وقت ۽
ماڻهو مٽجندا رهن ٿا:
صائمه جعفري
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
صائمه.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
09 آگسٽ.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
اسلام آباد.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
تاشقند.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
لاهور.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
امان جي وفات.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
لاتعداد مرڪون آهن.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
”ادي“ منهنجي ڌيءَ جي ڄمڻ جي تاريخ.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
پیار
کا پہلا چمہ
مڙس جي پاران.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
ڪا خاص ڪونهي.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
جمعو
week end
هجڻ جي ڪري.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
رات جو پهر.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
بارش.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
رستي تي بلور راند کيڏندي ٽنگ ۾ ڌڪ لڳڻ.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
امان هر گرمي ۾ گنجو ڪرائيندي هئي ۽ منهنجا وڏا
وار محرومي هئا.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
غربت ۽ جهالت جو خاتمو.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
نچڻ ڳائڻ.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
اهڙو احساس ٿيڻ کان پهرين شادي ٿي ويئي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
برابري/ سراسري.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
شادي خانه آبادي.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
مختلف وقت ۾ مختلف گانا.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
...
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
روئڻ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
نچڻ، کلڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
فجر.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
ضروري آهي
growth
جي لاءِ.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
ڊيڄاريندڙ.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
بلڪل نه جيڪو ٿيو بهترين ٿيو.
31.
خالي رستن جا احساس؟
دل ڏکوئيندڙ.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
قيد جو احساس ڏياريندڙ.
33.
دوستي؟
دوکو.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
نه بلڪل نه.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
آئون توقع ڪونه رکان.
36.
پيار؟
ازلي حقيقت
Husband
سان.
37.
عشق؟
الله سان.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
I Love You.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
پاسو ڪري وڃجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
تڏهن به ڪجي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
منهنجي پنهنجي محنت.
42.
پهرين مڃتا؟
ياد ڪونهي.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
ذاتيات تي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
تقرير ڪرڻ.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
Proper
ابتدا ڪونهي ڪئي.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
پڙهڻ، پڙهائڻ، لکڻ.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
Comrade Aslam Jafferi Cousin.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
Talent
جي واکاڻ.
49.
پسنديده شاعر؟
فيض
William Black.
50.
پسنديده نثر نگار؟
Paulo Codho.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
ڪافي آهين.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
مڙس.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
Cool Water،
Channal
۽ ٻيون ڪافي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
برسات.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
ڪارو.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
اولاد، ڌيءَ.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
جهيڙي کان پوءِ.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
ايمانداري.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
خرابي
Hearness،
فطرت جي.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
نرمي، حساسيت.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
عورت تي تشدد.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ظلم
Corruption.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
تمام حسين.
64.
نفرت؟
ڪنهن کان به نه.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
ظالم، جابر سان.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبات.
67.
عقيدو؟
الله تي.
68.
عبادت؟
Spiritual.
69.
وقت؟
مٽجندو رهندو آهي.
70.
موت؟
حقيقت، اٽل.
71.
زندگي؟
امتحان.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
ڪو خاص نه.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
ياد ڪونهي.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
هر جاکوڙي ڪردار.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
Nelson Mandila.
76.
سياست؟
مفادات جي راند.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
ڪابه نه.
78.
وڻندڙ مشروب؟
چانهه.
79.
وڻندڙ اخبار؟
Dawn.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
هر
News Channel.
81.
پسنديده اداڪاره؟
Antonio Brandrat.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ڪار.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
نانگ.
84.
خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟
ڪو اهڙو خواب ڪونهي.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
جيڪو نصيب.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڪابه نه.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
عورت جي برابري.
88.
آزادي؟
تمام ضروري.
89.
ڇڙواڳي؟
غلط آهي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
ايمان جو جزو.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
تمام گهڻيون آهن.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
جدوجهد.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
احسان فراموشي.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
وفاداري ڌوڪو کائڻ جي عادت.
95.
تقدير تي ويساهه؟
آهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
وقت، ماڻهو مٽجندا رهن ٿا.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
آئون جذباتي آهيان.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
پنهنجي ئي ماءُ جي ڌيءَ.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪوڙ، ڌوڪي بازي تي.
100.
پيغام؟
برابري پيار، عزت سڀني جي لاءِ. |