خوبصورت گهر ۽ خاندان جو پيار زندگي جي مهرباني
آهن
شگفته شاهه
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
شگفته ۽ شِگي، شِگني، شِگنا (مختلف مائٽن جا مختلف
پيار جا ڏنل نالا).
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
24- اپريل 1965ع مون ڪڏهن به سال لڪائڻ جي ڪوشش نه
ڪئي ۽ ڄم جو سال اڳ ۾ ئي ڪيترن انٽرويوز ۾ رڪارڊ
تي آهي.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
حيدرآباد.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
ڪراچي (ڄڻ سنڌ کان ڌار هجي/ ڪيو ويو)
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
ڪلاس
II
۾ فيورٽ ٽيچر فريده قاضي جو جاب ڇڏي وڃڻ.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
ساڳي ڪلاس ۾ ساڳي ٽيچر جي پيار ۽ توجهه سبب هميشه
فرسٽ اچڻ.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
خوبصورت گهر ۽ خاندان جو پيار.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
پنهنجي ٽيچر مِس فريده قاضيءَ سان.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
ننڍپڻ ۾ برسات جي موسم.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار، پن ڇڻ جي موسم، (سياري کان اڳ جي).
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
ڇنڇر، ان لاءِ ته اهو
Week end
هوندو آهي.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
سج غروب ٿيڻ جو وقت.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
سج غروب ٿيڻ جو نظارو.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ ۾ جڏهن به ويندا هئاسين ته هوٽل ۾
رهندا هئاسين، ان هوٽل جي بيري، جنهن جي ڊيوٽي
ڪاريڊور جي ڏاڪڻ وٽ هوندي هئي ۽ ڪڏهن ان کي ڪرسيءَ
تي ويٺي ويٺي ننڊ اچي ويندي هئي ته منهنجو ۽
منهنجي ڀاءُ جو کيس نڪ ۽ منهن تي ڪک هڻي يا ”هائو“
ڪري ڇرڪائي جاڳائڻ.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
مِس فريده جي وڃڻ کان پوءِ وري فرسٽ نه اچي سگهڻ ۽
ڪنهن ٻئي استاد کان اهڙو پيار نه ملڻ.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
الله سائين بنان ڪنهن خواهش جي اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه
ڏنو هو جو ڪا خواهش ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهي.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ڪو خاص نه.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
تعليم بابت خواب.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
ڪاليج ۾ وڏن آسن ۽ اُميدن سان پهريون قدم رکڻ.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
گيت زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڳايم.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي!
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
لڙڪ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
مرڪڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
اڳ ۾ اهو پڇي چڪا آهيو ۽ اڳ ۾ آءٌ ٻڌائي چڪي
آهيان.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
ماڻهن جي وڏي ميڙاڪي ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
جڏهن ڪو منهنجي احساسن کي نه سمجهي.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
اهو ڪجهه ڪري نه سگهيس جيڪو ڪرڻ چاهيم.
31.
خالي رستن جا احساس؟
خوبصورت اُداسي.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
ريتن رسمن ۽ ذات پات جون.
33.
دوستي؟
سگهه ساٿ.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
جنهن سان هڪ ڀيرو دوستي ٿي اهي دوست ڪڏهن به هٿ
ڇڏي نه ويا.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
دوستيءَ ۾ ميار هوندي ئي ناهي، حجت هوندي آهي.
36.
پيار؟
وجود جي سگهه.
37.
عشق؟
روح جي سگهه.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
پيار جو احساس وجود کي وڪوڙي وڃڻ ۽ خوبصورت لفظ
بنجي وڃڻ.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
پِريان سَندي پار جي، مِڙئي، مِٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکين جي چتُ ڪري.
(شاهه)
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
... ته اندر ٽٽي پوي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
ڪنهن به سهاري وٺڻ جي ضرورت نه پئي. قدم وڌايم ته
رستا خودبخود ٺهندا ويا. خوشي اٿم آءٌ ته انهن مان
ناهيان جيڪي پنهنجي خاندان جي اڳين اديبن/ فنڪارن
جو نالو ڪيش ڪرائي اڳتي آيا آهن.
42.
پهرين مڃتا؟
1984ع ۾ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندي هيس، ان دور ۾ ”شاهه
لطيف جي شاعري تصويرن جي آئيني ۾“ عنوان تحت مهراڻ
آرٽس ڪائونسل پاران ڪرايل نمائش ۾ ٽين پوزيشن حاصل
ڪرڻ ۽ ماڻهن کان داد وصول ڪرڻ.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
جيڪا مون تي صرف انڪري ڪئي وئي آهي ته مون آرٽ جي
باقاعدي سکيا نه ورتي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ايم.
اي فائن آرٽس ڪرڻ وارا ڪامياب آرٽسٽ ٿي نه سگهيا
آهن.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
مصوري.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
فني زندگيءَ جي ابتدا، 1984ع ۾ 4 نومبر تي ٿيندڙ
پوري سنڌ جي آرٽسٽن جي گروپ نمائش ”شاهه لطيف جي
شاعري تصويرن جي آئيني ۾“ ۾، حصو وٺڻ سان ٿي.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
مصوري، پوءِ ليکڪه ۽ ريڊيو ڪمپيئر.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
آءٌ خود.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪا واقعي سچي هجي، خوشامد نه.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
50.
پسنديده نثر نگار؟
الطاف شيخ، امر جليل.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
عابده پروين، نصرت فتح علي خان، ٽينا ثاني.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
الله جا احسان.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
Azzaro.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
پن ڇڻ جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
ميرون.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
انسان.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
چئي ڇڏيندي آهيان جيڪو به دل ۾ هجيم پوءِ چڙ لهي
ويندي آهي.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
شخصيت جي گهرائي.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
نفرت، منافقت.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
نرم دلي.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
ماءُ ۽ پيءُ جو وڇوڙو.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
انسانيت جو قتل.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
سک، پناهه گاهه.
64.
نفرت؟
زهر.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جنهن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي وڃي.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
ڪجهه معاملن ۽ عقل ۽ ڪجهه معاملن ۾ جذبو.
67.
عقيدو؟
الله جو ڏَسيل.
68.
عبادت؟
الله جي ياد ۽ بندن سان پيار ۽ انهن جي خدمت.
69.
وقت؟
موٽي نٿو اچي.
70.
موت؟
هر ڪنهن جي آخري منزل، (ڪڏهن ڏکن جو انت ته ڪڏهن
سکن جو انت).
71.
زندگي؟
مشڪل ٿيندي پئي وڃي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
شاهه جو رسالو.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
Art Movies.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ محترمھ بينظير ڀُٽو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت علي رضه (رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن کان پوءِ).
76.
سياست؟
عذاب.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
ذوالفقار علي ڀُٽي کان پوءِ وري ڪو ليڊر پيدا ٿي
نه سگهيو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
چانهه.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڊان.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
Peace T.V.
81.
پسنديده اداڪاره؟
ڪا خاص نه.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ڪار.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ڪوبه نه.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
مصوري جي سکيا نه وٺي سگهڻ.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
پنهنجون ”يادگيريون“ لکي زندگيءَ جي سفر ۾ مليل
ڏکن سکن ۽ واقعن جو اظهار ڪرڻ جو منصوبو آهي، اهو
سلسلو جلد ”سرتيون“ ۾ ئي قسط وار لکندس.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڊرائيونگ جي سکيا وٺڻ ۽ لائسنس هئڻ جي باوجود
ڊرائيونگ نه ڪري سگهڻ.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
هاڻي ڪهڙي خوشيءَ جو انتظار هوندو.
88.
آزادي؟
ٻين جي آزاديءَ جو احترام.
89.
ڇڙواڳي؟
اڄڪلهه جا ٽي. وي چينل ان جو جواب آهن.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
فرض آهي.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
اهڙي ڪا خاص نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
انسانن سان پيار ۽ انهن جي ڪم اچڻ.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
ٻين کي هرٽ ڪرڻ.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
پاڻ تي اعتماد نه هجڻ.
95.
تقدير تي ويساهه؟
آهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
هن سماج ۾ ”عورت“ هئڻ.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
خود زندگي.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
ٻئي جنم جي خواهش نه اٿم.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
پنهنجي ذاتي شين سان ڪنهن جي هٿ چراند.
منهنجي ترتيب ڏنل شين ۾ بي ترتيبي آڻڻ.
ڪنهن جي بنهه ذاتي معاملن ۾ دخل ڏيڻ.
ٻئي جي ٽنگ ڇڪي هيٺ ڪيرائڻ ته جيئن هو اڳتي نه
وڌي.
100.
پيغام؟
سُپَتَ ڀريا سپرين! ڪُپَتَ ڪيمَ ڪريو،
ٿوري گهڻين ڏينهڙي، ماڻهو وڃن مريو،
تيسين قُرب ڪريو، جيسين جيئرا آهيون جهان ۾.
(سرتيون 2008ع) |