سنڌيا شاهه
زندگي ڪيڏي ڏکي آهي
اوچتو
سمنڊ جي واري پيرن مان کسڪڻ لڳس، سمنڊ گهوماٽيون
کائيندو محسوس ٿيس ۽ کٻو هٿ ڪو سهارو ڳوليندي پٿر
جي بينچ سان ٽڪرايس ته پٿرتي هٿ رکي ان جو سهارو
وٺي بينچ جي ڪنڊ تي ويهي رهيو.
سيني ۾ سُور وڌندو محسوس ٿيس جو لڳس ڪو شهه رڳ کي
سيني مان پٽي ڪڍي رهيو هجي ڄڻ ڪو ڪنڊن تان ململ جو
ڪپڙو گهلي لاهيندو هجي.
ڪوٽ جي کيسي مان گوري ڪڍي وات ۾ وجهي سيني کي
مُڪون هڻڻ لڳو.
زندگيءَ جو پاڻي ڪيترو به بي معنيٰ ٿي وڃي، هٿن
مان نڪرڻ لڳي ته مٺيون بند ضرور ٿينديون آهن.
آواز جي سرٻاٽ تي ڏٺائين بينچ جي ٻي ڪنڊ تي پنهنجو
پاڻ کان ڪاوڙيل هڪ ڇوڪري پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي
رهي هئي. چوٽيءَ مان وارن جون چڳون پاڻ ڇڏائي هوا
۾ رولاڪي ڪندي پئي لڏيس. هلڪو وڻندڙ آواز، پر ان ۾
جهڙا ٻاٻوري ڪنڊا ڀريل هجن.
ڪاوڙجي پيل دوستن جيان سندس ٻئي هٿ گوڏن تان هيٺ
پئي لڙڪيا. هوءَ سمنڊ جي سامهون ڪنڌ جهُڪايو ڀڻڪي
رهي هئي. سندس هلڪو آواز سمنڊ جي لهرن جي گوڙ ۾
دٻجي بس هن جي ڪنن تائين ئي پهتو پئي.
پٺاڙن کي زور ڏيندي ڇوڪريءَ جي آواز کي ڪنائڻ لڳو.
لڳس پئي ڄڻ هوءَ سندس جيان ئي هٿن مان نڪرندڙ بي
معنيٰ زندگيءَ کي مٺ ۾ بند ڪري رهي هجي.
”سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارو بچڻ لاءِ هٿ ضرور هڻندو آهي“
مرڪي پيو: ”مون وانگي!........“
ڇوڪري ڇرڪجي وئي. هُوءَ جنهن بينچ کي خالي سمجهي
ويٺي هئي ان تي ڪو ٻيو به ويٺو هو. پر هن کي خبر
ئي نه پئي هئي. چوڻ لڳس:
”انڪري جو زندگي بي معنيٰ نه ٿيندي آهي. خواهشون
اڌوريون رهجي وڃن ته محروميون بڻجي پونديون آهن.“
ڇوڪريءَ جون ننڍڙيون، پر
خوبصورت اکيون جن کان هن شايد سڄي عمر سوچڻ جو ڪم
ئي ورتو هئو ڦاٽي ويس.
ايتري اونهائي ته سمنڊ ۾ به نه هوندي آهي جيتري هن
جي اکين ۾ هئي. ”محرومين کي جوڪرن وانگي بيان ڪيو
وڃي يا ڀوڳ جو پاجامو پارايو وڃي ته ٻڌڻ وارن کي
وڻندو آهي!“
دل جو هلڪو ٿيندڙ سُور به ساهه منجهائڻ لڳس ته وڏو
ساهه کڻندي چيائين:
”پر جي کِلڻ واري ڳالهه به ٻوٿ ڀيلو ڪري ڪئي وڃي
ته ڪنهن کي نه وڻندي آهي. کلڻ سک ڇوڪري کلڻ!
”تنهنجي جاءِ تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ها ته هينئر
تائين اٺ ڏهه آٽوگراف وٺي چڪي هجي ها. تون ٽي وي
نه ڏسندي آهين ڇا؟“
هوءَ سمنڊ ڏانهن نهارڻ لڳي. ائين لڳس ڄڻ سڄو سمنڊ
سندس اکين ۾ اوتجي ويو هجي.
هُو پاڻ کي سمنڊ سمجهندو آيو هئو، پر ان ڇوڪريءَ
جي اکين ۾ سمنڊ ڇلندي ڏٺائين ته ڏسندو ئي رهجي ويو
۽ هوءَ سمنڊ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳي:
”زندگي پاڻ ففٽي ٿي وڃي ته پوءِ آٽوگراف پاڻ ئي
نقش ٿي ويندا آهن.“
مرڪي پيو. چوڻ لڳو: ”ائين پيو لڳي، گهڻن سالن کان
پوءِ آئينو پيو ڏسان!“
بينچ تي هٿ رکي، ٽيڪ جو سهارو وٺندي اٿيو ۽ چوڻ
لڳس:
”مون سان گڏ اچ.... مان توکي ڪجهه ڏيکارڻ ٿو
چاهيان.“
هُوءَ وائڙن جيان نهارڻ لڳس.
هُو مرڪيو. اهڙي مرڪ جنهن ۾ ڪنڊن تان ململ جي ڪپڙي
رهڙجڻ جهڙي پيڙا هئي. چوڻ لڳس:
”هل، اڄ توکي مان اهو ڪجهه ڏيکاريان جيڪو اڄ تائين
ڪنهن به نه ڏٺو آهي. ڪو ڏسي ئي نه سگهيو آهي!“
لڱ ساڻا ٿيندا محسوس ٿيس. بينچ جو سهارو وٺي
ويهندي چوڻ لڳس:
”اڄ تائين دنيا اهو ئي ڏٺو آهي ته معين ڪيڏي
چالاڪيءَ سان ماڻهن کي کلائيندو آهي، پر اها ڪنهن
کي به خبر نه آهي ته هُو پاڻ ڪيڏو وڏو لطيفو آهي.
زندگي هن جي هٿن مان ڪيئن بي معنيٰ ٿي نڪرندي پئي
وڃي!“
هن ڀرون تاڻي ڇڏيا ۽ پڇڻ لڳس:
”پر مون کي ڇو پيا ڏيکارڻ چاهيو؟“
مرڪي پيو. چوڻ لڳس: انڪري جو مون کي لڳي ٿو مستقبل
جي تون سٺي مزاحيه اداڪاره بڻجي سگهين ٿي!“
هُوءَ سيٽجي ويئي: ”مان؟... اداڪاري ڪندس؟.....“
”ٻيو ڇا پئي ڪرين؟“ چوڻ لڳس.
هُوءَ ڪجهه ڪڇي. ان کان اڳ چوڻ لڳس:
”اسان سڀ زندگيءَ جي اسٽيج اداڪاري ئي ته ڪندا
آهيون. پر ڪامياب اهو ٿيندو آهي جيڪو اکين ۾ ڳوڙها
هوندي به ٽهڪ ڏيئي کِلندو آهي ۽ مشڪريون ڪري ٻين
کي کِلائيندو آهي.“
هوءَ اونهو ساهه کڻي ساڻس گڏ هلڻ لڳي. هو دل جو
مريض ۽ دنيا جو مشهور مشڪرو اداڪار هو ۽ هوءَ
زندگيءَ کان مايوس ۽ سڄي دنيا کان ڪاوڙيل ڇوڪري
جيڪا پنهنجو پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪري لهرن جيان
ڇلندي ٿي وئي ته هو چوڻ لڳس:
”خيال سان!“
هوءَ ڇرڪجي بيهي رهي ته مرڪندي چوڻ لڳس: ”ڪا مڇي
نه ماري وجهين.“
هوءَ پوئتي ٿي پنهنجي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳي. آلي
واريءَ تي سندس بناکڙيءَ جي سينڊل جا نشان هئا.
پڇڻ لڳس: ”ڪا ٿي آ مڇي؟....“
جواب ڏيڻ بدران مرڪندو چپ چاپ هلڻ لڳو ته هوءَ پڇڻ
لڳس: ڪاٿي آ مڇي؟ بنا نهارڻ جي چيائين: ”تون“
سيٽجي بيهي رهي. ته پوئتي ڪنڌ ڦيري نهاريندي چوڻ
لڳس:
”سمنڊ توکي ڏسي ڦٿڪي پيو!.....“
سمنڊ ڏانهن نهاري وائڙائپ مان چوڻ لڳس: ”ڇو؟.....“
مرڪندو اڳتي وڌڻ لڳو ته هوءَ تڪڙيون وِکون کڻندي
آڏو اچي بيٺس ۽ پڇڻ لڳس:
”ٻڌاءِ نه؟ سمنڊ ڇو ٿو ڦٿڪي؟“
ته هو سندس هر وقت سوچيندڙ، پريشان ۽ حيران اکين ۾
نهاريندي مرڪي چوڻ لڳس: ”سمنڊ جي مڇي جو آهين.“
”مان؟...“ سيٽجي وئي.
”ها، هُو ڏس!....“ سمنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳس:
”سمنڊ جون لهرون.......“
”هُوءَ سمنڊ ڏانهن نهارڻ لڳي ته ٻانهن جي ڪرائيءَ
کان وٺي سٽ ڏيندي اوچتو رڙڪيائين ڀڄ!.....“
ڇوڪري ڇرڪجي پوئتي ٿي وئي ته کلندي چوڻ لڳس:
”توکي پنهنجي مڇي سمجهي کڻڻ پيون اچنين.“
هُوءَ پنهنجي ڇرڪجڻ تي لڄي ٿي مرڪڻ لڳي. ته چوڻ
لڳس.
”زندگي به سمنڊ آهي، جنهن جي لهرن تي تو پاڻ کي
سونهري مڇيءَ جيان ڇڏي ڏنو آهي. ترڻ سک ڪم
ايندئي.“
هُوءَ ٿڌو ساهه کڻي آهستي آهستي هلڻ لڳي ۽ چوڻ
لڳي:
”الائي.....مون کي ڍنگ ڪونهي. الائي زندگي ايتري
ڏکي آهي جو مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي. مان ٿڪجي پئي
آهيان هلندي هلندي.“
”ڪوڙ نسورو ڪوڙ“ ڪوٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهندي چيائين.
هوءَ بيهي رهي: ”ڇو؟.....“
”ڪاوڙجي پوندينءَ.“ ڳجهه مان
ڳالهائڻ لڳس.
”نه ......“
هن جي ضد ۾ زندگيءَ جي خواهش ۽ ٻاراڻي صاف ظاهر
هئي. بنا نهارڻ جي چوڻ لڳس. ”ميراٿن جي ڇوٽ موڪل
آهي ڇوڪرين کي، باقي جيڪي ڇوڪريون ۽ عورتون
پنهنجي حق جي ڳالهه ڪنديون آهن ته انهن کي چوندو
آهي، اهي ڇوڪريون ۽ عورتون ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ
پنهنجي عزت نيلام ڪنديون آهن.“
”لعنت هجيس…“ هن چئي ڏنو.
مرڪي پيو. چوڻ لڳس: ”پوءِ، تو به ڊوڙ ۾ حصو
ورتو؟.....“
”مان اهڙي ٿي لڳان؟....“
ڊگهو ساهه کڻندي چيائين: ”پاڻ ئي ته چيئي ڊالفين“
چڙي پئي: ”مون زندگيءَ جي ڳالهه ڪئي.“
”مان به زندگي جي ڳالهه پيو ڪريان.“
”زندگي به ميراٿن ڊوڙ آهي ڊالي!.... اسان سڀ مسلسل
ڊوڙندا رهندا آهيون فرق رڳو والن ۽ ميٽرن جو هوندو
آهي. ڪي هڪ ميٽر ڪپڙو پائي پيسا بچائيندا آهن ۽ ڪي
پنج ميٽر پائي عزت بچائيندا آهن.“
هوءَ چِڙ مان ٻانهن کي سيني تي رکي
ڊگهو ساهه کڻي
هلڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”زندگي ڪيڏي ڏکي آهي
نه؟...“
سندس جملو ورجايائين:”زندگي ڪيڏي ڏکي آهي.......“
مرڪندي جملو پورو ڪيائين:
”نه.“
نوٽ:
مرحومه سنڌيا شاهه”سرتيون“ جي ريگيولر ليکڪا هئي،
سندس هيءَ ڪهاڻي ڇپجڻ کان رهجي وئي هئي، جيڪا هن
شماري ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.
(ايڊيٽر)
حسين مسرت
آڪٽوپس
گاڏيءَ
جي اسپيڊ سان گڏ سندس سوچن جي اسپيڊ به وڌندي پئي
وئي. نرمل جون نظرون اسپيڊ جي ڪانٽي کان هٽي
گاڏيءَ جي ونڊو اسڪرين کي ڪراس ڪندي روڊ تي هلڻ
ٿيون لڳن. پر ذهن جي اسڪرين تي گهر جو نقشو ڦري
رهيو اٿس. آفيس جي 5 ماڙ بلڊنگ مان نڪرندي ئي روڊ
تي بيٺل فروٽ واري کان فروٽ وٺي گاڏيءَ جي فرنٽ
سيٽ جي ڀرسان واري خالي سيٽ تي رکڻ مهل هن هڪ نظر
لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ تي وڌي. پهرين شفق جي لالاڻ تي
نظر پوندي هئي ته، ڪجهه نظمن جون، ڪجهه غزلن جون
سٽون سرجي پونديون هيون ۽ هاڻ شفق جي لالاڻ بنا
ڪنهن خوبصورت خيال جي، پنهنجا رنگ ڪوجها ڪري ٿي
ڇڏي ۽ هن کي صرف وقت جي گذرڻ جو احساس ٿئي ٿو. گهر
جلد پهچڻ لاءِ ايڪسيليٽر تي پير جو دٻاءُ وڌي ٿو
وڃي.
تيز هارن تي نرمل جي سوچن جو سلسلو ٽٽي پوي ٿو.
هوءَ ڀرسان گذرندڙ گاڏي ڏانهن غيرارادي طور ڏسي
ٿي. ڪجهه نوجوان پنهنجي ويگو گاڏي نرمل جي گاڏيءَ
جي ويجهو ڪري تيز هارن ڏئي هن کي متوجه ڪن ٿا.
حالانڪه ڪشادي روڊ تي ڪراس ڪرڻ لاءِ کوڙ جاءِ پئي
هئي، پر هنن خوامخواهه پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ پئي
چاهيو. نرمل گاڏي جي اسپيڊ گهٽائي ۽ نه چاهيندي به
هنن کي جاءِ ڏني. پهرين نرمل کي اهڙين ڳالهين ۽
روين تي ڪاوڙ ايندي هئي. پر هاڻ هوءَ سمجهي ويئي
هئي ته ڊرائيونگ سيٽ تي اڪيلي ڇوڪري ڏسي عام طور
تي مرد تيز هارن ڏيئي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائڻ ۽
ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چوراهي تي سگنل جي
ڳاڙهي بتي ٻري رهي هئي. گاڏي بيهاري هن سامهون
رکيل موبائل ۾ ٽائيم ڏٺو ۽ ان سان گڏ
Missed Call Log
تي به نظر وڌي. ٻه ڪالزسس جون، 3 ڪالز هسبينڊ آفاق
جون، هڪ مسيج امان جو. امان کي خبر هوندي آهي ته
هن ٽائيم تي نرمل آفيس مان واپسيءَ وقت ڊرائيونگ
ڪندي آهي انڪري هو ڪال نه ڪندي آهي. نرمل سگنل گرين ٿيندي ئي گاڏي اڳيان
وڌائي. چند سيڪنڊن اندر ائين لڳو ڄڻ گاڏين جو
سيلاب اچي ويو هجي. هر گاڏي اڳتي وڌڻ لڳي.
نرمل جي ذهن تي گهر جي ڪمن جي لسٽ ڦرڻ لڳي. روم جي
صفائيءَ کان وٺي رات جي ماني تيار ڪرڻ، ٻارن جا
ڪپڙا استري ڪرڻ تائين. سڀ ڪم ڄڻ ته گهڙيال جي
ڪانٽن جيان سرانجام ڏيڻا پوندا آهن، بنا ساهي ۽
بنا ڪنهن بريڪ جي.
ائين محسوس
ٿيندو آهي ڄڻ ته، گهر جا ڀاتي ۽ سماج هن کي
علاءُالدين جي چراغ ۾ قيد ڪو جن سمجهندا هجن. جنهن
کي صرف ”ڇا حڪم آهي منهنجا آقا“ چئي هر حال ۾ ڏسيل
ڪم سرانجام ڏيڻ جي عادت هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن نرمل
کي محسوس ٿيندو هو،ته هوءَ پنهنجي سگهه ۽ پهچ کان
وڌيڪ محنت ڪري ٿي، پر گهروارن جون توقعات اڃا وڌيڪ
ٿينديون پيون وڃن.
شايد هر ورڪنگ وومن هڪ ئي وقت ۾ ٻه نوڪريون ۽ اور
ٽائيم ڪري ٿي.هڪ
Paid Service
۽ ٻي
Non Paid Service
۽ اوور ٽائيم اهو آهي جنهن ۾ ڪنهن جون تيز ۽ خاموش
نظرون گهائينديون رهنديون آهن ۽ اڻ سڌي طرح چيل
ڳالهيون ذهني طرح عورتن کي تباهه ڪنديون آهن.
نرمل جي سوچن جي اڏام هن جي گاڏيءَ جي اسپيڊ کان
گهڻو تکي هئي. سوچن جي ته ڪائي منزل ناهي ٿيندي.
سوچون بنا منزل جي ڊوڙنديون ڀڄنديون رهنديون آهن
سوچن کي نه ڪو اسپيڊ بريڪر ۽ نه ئي ڪو سگنل روڪي
سگهي ٿو. نرمل گهر جي ويجهو پهچي رهي هئي. گاڏيءَ
جي اسپيڊ گهٽائي هن بريڪ تي آهستي آهستي پير جو
دٻاءُ وڌايو. گاڏيءَ کي گيٽ جي سامهون بيهاري،
گاڏيءَ جو دروازو کولي ٻاهر نڪتي ته گهٽيءَ ۾
ڪرڪيٽ کيڏندڙ ٻارن جو اڇلايل بال سندس پيرين جي
ويجهو زور سان اچي ڪريو. ڪجهه ٻار ٽهڪ ڏيندا پري
ڀڳا ٻه ٻار همت ڪري اڳيان آيا جلدي سان بال کڻي
ڀڄي ويا ۽ پويان مڙي نرمل کي ڏسڻ لڳا. نرمل گهر جي
دروازي کي کولي اندر آئي. هن کي اڱڻ مان گذرندي سس
ڏسي ٿي ۽ سڏ ڪري چويس ٿي:
”نرمل تنهنجي ماءُ جي ڪال آئي هئي. رياض ٻڌايو آهي
ته اڄ اسان جي سيڻ فهميده، رڳو توکي ۽ ناٺيءَ کي
رات جي مانيءَ تي سڏيو آهي“. رضيه جي انداز ۾
معلومات ڏيڻ سان گڏوگڏ طنز ۽ شڪايت به هئي. نرمل
پنهنجي سس ڏانهن مڙي ڏٺو ۽ ذهن ۾ آيس
Sugar coated poison
(کنڊ ۾ ويڙهيل زهر). شاديءَ جي پنجن سالن ۾ هوءَ
اهڙن لهجن ۽ اهڙن طنزن جي عادي ٿي چڪي هئي.
رضيه کي ڪاوڙ هئي ته سندس سيڻ فهميده صرف پنهنجي
ڌيءُ ۽ ناٺي رياض کي رات جي مانيءَ تي ڇو سڏيو
آهي. نرمل سوچيو ته آخر 5 سالن ۾ سندس مائٽن هنن
جون سوين دعوتون ڪيون هونديون، پر رضيه کي هڪ رات
جي مانيءَ تي به صرف هنن جو وڃڻ بري طرح محسوس ٿي
رهيو هو. آخر مائٽ ڌيءُ جي شاديءَ کان پوءِ به
مسلسل خرچ ڇو ڪندا رهندا آهن. هي ته اهڙو ڪاروبار
آهي جنهن ۾ صرف انويسٽمنٽ ئي انويسٽمنٽ آهي.
دعوتون، تحفا گهڻو ڪجهه ٿيندو رهندو آهي صرف انڪري
ته سندن ڌيءُ کي ڪير ڪجهه نه چئي، پر انهن شين جو
ڪهڙو فائدو، سندس سس ته مهڻن ڏيڻ جو ڪو موقعو
ڇڏيندي ئي نه آهي.
هوءَ ڪجهه چئي نه سگهي
صرف ”جي“ چئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي.
نرمل ڀاڻهين کي ٽائيم ڪونه مليو ڇا جو توکي
وٺڻ اچي! رياض کي اهي ڌمڪيون وڻن ڪونه. تو ته
ان کان پڇيو به ناهي، هاڻ واپس رياض کان پڇي
پوءِ اچجانءِ.
ٻئي ٻار ڪمري ۾ کيڏي رهيا هئا.
پٽ موبائل تي گيم کيڏڻ ۾ مصروف هو ۽ ڌيءُ ثنا نرمل
کي ڏسي، بيڊ تان لهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. نرمل اڳتي
وڌي پرس صوفا تي اڇلائي ڌيءُ کي هنج ۾ کڻي وٺي ٿي.
سندس مڙس رياض ڪمري ۾ داخل ٿيندي چويس ٿو:
”نرمل تون اچي وئي آهين ڇا؟ گاڏيءَ جي چاٻي ته ڏي،
مون کي دوست جي دعوت تي وڃڻو آهي.“
نرمل پنهنجي ڌيءُ کي هنج ۾ کڻندي ڪنڌ ورائي هن طرف
حيران ڪن نظرن سان ڏٺو.
ڇو! تون امان وارن ڏانهن نه هلندين؟
نه! رياض قطعي جواب ڏنو.
تنهنجي امان وارن به اوچتو ٻڌايو آهي. مون کي هڪ
دوست جي دعوت تي وڃڻو آهي. رياض جي لهجي ۾ به لڪل
شڪايت ۽ ڪاوڙ موجود هئي. آخري جملا هن پنهنجي ماءُ
کي ڏسندي چيا جيڪا ڪمري ۾ داخل ٿي رهي هئي. نرمل
پنهنجي ٽن سالن جي ڌيءُ کي هنج مان لاهي بيڊ تي
ويهاريو ۽ صوفي تي ڇڏيل پرس مان گاڏيءَ جي چاٻي
ڪڍي رياض جي هٿ تي رکي ٿي. اها گاڏي جيڪا کيس ڏيج
۾ ملي هئي. شايد بابا اڃا تائين ان گاڏيءَ جي قرض
جون قسطون به ڀري رهيو آهي. هن سوچيو.
”اچي گاڏيءَ کڻي وڃ، پرپوءِ آءٌ امان وارن جي گهر
ڪيئن ويندس؟“
”تون پنهنجي ڀاءُ کي چئه ته اهو توکي وٺي وڃي.“
نرمل جي سس يڪدم وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. ۽ رياض تڪڙو
ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿو وڃي.
رضيه پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوڻ لڳي، نرمل تون
ته ڀلي وڃ، پر اسان لاءِ رات جي ماني ٺاهي پوءِ
وڃجانءِ. اڄ منهنجي ڌيءُ ريحانه به رات جي ماني تي
ٻارن سوڌي اچي رهي آهي.
رضيه پنهنجو فرمان جاري ڪري ڪمري مان وڃي چڪي هئي.
نرمل ساڪت نظرن سان ڪمري جي لڏندڙ پردي کي
گهوريندي رهي ۽ وري هڪ نظر سامهون ڀت تي لڳل
گهڙيال تي وجهي ٿي جنهن ۾ 6:45 ٽائيم نظر اچي ٿو.
نرمل پنهنجو پاڻ کي بيڊ تي ڄڻ اڇلائي ٿي ڇڏي.
ننڍڙي ثنا رڙهي سندس ويجهو اچي ٿي ۽ چوي ٿي، ”مما
بک لڳي آهي.“ نرمل جو دماغ ڄڻ ته ماؤف ٿيڻ ٿو لڳي
ڇت ۾ هلندڙ پکي جيان. ڪم ڪٿان کان شروع ڪريان!نرمل
سوچي ٿي ۽ هن کي ائين ٿو لڳي ته ڪو وڏو آڪٽوپس هن
کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي رهيو آهي.
ڪچن ۾ 10 ماڻهن جي ماني ٺاهڻي آهي. وري ٻارن کي
هوم ورڪ ڪرائڻ کان پوءِ ٻيا ننڍا ننڍا ڪم. ڪمري جي
صفائي، سڀاڻي واري آفيس جي ضروري اسائمنٽ تي ڪم،
ٻن ڪلاڪن ۾ اهي سڀ ڪم ڪيئن ٿيندا! 9 بجي تائين
امان جي گهر وڃڻو آهي. آڪٽوپس نرمل جي وجود کي
پوريءَ طرح جڪڙي رهيو آهي. گهر، گهر جي ڀاتين جا
طنزيه رويا، گهر کان ٻاهر حراسميٽ جا رويا. آڪٽوپس
جا هٿ پير نرمل جي سڄي وجود سان چنبڙي هن جي چوگرد
گهيرو تنگ ڪرڻ ٿا لڳن. نرمل جو ساهه گهٽجڻ ٿو لڳي.
هن جا هٿ پير ڄڻ ته مفلوج ٿيڻ ٿا لڳن. نرمل کي
محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سندس جسم مان سڄو رت ختم ٿي
رهيو آهي. ساهه بند ٿيڻ ٿو لڳيس. هوءَ پنهنجي
سموري قوت گڏ ڪري. زندگي بچائڻ جي آخري ڀرپور ڪوشش
ٿي ڪري. آخر ڪيستائين! آخر ڪيستائين! مرڻ کان
پهرين ته موت قبول نٿي ڪري سگهان! هو پوري طاقت
سان آڪٽوپس کي هٽائي ٿي. پنهنجي زوردار رڙ تي ڇرڪ
ڀري اٿي ٿي پوي. سندس سڄو جسم پگهريل آهي. ٻئي ٻار
پريشان سندس ڀرسان بيٺل هئا. نرمل هميشه پنهنجي
نالي جيان نفيس ۽ نرم مزاج رهي هئي. انڪري سندس
اها ڪيفيت ٻارن لاءِ به نئين ۽ حيران ڪندڙ هئي.
مشين جيان چپ چاپ پنهنجي ڪم ۾ رڌل، اڄ ڪنهن آتش
فشان جيان ٻري رهي هئي. هن آڪٽوپس کي هڪ دفعو ماري
ختم ڪرڻ ۾ ئي منهنجو بچاءُ آهي.نرمل سوچيو. هوءَ
ٽپ ڏئي بيڊ تان اٿي ٿي. پرس مان موبائل ڪڍي ان جي
انٽرنيٽ جي ڊيٽا آن ڪري لوڪيشن جي سائن تي ڪلڪ ڪري
بڪ ڪرائي ٿي. پوءِ ٻارن کي تيار ڪري ٿي ۽ پنهنجو
صرف هڪ سوٽ شاپر ۾ وجهي ڪمري کي جيئن جو تيئن ڇڏي
لائيٽ آف ڪري ٻاهر ٻارن سان نڪري ٿي اچي. سندس
موبائل جي اسڪرين لائيٽ آن ٿئي ٿي. ٽيڪسي جي ڪيپٽن
جو مسيج اچي ٿو ته هو پهچي چڪو آهي.
نرمل ٻاهر نڪري ٿي ته، سندس سس سهرو ۽ نڻانون کيس
حيرت مان ڏسڻ ٿا لڳن.
نرمل ڌيان نٿي ڏئي. نرمل جي سس زور سان چئي ٿي،
”ڇو نرمل ڀاڻهين کي ٽائيم ڪونه مليو ڇا جو توکي
وٺڻ اچي! رياض کي اهي ڌمڪيون وڻن ڪونه. تو ته ان
کان پڇيو به ناهي، هاڻ واپس رياض کان پڇي پوءِ
اچجانءِ“.
نرمل آڪٽوپس کي مارڻ کان پوءِ بي خوف هئي. هوءَ
ٻيڙيون ساڙي اڳتي وڌي رهي هئي. پنهنجي زندگي ۽
وجود جي بچاءَ لاءِ ڪجهه دشمنن کي مارڻو ئي پوندو
آهي.
واپسي لاءِ رستو بچي ٿو يا نه! اهو هن نه سوچيو ۽
نه ئي سوچڻ چاهيو پئي.
بينظير عادل سخيراڻي
غزل
پري ٿي وياسين جو ڌاريا هئاسين،
ساگر جا ڄڻ ڪو ڪنارا هئاسين.
رهي آهه آلاڻ اکين ۾،
مگر پوءِ به ڪيڏا اڃارا هئاسين.
اسان ڏي سريا بي وجهه درد ساٿي،
دردن کي به ڇو پاڻ پيارا هئاسين.
سهارا گهڻا هئا ڇڄي ڌار ٿيا پر،
ويا دور ٿي، بي سهارا هئاسين.
قسمت گهڻو ئي ته سمجهائڻ چاهيو،
نه سمجهي سگهيا جو اشارا هئاسين.
مصري ۽ ماکي اڳ ۾ بڻجي رهياسين،
بڻجي پيا پوءِ ڪسارا هئاسين.
اوهان جي اسان تي نظر پئي ترسي،
”بينظير“ ڪو دلڪش نظارو هئاسين؟!
ڊاڪٽر ريحانه نظير
حادثو
”پشپا جلدي ڪر دير پئي ٿئي، سڄي ڄڃ تيار آهي. هر
هر فون پئي اچي.“ سندس مڙس دليپ چيو.
”ها ها اجهو آئي.“
پشپا اکين ۾ سرمو پائيندي ڀت تي ٽنگيل ننڍڙي ڀڳل
آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو. جيڪو ٻن ٽن هنڌان ڀڳل هئڻ سبب
چهرو صحيح نموني نظر گهٽ ايندو هو. پشپا سوچيو ته
هاڻي نئون آئينو وٺندس ته جيئن صحيح طريقي سان
تيار ٿي سگهان. هن جلدي ۾ لالڙي ۽ سُرخي لڳائي
جيڪي سندس سانوري رنگ تي نشان ٺاهي بيٺيون هيون.
”موهن جا پيءُ ڪيئن پئي لڳان.“
هن رڙ ڪري دليپ کان پڇيو.
”ڀلي... ڀلي پئي لڳين. جلدي ڪر دير پئي ٿئي.“
دليپ اڱڻ تي بيٺل موٽر سائيڪل کي اسٽارٽ ڪرڻ لڳو.
موٽر سائيڪل هلڻ جو آواز ٻڌي ننڍڙو موهن رڙيون ڪرڻ
لڳو.
”مان به بابا چڙهندس.“
”ها بابو، توکي ڇڏي ٿورئي ويندس.“
پشپا لانگ ورائي موٽر بائيڪ تي ويٺي.
”اي ٻڌ موهن جا پيءُ گهٽين مان هلجانءِ جيئن سڀ
ڏسن ته مان موٽر سائيڪل تي گهمي رهي آهيان. اڳتي
هلي ڪچي رستي بدران وڏي روڊ تان هلنداسين. مون کي
وڏي روڊ تي گهمڻ جو ڏاڍو شوق آهي، وڏو چڪر ڏئي
پوءِ شادي تي ٿا هلون.“
”ها... ها.... ٻڌم تون جيئن چوندينءَ تيئن ڪندم بس
نه.“ دليپ هن کي پيار مان ڏسي چيو.
اڄ پشپا ڏاڍي خوش هئي، هن دليپ جي ڪنڌ تي پنهنجي
ٻانهن ورائي رکي ۽ ٻي ٻانهن ۾ موهن کي هنج ۾ سُڪ
جهلي ويٺي هئي.
هو ٻئي گهٽين مان آهستي آهستي گاڏي تي وڃي رهيا
هئا، جيڪو به هنن کي ڏسي پيو اهو خوش پيو ٿئي، ڇو
ته هو ڄاڻن پيا ته ڪيئن پشپا بکون ڪاٽي، ڀرت ڀري،
روڊ جا پٿر ڪٽي پئسا گڏ ڪري موٽر بائيڪ ورتي هئي.
ڳوٺ جون مايون هن کي ڪيڏو سمجهائينديون هيون ته
تون ڪمزور ٿي ويئي آهين، پنهنجي صحت جو به خيال
ڪر! پر پشپا جي ته ڪائنات ئي ڄڻ موٽر بائيڪ هجي.
ها موٽر سائيڪل وٺندس ته وڏي اسپتال مان دوا به
وٺندس. روڊ جا پٿر ڪٽيندي چوندي هئي.
هي روڊ مان پنهنجي لاءِ پئي ٺاهيان. جڏهن هي ٺهي
ويندو ته هن تي مان ئي پهريان بائيڪ تي گهمندس ۽
انهن خيالن ۾ ڪڏهن پٿر ڪُٽڻ وارو مُترڪو سندس پيرن
تي لڳي ويندو هو. ۽ رت نڪري ايندو هوس ته ان مٿان
پاڻي هاري ڇڏيندي هئي.
”ائي پشپا ٻڌ ته سڄو روڊ پنهنجي رت سان ڳاڙهو ڪري
ڇڏيئي.“ دليپ هن جي پير تي پاڻي هاري چوندو هو.
”ها موهن جا پيءُ هي روڊ شاهد هوندو ته هن کي مون
رت ڏئي ٺاهيو آهي.“ پوءِ ٻئي کِلي پوندا هئا ڄڻ
ڪجهه ٿيوئي نه هجي.
”هن کي هيراءِ نه. ائين نه ٿئي جو هي روڊ تنهنجو
رت پيئڻ کانسواءِ هلي ئي نه!“
”ائين نه چئه ڀاڳي!“ هوءَ پنهنجي ساهيڙي ڀاڳي کي
چوندي هئي.
”تون ڏسجانءِ مان هن روڊ تي روز گهمندس، مون کي هي
روڊ ڏاڍو وڻندو آهي.“
هينئر هوءَ ان روڊ تي وڃي رهي هئي، دليپ به ڏاڍو
خوش هو. سڄو ڏينهن پيو بائيڪ اگهندو هو. هو ٻه ٽي
ڏينهن ڳوٺ ۾ گاڏي هلائڻ سکيو، نيٺ هو سکي ويو هو.
پشپا سڄي ٻانهن ۾ چوڙيون پاتيون هيون. ڳاڙهي پڙي ۾
هوءَ ڪنهن ڪنوار وانگر لڳي رهي هئي، سندس چوڙين جي
کن کن ۽ دليپ جي ڪلهي تي رکيل ٻانهن، دليپ تي خمار
چاڙهي ڇڏيا هئا. هن منهن ورائي پشپا کي ڏٺو، سندس
اکين جو ڪجل ۽ ڪنن ۾ پيل والا هن جو من لڀائي رهيا
هئا. هو هر هر منهن ورائي هن کي ڏسي رهيو هو.
الائي ڇو هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو.... اوچتو هن
پشپا جي آواز تي ڇِرڪ ڀريو.
”تون وڏو ٿيندي ته مان توکي وڏي موٽر وٺي ڏيندس.
پوءِ تون مون کي وڏي روڊ تي گهمائجانءِ.“ پشپا
موهن کي چمي ڏيندي چيو.
”اڙي مون کي ڇڏي وڏي موٽر تي ويندينءَ ڇا؟“ دليپ
گاڏي هلائيندي چيو.
”هي موٽر ڪار ۾ پنهنجي جوءِ کي گهمائيندو يا
توکي.“ دليپ ٽهڪ ڏئي چيو.
”ها موهن، تون مون کي نه گهمائيندي.“ پشپا موهن کي
ڏٺو. موهن هنن ٻنهي کي کِلندي ڏسي پاڻ به کِلي
رهيو هو.
”ائين نه ڪجانءِ نه ته مان مري ويندي مانءِ.“
”مرن تنهنجا دشمن مان توکي موٽر ۾ چاڙهي هن کان به
وڏي روڊ تي گهمائيندس.“ دليپ جيئن ئي ڪنڌ ورائي هن
کي ڏٺو، تيئن سامهون تيز رفتار ڪوسٽر هنن جي موٽر
سائيڪل کي ٽڪر هنيو. سڀ روڊ تي ڪِري پيا.
ڪوسٽر واري تيزيءَ سان بريڪ لڳائي. سڀ مسافر ڇِرڪي
ويا ۽ سڀئي جلدي جلدي روڊ تي لٿا. دليپ کي جڏهن
هوش آيو ته سامهون موهن رڙيون ڪري رهيو هو، هن کان
رت وهي رهيو هو. ڪجهه مفاصلي تي پشپا روڊ تي پئي،
سندس اکيون حيرت ۽ حسرت وچان کليون پيون هيون.
سڀني هن کي سڏ ڪيا. دليپ سندس مٿو کڻي هنج ۾ رکيو،
هو روئي روئي هن کي سڏي رهيو هو. پشپا! ديوي!
ديوي... پر ڪوبه جواب نه مليس. ڪابه حرڪت ڪانه ٿي.
ايتري تائين جو هن جي منهن تي پاڻي هاريو ويو. هڪ
عورت هن جي سيني تي پمپ ڪرڻ لڳي ته من ساهه کڻي.
پوءِ هن کي کڻي ڪوسٽر جي سيٽ تي سمهاري اسپتال وڃڻ
لڳا. واٽ تي دليپ گهڻيون ئي رڙيون ۽ سڏ واڪا ڪيا،
پر ڪجهه نه وريو!
هن روئندڙ موهن کي پشپا جي سيني تي سمهاريو ته
موهن رڙيون ڪرڻ لڳو، امان امان امان... ته پشپا جي
جسم ۾ حرڪت آئي دليپ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو، پر وري
جسم ساڪت ٿي ويو. اسپتال پهچي دليپ ٻانهن ۾ هڏڙن
جهڙي پشپا کي کڻي اسپتال اندر ڀڄڻ لڳو. موهن ان
پٺيان رڙيون ڪندو پئي ويو. ڊاڪٽر هن کي اسٽڪچر تي
رکي چيڪ ڪيو، پر پشپا جو ساهه ته موهن جي رڙين مهل
ئي پرواز ڪري ويو هو. هوءَ سڄي رت ۾ ڳاڙهي
هئي. آهستي آهستي سڀ هليا ويا. دليپ سامهون رکيل
بئنچ تي اوڪڙو ويٺو کيس تڪي رهيو هو. هيءَ سندس
پشپا ئي هئي جيڪا ڪجهه گهڙيون پهرين هن جي زندگي
هئي. هن جي پيرن ۾ موهن سڏي سڏي ٿڪجي پيو هو.
سامهون هڪ ڊاڪٽر ٻئي کان پڇيو: ”ڇا جو ڪيس آهي؟“
”حادثي جو.“
هو مريض مري ويو آهي، ها اهو روز جو معمول آهي.
ٻئي کِلندا ٻاهر هليا ويا. ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي!
دليپ آهستي آهستي اُٿيو ۽ پشپا کي ٻانهن تي کڻي
اسپتال مان ٻاهر نڪري آيو. سامهون اهو وڏو روڊ هو...
دليپ ٻانهن ۾ جهليل پشپا کي ڏٺو پوءِ روڊ ڏانهن
نهارڻ لڳو! |