سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ  2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

             سوچ ويچار

مستقبل انهن جو آهي جيڪي پنهنجي خوا بن جي سونهن تي يقين رکن ٿا.

سرتيون جولاءِ 2019ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، هن شماري ۾ اسان ڪيترائي رنگ ڀريا آهن، جن کي ڏسي پسي پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندا. اوهان پڙهندڙن/لکندڙن جي سهڪار جو نتيجو آهي جو رسالو گذريل 29 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو رهي ٿو. اوهان جي تجويزن، تنقيدن ۽ صلاحن جي آجيان ڪئي ويندي.

”هولارام هنس پنهنجي ڪتاب ساهتيه ۽ ساهتيڪار ۾ ميري جي واتان چورائن ٿا ته ”عالى اديب هميشه آشا وادي آهي، هو آس ۽ اُميد، آشا ۽ اتساهه جو پلڙو نٿو ڇڏي، هو ڪڏهن به اُميدن جي ڏيئن کي وسامڻ نٿو ڏئي. آمريڪا جي عالي اديب والٽ وٽمن لاءِ چوندا آهن، هن پنهنجي ڪويتائن جو پهريون ڪتاب ”آزاد نظم“ ۾ لکيو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪيترا ڪوي، ’آزاد نظم‘ کي ڪويتا ڪري ڪونه ليکيندا هئا. هن صاحب پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ جي سڳنڌ ڪويتا ۾ ڀري هئي، ڪن پبلشرس کي ڏيکاري، پر ڪوبه پبلشر هن جي ڪويتائن جي ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ تيار نه هو، هن صاحب همٿ نه هاري، پنهنجن پئسن سان ڪتاب شايع ڪرايو، ڪيترن شاعرن کي هن، اُن ڪتاب جي ڪاپي موڪلي، ڪيترن هن کي همٿايو ته نه، پر پاڻ هن جو ڪتاب ڦاڙي ڦٽي ڪرايائون. تڏهن به هن آس جو پلاند نه ڇڏيو، لکندو رهيو، لکندو رهيو ۽ اُن ساڳي ڪتاب ۾ نوان نوان نظم ڀري اُن ساڳي ڪتاب کي وري وري ڇپائيندو رهيو. هن اُن ڪويتا جي ڪتاب ۾ آمريڪن تهذيب جي هر رنگ، اُمنگ، رنگ ۽ ترنگ کي اُجاگر ڪيو آهي، ڪن عالي اديبن  ۽ ڪاملن جو آخر ڌيان ڇڪيو. اڄ والٽ وٽمن آمريڪا جو عظيم شاعر ٿو ليکيو وڃي. جيئن اسين شيڪسپيئر کي ۽ اوهين مها ڪوي ڪاليداس ۽ شاهه لطيف کي عظيم قلمڪار ڪري ٿا ليکيو ۽ انهن مان پريرڻا جو سرچشمو ٿا حاصل ڪريو، تيئن آمريڪا واراوالٽ وٽمن مان حاصل ڪن ٿا“.

جڏهن به ٿڪاوٽ يا مايوسيءَ جو احساس ٿيندو آهي ته مان دنيا جي عظيم انسانن جي زندگين بابت پڙهي حوصلو حاصل ڪندي آهيان، اهوئي سبب آهي جو ايڊيٽرشپ جو اوڻٽيهن سالن جو سفر نهايت ئي سچائي، ايمانداري، بردباري ۽ فرض شناسيءَ سان نڀائيندي رهي آهيان. اهو به واضح ڪندي هلان ته اهي سڀ مرحلا طئه ڪرڻ ۾ ڀلي منهنجو ڪو ڪمال نه هجي، پر محنت ۽ صبر جو دامن هٿ مان وڃڻ نه ڏنو آهي ۽ عورت کي وڌيڪ محنت انڪري به ڪرڻي پوي ٿي جو اڃا تائين دنيا جهان جو سماج، عورت کي آزاد فرد جي حيثيت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جا هزارين مثال آهن. پر عورت ڏهوڻي محنت ڪري پنهنجي وجود کي مڃرايو آهي ۽ ڪنهن حد تائين عورت، پنهنجي زندگيءَ جا بنيادي حق حاصل ڪري سگهي آهي، پوءِ به ميجارٽيءَ ۾ عورت اڄ به پسمانده آهي ۽ زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جيئن تعليم ۽ روزگار کان وانجهيل آهي.

اهڙي سماج ۾ جتي عورت کي لکڻ، پڙهڻ ۽ پاڻ مڃرائڻ جي آزادي نه هجي، اتي عورتن جي لکڻين تي آڌاريل هي ’سرتيون‘ رسالي جو 29 سال يعني ٽن ڏهاڪن جي تاريخ جوڙڻ ۾ منهنجي رات ڏينهن جي محنت ۽ ليکڪن/ليکڪائن جو سهڪار وڏي معنيٰ رکي ٿو.

وري به سڀني قلمڪار ساٿياڻين ۽ ساٿين جي ٿورائتي آهيان جن پنهنجي لفظن جون مالائون پوئي ’سرتيون‘ کي ارپيون ۽ سندن لکڻين جي سرهاڻ هند سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. منهنجي به ڪوشش آهي ته رسالي کي وڌ کان وڌ خوبصورت ۽ لاڀائتو بڻائجي.

The future belongs to those who believes in the beauty of their dreams. E.Roosevelt.

گلبدن جاويد

 

 

 

 

رخسانه ”رخ“ سومرو

 

چانڊوڪيءَ جا ميڙي گل

 

چانڊوڪيءَ جا ميڙي گل،

پاراءِ اچي ٻسن ڪنن ۾ ڦل.

وارن ۾ ڳت موتئي مالائون،

ٽانڊاڻن هار پاراءِ اچي ڳل.

ڪعبي جي هر ڦيري جي دعا،

پيار پنهنجو امر رهي شل.

ڇو آڌيءَ ويل آيو آن؟

سور تولاءِ ڇو ناهي مهل.

گهڻا ڏينهن گذري ويا هن،

آءٌ پيار ڪيان تنهنجي ٽهل.

پيار آغوش ۾ ڇا ٻڌايان،

ڪيئن گذري ويا پوپٽ پل.

دل تنهنجي پيرن ۾ ليٿڙي،

تو هاڻ هلان ٿو چوڻ مهل.

اڪيلي رڻ راهون اڳيان ”رخ“،

نڪتا سڀ سهارا واريءَ ٺل.

معاف ڪر مدايون منهنجون،

يار ڪهڙي ٿي آمون کان ڀل.

* * *

گل نرگس

اڄ واٽ ويندي

جڏهن گلن واري ڇوڪري

گل نرگس جو گلدستو

اکين آڏو جهليو

تنهن پل اوچتو!

گل نرگس جي پنن کي

 

بي مهر واءُ جو جهوٽو

وکيري ويو.

پنهنجي ڏانڊيءَ مان ڇني ويو

گل نرگس ٻاڪڙ ڪري روئي ڏنو.

اداسيءَ جو اهو

دل ڏاريندڙ منظر ڏسي

درد جا ڪيترائي پل

اکين ۾ اوتجي ويا.

تنهنجا اگرا لفظ

بي رحم واءُ وانگر

دل تي ڌوڪي پيا.

۽ لڙڪ، گل نرگس جي

پنن وانگر

اکين جي ڏور ڇني

ڳلن تي وکري ويا.

فراق درد جا پل

وڻ ويڙهي وانگر

وڪوڙي ويا

اکين ۾ ڪنڊن وانگر چڀي ويا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org