مون کي پنهنجي ڌرتيءَ جا شهر، واهڻ وستيون، ڳوٺ
ڳليون وڻن ٿا
نظير قريشي
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
ٻار امان چوندا آهن، مڙس بيگم چوندو آهي، باقي
ننڍي لاءِ خوبصورت هئڻ ڪري ماءُ پيءُ حسن آرا
چوندا هئا.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
جنوري 1951ع.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
ننگر ٺٽو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
پنهنجي جنم ڀومي ٺٽو.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
مون کي پنهنجي ڌرتيءَ جا شهر، واهڻ وستيون، ڳوٺ
ڳليون، سڀ وڻن ٿا.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
بابا جي وفات تي آيل سڏڪو.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
زندگيءَ جي پهرين مرڪ (ڌيءُ ڊاڪٽر شان زهره) جي
ڄمڻ تي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
زندگي خود قدرت طرفان مليل مهرباني آهي.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
حافظ قريشي منهنجي گهر واري جو قرب.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
دل خوش هجي ته هر موسم سٺي لڳندي آهي رڳو گرمي
ڪانه وڻندي آهي.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار جي موسم.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
جنهن ڏينهن مان ڪو سٺو ڪتاب پڙهندي آهيان.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
شام جو پهر وڻندو آهي، جڏهن پکي پکڻ واهيرن ڏانهن
ورندا آهن.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
ڪارونجهر جبل جو نظارو.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ننڍپڻ ۾ سرتين سان قرآن شريف پڙهڻ لاءِ هڪ حافظه
ڏي ويندي هئس، هڪ ڏينهن اسان گڏين جي شاديءَ ڪرائڻ
جو پروگرام رٿيو. انڪري پڙهڻ ڪونه وياسين. منهنجو
ڀاءُ ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتو ۽ پوءِ مان ڏنائين.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
اسان جو هڪڙو ڀاءُ سدائين بيمار رهندو هو ۽ امان
ان سان ڪراچيءَ ۾ علاج خاطر رهيل هوندي هئي. گهر ۾
ناني اسان کي سنڀاليندي هئي، منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون
ته نانيءَ سان ڪونه ڪڇندا هئا، پر مان سوال جواب
ڪندي هئس. انڪري ناني مون سان چيٽ پئجي وئي ۽ مون
کي هر شيءِ کان محروم رکيائين اها محرومي اڃا
تائين هانءُ ڳاريندي آهي.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
خواهش هئي ته سڄي دنيا ڏسان، ڪجهه خواهش پوري ٿي
آهي. ڪجهه اڃا رهيل آهي.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
امان سان انگل ڪندا هئاسين ته سٺا ڪپڙا وٺي ڏي.
خرچي گهڻي ڏي.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
اهو هو ته انسان ذات جي خدمت ڪجي. اسان جي عورت
پيڙيل آهي ان کي آجپو ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪجي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
اسٽيج تي بيهي تقرير ڪيان جيڪو پورو ٿيو.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
خوبصورت پل الاهي آهن. پر شادي ٿيڻ وارو لمحو
خوبصورت هو.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن
سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين
ستي ساهه جاڳي وڃي ڏور ڏور
ستارا لتاڙي اسان جو شعور.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
منهنجو ڪمرو.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
جڏهن به ڪو پروگرام، ڪو جلسو ڪندي آهيان، ته خوشي
ٿيندي آهي.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
سج جو غروب ٿيڻ.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
مون ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس ناهي ڪيو.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
ڪوبه نه.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
اسان مائٽن کي ميار ڏيون ٻيو پاڻ کي ته جيڪا تعليم
حاصل ڪرڻ کپي ها، سا حاصل نه ڪئي.
31.
خالي رستن جا احساس؟
خالي رستا وڻندا آهن. انسان هلندي هلندي ڪجهه سوچي
وٺندو آهي، سڪون جو احساس ٿيندو آهي، پر ويراني
چڱي ناهي.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
قيد بند ٽوڙي نڪتا آهيون ۽ انهن ديوارن کي ڊاهڻ
لاءِ جدوجهد ڪريون پيا.
33.
دوستي؟
دوستي نالو آهي، ٻڌي، محبت ايڪي ۽ اتحاد جو مان
سڀني کي دوست سمجهندي آهيان.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
...
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
دوستن تي ميارون ڇا جون.
36.
پيار؟
پيار آهي ڌرتيءَ سان، دريائن، ڍنڍن، ڍورن سان.
37.
عشق؟
عشق آهي ڪتابن سان پنهنجي لئبرريءَ سان.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
لطيف سان، جيئي لطيف سدا جيئي.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
ماٺ ڪري ويهي رهجي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
فاضل راهو صاحب ۽ پليجي صاحب جي رهنمائي اسان جو
پهريون سهارو آهي.
42.
پهرين مڃتا؟
پنهنجي ديس جي مٺڙن ماڻهن طرفان ملندڙ پيار.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
اها جيڪا ماڻهوءَ جي صلاحيتن کي مڃڻ کان انڪار
ڪري.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
تقريرون، ترجما، نثر ۽ نظم لکڻ.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
1999ع کان ڪئي.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
ڌرتيءَ جو هڪ ذرو/ ڪڻو آهيان.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پليجو صاحب.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪڏهن سٺي موٽ ملي ته خوشي ٿيندي آهي.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اياز، فيض، استاد بخاري،
ساحل لڌيانوي. ائين کوڙ آهن.
50.
پسنديده نثر نگار؟
ڊاڪٽر مبارڪ.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
سرمد سنڌي.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
منهنجي ڌيءَ فضا قريشي، دوست ۽ ساٿياڻي آهي.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
مينهن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي خوشبو.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جو جنهن ۾ گل ڦل ٽڙي پوندا آهن. ۽ چو طرف
هٻڪار ئي هٻڪار هوندي آهي.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
اڇو رنگ.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ننڍڙو ڄاول ٻار.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
خبرون ٻڌندي آهيان سڀني چئنلن جون.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
ماڻهوءَ جي مرڪ وڻندي آهي.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪوڙ، منافقي، دولاب، فريب، جيڪي سماج ۾ برايون
آهن. جيڪي پنهنجي مائرن، ڀينرن، زالن ۽ ڌيئرن کي
قتل ڪرڻ جهڙا عمل ڪن.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
سوچيندي آهيان ته جنهن ماڻهو بي واجبي ڪئي آهي ان
کي سڀ ڪجهه منهن تي چوان، پر ايئن ڪري ناهيان
سگهندي.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
جڏهن گهرجي ڪمن ڪارين ۾ چوطرف گهيريل هجان، يا گهر
وارن طرفان روڪيو ۽ ٽوڪيو وڃي ته هيئن ڪر، هيئن نه
ڪر.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
اها خطا آهي ته ماڻهن کي بيوقوف بنائي تاڙيون
وڄرائي ايوانن ۾ پهتل اڳواڻ انهن جي پوئواري نه
ڪن. ۽ انهن کي ڏيکاريل خوابن جو قتلام ڪن.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
صحيح آهي.
64.
نفرت؟
ڪوڙ، فريب ۽ دوکي کان.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
وقت سان گڏ انساني خيال مٽبا رهن ٿا ۽ ماڻهو نفرت
ختم ڪري سگهي ٿو.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
مقصد جذبو آهي، عقل تڏهن ايندو جڏهن جذبا بلند
هوندا.
67.
عقيدو؟
عقيدت آهي ڏتڙيل ڏوٿين سان، مان دل سان انهن جي
حقن لاءِ جاکوڙيان ٿي.
68.
عبادت؟
روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم.
پر ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
69.
وقت؟
وقت جي اهميت تمام وڏي آهي. وقت سان پاڻ کي تبديل
ڪرڻ گهرجي. ۽ ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.
70.
موت؟
ڊڄڻو ناهي. موت اٽل آهي. هر انسان کي اچڻو آهي.
موت ايندو ۽ ضرور ايندو، هي اڻٽر ڳالهه آ،
زندگيءَ جي ڳالهه ڪر، زنده دليءَ جي ڳالهه ڪر.
(شهيد احمد خان آصف مصراڻي)
71.
زندگي؟
قدرت طرفان مليل تحفو آهي. مون کي ٻه دفعا ملي
آهي، هڪ جڏهن ماءُ جنم ڏنو ۽ ٻيو ايڪسيڊنٽ (حادثي)
مان بچي ويس.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
شاهه جو رسالو.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
سلسلا.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
حضرت بيبي زينب عليھ السلام.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم.
76.
سياست؟
اها جيڪا عبادت سمجهي ماڻهن جي خدمت ڪئي وڃي.
واقعي انسانيت جي لاءِ جاکوڙ ۽ سچ تي ٻڌل هجي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
فاضل راهو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
ٺٽي جو شربت آب ريشم.
79.
وڻندڙ اخبار؟
عبرت.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
ARY World.
81.
پسنديده اداڪاره؟
سميتا پاٽل.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
سواري جيڪا وقت تي ملي، پر مون کي پيرين پنڌ هلڻ
وڻندو آهي.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
سنڌ جي سڀني ٻچن، ان سان گڏ پنهنجي ٻچن کي سکيو
ستابو خوش ۽ خوشحال ڏسان، درياهُه وري ويرون ڪري
وهي، ڌرتي سر سبز ۽ سائي هجي. سماج ۾ امن، سک ۽
شانتي هجي!
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
جيسين زندگي آهي ته خواب به ڏسبا رهبا. هڪڙا ٽٽندا
ته ٻيا اکين ۾ ڦٽندا، پر خوابن تي نه ڀاڙجي.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
ڪو اهڙو ڪارنامو ڪريان جو مون کي مرڻ کان پوءِ به
ياد رکيو وڃي.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ناڪاميون هزارين آهن، سڀ خواهشون پوريون نٿيون
ٿين. ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سفر ۾ ماڻهو هلندو رهي
ٿو.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
جڏهن ڌرتيءَ تي هر انسان آزاد ۽ خوش زندگي گذاري.
88.
آزادي؟
مان پنهنجي زندگيءَ جي پاڻ مالڪ آهيان، مان دنيا
کي بدلائيندس ۽ ٺاهيندس، اهو ئي منهنجي آزاديءَ جو
اصل مقصد آهي.
89.
ڇڙواڳي؟
نفرت آهي، ڇڙواڳي راهون بند ڪندي آهي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
منزل تي پهچڻ کان اڳ مري ويس ته اها شڪايت رهندي
ته زندگي وفا نه ڪئي.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
جيڪي سٺا هجن. پيار ڪندڙ انسان هجن، انسان کي
انسان سمجهن. پيڙيل طبقن کي انسانيت جو درجو
ڏيارين. ڪردار جي سونهن هجي. نيت جي سونهن هجي.
عمل جي سونهن هجي. جذبن جي سونهن هجي.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
جتي به ظلم ٿئي ٿو، انسانيت کان ڪريل حرڪتون جتي
به ٿين ٿيون ته ڳوڙها خود بخود ڳڙي پون ٿا.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
جنهن کي (ياسر ڪاڇيلي) اولاد کان وڌيڪ چاهيو پر
انهيءَ سان آخري گهڙيءَ ۾ ملي نه سگهيس. اها اڄ به
مون کي پاڻ سان شڪايت آهي.
95.
تقدير تي ويساهه؟
تقدير پنهنجي هٿ ۾ هوندي آهي. پنهنجي تقدير پاڻ
سنواريو.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
ڪڙو سچ اهو آهي ته مائٽن ننڍڙي وهيءَ ۾ بنان
مرضيءَ جي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ مان ٻين جي هٿ وس ٿي
ويس.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
زندگيءَ ۾ جيڪو ذاتي حوالي سان ڪرڻ پي چاهيم سو
ڪري نه سگهيس ۽ ڪيتريون ئي شيون اڌوريون رهجي
ويون.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
ساڳي نظير قريشي.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
فطرت جي خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي آهي ته چڙ ايندي آهي.
100.
پيغام؟
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لک لڳن
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پايان.
منهنجو ڀينرن کي عرض آهي ته خدا جي واسطي هاڻي
ڪجهه ايندڙ نسلن لاءِ سوچيو، سندن ڇوٽڪاري لاءِ ڪي
راهون جوڙيو. جيئن اهي غلام قومن ۾ شمار نه ٿين.
پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتيءَ جا گيت گڏجي ڳائن!
(سرتيون 2007ع) |