سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:50 

ڪڏهن ڪو توهان سان سمورين سچائين سميت پيار ڪري ان جو قدر ڪريو

 

 

 

حسينه ساند

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

اُهوئي ساڳيو جيڪو شاعريءَ ۾ سڃاڻپ بڻيو حسينه ساند.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

پهرين آگسٽ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

منهنجو خوبصورت ڳوٺ قادر بخش ساند جيڪو ٺارو شاهه جي ڀر ۾ آهي. جتان جي هوائن جي سڳنڌ اڄ به منهنجي ساهه ۾ سمايل آهي.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

منهنجي ساڃاهه، ۽ مُنهنجي علمي ادبي پرورش ڪرڻ وارو، هوائن وارو شهر ميرپورخاص.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

دل جو شهر ميرپورخاص ۽ منهنجي ذهن ۽ منهنجي سوچ جو شهر ڄام شورو.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

هر اُهو شهر جتي خلوص جي ڪمي ۽ محبت جي روشني نه هُجي.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

هر اُهو پهريون سڏڪو ڀاسندو آهي جيڪو پنهنجن پيارن کان ملي يا اُنهن جي روين مان ظاهر ٿئي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

ننڍپڻ جا ڏينهڙا، جيڪي ڀرپور مرڪندي گذريا ۽ پوءِ وسري ويا.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

هڪ پياري شخصيت ۽ شفيق پيءُ جي اڱڻ تي جنم وٺڻ، يا وري منهنجي پنهنجي وجود مان روشني طلوع ٿي، منهنجي پٽ اسفنديار جو جنم.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي محبتي ۽ دل گهرين دوستن سان ڪچهريون جيڪي ڄام شوري جي هوائن ۾ گذريون جي وساري نه وسرن.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

اُهي ڏينهن اُهي شينهن.

12.       وڻندڙ موسم؟

جڏهن اندر جي موسم خوشگوار هُجي ته هر موسم رم جهم ڀاسندي آهي.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

هر اُهو ڏينهن جيڪو پيار جي پاڇي ۾ گذري، يا اسفنديار ۽ زرياب جي ڀر ۾ گذري.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

ڪوبه نه؟ البته، رات جو هر پهر وڻندو آهي.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

شفق جو پيلو رنگ يا سمنڊ ڪناري ويهي دور هليو وڃڻ.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ننڍپڻ جو هر زاويو ستن رنگن جو هوندو آهي. جنهن ۾ کوڙ ڏنگايون به هيون.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه اهڙي خاص نه! جنهن کي قابل ذڪر سمجهجي.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ڪابه خواهش اهڙي نه، جنهن جي نه هجڻ جو غم ستائي.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه اهڙو نه جيڪو پني تي اُتارجي.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

گهر ۾ وڏي ڀيڻ هجڻ جي ناتي ڪنهن احساس تي سوچيو ئي نه.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

جيڪو ڏٺو سو پورو ٿيو.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

هر پل پيار وارو.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ڏور ٿيندا وَڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃان ٿو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

تلسی ایسی پریت نہ کر، جیسے لمبی کھجور،

دھوپ لگے تو چھاؤں نہیں، بھوک لگے تو پھل دور۔

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

چهري مان ظاهر ٿي پوڻ يا لڙڪن جو ڇلڪي پوڻ.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

اکين ۾ انڊلٺي رنگن جو لهڻ ۽ چهري جو گلابي ٿي پوڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو آخري پهر، يا اُهو ويلو جنهن جي خبر صبح جو تارو ڏئي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

جڏهن هَر ماڻهو ٻيو لڳي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

تڏهن اڃان به وڌيڪ ٿيندو آهي جڏهن چئني پاسن کان روشنيون هُجن.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

جيڪا گذري سان خوب گذري، جيڪا ايندي سا خوب تر هوندي.

31.       خالي رستن جا احساس؟

اُهي دوست ياد اچن ٿا، جيڪي احساس باقي ڇڏي ويا.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

ڪا ديوار نه هُجي، پوءِ به رستو نه ملي.

33.      دوستي؟

اُهو جذبو، جنهن کي لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهجي.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

اڄ ڪلهه اياز مرهم آهه مهانگي ۽ گهاوَ منهنجا ڏاڍا پراڻا.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دشمنن جي پٿر ۾ اُهوئي هڪ گُل ڀاري رهيو اياز،

36.      پيار؟

اهڙو جذبو جنهن کي لفظن جي پيماني ۾ ماپي نٿو سگهجي.

37.      عشق؟

اناالحق.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

اوچتو اکين مان عيان ٿي پوڻ.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پيار جي پنهنجي زبان هوندي آهي. جيڪا اظهار جي محتاج ناهي هوندي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

پنهنجي محبوب دوستن جو ڀرپور ساٿ جيڪو اڃا تائين ساڳيو ۽ اڳي کان اڳرو.

42.      پهرين مڃتا؟

اهڙن ماڻهن جي ٿڦڪي جيڪي گهڻو ڪجهه هوندي به پاڻ کي ڪجهه نه سمجهن.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جيڪا اجائي ۽ اصلاح کان خالي هجي.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

غزل، جا هميشه تنبوري جي تارن جيان منهنجي مَن کي ڇيڙيندي رهي ٿي.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

جڏهن اُهو احساس جاڳيو ته ڪنهن جي درد تي لکجي.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعريءَ جي دنيا ۾ ٿوري گهڻي شموليت.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

وَقت جيڪو سڀ ڪجهه سيکاري ٿو ڇڏي.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

اُها جيڪا دل کي لڳي ۽ سچ تي مبني هجي.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن وٽ عشق جون اوٽون به آهن ۽ روح جون رمزون به آهن.

50.      پسنديده نثر نگار؟

خليل جبران.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

بيدل مسرور.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

جيڏو جيون اهڙو جيون ساٿي.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

آلي مٽيءَ مان اُٿندڙ خوشبوءِ.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

پهرئين پيار جو رنگ جيڪو مينديءَ جي رنگن جيان چٽو ۽ نمايان هوندو آهي.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

ڪنهن جي اکين جي لالائي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

منهنجا پٽڙا اسفند ۽ زرياب.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

ڏاڍي ڏکي لهي.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

اُن جي شخصيت ۽ ڌيمو لهجو.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

منافقي ۽ ڪوڙ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

جلديءَ ۾ اعتبار ڪري ويهڻ.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

زبانن تي تالا، تخيل تي تالا. لڇڻ کان به وياسين ڪڇڻ کان به وياسين.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

پيار ۾ ويساهه گهاتي.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

هيڪل هُوري لال ڪٽوري، ٻيجهڙ آهي، جيءَ جي جهوري.

64.      نفرت؟

هَر اُن ماڻهوءَ کان جيڪو ڪنهن جو احسان وساري.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

جيڪو پنهنجي ڪيئي تي پڇتائي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

منهنجي نظر ۾ جذبو، جيڪو اڪثر عقل تي ڀاري رهي ٿو.

67.      عقيدو؟

الست بربکم جڏهن ڪن پيوم، قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم.

68.      عبادت؟

جنهن ۾ تون ئي تون جي تنوار هُجي.

69.      وقت؟

وقت جيڪو هٿ ۾ ئي نه اچي.

70.      موت؟

ابدي آرام

71.       زندگي؟

هڪ خوبصورت پَلُ، جو پَل ۾ اڏامي وڃي.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن شريف ۽ شاهه جو رسالو.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

اجازت.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

حضرت سچل سرمست.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

هوش محمد شيدي.

76.      سياست؟

سچ کان علاوه سڀ ڪجهه.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

اُهو جيڪو اُڃ اُجهائي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

جيڪا ڪوڙ کي وائکو ڪري.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

جنهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي.

81.       پسنديده اداڪاره؟

سڪينه سمون، سميتا پاٽل.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

جيڪا وقت تي ملي وڃي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

يار کو ہم نے جابجا  ديکها،

 کبهی ظاهر کبهی چهپا ديکها۔

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سنڌي ماڻهن جو هڪٻئي سان مخلص هجڻ جو خواب.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

حال کي خوشحال بڻائجي، مستقبل پاڻهي ٺهي پوندو.

86.              ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

عمران لگیاں پباں پار۔

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

انتظاري، بيقراري، آهه زاري.

88.      آزادي؟

اُها جنهن ۾ سولائيءَ سان ساهه کڻي سگهجي.

89.      ڇڙواڳي؟

اخلاقي قدرن جي لتاڙ.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

ايمان جو هڪ حصو.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

هُن ڏوهه ڪياهن، مون ڏنڊ ڀريا آهن.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

رشتن ۾ ويساهه گهاتي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪنهن به لمحي منهنجي رويي سان ڪو دکي ٿئي.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تمام گهڻو، پر پير پٿاري ويهي به نه رهجي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

زندگي خود هڪ ڪڙو سچ آهي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

تمام خوبصورتين ۽ بدصورتين سان گڏ زنده رهڻ.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

جيڪا هاڻي آهيان، سان ئي ٿيڻ پسند ڪندس.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

ڪوڙ ڳالهائڻ تي.

100.  پيغام؟

قدرت جو وڏو احسان، جيڪڏهن ڪو توهان سان سمورين سچائين سميت ڀرپور پيار ڪري ٿو، اُن کي سنڀاليو اُن پيار جو قدر ڪريو.

 

سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو نظارو وڻندو آهي

 

 

 

 

 

 

غزاله چنڙ

 

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

غزالا.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

پهرئين آگسٽ1981ع.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

نواب شاهه ۾

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ڪراچي

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڪراچي

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

شهر سڀ ئي سٺا آهن.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

يونيورسٽي جي پهرين ٽرم ۾ ٿرڊ پوزيشن ۽ سيڪنڊ ٽرم ۾ استاد فيل ڪيو اهو منهنجي زندگيءَ جو وڏو ڏک هو.

8.            زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

--------

9.            زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

سول انجنيئرنگ جي شعبي ۾ داخلا ملڻ.

10.        زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

منهنجون ڀينر، ڀائر ۽ ماءُ پيءُ طرفان مليل بي انتها پيار. اهي ئي منهنجا دوست آهن. ننڍي ٻار هجڻ جي ڪري گهڻو لاڏ مليو.

11.         موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران برسات ۾ سهيلين سان گڏ پڪوڙا کائڻ ۽ مينهن ۾ پُسڻ.

12.        وڻندڙ موسم؟

سيارو

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

ڇنڇر

14.        ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

رات جو ڏهين کان پوءِ وارو ٽائيم جيڪو منهنجو پنهنجو هوندو آهي، جنهن ۾ سڀ سمهي رهن پوءِ مون کي سوچڻ سمجهڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو موقعو ملندو.

15.        فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

سمنڊ تي سج جو لهڻ --- سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو نظارو وڻندو آهي.

16.        ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

----------

17.        ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ جو موقعو نه مليو.

18.        ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

دنيا گهمڻ جي خواهش. ٻالڪپڻ کان اڄ تائين موجود آهي.

19.         ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

گهمڻ جو ضد. هڪ دفعو منهنجي ماءُ جي ڀيڻ کي ڇڏڻ وياسين اسٽيشن تي اسلام لاءِ ته اُتي هن سان وڃڻ جو ضد ڪيم. جڏهن ته مون وٽ ڪپڙا وغيره ڪونه هئا، جو اوچتو ضد ڪيم. پر ماسي پاڻ سان گڏ وٺي وئي ۽ اُتي ڪپڙا وٺي سبي پارايائين.

20.        جوانيءَ جو پهريون احساس؟

انجنيئرنگ جي پهرين سال ۾ هيم ته هڪ رشتو آيو ته گهر وارا پاڻ ۾ سوچڻ لڳا ان متعلق، پر جڏهن مون وچ ۾ ڳالهايو ته مان اڃان پڙهان ٿي اهو رشتو نه ڪريو ته امان چيو ته ”تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ جو ٻار آهين.“ پوءِ مان سوچڻ لڳس ته جي ٻار آهيان ته پوءِ منهنجي شادي ڇو ٿي ڪرائي وڃي ۽ جي جوان آهيان ته مون کان راءِ ڇو نٿي ورتي وڃي. نيٺ منهنجي راءِ جو احترام ڪيو ويو.

21.        جوانيءَ جو پهريون خواب؟

منهنجو خواب پاڻ کي هڪ خودمختيار عورت مڃرايان.

22.       جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ دوستن سان چانهه جي ڪوپ تي وڏا ٽهڪ ۽ ڪچهريون اهي سڀ زندگيءَ خوبصورت پل اڄ به ياد آهن.

23.       بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.

24.       دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

--------

25.       ڏک جي اظهار جو طريقو؟

اڪيلي ۾ روئي ڇڏيندي آهيان اهڙيءَ طرح دل جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي.

26.       خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

گهر وارن کي گهرائي دعوت ڪندي آهيان ۽ انهن سان ئي خوشي ملهائڻ ۾ مزو ايندو آهي.

27.       اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو پهر.

28.       اڪيلائيءَ جو احساس؟

جڏهن گهر وارن کان پري هوندي آهيان ته سندن ڪمي محسوس ٿيندي آهي.

29.       تاريڪيءَ جو احساس؟

اخبار پڙهندي عورتن جا تشدد ٿيل فوٽو ڏسي، ظلم جون خبرون پڙهي انڌيري جو احساس وڌي ويندو آهي.

30.       گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

زندگيءَ ۾ الاهي جدوجهد ڪرڻي آهي گهڻا ڪم ڪرڻا آهن. ميار اُها آهي ته وقت ڏاڍي تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ اسان سماج جي بهتريءَ لاءِ اوترو ڪجهه نٿا ڪري سگهون جيترو ڪرڻ کپي.

31.        خالي رستن جا احساس؟

خالي رستا ڀلي ڪيترا به خوبصورت هجن، پر جيڪڏهن ڪو دوست يا همسفر گڏ ناهي ته اهي ڀوائتا ٿي وڃن ٿا.

32.       قد کان اُڀيون ديوارون؟

ڪٽنب طرفان ته انهن ديوارن جو احساس نه رهيو. پر جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته سماج وارن ديوارون کڻڻ شروع ڪيون، پر اسان ايترا ته پراعتماد هئاسين ڇو ته اسان کي ماءُ، پيءُ مضبوط ۽ پراعتماد بڻايو، سو رستي ۾ ايندڙ هر ديوار کي ٽوڙي ڇڏيوسين.

33.       دوستي؟

هڪ خوبصورت رشتو جيڪو زندگيءَ کي ڀرپور ٺاهي ڇڏي ٿو.

34.       هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ويجها دوست مون سان اڃا تائين گڏ آهن باقي جيڪي ويا هليا اهي دوست ئي نه هئا.

35.       دوستن تي ڪا ميار؟

هڪٻئي کي ٽائيم نٿا ڏئي سگهون.

36.       پيار؟

پيار هڪ جذبو آهي جيڪو ڪنهن مخصوص انسان يا مخصوص شيءِ سان منسوب نٿو ڪري سگهجي.

37.       عشق؟

-----

38.       پيار جو بي اختيار اظهار؟

ٻارن کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندي آهيان.

39.       پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

ڇڏي ڏجي.

40.       پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ايئن ممڪن ناهي، پر ان ذميواريءَ جو احساس نه هوندو آهي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي جو ڪنهن کي پنهنجو بڻائي وري رستو مٽائي ڇڏجي.

41.        ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجون ڀينرون رخسانه پريت ۽ ريحانه چنڙ ۽ وڌيڪ بابا احساس ڏياريندو رهندو آهي ته تنهنجو اخبار ۾ نالو ڇو نٿو اچي.

42.       پهرين مڃتا؟

انجنيئرنگ جي انٽري ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن آئي ۽ اخبار ۾ اچانڪ پنهنجو فوٽو ڏٺم جيڪو بابا ڏيکاريو.

43.       ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد هميشه اصلاح جو سبب بڻي آهي انڪري مان پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. جيئن ته ڪجهه ماڻهو مون کي مغرور سمجهندا آهن ان ڪري وڌيڪ Polite ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. پر منهنجا ويجها دوست مون کي سمجهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اها طبيعت مثبت موٽ ڏيندي آهي ڪن جڳهين تي.

44.       فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪمپئرنگ P.T.V تي ۽ سرتيون ۾ ڪهاڻيون لکيون، نثري نظم ۽ مضمون.

45.       فني زندگيءَ جي ابتدا؟

انٽرميڊئيٽ کان پوءِ

46.       سڃاڻپ جو حوالو؟

انجنيئر

47.       سڀ کان وڏو نقاد؟

منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالرحمان چنڙ جيڪو ميٿميٽڪس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اهو صحيح راءِ جو اظهار ڪندو آهي ته تيار ٿيڻ ۾ ڪيئن ٿا لڳو؟ ۽ لکڻ ۾ ڪيتريون غلطيون ڪيون. ايمانداريءَ سان راءِ ڏيندو آهي ۽ غير ضروري تعريف نه ڪندو آهي.

48.       تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جڏهن بابا اسان جي ايڪٽيوزم تي خوش ٿيندو آهي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.

49.       پسنديده شاعر؟

استاد بخاري

50.       پسنديده نثر نگار؟

امر جليل ۽ نور الهديٰ شاهه

51.        راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

صادق فقير ۽ شفيع فقير، راحت فتح علي.

52.       وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

ڪٽنب ۽ دوست

53.       خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

برسات کان پوءِ چيڪي مٽيءَ جي خوشبو

54.               ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جو

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

پرپل، (واڱڻائي)

56.       ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان

57.       چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

جنهن تي به چڙ اچي ان سان اظهار ڪري ڇڏيندي آهيان.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

اخلاق

59.       دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪوڙ، منافقت

60.       پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

جلدي اعتبار اچي ويندو آهي هر ڪنهن جي ڳالهه تي.

61.        پيڙا جو ڪو پل؟

معاشري ۾ عورت جي ٻئي درجي واري حيثيت، پوري دنيا ۾ عورت جي حيثيت ٻئي درجي واري آهي اها ڳالهه پيڙاءُ ڏيندي آهي.

62.       معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ٻارن سان عورتن سان جنسي تشدد

63.       ڪٽنبي زندگي؟

بهتر آهي خاص طور تي ٻاهر نوڪري ڪندڙ عورت کي مائٽن ۽ ساهرن جي سهڪار جي ضرورت پوي ٿي. مان خوش قسمت آهيان جو منهنجي سَسُ ۽ سهرو به تمام گهڻو ساٿ ڏين ٿا. منهنجو گهر وارو نوڪري جي سلسلي ۾ اڪثر پري رهندو آهي پر سندس اخلاقي سهڪار هر وقت مون سان آهي.

64.       نفرت؟

محبت وانگر نفرت به هڪ جذبو آهي جنهن تي انسان جو پنهنجو اختيار نه هوندو آهي، ڪڏهن نفرت محبت ۾ ۽ ڪڏهن محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

ٿي ويندي آهي.

66.       عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل کان ڪم وٺجي ته بهتر آهي.

67.       عقيدو؟

انسانيت تي.

68.       عبادت؟

انسان ذات جي خدمت

69.       وقت؟

---------

70.       موت؟

زندگيءَ ۾ جڏهن معاشري لاءِ ڪو ڪردار ادا نٿو ڪجي ته منهنجي نظر ۾ اهو موت آهي.

71.        زندگي؟

ٻين پاڻ جهڙن انسانن جي آجپي لاءِ ڪيل جدوجهد کي زندگي چئجي ٿو.

72.       هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

ماءُ ناول – مئڪسم گورڪي جو

73.       دل کي ڇهندڙ فلم؟

بول

74.       پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

چي گويرا جي ڊائري.

75.       تاريخ جي پسنديده هستي؟

ايڌي

76.       سياست؟

ڪنهن به معاشري جي بهتري طرف تبديليءَ لاءِ سياست جو هجڻ ضروري آهي.

77.       وڻندڙ سياسي شخصيت؟

بينظير ڀٽو

78.       وڻندڙ مشروب؟

چانهن.

79.       وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش ۽ ڊان

80.       وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

هم ٽي وي

81.        پسنديده اداڪار؟

وديا بالن

82.       سواري جيڪا پسند هجي؟

ڏينهن جو سفر ٽرين ۾،

83.       خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

خوابن ۾ مان اڪثر ڪري پاڻ کي مختلف ملڪن ۾ ڏسندي آهيان.

84.       خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

مون کي شوق هو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو جيڪو پورو نه ٿيو. پر اهڙيون ڪهاڻيون به ڪونه پيون لکجن جيڪو اسان جي آئيڊيالاجي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت کي بااختيار ڏيکاريو وڃي.

85.       مستقبل جي باري ۾ پلان؟

منهنجو پلان ته اهو آهي ته سرڪاري نوڪري نه ڪرڻي پوي ته سياسي ۽ سماجي خدمتن ۽ جدوجهد ۾ زندگي گذاريان.

86.       ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ننڍيون ننڍيون ناڪاميون هونديون، پر انهن کي ياد نه رکيو.

87.       خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

جڏهن اسان جي سماج جون ڇوڪريون ۽ عورتون بي خوف ٿي اعتماد ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارين.

88.       آزادي؟

بي خوف، پر اعتماد ٿي زندگي گذاري.

89.       ڇڙواڳي؟

مان مڃان ئي نٿي- جڏهن آزاديءَ تي يقين رکون ٿا ته پوءِ ڇڙواڳي ڪا معنيٰ نٿي رکي ان وقت تائين جو اوهان جي ذات ڪنهن ٻئي کي تڪليف ڏئي.

90.       ڌرتيءَ سان پيار؟

مان سرحدن جي قائل ناهيان. پوري جهان جي ڌرتي منهنجي ڌرتي آهي ۽ سڀ انسانيت جا دشمن منهنجا دشمن آهن ۽ دنيا جي هر مظلوم سان گڏ آهيان. ظلم دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ تي ٿيندو هجي مان مذمت ڪريان ٿي.

91.        زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.       انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي

93.       انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

بي رُخي

94.       پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

سست آهيان، ننڊ ڪمزوري آهي.

95.       تقدير تي ويساهه؟

مان هميشه پنهنجي ڪوشش ۽ تدبير تي ويساهه ڪيو آهي.

96.       زندگي جو ڪڙو سچ؟

جنسي متڀيد، جنهن کي زندگيءَ جي وک وک تي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

97.       زندگيءَ جو اعتراف؟

زندگيءَ جو گهڻو ٽائيم پنهنجي تعليم ۽ نوڪريءَ جي تلاش ۾ گذري ويو ۽ سوسائٽيءَ لاءِ جيترو ڪم ڪجي ها اوترو ڪري نه سگهيا آهيون.

98.       ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

جيڪڏهن ٻيو جنم ملي وڃي ته سياسي سماجي ڪم ڪنديس.

99.       ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن ڪير غير ضروري ۽ گهڻو ڳالهائي يا ڊيگهه ڪري ته چڙ ايندي آهي.

100.    پيغام؟

اسان جهڙيءَ طرح هڪ ترقي پذير ملڪ ۾ رهون ٿا اتي اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان سڀ عورتون توڙي مرد ملي ڪري جدوجهد ڪيون ۽ هڪٻئي جي سهڪار سان پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ملي قدم کڻون. ان ڳالهه کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ملڪ جي اڌ آبادي کي پنهنجو ماتحت سمجهي اسان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org