فاطمه زهرا قاضي
اعلى انساني اخلاق ۽ ڪردار
جي
حقيقت
ڪافي وقت کان هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ هلندي رهي آهي،
ڪڏهن گهڻي ڪڏهن گهٽ وقتي مصروفيتن سبب سوچڻ جي
باوجود به ان بابت لکي نه سگهندي آهيان.
مقصد هي آهي ته اها هڪڙي واضح حٰقيقت آهي ته انسان
پاڻ کي ٻين جي نظر ۾ وڻائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪندو آهي،
ان ۾ هن کي ڪيتري محنت ڪرڻي پوندي آهي اها هڪ
باشعور انسان ته ڪري سگهندو آهي، پر هر ماڻهو اهو
چاهيندي به ڪري نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر
ماڻهوءَ جي سوچ سمجهه جو دائرو الڳ الڳ آهي.
منهنجي خيال ۾ ٻين کي عزت ڏئي، پنهنجو مقام ٺاهڻو
آهي. الله تعالى جو سهارو وٺي ڪوشش ڪرڻي آهي. اهو
آسان به آهي ۽ قابل فهم به.
مثال طور: آسان ائين آهي جو توهان پنهنجي وت آهر
جيترو به ٿي سگهي، اوترو ٻين کي ڏيو: انهيءَ ۾
وڏن جو احترام ڪرڻ ۽ انهن جي دل وٺڻ ۾ اڳڀرائي
ڪرڻ، ساڻن سچيءَ دل ۽ پيار محبت سان پيش اچڻ، حسن
سلوڪيءَ، شيرين زبانيءَ سان مخاطب ٿيڻ. چوندا آهن
ته شيرين زبان سون ڳهو آهي. يعني ان مٺاس سان
پنهنجن مٽن مائٽن خاص طور تي ماءُ ۽ پيءُ جن جو
ڪوبه مَٽ نه آهي.
ٻين پاڙيسرين، عزيزن قريبن، مائٽن، واسطيدارن سان
به سهڻي اخلاق سان پيش اچو. اهي سڀ به توهان جي
حسن سلوڪيءَ جا مستحق آهن. اهو ايئن سمجهو ته هڪ
وڇاڻ آهي جيڪو توهان جي هتي توڙي هُتي واري
زندگيءَ کي آرامده بنائيندو. ان لاءِ توهان کي ڪي
تڪليفون به سهڻيون پونديون. انهن کان پريشان نه
ٿجو، هڪ دفعو ناراض ٿي جيڪڏهن توهان ڪنهن جي نظر ۾
ڪري پيا ته پوءِ ان مان آجو ٿيڻ تمام مشڪل آهي.
چوندا آهن ته ماڻهو جبل تان ڪري ته اٿي سگهي ٿو
ڇاڪاڻ ته ان جو علاج به آهي، شفا به آهي، جيڪڏهن
ماڻهن جي نظرن ۾ ڪري پنهنجي حيثيت هڪ دفعو وڃائي
ويٺو ته پوءِ اهو اعتماد حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. ڀلي
سڄي عمر ڪوشش ڪندو ته به اُها عزت ۽ وقعت ملڻ محال
آهي، ڇو ته دل ته خدا تعالى جو گهر آهي. اها
جيڪڏهن ٽٽي پوي ٿي ۽ ان ۾ ڏار پئجي وڃي ٿو ته ان
جا نشان هميشه لاءِ رهن ٿا.
دنيا ۾ انسان دولت ۽ شهرت ته حاصل ڪري سگهي ٿو، پر
عزت وڃائجي وڃي ٿي ته اها حاصل ڪرڻ تمام ڏکي آهي،
اهو به چئي سگهجي ٿو ته ناممڪن آهي.
اڳيون ته ٿيو آسان... هاڻي ڏکيو ڪيئن آهي؟
ڇاڪاڻ ته اهو لازمي نه آهي ته توهان جيڪا به چڱائي
ڪريو يا جيڪا عزت ۽ احترام ٻين کي ڏيو ته موٽ به
توهان کي ان ئي نموني سان ملي. جي ملي ٿي ته اها
ته ڪا بنهه خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي. مقصد اهو آهي
ته دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن. ڪن ماڻهن کي توهان
جي روش پسند هوندي ته ڪن کي نه به هوندي. ته اتي
آهي توهان جو امتحان!
ان ۾ توهان کي پنهنجو حوصلو بلند رکڻو آهي، خيالن
کي وسيع رکڻو آهي. پنهنجي دل ۽ زبان کي قابو ۾
رکڻو آهي. اهو سڀ ڪجهه چوڻ آسان آهي، پر عمل ڪرڻ
ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته زبان جيتري سٺي آهي، اوتري
خطرناڪ به آهي. شيطان جي ڄار مان پاڻ کي ڪيئن
بچائي سگهجي ٿو! ڇو ته اهو به ته ان تاڙ ۾ هوندو
آهي، ته هاڻي هي انسان ڪيئن ٿو مون کان بچي نڪري!!
جيڪي الله تعالى جا نيڪ بندا آهن ۽ جن تي مالڪ
سائين راضي ۽ مهربان هوندو ته هو پنهنجي صالح
ٻانهن کي شيطان جي حملن کان بچائي وٺندو آهي.
دنيا ۾ ڪامياب انسان اهو آهي، جنهن جي ماڻهو عزت
ڪن سندس دولت کي ڏسي نه، پر سندس اخلاق ۽ ڪردار کي
ڏسي ڪن. توهان جو ڪردار جيترو معتبر هوندو، اوتري
ئي پسنديده ۽ معتبر توهان جي شخصيت هوندي. سمجهو
ته اوتري ئي سماج ۽ سماج جي ماڻهن ۾ توهان جي عزت
هوندي. ڪوشش ڪري پنهنجي طبيعت کي ان ڳالهه ڏانهن
مائل ڪريو. الله جو سهارو وٺي جيترو ممڪن ٿي سگهي.
الله پاڪ جي مخلوق لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته
ان پاڪ پالڻهار جيتري انسان کي طاقت ڏني آهي، مٿس
ٻوجهه به اوتروئي رکيو اٿس.
ان جو زنده مثال پاڻ وٽ موجود آهي... شاهد جو بابا
سائين (مرحوم). ڇا تعريف جي لائق آهي اها ذات پاڪ
جنهن اهڙا نيڪ بخت انسان پيدا ڪيا، جيڪي اسان جي
يادن لاءِ هڪ عظيم سرمايو ڇڏي هن فاني دنيا مان
عزت ۽ مان شان سان پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي
مليا. هاڻي اهو عرض آهي ته شال رب پاڪ سندن مغفرت
فرمائي.
اسان لاءِ ته ڇا، پر هو عزيزن، قريبن، دوستن
احبابن ۽ جيڪي واسطيدار هئا، انهن لاءِ هڪ امر
مثال ٿي ويا آهن، اسان کي سندن وڇوڙي جو افسوس ۽
ارمان پنهنجي جاءِ تي بيشڪ آهي، پر راه بر حق آهي.
اهو ذائقو هر ساهواري کي چکڻو آهي:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري نه ٿيا مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
(شاهه)
آءٌ اها اميد ڪريان ٿي ته مون کي منهنجي سڄي اهل و
عيال کي بلڪه جيڪي به هن ڪتاب جا پڙهندڙ آهن انهن
کي الله تبارڪ و تعالى اها توفيق عطا ڪري ته جيئن
پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي شيرين زبان سان، دل جي
صداقت ۽ سچائيءَ سان پنهنجي مالڪ جو سهارو وٺي،
ڪوشش ڪندا رهن باقي سڀ ڪجهه رب سائين جي وس آهي.
انساني حال آهر هن نصيحت تي جيڪي عمل ڪندا، الله
پاڪ انهن سڀني جي مدد ڪندو.
ڪميڻن هٿان ٿين، ڪيئي مورايون مديون،
تون ڪر پاڻ وڙان، سٻاجها سپرين.
*
انسان جي ڪردار جو اندازو جيترو سندس مٺي آواز
مان لڳائي سگهجي ٿو، اوترو ڪنهن ٻي ڳالهه مان نه
لڳائي سگهبو! خاموشي گفتگوءَ جو حسن آهي ۽ مُرڪ
زندگيءَ جو املهه خزانو آهي.
اڃا به هڪ اهم نصيحت آهي ته،
جيئن ته هتي
ڪردار سان گڏوگڏ زبان جي صحيح استعمال جي باري ۾
ڄاڻايل آهي ته ان ۾ هيءَ ڳالهه تمام اهم آهي يعني
توهان پنهنجي زبان مان اهڙا لفظ ڪڏهن استعمال نه
ڪريو جيڪي ٻين کي تڪليف پهچائين. خاص طور ڪاوڙ جي
وقت، ڇاڪاڻ ته بعد ۾ اهڙن لفظن جي نهايت ڳري قيمت
ادا ڪرڻي پوندي آهي. ٻين خراب عادتن سان گڏ زبان
جو خراب استعمال به توهان جي شخصيت تي برو اثر
وجهندو آهي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو ته پوءِ
جيڪي ماڻهو توهان جي حسن اخلاق کان متاثر ٿيا
هوندا، انهن جا رويا هڪدم بدلجي ويندا. ڄڻ ته
توهان پنهنجا دشمن پاڻ ٿيا. انهيءَ جو نتيجو ڇا
ٿيو، اهو هر باشعور انسان سمجهي سگهي ٿو. پوءِ
جيڪي ماڻهو توهان تي حاسد هوندا، اهي ڏاڍا خوش
ٿيندا، ڇاڪاڻ ته انهن جا ضمير ته مئل هوندا آهن،
تڏهن ته ٻين جي چڱاين تي بري نظر وجهندڙ هوندا
آهن.
اڄڪلهه ڏٺو ويو آهي ته مائرون پنهنجي اولاد لاءِ
چونديون آهن، ته ڇا ڪريون هن جي فطرت يا طبيعت ئي
اهڙي آهي. ٻار سٺو ٿيو يا خراب ته پوءِ ماءُ جو
ڪردار آخر ڇا آهي؟
هر ٻار جيڪڏهن ايئن اُٺن وانگر پليو ته سندس (يعني
ماءُ جي) چڱائيءَ يا مٺائيءَ جو ان تي ڪهڙو اثر
پيو؟ ان لاءِ مولوي احمد ملاح جو هي هڪ نهايت سٺو
بيت آهي ته:
”جهڙي مائٽ ڪن مڪال، تهڙي ڳالهه ڳڀورن وات.“
ماءُ جو فرض ڇا آهي؟ ٻار کي جيئن ئي سمجهه اچي،
انهيءَ وقت کان وٺي هن جي اُٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ،
ڳالهائڻ ٻولائڻ تي پنهنجي خاص نظر رکي ۽ پنهنجو
پاڻ کي صحيح ڍانچي ۾ هلائڻ جي پوري ڪوشش ڪري. جيئن
ماءُ پيءُ جو ادب ڪرڻ. جيڪڏهن گهر ۾ بزرگ ڏاڏو،
ڏاڏي يا نانو، ناني موجود آهن ته انهن جو ادب ڪرڻ
سان گڏوگڏ، ننڍن، وڏن ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن احبابن
سان ملڻ جا آداب سيکاري. وڏا به گهر ۾ اجايو شور و
غل نه ڪن، جنهن جو ٻارن تي خراب اثر پوي. پنهنجي
پوري توجهه سان هنن تي نظر رکي وڃي ته اڳتي هلي
اهي ٻار سٺا انسان ثابت ٿي سگهن ٿا.
اهو مثال اسان وٽ موجود آهي. اسان جو شاهد بچي شال
ننڍو هو، اسين ان جون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون پيا
نوٽ ڪندا هئاسون. خاص طور تي هو تقريباً ڇهن سالن
کن جو هو ته سندس بابا پڇيس ته، ”بابا توهان ڪڏهن
ڪوڙ ڳالهائيندا آهيو؟“ پاڻ معصوماڻي انداز ۾
چيائين ته، ”بابا آءٌ هونئن ته ڪوڙ ڪونه
ڳالهائيندو آهيان، پر ڪن ڪن حالتن ۾ اهو ڪرڻو
پوندو آهي.“ سندس بابا پريشان ٿي ويو ته بابا ائين
ڪيئن ٿو ٿئي؟ تڏهن جواب ڏنائين ته، ”بابا جڏهن
منهنجا به دوست پاڻ ۾ ناراض ٿيندا آهن ته انهن کي
پرچائڻ لاءِ مون کي ايئن ڪرڻو پوندو آهي. هڪڙي کي
چوندو آهيان ته ادا هو تولاءِ سڪي پيو. ٻئي کي به
ايئن چوندو آهيان حالانڪه ايئن هوندو ڪونه آهي، پر
هو ايئن ڪرڻ سان سرچي پوندا آهن.“ ان تي سندس بابا
شڪر ڪيو ته صالح ۽ نيڪ بخت ٿيندو، آءٌ پنهنجي
پالڻهار ۾ اميد ڪريان ٿو مالڪ سائين ڏاڍو مهربان
آهي.
اڄ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان شاهد 50 سالن جو ٿي
ويو آهي پر سندس صلح و صفائيءَ، نياز ۽ نوڙت واري
فطرت پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سدائين هر ڪنهن سان ٺاهي
هلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. ان لاءِ کيس ڪيتري به
ڪس کائڻي پوندي آهي ته به پويان نه ويندو آهي. شال
الله پاڪ سندس عزت ۽ عهدي جو نگهبان ٿئي، پنهنجي
اهل و عيال سان سلامت خوشحال، سرهو ۽ آباد رهي
آمين.
انساني نظريا ۽ انهن جا فائدا ۽ نقصان
عام ماڻهو خزاني وارو اهڙي انسان کي چوندا يا
سمجهندا آهن، جنهن وٽ دولت جا انبار هجن. اهو
ماڻهو چاهي ڪهڙو به هجي! ان شخص جي تعريف مان
ڍاپندا ئي ڪونه ته فلاڻو ماڻهو واهه جو آهي! پر
منهنجي نظر ۾ صرف گهڻو پئسو ئي سڀ ڪجهه نه آهي،
پئسو بيشڪ زندگيءَ جي وڏي ضرورت آهي، پر سڀ ڪجهه
نه آهي. خزانه گهڻن قسمن جا آهن:
1. علم هڪ انمول خزانو آهي.
2. حلم به هڪ انمول خزانو آهي.
عقل سليم، اعلى اخلاق، انساني صحت، نيڪ اولاد، سچو
دوست اهي سڀ نعمتون به انمول خزانه آهن.
هاڻي آءٌ هر هڪ نڪتي بابت پنهنجي راءِ لکان ٿي.
بعد ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جا رايا وٺي هتي لکڻ جي ڪوشش
ڪنديس. ڇو ته هر ماڻهوءَ جو رايو پنهنجو پنهنجو
هوندو آهي، جنهن مان اسين به ڪو سبق پرائي سگهون
ٿا.
علم:
علم هڪ اهڙي انمول روشني آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ
سان انسان انسانيت جو اعلى مقام حاصل ڪري سگهي ٿو.
علم رڳو ڪتاب پڙهڻ نه آهي، پر ان کي سيني ۾ سانڍي،
ان مان صحيح مقصد حاصل ئي علم جي روشني آهي.
هي جيڪي دنيا ۾ ڪارناما اسان جي اکين جي اڳيان
آهن، وڏن وڏن فلاسافرن جا ڪتاب ۽ ڪهاڻيون، هي
ڊاڪٽريءَ جو علم جنهن مان هزارين لکين ڪروڙين
انسان فائدا حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن مان اڻڳڻت
ماڻهن شفايابيون حاصل ڪيون آهن. هي بري، بحري ۽
هوائي سفر اڄڪلهه هن ڪمپيوٽر جي علم ته الائي ڇا
مان ڇا ڪري ڇڏيو آهي، اهي سڀ علم جا فائدا آهن،
جنهن انسان کي چنڊ تائين پهچائي ڇڏيو آهي. تعريف
جي لائق اها ذات پاڪ آهي، جنهن پنهنجي محبوب مٺي
مرسل مصطفى صلعم کي تعليم عنايت ڪئي ۽ اسان جهڙن
گنهگارن کي سندن امتي بڻائي پنهنجي ڪرم نوازي ڪئي.
پوءِ جن انسانن انهيءَ علم مان جائز فائدو وٺي
پنهنجي منزل حاصل ڪئي، اهي پنهنجي دنيا ۽ آخرت
سُڌاري، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي پنهنجي
آخري آرامگاهه تي پهتا جتي هر ساهواري کي پهچڻو
آهي. اهو آهي علم جو انمول خزانو.
علم لاءِ اڃا به جيترو لکجي سو ٿورو آهي، ڇو ته
علم جي ڪابه حد نه آهي. اهو انمول آهي ۽ انمول
رهندو.
حِلم:
هاڻي اچون ٿا حلم تي، اهو به رب پاڪ جي ڏنل خزانن
مان هڪ انمول خزانو آهي، پر اهو به جنهن کي نصيب
ٿئي. حلم معنى نهٺائي ۽ نوڙت آهي. جنهن ۾ فخر ۽
وڏائي نه هجي. اهو حلم جيڪڏهن توهان کي پرائڻو آهي
ته اها نياز ۽ نوڙت نوريءَ کان پرايو، جنهن لاءِ
شاهه صاحب جن فرمايو آهي ته:
ککيءَ هاڻيون کاريون، ککيءَ هانڻان ڇَڄَ،
پاند جنهن جي پاند سين، لڳو ته ٿئي لڄ،
سمون ڄام سُهنج اپو ڪري ان سين.
*
سڀ سميون سڀ سومريون، سڀني ڳچين هس،
پسڻ ڪارڻ پريئنءَ جي، وڏا ڪيائون وس،
ڍول تنين جي گس، هيٺايهون هلن جي.
جهڙيءَ طرح هن دنيا ۾ ڄام تماچيءَ جو مثال نوريءَ
جي حلم ۽نوڙت جو آهي، اهڙيءَ طرح ان کان به
مٿانهون، مالڪ سائين وٽ انهن بندن جو مان آهي جن
جي قيمت ڳڻڻ کان اَپار آهي. پر اُهي ته اهڙا بندا
آهن جو ان هوندي به ڪَتِن ۽ ڪنبن ٿا: ”ڪَتِ
ڪنبندياس، توريندڙ تکا.“
ڪَتين ۽ ڪنبن، سدا سنهيءَ واريون،
سنئين پئي صراف کي ڦولهي نه ڦورو،
جِت تُرندو تورو، اُت ڪاڻياري ڪامَ ٿئي.
*
عقل سليم:
عقل سليم به هڪ انمول خزانو آهي. اها ڏات به هن
ڏاتار جي آهي. هر انسان کي مالڪ سائين ڪجهه نه
ڪجهه ڏئي هن دنيا ۾ موڪليو آهي. ڪنهن کي گهڻو ڪنهن
کي ٿورو، پر خالي ڪنهن کي به ناهي ڇڏيو. هاڻي جن
به انسانن کي عقل سليم ڏئي موڪليو ويو آهي، انهن
تي وري بار به اوتروئي وڌا اٿس. هاڻي اهو انسان
ڪيئن ٿو ان کي استعمال ڪري ۽ ان انمول خزاني مان
پاڻ به فائدا حاصل ڪري ۽ ٻين کي به فيضياب ڪري،
انهيءَ جو مثال منهنجي نظر مان گذريو آهي. لقمان
حڪيم کان ڪن ماڻهن پڇيو ته، سائين اهو عقل توهان
ڪنهن کان پرايو؟ جواب ۾ ورايائين ته، ادا جيڪو ڪم
بي عقل ماڻهو ڪندا آهن، آءٌ ان جي ابتڙ ڪندو
آهيان. آءٌ اتي پنهنجي عقل سليم کان ڪم وٺندو
آهيان. اهي ڏاهن ماڻهن جا قول ۽ فعل ٻڌل آهن ۽ ڪي
وري اسان جي اکين اڳيان گذريا به آهن. اسان جيڪڏهن
پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جي دائري کي صحيح رکي ۽ الله
تعالى جو سهارو وٺي پنهنجي عقل کان ڪم وٺنداسون ته
اسان کي اهڙا بي حساب مثال ملندا. ان ۾ ٻن ڳالهين
جو هجڻ تمام ضروري آهي: ڌيرج، ڊگهي سوچ ۽ سمجهه
سان ڪم وٺبو، تڪڙ اصل ناهي ڪرڻي ڇاڪاڻ ته تڪڙ ڪم
شيطان جو آهي، اهو انسان جو عقل ماري ڇڏيندو آهي
پوءِ ڇا پيو ڳالهائيندو، ڪهڙو ڪم پيو ڪندو، جنهن
جي کيس به خبر ڪونه هوندي آهي. اتي تمام سوچي
سمجهي قدم کڻڻوآهي.
اهو به پهاڪو عام آهي ته:
کوهه سين اَڄاڻ، بُت هندوري لوڏئين
وَرِ سين سُڄاڻ، ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾.
ان جي معنى اها آهي ته اڄاڻ ماڻهو کان پاسو ڪر،
چاهي هو توکي هندوري ۾ لوڏي. پر ان جي ڀيٽ ۾
جيڪڏهن تنهنجون ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾ آهن يعني تون ڪنهن
مشڪل ۾ آهين ته به سُڄاڻ ماڻهو توکي ان مشڪل مان
ڪڍي وٺندو. باقي مدد مولى پاڪ جي گهرجي جو اسان جو
حامي ۽ ناصر آهي. انسان ويچارو ڪمزور آهي. مالڪ
سائين پنهنجي رهنمائيءَ سان ٻيڙا پار ڪندو.
ڊاڪٽر عرفانه ملاح
هو ته مون کي چتا تي وٺي ٿي ويا...
هو
ته
مون کي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو
آهي
شمشان
۾.
عشق تنهنجو اياز آهه
انسان سان،
هو چون ٿا
ته
تون
ناهين
ايمان ۾
اڄ ڪيترن ئي ڏينھن کان پوءِ
منھنجي جنم ڏينھن جي حوالي سان انتھائي محبت ۽ ھمت
وارا پيغام وصول ٿيا.
ڪجهه
وقت پھرين ائين محسوس ٿيڻ لڳو ھو ته ڄڻ عمر
رائيگان وئي، جنھن سفر جا راهي ھياسين اھو منزل
کان پھرين ئي ختم ٿي ويو. ڄڻ جيئڻ،
ساهه
کڻڻ
به
ھڪ مھڻو ٿي پيو ھو.
سچ جي ڳالهه نه چئي سگھڻ جو ڪرب، جبر سان مھاڏو نه
اٽڪائڻ وارو درد، روح کي مفلوج ڪري رھيو ھيو
.
سماجي
انتھا پسندي، جدوجھد توڙي سوچ لاءِ
سوڙھي ٿيندڙ سماج ۾ ساهه
تي ٻوسٽ محسوس پئي
ٿي. اھڙي ماحول ۾ جتي قدم قدم تي ڪوڙڪيون، لفظ لفظ
تي ڪات ڪھاڙا اڀا ٿين ۽ جتي عورتن تي زندگي حرام ۽
موت حلال ھجي اتي ڪڏھن ڪڏھن پھاڙ جھڙا حوصلا رکندڙ
فرد ن جون
ھمتون به
جواب ڏئي وينديون آھن.
ڪڏھن ڪھڙي تھمت ته ڪڏھن ڪھڙا لقب، ته ڪڏھن غداري
جا تمغه،
ته
ڪڏھن جيئڻ جا الزام ۽ ڪڏھن ساھ کڻڻ
تي ملامتون
اھڙي ماحول ۾
زنده رھڻ لاءِ
به ڄڻ جدوجھد ڪرڻي پوندي
آھي
آخر ھر انسان جي برداشت ۽ ھمت يا بھادري جي به ھڪ
حد ٿئي ٿي. سماج جيڪو اجتماعي بي حسي واري واٽ
ڏانھن پيو وڃي ۽ علم، دليل منطق کي جھالت، عقيدو ۽
ڪوڙ کان
شڪست
کائيندو ڏسجي ٿو ته دل ڀڄي ٿي پئي.
جڏھن ھر جاکوڙيندڙ ماڻھو لاء گھيرو تنگ ڪيو ٿو وڃي
۽
سماج
کي اجتماعي خاموشي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ۽
جبر جي جيت ٿي ٿئي ته، جدوجھد جون معنائون به گم
ٿي ٿيون وڃن ۽ پنھنجي
بي وسي
۽
ماتم نه ڪري سگھڻ جي اذيت به روح کي رنجائي ٿي.
اھڙي ماحول ۾ لفظ بي معنى
محسوس ٿيڻ لڳندا آھن ۽
سماج
جي بھتري لاءِ
ھلندڙ جاکوڙ
تان
به اعتبار لھڻ لڳندو آھي ته ان وقت
تي
غالب جي
ھن شعر وانگر، انھي سفر جو راھي به ٿڪجي پوندو آھي.
آخر انسان ٿڪبو به آھي،
ته ڊھندو به آھي، ان کي ڏک به
ٿيندو
۽
دل
مايوس به ٿي ويندي آهي.
اھڙي حالت ۾ ڄڻ پاڻ کان به رسي وڃجي ٿو ۽
سماجي
جدوجھد ته ڇا،
پر پاڻ کان به ڄڻ پري ھليو ٿو وڃجي. مان به مسلسل
نشاني تي ھجڻ ڪري ٿڪجي پئي ھيس، توھان کان ڇا ڄڻ
پاڻ کان به رسي وئي ھيس. يا وقت جي جبر مون کي
زوري گم ڪري ڇڏيو ھو، ڪنھن گمشده ڳڀرو جوان وانگر،
جنھن جي سڀني کي خبر ھوندي آھي
ته
ڪنھن گم ڪيو آھي.
پر وري به مقدمو نامعلوم ماڻھن تي ٿيندو آھي. تيئن
ئي ماڻھو کان ان جو وجود به گم ڪرايو ويندو آھي،
پر ان جي بازيابي لاءِ
ڪا
دانھن
ڪوڪ نه
ڪئي ويندي
آھي نه ئي ڪو احتجاج
بس ھڪ ڊگھي خاموشي ۽ لاتعلقي ۽ گم
ٿيل وجود رھجي ويندو
آھي.
اھڙي گمشدگي جي سفر ۾ منھنجي جنم ڏينھن جي حوالي
سان توھان جا پيغام منھنجي لاءِ
پنھنجو
پاڻ جي اچانڪ بازيابي جو سبب ٿيا آھن.
پر مان اڄ
اھو
اقرار ضرور ڪندس ته منھنجي خوش نصيبي آهي ته جتي
سنگسار ڪرڻ وارا آھن اتي انھن پٿرن جي سامھون سينو
ڏئي بيھڻ وارا دوست به آھن. جتي الزامن جي آڳ
۽ تھمتن جي دوزخ ۾ ڀسم ڪرڻ وارا محبتن ۽ سچ جا
ويري آھن ته اتي، پيار جا پھا رکندڙ ساٿي، ھمدرد ۽
سچ جي سفر جا ساٿي به آھن. ڀلي ٻارھو ئي نفرت جي
آتش ۾ جلائڻ وارا عورت دشمن ۽ زندگي جا ويري
پنھنجي ڪرت ۾ لڳل ھجن اتي اھڙيون سرتيون به آھن
جيڪي آتش نمرود کي به پنھنجي
محبت جي برسات سان ٿڌو ڪنديون رھن ٿيون.
مان توھان سڀني جي ھڪ ھڪ لفظ، دعائن، پيار، احترام
۽
ھمت ڏيندڙ لفظن جي ٿورائتي آھيان. ھو ڀلي مون کي
شمشان تي وٺي ويا ھجن. پر توھان جي پيار جي برسات
ھنن جي نفرتن جي چتا کي ڪڏھن
به ڪنهن
جدوجھد ڪندڙ عورت کي ساڙي رک ڪرڻ نه ڏيندي. مان
تمام گھڻي ٿورائتي آھيان جو توھان ھڪ دفعو وري پنھنجي
پيار سان منھنجي ٿڪل وجود ۽ ڏکايل دل ۾ ھڪ نئون
روح ڀريو آھي.
مان پنھنجي
گهر ڀاتين،
سرتين، دوستن، ساٿين، ڀينرن، ڀائرن، ڪامريڊن،
جدوجھد جي سفر جي شامل ساٿين، سڄڻن، استادن،
شاگردن ۽ خيرخواھن جي بي حد ٿورائتي آھيان جو
توھان منھنجي جنم ڏينھن تي ڪجهه
گھڙيون ڪڍي
مون کي ياد ڪيو، دعائون ۽ مبارڪون موڪليون.
لک ٿورا ۽ قرب
ساٿ سلامت ۽ جدوجھد سلامت |