سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:49 

سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو منظر وڻندو اٿم

 

 

 

گلبانو مرزا

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

گل.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

پهرين آڪٽوبر.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

ڪراچي.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ڪوبه نه.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

بابا جي وفات تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

جاب ملڻ تي.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

گورنمينٽ جاب ملڻ.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي سهيلين جو مليل قرب.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

برسات ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽين سان گهمڻ.

12.       وڻندڙ موسم؟

سياري جي.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

موڪل جو ڏينهن.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

فجر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

سمنڊ ڪناري سج جو لهڻ.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڏاهي هئس.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

ڪابه نه.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

سٺن ڪپڙن پائڻ جي خواهش هوندي هئي.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ڪوبه نه.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

گهروارن چيو ته برقعو پاءِ هاڻي وڏي ٿي وئي آهين.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڊاڪٽر ٿيڻ جو.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ڪوبه نه. جواني جا سڀ پل خوبصورت آهن.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ہمیں تم سے پیار کتنا یہ ہم نہیں جانتے، مگر جی نہیں سکتے تمہارے بنا۔

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ٽڙي پوندا ٽارئين.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهن.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

مرڪندي آهيان.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

تارن ڀريل رات.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ٿيندو ئي ناهي.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

ڪڏهن ٿيو ناهي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڪابه نه.

31.       خالي رستن جا احساس؟

خالي رستن تي فيملي سان گهمڻ ۾ مزو ايندو آهي.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

انسان جي اڳيان اُڀيون ديوارون ناهن هونديون.

33.      دوستي؟

ضرور ڪجي.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪا شڪايت نه آهي.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

دوستن تي ڪهڙيون ميارون.

36.      پيار؟

قدرت جو تحفو.

37.      عشق؟

نه ڪجي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

ان جي تعريف ڪندي آهيان.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار عذاب ناهي آڻيندو.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پيار جو اظهار ٿي ويندو آهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ڀاڀي گلبدن جاويد.

42.      پهرين مڃتا؟

Ptv تي شهيد احمد خان آصف مصراڻي جي حمد پڙهيم.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

سڀني جي اڳيان ٽوڪڻ.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪمپيوٽر ۾ مهارت.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

Ptv تي ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ اخبار لاءِ آرٽيڪل ايڊٽ ڪرڻ.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

ڪمپيوٽر آپريٽر.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

انسان جو ضمير.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جڏهن ڪو منهنجي آفيس جي ڪم جي تعريف ڪري.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه سائين، احمد خان آصف، ڊاڪٽر ميرزا مدد علي.

50.      پسنديده نثر نگار؟

ڊاڪٽر ميرزا مدد علي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

ڪشور ڪمار.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

ڀائرن ۽ ڀيڻ جو پيار.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

گلاب جي.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

برسات جي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

گلابي.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ماءُ.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

پنهنجو پاڻ ئي لهي ويندي آهي.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ڏسڻ واري جي نظر.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ٽوڪ ۽ طنز ڪرڻ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

اکيون.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

ماءُ جي وفات.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

معاف ڪري ڇڏيندي آهيان.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

خوشگوار.

64.      نفرت؟

طبقاتي سماج کان.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

جيڪو دوکو ڏئي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.      عقيدو؟

خدا تي.

68.      عبادت؟

انسانيت جي خدمت.

69.      وقت؟

گذري وڃي ٿو.

70.      موت؟

اچڻو آهي.

71.       زندگي؟

الله جي امانت.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

لوڪ ڪهاڻيون، سفرناما ۽ ناول.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪافي فلمون آهن.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

ڊاڪٽر ميرزا مدد علي.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

جناب فاطمة زهرا.

76.      سياست؟

نه ڪجي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

بلاول ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

لسي.

79.      وڻندڙ اخبار؟

سنڌ اخبار.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

ڪي ٽي اين، اي آر واءِ.

81.       پسنديده اداڪاره؟

ماڌوري ڊڪشت.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

جيڪا منزل تي پهچائي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

پنهنجي ڀائٽين ۽ ڀائٽن جي بهتر مستقل جا خواب ڏسندي آهيان.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ڊاڪٽر ٿيڻ وارو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

ايم فل ڪرڻ.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه نه.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ڪربلا وڃان.

88.      آزادي؟

ڇڙواڳي نه هجي.

89.      ڇڙواڳي؟

غلط آهي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

تمام گهڻو.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

وفاداري وارو ڪردار.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

نظرانداز ڪرڻ غير ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪابه نه.

95.      تقدير تي ويساهه؟

100 سيڪڙو.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

ڏکي هوندي به زندگيءَ سان پيار آهي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

مان ٻين لاءِ جيئان ٿي.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ٻئي جنم تي يقين نه آهي.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

ڪير هرو ڀرو تنقيد ڪري.

100.  پيغام؟

ڪنهن جي دل نه ڏکايو.

خوشيون ورهائڻ سان وڌنديون آهن:

 

 

 

 

 

لعل خاتون

 

 

1. نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

لعل، لالي

2. ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

25 آڪٽوبر. سال ٻڌائبو به ناهي

3. شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

دادو

4. شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

دادو ۽ ڄام شورو

5. شهر جو دل جو شهر آهي؟

دادو

6. شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

سڀ شهر سُٺا آهن.

7. زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

پڦي امان جي شهادت تي.

8. زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

شازمه گل (ڌيءُ) کي پنهنجي هنج ۾ ڏسي.

9. زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

شازمه جو منهنجي جيون ۾ اچڻ.

10. زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي پڦين، ماسين کان مليل قرب واريون گهڙيون يادگار آهن.

11. موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

برسات جي موسم ۾ ڳوٺ ۾ پنهنجي سوٽين سان گڏ ٻنيون گهمڻ.

12. وڻندڙ موسم؟

سيارو

13. ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر

14. ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام وارو پهر.

15. فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

چانڊوڪي رات وارو منظر.

16. ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڏنگي ته ڪونه هئس، بس ٿوري ضديري هوندي هئس.

17. ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اهو بادشاهي وارو دور هو. انڪري ڪابه محرومي ڪونه ڏٺي.

18. ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

انجنيئر ٿيان.

19. ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ننڍپڻ ته هوندي ئي انگلن لاءِ آ. جيڪي پورا ٿيندا هئا.

20. جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جڏهن نانا صاحب چيو ته هاڻي ڪاوڙ ڇڏ! وڏي ٿي وئي آهين.

21. جوانيءَ جو پهريون خواب؟

جوانيءَ ۾ ننڊ به گهڻي ته خواب به گهڻا.

22. جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

جڏهن هُن (گهرواري) چيو ته اڄ آسمان تان چنڊ لهي آيو آهي.

23. بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

...

24. دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.

25. ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموشي.

26. خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

شاپنگ ڪرڻ

27. اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

صبح وارو ويلو.

28. اڪيلائيءَ جو احساس؟

اڪيلائيءَ وقت ڪتاب مون سان گڏ هوندا آهن.

29. تاريڪيءَ جو احساس؟

...

30. گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

جا به گذري، گذر ٿي وئي. هاڻي ڪهڙيون ميارون.

31. خالي رستن جا احساس؟

اڄ ڪلهه خالي رستا آهن ڪٿي.

32. قد کان اُڀيون ديوارون؟

ٽوڙي پار پوڻو آ

33. دوستي؟

تيز اُس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ وانگي.

34. هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

هٿ ڇڏائي وينديون ڪاڏي. موٽي منهنجي مٿي ۾ لڳنديون.

35. دوستن تي ڪا ميار؟

ڇڏن ته ميار ڏيان نه. ها ها ها

36. پيار؟

پيار کانسواءِ جيون بيڪار آ.

37. عشق؟

عشق ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

38. پيار جو بي اختيار اظهار؟

مرڪي ڏسڻ.

39. پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

جيڪو پيار ۾ عذاب ڏئي ان کي جيل ۾ وجهرائي ڪُٽرايوس. ها ها ها

40. پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پيار کي لڪائي به نٿو سگهجي.

41. ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

ادي گلبدن جاويد

42. پهرين مڃتا؟

ساڻ ۽ حسد تي ٻڌل تنقيد.

43. ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

...

44. فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

...

45. فني زندگيءَ جي ابتدا؟

...

46. سڃاڻپ جو حوالو؟

ان لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.

47. سڀ کان وڏو نقاد؟

اسان جا دوست.

48. تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

جيڪا سچ تي ٻڌل هجي.

49. پسنديده شاعر؟

احمد خان (آصف)، احمد فراز، شيخ اياز، استاد بخاري.

50. پسنديده نثرنگار؟

امر جليل.

51. راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

جگجيت سنگهه، منجري، سڄڻ سنڌي.

52. وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

شازمه گل

53. خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

موتيو جي گلن جي.

54. ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

دل جي موسم جو.

55. اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اڇو، گلابي.

56. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ڪائنات جي هر شيءَ خوبصورت آ.

57. چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

جنهن تي ايندي آهي ان کي ڏسندي رهندي آهيان. پوءِ چڙ پاڻهي لهي ويندي آهي.

58. انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

...

59. دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

...

60. پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

شازمه گل.

61. پيڙا جو ڪو پل؟

جڏهن ريحان (ڀائيٽو) ياد ايندو آهي.

62. معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

جيڪو سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

63. ڪٽنبي زندگي؟

الحمد الله بهترين.

64. نفرت؟

نفرت ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي.

65. اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

جيڪو پنهنجي ڪيئي تي پشيمان نه ٿئي.

66. عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو

67. عقيدو؟

ٻين جي ڀلائيءَ ۾

68. عبادت؟

خدا سان ملڻ

69. وقت؟

سبق ڏئي گذري ويندو آهي.

70. موت؟

پنهنجن پيارن سان ملڻ لاءِ ويندڙ رستو.

71. زندگي؟

تمام خوبصورت بس ڪنهن کي گذارڻ جو ڏانءُ اچي.

72. هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

ڪافي آهن.

73.  دل کي ڇهندڙ فلم؟

آرٽ موويز وڌيڪ پسند آهن.

74. پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

بينظير ڀٽو.

75. تاريخ جي پسنديده هستي؟

بيبي زينت صه

76. سياست؟

اڄ جي دور ۾ ڪاروبار بڻجي وئي آهي.

77. وڻندڙ سياسي شخصيت؟

نريندر مودي.

78. وڻندڙ مشروب؟

پاڻي ۽ مينگو جوس.

79. وڻندڙ اخبار؟

ڊيلي ڊان ۽ روزاني ڪاوش.

80. وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

هم ٽي وي، اي آر واء ۽ جيو.

81. پسنديده اداڪار؟

ريکا، سميتا پٽيل، هما مالني.

82. سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪار.

83. خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

خواب گهٽ ڏسندي آهيان.

84. خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

اهڙا خواب ڏسان ئي ڪونه جيڪي ساڀيان نه ٿين.

85. مستقبل جي باري ۾ پلان؟

ايندڙ وقت جي ڪنهن کي خبر آهي. حال کي خوش ٿي گذارجي.

86. ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ناڪامين کان پوءِ ئي ڪاميابي جو مزو ايندو آهي.

87. خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

شازمه گل کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسڻ جو.

88. آزادي؟

بس خيالن تي پهرو نه هجي.

89. ڇڙواڳي؟

تمام نقصانڪار شيءِ.

90. ڌرتيءَ سان پيار؟

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو.

جنهن ڌرتيءَ سان پيار نه ڪيو اهو انسان ڪهڙو.

91. زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڏاڍو تيزيءَ سان پئي گذري.

92. انساني ڪردار جي سونهن؟

انسانيت سان همدردي.

93. انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

بي حسي ۽ بي شرمي.

94. پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

جلدي شادي نه ٿئي هان.

95. تقدير تي ويساهه؟

آهي پر تدبير جو هجڻ به ضروري آهي.

96. زندگي جو ڪڙو سچ؟

پنهنجن پيارن جون جدايون.

97. زندگيءَ جو اعتراف؟

ڪن مجبورين جي ڪري شازمه کان پري ٿيڻ.

98. ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ساڳئي لعل.

99. ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن ڪو پنهنجي فائدي لاءِ ٻئي کي ڪيرائي.

100. پيغام؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org