاسين. استاد ۽
شاگرد گڏجي اهي شيون تيار ڪندا هئاسين جيڪي
پروگرام جي آئٽمن ۾ ڪم اچڻيون هونديون هيون.
ريهرسل دوران کل ڀوڳ ۽ ٽهڪڙا هوندا هئا. هڪ ڀيري
”اديون منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾“ وارو گيت ڇوڪرن کان
پرفارم ڪرايو هيوسين جنهن ۾ هو پينٽ شرٽ پائي مٿي
تي روا پائي دلا کڻي آيا هئا. تڏهن سموري اسڪول جو
ماحول فيملي وانگر هوندو هو. اسڪول جي مالڪن کان
وٺي استادن ۽ شاگردن وچ ۾ پنهنجائپ جو احساس هوندو
هو. اسڪول جو مالڪ آغا شهاب الدين خود ادبي گهراڻي
مان هو. اسڪول سندن والد ۽ سنڌ جي ناليواري تعليم
دان ۽ اسڪالر ”آغا تاج محمد“ جي نالي تي هو (آهي).
ان سروس دوران تفريحي پروگرام به ڪياسين. عجائب
گهر جو سير، ڄام شوري پل تي، درياهه جو سير ۽ ڪلري
ڍنڍ جو سير به ڪيوسين. ان دور جون ڪيتريون ئي
يادگار تصويرون اڄ به منهنجي البمن جي ذخيري ۾
موجود آهن.
ان ۾ شڪ ڪونهي ته ستن سالن جو اهو دور بيحد يادگار
۽ خوبصورت هو. مون کي آغا شهاب الدين صاحب ۽ سندس
گهر واري ميڊم زرينه آغا تمام گهڻو ڀائيندا هئا.
سندن ڌيءُ فوزيه آغا منهنجي همه عمر هئي. جڏهن به
وڏا پروگرام ٿيندا هئا ته هوءَ اچي تياري ڪرائيندي
هئي. اسان گڏجي الاهي آئٽم تيار ڪيا ۽ تڏهن مون
اتان ئي پروگرامن جي تياري ڪرڻ سکي. آغا صاحب جا
ٽيئي فرزند ڊاڪٽر زاهد (آغا تاج)، آغا عابد ۽ آغا
شاهد پڻ پروگرامن جي انتظامن ۾ شامل هوندا هئا.
مون جڏهن اتي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ته ٽيچر جي
حيثيت سان ڪئي. پر ڪجهه سالن بعد ميڊم زرينه اسڪول
جو انتظام منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس غير
موجودگيءَ ۾ آئون اسڪول ڏسندي هيس. ٽائيم ٽيبل
ٺاهڻ کان وٺي آفيس جا ٻيا ڪم به ڪندي هيس. وقت
گذرڻ سان اسڪول جي هڪ برانچ (پرائمري) قاسم آباد
۾ نسيم نگر ۾ ۽ ٻي انور ولاز ۾ کلي. آئون مين
برانچ ۾ هوندي هيس.
پرائيويٽ اسڪول جي جاب سٺي هئي. پر ظاهر آهي ته
اهو منهنجو مستقل ڪيريئر نه هو ان لاءِ هڪ ڏينهن
ان کي ڇڏڻو هو. ان دوران مون ايم. اي به ڪري ڇڏي
هئي. 30 سيپٽمبر 1993ع اتي منهنجو آخري ڏينهن هو.
اڄ تائين ان دور جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسان
استادن کي اڪير ۽ عزت سان ياد ڪندا آهن. ڪيترن ئي
فيس بوڪ تي مون کي ڳولي لڌو ۽ پراڻيون يادگيريون
ورجائيندا آهن. استادن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا فخر
جي ڳالهه ڪونهي جو سندن شاگرد کين ياد رکن ۽ عزت
ڏين. سچ پچ ته هاڻي جي دور ۾ اهڙا شاگرد به ڪونهن.
هاڻي استادن کي اوتري عزت نٿي ڏني وڃي. اڄ تائين
مون وٽ اهي ڍڳ سارا عيد ڪارڊ رکيل آهن جيڪي ان دور
۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين محبت، قرب ۽ عقيدت مان مون
سميت سڀني استادن کي ڏنا هئا. اهو دور سادو ۽
خوبصورت هو. انٽرنيٽ جو ته نالو نشان ڪونه هو البت
وي. سي. آر ۽ ڊش اينٽينا جي هئڻ ڪري انڊيا جون
فلمون ۽ گيت مشهور هئا. اتي جن ساٿي استادن سان گڏ
ڪم ڪيو انهن مان جيڪي نالا مون کي ياد پون ٿا سي
هي آهن:
مس نسيم شاهه، مس ياسمين شاهه، مس فاطمه، شاهه، مس
فهميده شاهه، مس زهره ٻگهيو، مس انيسه جوڻيجو، مس
شڪيله، مس ياسمين ٻگهيو، مس فرحانه، مس ياسمين
ميمڻ، مس عفيفه، مس جويريه، ڊاڪٽر نور شاهه، ڊاڪٽر
ارشاد نوناري، آفتاب عالماڻي (هن وقت پبلڪ اسڪول
حيدرآباد ۾ پروفيسر آهي)، فيروز شاهه (هن وقت
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾
پروفيسر آهي ۽ پي. ايڇ ڊي آهي)، اعجاز، عبدالعزيز
مگسي، افتخار، امداد انڙ وغيره.
ان دور جي ڪجهه شاگردن جا نالا اڃان به ياد آهن:
مير محمد مگسي، محسن (موسمبي)، غضنفر علي (اگلو)،
ڪاشف عباسي، شجاع وسطڙو، ڪاشف محمود شاهه، عابد
آغا، زاهد آغا، ذاڪر راڄپر، آغا ٽيپو سلطان،
عبدالنبي ٿيٻو، غلام مجتبى شاهه، ونود ڪمار، مير
محمد بلوچ، رميش ڪمار، شازمه عباسي، سبرينه کوکر،
ثمينه کوکر، شائسته وسطڙو، امير بلوچ، صنوبر بلوچ،
صائمه هَڪڙو، ريحانه قيوم، شيرين ستار.
مون کي انهن جا نالا انڪري اڄ به ياد آهن جو هنن
ٻارن کي مون ڇهين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين لاڳيتو
پڙهايو هو ۽ انهن مان اڪثر مون وٽ فيس بوڪ تي ايڊ
آهن. سوشل ميڊيا جو اهو سڀني کان مثبت پهلو آهي جو
ان وسيلي ڪيترائي ماڻهو سالن کان پوءِ رابطي ۾ آيا
آهن. اڪثر شاگرد هن وقت سٺن عهدن تي آهن ۽ ڪامياب
زندگي گذاري رهيا آهن. اڄ به هو مون کي پيار ۽
عقيدت سان ياد ڪن ٿا. هڪ استاد لاءِ ان کان وڌيڪ
ٻي ڪا مڃتا ڪونهي.
حسينه ساند
گُل وَ
بدن تون آهين، محبت جو متن تون آهين
پياري سرتي گل بدن تي ڳالهائجي يا اُن جي ڪم تي،
هوءَ ۽ سندس ڪم ٻئي پنهنجي مقصد ۾ باڪمال حيثيت
رکن ٿا، جتي گلبدن پنهنجو مثال پاڻ آهي. اُتي ان
جو ڪم ۽ ان جو جنون ان جي رسالي ”سرتيون“ جي سڳنڌ
سان مالا مال ٿي چار چنڊ
لڳائي ڪنهن ابهم ٻار جي پاڪيزه
مُرڪ جيان اڇو ۽ اجرو ۽ اڳي کان اڳڀرو ٿيندي نظر
اچي ٿو، گلبدن جي شخصيت هڪ باڪمال شخصيت ۽ باڪمال
انسان جيان، جڏهن به ۽ جتي به ملي ٿي پنهنجي وجود
جي واکاڻ ۾ ويڙهيل خوشبوءِ مثل مرڪن جا ڪيترائي پل
اسان جي جهولين ۾ اُڇلي وڃي ٿي، جڏهن احساس ڪرڻ تي
اچي ٿي ته، اسان لاءِ ڪيتريون ئي عمر ڀرجون عادتون
بڻجي پوي ٿي.
ان جي ٻاجهه جون ڪڻيون، بوند بڻجي هر، ان سرتيءَ
تي وسن ٿيون، جيڪا ان جي، اندر کان واقف رهي ٿي يا
ڀر ۾ رهي ٿي.
ايتري قدر جو گلبدن سان گذاريندڙ ڪجهه پل به پرائي
وجود کي پنهنجو ڪري وجهن ٿا.
گلبدن رڳو اسان جي سکي نه آهي، پر اسان جي ڪچي ڦڪي
تند ۾ پويل ڏات جي سهيلي به آهي، جنهن کي هوءَ
پنهنجي رسالي جي سونهري ورقن تي ڪنهن چانديءَ جي
ورقن جيان ڇاپي ٿي ۽ پوءِ اُهي ورق اسان کي ٻين
آڏو جرڪندڙ ڪري پيش ڪن ٿا.
نه ته اسان جي ڪا، ڪاريگري ناهي، رڳو، اهو سڀ
گلبدن جي محنتن جو ثمر آهي. جتي به رهي ٿي جتي به
ڪم ڪري ٿي اُتي ان جو عشق به ان جي جذبي جيان
نروار ٿي نمايان رهي ٿو، تڏهن ته قلم ازخود ان
لاءِ لکي ٿو ته،
هوءَ آٿت، هوءَ آسرو آهي.
قلم جي نوڪ سان چئي ٿي، چاهتن جا دائرا
سچ پچ ته هوءَ وڏي ڪا اپسرا آهي.
اسين سڀ اهڙي سرتيءَ تي جڏهن سوچيون ٿا، ته گلبدن
اسان کي تمام گهڻي اوچي لڳي ٿي، هوءَ پنهنجي ڪم
سان پنهنجي تخليقن سان پنهنجي همعصر شاعراڻو ذوق
رکندڙ سکين سان جڏهن به ملي ٿي، ته پنهنجو ڪنڌ
نمائي بيهي ٿي ۽ ان وقت محسوس ٿئي ٿو ته اهڙا ئي
هوندا آهن، ارڏا انسان جيڪي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ سڀني
کان مٿي هوندا آهن ۽ اهي ئي سڀ خوبيون گلبدن کي
ٻين وٽ عزيز ڪن ٿيون ۽ پوءِ دليون بار بار گلبدن
کي سارڻ تي مجبور ٿين ٿيون ۽ پوءِ اسين به گلبدن
سان ائين پيار ڪنديون آهيون، جيئن گلبدن ”سرتيون
رسالي“ سان ڪندي آهي. پيار جو ان جي سواءِ ٻيو
ڪوبه نعمل البدل ناهي هوندو ته هوءَ اسان کان ڪڏهن
به وسري نٿي، اهو گيت پوءِ جهونگارجي ٿو ته،
ڪٿي آٿت، ڪٿي آسرو تون آهين
جذبن جو جنم تون آهين.
ڪي، ڪي ماڻهو پنهنجي شخصيت ۾ ايترا ته مڪمل هوندا
آهن، جو ڪٿي به انهن جي خامي ڪڍي نٿي سگهجي، اسين
ڳوليندي به گلبدن جي ڪنهن عيب کي ڏسي نٿا سگهون،
ڇو ته؟ هوءَ اهڙي بي عيبي ڇوڪري آهي، جيڪا هر ڪنهن
جا عيب ڍڪيندي آهي، محبتن جا مٽ ڀري پريت جا پيالا
ڀري پيش ڪندي آهي، جتي اهڙي سهڻي سوداگر هجي اتي
جي ملڪ جا رهواسي بس پوءِ اکيون ٻوٽي ان تي اعتبار
ڪندا آهن. ۽ آس پاس وارا رشڪ ڪرڻ کانسواءِ رهي
ناهن سگهندا.
رسالا ڪيترائي نڪرن ٿا ۽ تمام سٺا به آهن، پر اسان
کي جيڪا جيون جي جوت ملي ٿي، سا سرتيون رسالي مان
ملي ٿي، ڇو ته؟ گلبدن ايڏو ته پاٻوهه ۽ پيار مان
اسان کان ڪا تخليق گهري ٿي، جو تخليق کي خود ان تي
پيار اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ جڏهن قلم جي جنبش ٿئي ٿي ۽
ڪيترائي انوکا رنگ پني تي لهي اچن ٿا، اها آهي
پيار جي شڪتي جيڪا رنگ لائيندي به آهي ته رچائيندي
به آهي ۽ گل جو پنهنجي ڪم سان انتها تائين عشق
ڏسندي، ائين ڀاسندو آهي ڄڻ ته هن جو رسالو ڪنهن
خوبصورت باغ جو منظر چٽيندو هجي ۽ هوءَ ڀونئري
جيان ڪڏهن هن جي واس کي واسيندي رهي ٿي ته ڪڏهن
وري ڪوئل جي ڪوڪ بڻجي ڪيترن ئي مفاصلن تائين هر
ايندڙ ويندڙن کي مسحور ڪري چوندي رهي ٿي ته اچو،
اچو، هيڏانهن اچو مان آهيان سرتيون رسالي جي
سرجيڻدڙ، هڪ انوکي ڪهاڻي جيڪا دادوءَ جي يڪي مٽيءَ
مان خوشبوءَ کڻي استاد جي شاعري جهڙا حسين رنگ
کڻي، اکين ۾ ڪئين نظم لکي، جڏهن ڄام شوري جي من
موهڻين هوائن ۾ پير پاتو ته هڪ قيمتي سرمائي جيان،
هڪ ٽجوڙي کلي ٿي، اُها ٽجوڙي کلي ٿي ته اندران
جيڪو عنوان ملي ٿو، اهو، هو سرتيون جي جذبن سان
ٽمٽار ٿيل هڪ انوکو ۽ قيمتي تحفو ۽ پوءِ هن ان کي
ساهه ۾ سانڍيو ۽ اڄ اهو قيمتي تحفو سرتيون جي نالي
سان ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنهنجي ڀرپور رنگن سان محبتن جي
مالهائن سان ڌرتيءَ جي دکن سان ۽ بي ڏوهه وارتائن
تائين هر هڪ جا درد کڻي، اڳي کان اڳرو ۽ اڃان به
اڳرو رهي ٿو، اسين ته اهي جن جي هجڻ نه هجڻ جهڙين
تخليقن اسان کي ٿوري گهڻي مشهوري ڏني نه ته گهڻو
ته هن ڇوڪريءَ جو ڪمال آهي.
اسان لاءِ گلبدن ائين رهي جو، اسان اڃان لکيو ئي
مس ته، گلبدن ان کي پنهنجي وجود جو رت ست ڏئي،
اسان جي نانءُ کي اڃان به اڳڀرو ڪيو ۽ پوءِ جي پاڻ
پڏائيءَ تي پري کان ئي مرڪندي نظر اچي ٿي ۽ ماڻهن
جي ميڙ ۾ سدائين اسان جي نانءُ کي اڳيان ڪندي فخر
محسوس ڪري ٿي، شاعريءَ جي هنن سٽن جيان ته،
مرڪندي رهي ٿي مڪهندي رهي ٿي،
ڄڻ ته جيڻ ڪاڻ جيئندي رهي ٿي.
اسان جي ٽڙيل پکڙيل لفظن کي سونهري ڌاڳي ۾ پروئي
جڏهن سرتيون ۾ سموئي ٿي ته اسين سڀ سرتيون پوءِ هڪ
ٿي وڃون ٿا ۽ پوءِ اڳتي لاءِ وري ڪيترائي انبن جي
ٻور جهڙا نظم جُڙي پون ٿا. اها هوندي آهي ڪنهن
ماڻهوءَ جي پنهنجي اداري ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي ۽
عشق جي انتها ۽ عشق جي انتها ائين ته ٿيندي ناهي؟
ان لاءِ پاڻ کي ڪنهن کوري ۾ پچائڻو پوندو آهي.
تڏهن وڃي ڪو پڪو رنگ چڙهندو آهي.
گلبدن به ڪيترائي اهڙا کورا پاڻ سان گڏ کڻي هلندي
رهي ٿي ۽ پوءِ ان جي شڪتي ان کي هر ان عمل تي ثابت
قدم رکي ٿي. پوءِ ڀلي ڪٿي ڪنڊا هجن، يا ڪرڙ هجن
پٿر هجن يا ٻرندڙ مچ ڇو نه هجن ۽ ڪٿي ته خوشبوءِ
ڀريا رستا به آهن، پر هوءَ صرف ظاهر ڪري ٿي ۽ رڳو
گلاب ئي گلاب ڪري ٿي، باقي سڀني اذيتن سان مقابلو
ڪندي ٻاهر ٻڙڪ به نٿي ٻاڦي.
گلبدن هن ڌرتيءَ جي اها خوبصورت ليکڪا آهي جيڪا
پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هن ڪيترائي ورهيه لکيو آهي ۽
ڏات جي ديوي کي پرکيو آهي. هن دردن جا ڪيترائي
دريا پار ڪيا آهن.
پنهنجي محنتن سان، پنهنجي محبتن سان، هوءَ شهيدن
جي لڏي جي مسافر آهي. ۽ هوءَ هڪ عظيم تخليقڪار ۽
ارڏي شهيد پيءُ جي ڌيءُ به آهي.
جيڪا جهلڪ گلبدن جي
شخصيت مان ۽ ان جي لهجي مان نمايان نظر اچي ٿي،
هوءَ پنهنجي ساهرن ۾ به اوڏي ارڏي آهي. نه رڳو هن
جو مائٽاڻو، پر هن جي ساهرن جو گهر اهو به علمي
ادبي گهراڻو آهي. هوءَ سڀني جا ڀاڳ ۽ سڀني جا فرض
پنهنجي مٿي تي ڪنهن پوتيءَ جيان سنڀالي وڏي شان
سان انهن کي نباهيندي پئي اچي. شال پنهنجي شان ۾
پنهنجي مان ۾ اڃان به اڳڀري هجي گلبدن تي لکڻ لاءِ
گهڻو ڪجهه ٿو کپي، پر مون وٽ لفظن جي ايتري کاڻ
ناهي جو هن عظيم دوست تي لکان. هوءَ هر روپ ۾ هڪ
ماهه لقا آهي، پنهنجي گهر جي وڏن توڙي ننڍن کي
سڀني کي ساهه ۾ سانڍي رکندي آهي، اهڙي طرح دوستن
لاءِ هڪ دلربا آهي.
ڌرتي جي دلير ڌيءُ به آهي، ته اُتي وري پنهنجي ڪم
۾ سچي کري ايتري آهي، جو سرتيون رسالو هن جي رڳ،
رڳ ۾ رچي ٿو ۽ جڏهن ڪوبه هن جي رسالي جي تعريف ڪري
ٿو، ته هن جي شخصيت ۾ مور جي پرن جهڙي رنگيني اچي
وڃي ٿي ۽ چهري جي لالاڻ ٻڌائي ٿي ته هوءَ ڪيڏي نه
وفا شعار آهي، پنهنجي مقصد سان ڪو ائين به وفا ڪري
سگهي ٿو.
وڏي فخر جي ڳالهه آهي. جتي ماڻهو، ننڍڙن عهدن لاءِ
به هڪٻئي جا پٽڪا لاهن ٿا، اتي هوءَ صرف، ئي صرف
پنهنجي ڪم تي نظر رکي ٿي، ڪنهن قدردان جي ڳولا۾
نڪري پئي ٿي، ڪاش گلبدن کي به ڪو اهڙو قدردان ملي،
جيڪو هن جي ڳولا ڪري، هن جي فن تي، هن جي ڪم تي ۽
هن جي هيتري ساري عمر جي محنتن تي ڳالهائي ۽ ڪو ته
هجي، جيڪو هن سان به ڪا شام ملهائي، ماڻهو الائي
ڇو؟ پرک کان خالي اک جا ٿي ويا آهن يا ڄاڻي ٻجهي
ائين ڪن ٿا ۽ پنهنجون اکيون ٻوٽي رکن ٿا.
اُتي اهو شعر ذهن تي تري اچي ٿو ته.
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو
ايندو نه وري هيءُ وڻجارو
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪريو
هي شور اجايو آ، پيارا
منهنجي دلي تمنا آهي ته گلبدن هن اداري ۾ تاحيات
راهه روان رهي ۽ هن جو ادارو ۽ سرتيون رسالو اڳتي
کان اڃان به اڳڀرو رهي. ۽ ائين ئي هن جو سهڻو سفر
جاري ۽ ساري رهي.
منهنجي گلبدن سان دوستي گهڻي نه سهي ڀلي ٿوري
هجي، پر مون وٽ گلبدن لاءِ محبتن جي ڳنڍ تمام وڏي
آهي، ان ڳنڍ ۾ ڪئين ڳنڍيون آهن. جن ۾ محبت ۽ پيار
جا ڪئين رنگ آهن ۽ ايترا رنگ آهن، جيترا گلبدن جي
دل ۾ سرتيون رسالي لاءِ آهن.
شال! منهنجي پياري سرتي، اهڙي ئي ارڏائيءَ سان
اڳتي وڌي ۽ پوءِ هن ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪندي، تاريخ
۾ سنڌ ڌرتيءَ جو ڪو لازوال ڪردار ٿي پوي!
منهنجي شاعريءَ جي هنن سٽن وانگي:
جيون جي جوت ۾، ڪنهن اڌو اڌ، چوٽ ۾ چرين چاهتن ۽
چلو لاين کي سلام نعرا هڻنديون اچن، نينهن
نباهينديون اچن مڙئي عشق ۾ الوٽ، گلبدن پارين کي
سلام.
هو جي چاهڻ جهڙا ماڻهو،
ساهه ۾ تن جي سار رهي شل.
شام خوشبوءِ آئي چورائي،
موتئي جي مهڪار رهي شل.
ڪجهه نه سليندا ڄاڻان ٿي مان،
اکين ۾ اظهار رهي شل
ذهن ۾ جوڙيل عڪس ٿئي پيا،
سدا پاڻ تي اعتبار رهي شل
ڊاڪٽر ريحانه ملاح
رسالي ”سرتيون“ جي واڌ ويجهه ۾ ايڊيٽر جو ڪردار
کرڪڻا لاهي سُک نه ستا ڪڏهن، اوسيئڙو آهي کاهوڙين
کي پنڌ جو.
ڪنهن به تخليق جي مڃتا نه صرف ان تخليقڪار جي حصي
۾ اچي ٿي. پر ان تخليق يا تحقيق کي ماڻهن تائين
پهچائڻ وارن انهن ذريعن ڏانهن به منسوب ٿئي ٿي جن
جي بدولت اهي علمي ۽ ادبي تخليقون عام ماڻهن جي
نظر مان گذريون آهن، اهي ادارا يا پبليڪيشنون پڻ
جس لهڻن، جن انهن موتين کي پوئي هڪ مالها جي صورت
۾ محفوظ ڪيو ۽ انهن کي اسان تائين پهچايو آهي ۽ جي
اهي ادارا يا پبليڪيشنس نه هجن ته هوند اسان ان
سموري ادبي سرمايي کان محروم ٿي وڃون ها جيئن اردو
جو محاورو آهي ته
"جنگل میں
مور ناچتا کس نے
دیکھا"
انڪري ليکڪن سان گڏ ادارا ۽ انهن جا ايڊيٽر به
تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
واڌ ويجهه ۾ پڻ ڪيترن ئي ادارن ۽ انهن طرفان
نڪرندڙ رسالن ۽ انهن جي ايڊيٽرن جو اهم ڪردار رهيو
آهي، خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ نظر ڪجي ته سنڌ ۾
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ لئنگئيج اٿارٽي ان
سلسلي ۾ تمام نمايان ڪردار ڪيو آهي، سنڌي ادبي
بورڊ مان نڪرندڙ رسالن ۾ ”مهراڻ“ جيڪو ورهاڱي کان
پهرين شروع ٿيو هو ۽ 1955ع ۾ هن جو ٻيهر اجراءُ
ٿيو. جيڪو صحيح معنيٰ ۾ چئجي ته اهو مهراڻ رسالي
جو تاريخي ۽ سونهري دؤر رهيو جنهن سنڌ جي ڪُنڊڪڙڇ
مان ادب ۽ تاريخ جا انمول موتي ڳولي رسالي جي زينت
وڌائي، هن رسالي ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي ادب جي
سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سان گڏ ”نئين
زندگي“ رسالو پڻ شايع ٿيڻ لڳو جيڪو سرڪاري گرانٽ
تي شايع ٿيندو هو. پر ٻنهي رسالن جي ايڊيٽر صاحبان
جن ۾ جويو صاحب، گرامي صاحب، امداد حسيني ۽
عبدالواحد سنڌي شامل هئا جن پنهنجو نور نچوئي هنن
رسالن کي تاريخي حيثيت ڏياري، ان وقت ۾ ڪجهه ٻيا
رسالا شايع ٿيا، جن جي بدولت عورتن به ادبي تخليقن
۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. پر خاص طور تي عورتن
جي ادب کي ڪنهن اهڙي رسالي جي ضرورت محسوس ٿي،
جنهن ۾ عورتون بنا ڊپ ڊاءُ جي پنهنجي احساس ۽ جذبن
جو اظهار ڪري سگهن. اهڙي ڪاوش سڀ کان پهرين زينت
عبدالله چنا جي توسل سان1957ع ۾ ”مارئي“ رسالي جي
قيام جي صورت سان عمل ۾ آئي. اڳتي هلي بيگم خديجه
دائودپوٽا ”اديون“ نالي رسالو ڪڍيو، جنهن پڻ عورتن
جي ادبي تخليقن کي هڪ پليٽ فارم ڏنو ان سان گڏ
ڪجهه ٻيا رسالا به شايع ٿيا، 1965ع جو اهو دؤر هو
جتي هڪ طرف روح رهاڻ جي پليٽ تان سنڌ جي تهذيب،
ثقافت ۽ ٻولي جي بچاءُ جي جنگ جاري هئي ته ٻئي طرف
وري ماڻهن ۾ خاص طور تي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۾
شعور بيدار ڪرڻ لاءِ اهڙي شاعري ۽ ڪهاڻين جي پڻ
ڪثرت سان سرجڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي جن جي ذريعي
جهل ۽ جهالت جو انت آڻي علم ۽ شعور جون شمعون
جلايون ويون. ان سڄي دؤر ۾ ”سهڻي“ رسالي جو ڪردار
به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، جنهن جا ايڊيٽوريل
توڙي افسانوي ادب ۽ شاعري ڪنهن مزاحمتي جنگ کان
گهٽ ڪونه هئا. هن وقت تائين ادب جي اڱڻ تي وڏا
نالا نظر اچڻ لڳا هئا. ان تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي
سان جن محققن ۽ ليکڪن ان وقت جيڪو ادب تخليق ڪيو.
انهن ۾ غلام محمد گرامي، پير حسام الدين راشدي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، رحيمداد مولائي شيدائي، رائچند
چيلهار، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ غلام رباني آگرو
وغيره هئا. اتي افسانوي ادب ۾ جمال ابڙو، آغا
سليم، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، ثميره زرين،
حميد سنڌي، زينت عبدالله چنا، ماهتاب محبوب، رشيده
حجاب، نسيم کرل، امر جليل، رشيد ڀٽي.
شاعري ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى، شيخ اياز،
نياز همايوني، احمد خان آصف مصراڻي، بردو سنڌي،
ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي اهڙا انيڪ نالا ادب
جي ميدان اڀري آيا انهن رسالن ۾ مرد توڙي عورتن جي
لکڻين کي شايع ڪري سنڌي ٻولي جي جهولي ڀري ڇڏي.
1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان وقت جي وزيراعظم
محترمه بينظير جي صلاح تي عورتن لاءِ هڪ رسالو
”سرتيون“ جي عنوان هيٺ شايع ٿيو جنهن جو پهريون
پرچو 1990ع ۾ نڪتو، هي پهريان ٽه ماهي نڪرندو هو،
هن رسالي جي پهرين ايڊيٽر اسان جي ڀيڻ گلبدن جاويد
مرزا هئي ۽ اڄ به آهي. سرتيون رسالي نه صرف مشهور
عورت ليکڪائن جي لکڻين کي شايع ڪيو. پر اهو رسالو
اڀرندڙ ليکڪائن لاءِ پڻ مشعل راهه بنيو ۽ کين ادب
جي ميدان تي برابري جي حيثيت تي کڻي آيو. هن رسالي
سنڌ ۾ ساهه کڻندڙ هر عورت کي هڪ موقعو ڏنو ته، هو
پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن جو اظهار ڪري سگهي ۽
من جي مونجهه ماري سگهي.
هن رسالي سنڌي ادب ۾ علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي
ادب سرجڻ سان گڏ سائنسي مضمون پڻ ڇپايا، انهن مان
پڻ ايڊيٽر جي ڳوڙهي سوچ ۽ فڪر جون جهلڪيون نظر اچن
ٿيون، جنهن سرتيون ۾ ڇپجندڙ مواد کي پنهنجي
عالمانه ۽ مفڪرانه نظر سان ڳوڙهو اڀياس ڪري ڇنڊي
ڇاڻي ڪٿي صلاحن جي ضرورت محسوس ڪئي ته هڪدم ليکڪه
يا ليکڪن کي اهي صلاحون ڏنيون. پر اهي به سخت روين
يا ٽوڪ ۽ طنز هيٺ نه، پر مدبرانه ۽ فڪري سوچ جي
انداز هيٺ همت افزائي جي صورت ۾ ڏنيون، اهو ئي سبب
آهي جو هن جي ان نوري واري نهٺائي ۽ نماڻائي هر
نئين توڙي پراڻي ليکڪ جي نظر ۾ هن جي عزت ۽ مانُ
کي وڌايو، پر انهن کي لکڻ لاءِ هڪ نئون اتساهه پڻ
مهيا ڪيو.
هن رسالي ۾ لکندڙ تجربيڪار، مشهور ليکڪائن ۾
ماهتاب محبوب، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده
حسين، تنوير جوڻيجو، امر سنڌو، عطيه دائود، قمر
واحد، سحر امداد، زرينه بلوچ ۽ وينا شرنگي وغيره
جڏهن ته ڊاڪٽر رشيده ڀٽي ۽ ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ته هن
رسالي کان ئي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي هئي.
نون ليکڪائن ۾ فرزانه شاهين، شبنم گل، شگفته
شاهه، گوري ولڀ، فردوس مزناڻي، ثمينه ميمڻ، نجمه
پنهور، سهڻي پارس، حسينه ساند، شبانه سنڌي، ڊاڪٽر
ريحانه نظير، بانو محبوب، تانيه ٿيٻو، گوري ولڀ،
شگفته جبين، روبينه ابڙو، رخسانه پريت چنڙ، حسين
مسرت، زمر محبوب، گلشن سنڌو، سلمى گلزار، ڪلثوم
قاضي، ياسمين چانڊيو، رخسانه سومرو، نسيم حيدري
جهڙا اڻ ڳڻيا نالا آهن جن پنهنجي ادبي سفر هن
رسالي جي اڱڻ تان ڪيو ۽ ان ادب جي ڦلواري ۾ سرهاڻ
پکيڙي سنڌي ادبي بورڊ جي گلشن کي معطرڪيو. هنن سٽن
جيان ته:
ٽڙيو کڻن ٽارُ سَرَ انهن جا سوڀ ۾
مَري مَلهايا يار ويڙها سڀ واسي ويا.
ان کان علاوه سرتيون خاص نمبر مثلاً ڪهاڻي نمبر،
خيرالنساءِ جعفري نمبر، مادر جمهوريت، نصرت ڀٽو
نمبر، هڪ شخصيت 100 سوال نمبر، بينظير ڀٽو نمبر،
انٽرويو نمبر، شاعري نمبر، امڙ نمبر يادگيريون
نمبر، جيڪي ايڊيٽر صاحبه جي اڻٿڪ محنت جو هڪ
تاريخي دستاويز آهن، جن جي تعريف ڪندي ان وقت جي
ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ۽ سنڌي ادب جو ماياناز اديب
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ خط ۾ لکيو آهي ته،
”سرتيون“ جو ڪهاڻي نمبر منهنجي اڳيان آهي ان جي
چونڊ ۽ ترتيب تي اوهان کي مبارڪون چوان ٿو، اوهان
سرتيون کي هن مقام تائين آندو آهي ۽ هڪ طويل
جدوجهد ڪئي ان لاءِ به اوهان کي ۽ اوهان جي سهڪاري
توڙي بورڊ جي اختياري وارن کي مبارڪون ڏيان ٿو
اميد ته سرتيون اڃا به ترقي کي رسندو، اوهان جي
ڪهاڻي ”آڙاهه“ منافقي جو پردو چاڪ ڪري ٿي، ٻيون
ڪهاڻيون به معياري آهن. آخر ۾ وري به اوهان سڀني
کي مبارڪباد چوان ٿو“.
ان سان گڏوگڏ سرتين ۾ ٻيا مضمون به شايع ڪيا وڃن
ٿا، مثلاً سونهن ۽ سينگار بابت ضروري صلاحون،
بيوٽي
Beauty Tips
جي نالي سان هلايون. جنهن ۾ سونهن ۽ سينگار جا
سرتين جي صلاح سان ڪارآمد مشورا ڏنا ويندا هئا. ان
کان علاوه سنڌ جي هنرمند ۽ پورهيت عورتن جا
انٽرويو، مذهبي معاملات لاءِ مفيد مشورا ۽ صلاحون
پڻ ڏنيون وينديون هيون. هن رسالي ۾ مختلف ڪتابن تي
تبصرا پڻ شايع ٿيندا رهيا، مثلاً روبينه ابڙو جي
شاعري جي ڪتاب ”سورج شاخون ڪڍيون“ تي فياض لطيف جو
لکيل تنقيدي اڀياس سائنس جي موضوع تي لکيل مضمون
مثلاً سيد بدر زمان شاهه جو ”اسان جو شمسي نظام“
سنڌ جي هنرن تي لکيل قادر بخش مجنون جو مضمون
”رلي“ ان کان علاوه تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا مثلاً
ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل تحقيقي مضمون ”عورت،
ڌرتي ۽ آڪاش جي وچ ۾ ٽنگيل وجود“ هڪ ٻيو تحقيقي
مضمون ”سينگار بيتن جي عورت“ علامه آءِ آءِ قاضي
جو لکيل مضمون شاعري جيڪو شاعري جي تاريخ تي لکيل
آهي، تحقيقي مضمون جيئن منصوره جي تاريخي حيثيت ۽
اهميت ۽ حميده قاضي جو لکيل ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي
ساهت ۾ سرتين جو ساٿ“ ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف ٻولين
مان ترجمو ڪيل مضمون پڻ شامل آهن، جيڪي مراد علي
مرزا، ولي رام ولڀ ۽ ممتاز عباسي، محمود مغل،
شگفته شاهه جهڙن تجربيڪار علم دوست اديبن کان
ترجمو ڪرائي شامل ڪيا ويا آهن. گڏوگڏ هن رسالي علم
و ادب ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا
انٽرويوز پڻ شايع ٿيا جن ۾ آپا شمس عباسي، ماهتاب
محبوب، عابده پروين، مريم نوحاڻي، ڊاڪٽر قمر واحد،
رشيده حجاب، خيرالنساءَ جعفري، سحر امداد، عرفانه
ملاح، امر سنڌو، رخسانه پريت چنڙ وغيره جا
انٽرويوز شامل آهن. انهن سڀني شين کي سرتيون جي
پليٽ فارم تان پنهنجو نُور نچوئي گلبدن پنهنجي
علمي قابليت، محنت ۽ حوصلي سان اسان تائين پهچايو
آهي.
گلبدن جاويد مرزا جون ڪاوشون سون تي سهاڳو مثال
وانگي آهن جن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل پڻ رسالي جي
اهميت ۽ افاديت کي وڌائين ٿا ۽ سندس سمجهه ۽
ساڃاهه جي نشاندهي ڪن ٿا. مثال طور سندس هڪ
ايڊيٽوريل جنهن جو عنوان هو ”عورت جو سماج ۾
ڪردار“ ان ۾ هو لکي ٿي ته، ”سماج اندر عورت جو وڏو
مقام آهي. پر سنڌي عورت غلامي، ظلم ۽ ستم واري
صورتحال ۾ صدين کان پيڙبي آئي آهي ۽ کيس غلط ريتن،
رسمن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي، عورت کي
پکي جيان پڃري ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ کيس زرخريد
غلام سمجهي چارديواري ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. پر تنهن
هوندي به سنڌي عورت تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ سچائي،
وفاداري ۽ ايمانداري سان پنهنجو ڪردار نڀايو آهي.
مارئي جي حب الوطني هجي يا نوريءَ جي نوڙت، ٻاگهل
جي وفاداري هجي يا مائي بختارور جي دليري مطلب ته
عورت ڪڏهن به پنهنجي وارثن جي منهن جا موڙ مرجهائڻ
نه ڏنا آهن.“
نون ۽ اڀرندڙ ليکڪائن لاءِ گلبدن جو ايڊيٽر وارو
ڪردار تمام ساراهه جوڳو رهيو آهي، جيئن ڪنهن جهاز
کي هلائڻ لاءِ ڪپتان يا پائليٽ جو ڪردار اهم هوندو
آهي تيئن ڪنهن رسالي کي جاري رکڻ ۾ ايڊيٽر جو
ڪردار هوندو آهي اهي خوبيون گلبدن ۾ تمام گهڻيون
نظر اچن ٿيون جنهن ادب جي اونهي ۽ عميق پاتال ۾
پيهي سپون سوجهيون ۽ موتين جون جهوليون ڀري ڪنڌيءَ
تي ڪٺيون ڪيون، جنهن جو ثبوت اڄ هن رسالي جي ٽيهه
ساله جشن جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. هي صرف عام
رسالو نه آهي، هن پدرشاهي سماج ۾ عورتن جي جذبن،
احساسن ۽ سندن حقن جو سگهارو آواز آهي، هڪ اهڙو
پليٽ فارم جتي هو بنا خوف خطري پنهنجون تخليقون
شايع ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهن ٿيون، هن رسالي جي
ڪاميابي ۾ انهن ليکڪائن جو به حصو آهي، پر انهن
تخليقن کي سهيڙڻ لاءِ گلبدن جنهن محنت ۽ جفاڪشي
سان ڪم ڪري ٿي اهو بيشڪ ڪنهن تعريف جو محتاج نه
آهي، سندس تعلق ادبي گهراڻي سان آهي. پر هن پنهنجي
شخصيت پنهنجي قابليت تي بنائي آهي. سندس مٺي
زبان، حلقي مسڪراهٽ هرهڪ لفظ ۽ جملو ڄڻ ته موتين
جي لڙهي پوتل اندازِ بيان سليس ۽ دلڪش جيڪو هرڪنهن
لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي ٿو. آخر ۾ مان سندس شخصيت
کي شيخ اياز جون هي سٽون ارپيان ٿي ته،
جوڳڻ سڀ ڪا جيءَ ۾ ميرا مٽ نه ڪا
ٿيندي گيڙوءَ گيت سان ڪهڙي مُنڌ مٽا
ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون
ڪنهن ڪنهن منجهه ڪلا
جنهن ۾ جيءَ جلا ڪانکي تنهن جو ڪينرو |