ڪاش! سڀني مظلومن کي پنهنجو حق ملي ۽ طبقاتي نظام
ختم ٿئي
زڪيه اعجاز
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
زڪيه
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
12 اپريل.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
دادو ضلعي جو ننڍڙو ڳوٺ سيتا ننڍي.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ڄام شورو، دادو.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
دادو.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
اهڙو ته ڪوبه نه.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
منهنجي ڀاڀيءَ نواب جي وفات.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
اياز جو جنم.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
منهنجو ڪميشن جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر
اچڻ.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
ڪٽنب طرفان بي تحاشا مليل پيار.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
بهار جي موسم ۾ شام جو ٻاهر ماروي هاسٽل کان مهراڻ
يونيورسٽي تائين واڪ ڪرڻ.
12.
وڻندڙ موسم؟
سيارو.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
سومر
Monday.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
شام جو پهر.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
مينهن جو پوڻ ۽ انڊلٺ جو کڙڻ.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
بابا منع ڪندو هو ته ڪلفيون نه کاءُ ۽ مان سڄو
ڏينهن لڪي لڪي ڪلفيون کائيندي هيس.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
ڪابه نه. بابا مون کي اچانڪ
co-education
مان ڪڍي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو سو مان به
پورو سال پنهنجي ڪلاس فيلوز کي ياد ڪري روئيندي
رهيس.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
جاويد ميانداد مون کي وڻندو هو ۽ پوءِ مان ۽ رفيعا
تيار ٿياسين ته ٽرين ۾ چڙهي لاهور وينداسين ۽
اسٽيڊيم ۾ ساڻس ملي اينداسين پر مائٽن کي خبر پئجي
وئي سو روڪي ورتائون.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
Tee Jays
جا ڪپڙا ۽ پينسل هيل وارو سئنڊل سو آخر بابا
ڪراچيءَ مان منهنجي لاءِ وٺي آيو.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
الائي ڪيترا احساس آهن جڏهن چيائون ته هاڻي وڏي ٿي
وئي آهين رئو پائي گهمندي ڪر.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
نوڪري جو ملڻ.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
ايترا آهن جو لکي نه ٿا سگهون.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
”ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون
حسرتون رهنديون.“
”قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا.“
ايئن ته ڪيتريون ئي سٽون آهن جيڪي پسند آهن.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
سئو دک هئا سئو درد هئا، پر زندگي پياري هئي.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
خاموشي.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
تمام گهڻو ڳالهائڻ کلڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
صبح جو پهر.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
بلڪل جڏهن ڪو پيارو پري هجي ته ان جي غير موجودگي
اڪيلائيءَ جو احساس ڏياريندي آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
انڌيري جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهن کي خوف
۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل ڏسندي آهيان.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
جيڪي دوست پري ٿي ويا آهن. انهن سان ملڻ جو
انتظار.
31.
خالي رستن جا احساس؟
گهرائيءَ سان جڏهن سوچ ويچار ڪرڻي هوندي آهي ته
مان پوءِ خالي رستن تي ويندي آهيان.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
جڏهن عورت کي ان جي مرضي مطابق اڳيان نڪرڻ نه ڏنو
وڃي ته قد کان وڌيل ديوارن جو احساس ٿيندو آهي.
33.
دوستي؟
اهو رشتو جنهن کان سواءِ زندگيءَ جون رونقون
نامڪمل هجن.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
Ambitious
دوستن کان پري رهندي آهيان.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
جڏهن ڏکئي وقت ۾ ڇڏي وڃن.
36.
پيار؟
پيار هڪ خوبصورت احساس آهي.
37.
عشق؟
پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي نظريي سان پنهنجن رشتن
سان ۽ پنهنجي وجود سان.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
هر ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملڻ.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
هڪ خوبصورت موڙ ڏئي ڇڏي ڏجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
چپ رهجي ته بهتر آهي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
پنهنجو ڪٽنب.
42.
پهرين مڃتا؟
بي انتها عزت ۽ پيار اهو ڪاليج کان وٺي سڀني ڪمن
۾.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
جنهن مان حسد جي بو اچي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪمپيئرنگ، تاثر ۽ تقرير.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
مون پنهنجي ڪاليج لائيف کان.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
هڪ سٺي استاد، هڪ سٺي سماجي ڪارڪن، هڪ سٺي اينڪر
پرسن.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پنهنجو پاڻ.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
ڪير منهنجي ڪم لکڻ يا سٺي استاد يا پروگرام جي
تعريف ڪري ته خوشي ٿيندي آهي.
49.
پسنديده شاعر؟
شيخ اياز.
50.
پسنديده نثر نگار؟
امر جليل.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
سرمد سنڌي ۽ بيدل مسرور.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
ڪٽنب.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
گلاب جي گل جي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جو رنگ.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ٻار.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
مان چڙ جو اظهار ڪندي آهيان ۽ ان کي مناسب جواب
ڏيندي آهيان.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
خوش اخلاقي.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
الائي ڪيتريون آهن پر سڀ کان خطرناڪ آهي منفي سوچ
ٻئي لاءِ رکڻ.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
جذبات ۾ اچي تڪڙا فيصلا ڪرڻ.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
پيءُ ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
جيڪو ٻارن سان زيادتي ڪري.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
سڪون واري.
64.
نفرت؟
مون کي نفرت نه ٿيندي آهي.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
نفرت نه رهندي آهي.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو.
67.
عقيدو؟
چڱائي ۽ نيڪيءَ ۾.
68.
عبادت؟
انسان کي ڪم اچڻ.
69.
وقت؟
هر ٽائيم پنهنجي اندر هڪ سکيا هڪ سبق ڇڏي ويندو
آهي.
70.
موت؟
مان مثبت ڏسان ٿي.
هينئر خوف لڳي ٿو ته ٻار ننڍا آهن بس ايتري مهلت
ملي ته ٻارن جا فرض لاهي پورا ڪيون.
71.
زندگي؟
هڪ مسلسل جدوجهد آهي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
شاهه جو رسالو.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
جنهن جو انجام پيار جي جيت تي ٿئي.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
ذوالفقار علي ڀٽو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
مارڪس.
76.
سياست؟
هڪڙو اهڙو جذبو جنهن سان سماج جي وڌ کان وڌ خدمت
ڪري سگهجي ٿي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد بينظير ڀٽو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
پاڻي.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڊان.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
اصل کان
BBC.
81.
پسنديده اداڪاره؟
اميتاب بچن، شاهه رخ.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ٽانگو.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
گهڻي قدر هڪ خواب هوندو آهي. ته ڪاش! سڀني مظلومن
کي پنهنجو حق ملي ۽ طبقاتي نظام ختم ٿئي.
84.
خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟
الائي ڪيترا.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
مان حال ۾ خوش آهيان مستقبل لاءِ ڪا پلاننگ ناهي.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
اهڙي ڪابه ناهي.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ٻارن جو وڏو ٿيڻ.
88.
آزادي؟
آزادي کانسواءِ ته هر جذبو بي معنيٰ آهي، جنهن
جذبي ۾ آزادي ناهي اهو بي معنيٰ آهي.
89.
ڇڙواڳي؟
ڇڙواڳي منفي رخ.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
هڪڙو خوبصورت احساس.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
سچائي.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
بي وفائي.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
مان سهولتن باوجود ٻاهر پڙهڻ نه ويس.
95.
تقدير تي ويساهه؟
آهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
پيءُ، ماءُ جي وڇڙڻ جو خوف.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
وقت سان گڏ گهڻن ساٿين کان پري ٿيڻ.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
زڪيه.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪوڙ تي.
100.
پيغام؟
پنهنجي ڌرتي، پنهنجن جوڌن ۽ پنهنجن ليکڪن جي محنت
کي مڃتا ڏيڻ ۽ انهن جي بي پناهه عزت ڪرڻ ۽ نقش قدم
تي هلي. اسان پنهنجي ۽ پنهنجي سماج جي رهنمائي ڪري
سگهون ٿا.
ڊاڪٽر عروج فاطمه
1. نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟
پنڪي (Pinky)
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
1981ع جون 12.
3. شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد، (پولي ڪلينڪ تلڪ چاڙهي).
4. شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ڄام شورو.
5. شهر جو دل جو شهر آهي؟
روهڙي شريف.
6. شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
ڪونه.
7. زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
بابا جي وفات وقت.
8. زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
جڏهن آنٽي دائود پوٽو نرسري ۾
1st
اچڻ تي گفٽ ڏنو.
9. زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
منهنجا امي بابا ۽ منهنجو ور ڊاڪٽر محمد نديم ۽
پُٽ محمد احمد.
10. زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
منهنجي خاله ۽ ناني امان جو پيار.
11. موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
سڀني سان گڏجي سياري ۾ سوڙن ۾ بيهي مڱ کائڻ! ۽
پنهنجي پٽ سان ڪچهري ڪرڻ.
12. وڻندڙ موسم؟
بارش جي.
13. ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
اربع.
14. ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
پرهه ڦٽي، جڏهن پکي پکيئڙا پَرَ، ڦهلائي چون چون
ڪندا آهن ۽ ماڪ ڦڙن ڪرڻ سان مٽيءَ جي سونڌي سونڌي
خوشبو هوا، سان هُٻڪاريل گڏ جسم ۾ داخل ٿيندي آهي.
15. فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
گل، ٻوٽا، وهندڙ آبشار، ساوڪ ۽ ٻارن جي مُرڪ ۽
سمنڊ جي ڪناري نرم مٽيءَ تي هلڻ ۽ لهندڙ سج!
16. ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
نانا بابا کي رڙيون ڪري تنگ ڪندي هئم.
17. ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل
هجي؟
سائيڪل هلائڻ نه سکي سگهيم.
18. ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ڪا به نه.
19. ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
بابا کان ڪراچيءَ مان چپس ۽ چاڪليٽ گهرائڻ.
20. جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جڏهن بابا چيو امان هاڻي توکي رئو پائي گهر ۾ گهمڻ
گهرجي تون وڏي ٿي وئي آهين ۽ جڏهن مون کي ڇوڪرن
سان گڏجي کيڏڻ کان روڪيو ويو.
21. جوانيءَ جو پهريون خواب؟
ڪو دل سان ۽ روح سان پيار ڪري صرف شڪل سان نه!
22. جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
دوستن سان لمس ۾ مزا ڪرڻ ۽ پڪنڪ تي ڪراچي وڃڻ،
المنظر تي ٻيڙيءَ ۾ گهمڻ!
23. بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
مرنے
کے
ڈر
سے
میرے
دل
جینا
نہ تو چھوڑ
دینا
رونے
کے
ڈر
سے
جہاں
میں
ہنسنا نہ تو چھوڑ
دینا!
24. دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟
بيشڪ الله سڀني کان وڏو ڪارساز ۽ مدد ڪرڻ وارو
آهي.
25. ڏک جي اظهار جو طريقو؟
چُپ ٿي اُن ماڻهو سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهيان ۽
پوءِ اڪيلي ۾ سوچي روئيندي آهيان.
26. خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
فيملي سان گهمڻ ڦرڻ ويندي آهيان ۽ سٺا کاڌا پچائڻ
تي دل چوندي آهي.
27. اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي
راند ۾ پسند جو ويلو؟
آفيس مان اچي ماني کائي آرام ڪرڻ ۽ شام جو ٻوٽن کي
پاڻي ڏيڻ، ٻارن سان گڏجي راند ڪرڻ.
28. اڪيلائيءَ جو احساس؟
انسان اڪيلو آهي ئي ڪونه. الله تعالى هر وقت گڏ
آهي.
29. تاريڪيءَ جو احساس؟
جڏهن امي بيمار ٿيندي آهي! ڇو ته امي منهنجي زندگي
جي روشني آهي.
30. گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه! ڇو ته گذرندڙ هر لمحو پنهنجي جاءِ تي
يادگار آهي!
31. خالي رستن جا احساس؟
سچن دوستن جو ساٿ ڇڏائجي ويو! هاڻي صرف دوکي باز
ماڻهو آهن.
32. قد کان اُڀيون ديوارون؟
ماڻهن جي سوچ کي اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون سو جيڪو
پاڻ کي صحيح لڳي اهو ڪجي زماني کي ڇڏي ڏيو!
33. دوستي؟
دنيا جي قيمتي ترين شيءِ.
34. هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
بس رابطي ۾ رهڻ کپي!
35. دوستن تي ڪا ميار؟
پنهنجن سان ڪهڙا ليکا!
36. پيار؟
سچو پيار قسمت وارن کي ملندو آهي، پيار زندگي آهي.
37. عشق؟
لافاني!
38. پيار جو بي اختيار اظهار؟
ڀاڪر پائڻ زور سان!
39. پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ته برداشت ڪجي ڇو ته پيار ۾ آزمائش ته ايندي آهي.
40. پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
خاموشيءَ سان گفٽ ڏئي اظهار ڪجي.
41. ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
امي.
42. پهرين مڃتا؟
ايم بي بي ايس جي ڊگري، پي، ايڇ ڊي جي ٿيسز آخري
مرحلي ۾ آهي.
43. ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
جڏهن ڪوڙا الزام لڳندا آهن ۽ ٻين جي ڪاوڙ مون مان
ڪڍندا آهن ۽ سچي ڳالهه تي شڪ ڪرڻ.
44. فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ننڍي هوندي ڊرائنگ ٺاهي هئي ۽ نظم لکيو
هو ڀاءُ جي لاءِ! جنهن تي مون کي انعام مليو هو.
45. فني زندگيءَ جي ابتدا؟
ايم بي بي ايس کان پوءِ لياقت نيشنل ميڊيڪل ڪاليج
۾ ليڪچرار ٿيم،
ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 2007 کان.
46. سڃاڻپ جو حوالو؟
ريسرچر.
47. سڀ کان وڏو نقاد؟
وقت ۽ زندگيءَ جو تجربو!
48. تعريف
جيڪا دل خوش ڪري؟
جڏهن منهنجا شاگر منهنجي ٽيچنگ جي تعريف ڪندا آهن
۽ چوندا آهن
Mam you are best teacher
۽ جڏهن منهنجو پُٽ چوندو آهي
Ami you are best mom in the world
۽ منهنجي هٿن جي ٺهيل کاڌن جي ڪير تعريف ڪندو آهي.
49. پسنديده شاعر؟
جون ايليا ۽ پروين شاڪر.
50. پسنديده نثرنگار؟
پروفيسر رشيده ڀٽي (منهنجي امي).
51. راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
علڻ فقير، سرمد سنڌي، جنيد جمشيد.
52. وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
منهنجي امي پروفيسر رشيده ڀٽي.
53. خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
نازبو، ۽ موتيو ۽ آلي مٽي جي خوشبو.
54. ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
سرديءَ جو.
55. اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
گلابي.
56. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ماءُ.
57. چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
جڏهن چڙ ڏياريندڙ معافي وٺي ۽ وري کلائي.
58. انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
ڳالهائڻ، ۽ هلڻ جو انداز.
59. دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
جڏهن ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ دوکو ڏيندا آهن ۽
پنهنجي
Power
يا عهدي جو ناجائز استعمال ڪندا آهن. هڪڙن جي لاءِ
ٻيا قانون ۽ ٻين جي لاءِ ٻيا، چاپلوسي ماڻهو.
60. پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
هر ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ، ٻين جي نيت بُري هوندي به
انهن سان سٺو هلڻ.
61. پيڙا جو ڪو پل؟
جڏهن دوست نما دشمن دوکو ڏيندا آهن. يا وري ڪوڙو
الزام لڳائيندا آهن.
62. معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
پنهنجن سان دوکو ڪرڻ ۽ جڏهن ڪو منهنجي امي سان
بدتميزي ڪري يا ڪوڙو الزام لڳائي. ۽ يا وري ڪو مون
سان ڪوڙ ڳالهائي!
63. ڪٽنبي زندگي؟
الله جو احسان آهي تمام سٺي!
64. نفرت؟
زندگيءَ جي دشمن.
65. اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
ڪوڙو ماڻهو.
66. عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل مند ماڻهو جذبات جو صحيح استعمال ڪند ا آهن.
67. عقيدو؟
الله هڪ آهي ۽ ٻيو ڪو به اسان جي مدد نٿو ڪري
سگهي.
68. عبادت؟
مقصدِ حيات، دنيا ۾ اچڻ جي اصلي وجه خلقِ خدا جي
مدد ۽ الله تعالى جي عبادت ڪرڻ آهي.
69. وقت؟
بادشاهه ۽ سبق ڏيندڙ!
70. موت؟
حقيقت.
71. زندگي؟
دوکو! سراب، هٿن مان نڪرندڙ ريت!
72. هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن پاڪ.
73. دل کي ڇهندڙ فلم؟
باغبان.
74. پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
عمر، مارئي.
75. تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم.
76. سياست؟
ڪوڙ جو بزنس.
77. وڻندڙ سياسي شخصيت؟
بينظير ڀٽو.
78. وڻندڙ مشروب؟
Fresh Fruit Juice, Mango Shake.
79. وڻندڙ اخبار؟
ڊيلي ڊان ۽ روزاني ڪاوش.
80. وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
هم ٽي وي، ڪيو ٽي وي.
81. پسنديده اداڪار؟
مائره خان ۽ سري ديوي.
82. سواري جيڪا پسند هجي؟
هوائي جهاز ۽ ٽرين.
83. خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ته مان سفر ۾ آهيان ۽ بابا کي ڏسندي آهيان (بابا
2007ع ۾ گذاري ويو آهي.)
84. خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
آرٽسٽ ٿيڻ جو.
(Paintings)
ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هيو.
85. مستقبل جي باري ۾ پلان؟
پي ايڇ ڊي انشاالله پوري ڪرڻي آهي ته جيئن منهنجي
اميءَ جو خواب پورو ٿي سگهي ۽ حج الله سائين نصيب
ڪري.
86. ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڪابه نه! الله سائين هر شيءِ ڏني آهي.
87. خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
محمد احمد جي شادي!(منهنجو پُٽ)
88. آزادي؟
نعمت آهي.
89. ڇڙواڳي؟
نقصان واري شيءِ آهي هر شيءِ جي
limit
هجڻ گهرجي.
90. ڌرتيءَ سان پيار؟
جيڪو ڌرتيءَ سان سچو هوندو اهو پنهنجي فيملي جو به
خيال ڪندو آهي. ڌرتي ماءُ برابر آهي.
91. زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
هزاروں
خواہشیں
ايسي
کہ ہر
خواہش
پہ دم
نکلے.
92. انساني ڪردار جي سونهن؟
وڏن ۽ ننڍن سان اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي.
93. انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
Selfish
هجڻ ۽ بي زبان جانورن ۽ ٻوٽن کي مارڻ.
94. پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪابه نه!
95. تقدير تي ويساهه؟
”دُعا“ تقدير کي بدلائي ڇڏي ٿي.
96. زندگي جو ڪڙو سچ؟
دُنيا فاني آهي اهوئي زندگي جو سچ آهي.
97. زندگيءَ جو اعتراف؟
دنيا جا امتحان، لاها ۽ چاڙها زندگيءَ جو اعتراف
آهن.
98. ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
الله سائين کان وري ساڳيا ئي رشتا گهرندم! امي،
بابا، محمد نديم ۽ محمد احمد.
99. ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
جڏهن ڪو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته مون
کي خبر نٿي پوي! ۽ ڪو ننڊ مان زوريءَ اٿاريندو آهي
يا وري ڊرامو ڏسڻ يا اسٽڊي ڪرڻ دوران تنگ ڪري!
100. پيغام؟
سچ ڳالهائيو ۽ ماءُ پيءُ جي خدمت ڪريو ۽ وڻ پوکيو
پليز! |