استاد بخاري جون سٽون آهن: وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين
رخسانه ايڊووڪيٽ
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
راڻي.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
6 جنوري.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
ميهڙ.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
مٺي.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
ميهڙ.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
لاڙڪاڻو.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
جڏهن بابا دڙڪو ڏنو هو.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
منهنجي بابا جي 7 سالن کان پوءِ سعودي عرب کان
واپسي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
وڪيل ٿيڻ جيڪو بابا جو خواب هو. ان سان جڙيل لمحه.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
جڏهن بابا سعودي مان آيو.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
پيار سان موسم جي يادگيري هوندي آهي.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار ۽ سيارو.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
آچر جو.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
شام جو.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
صبح جو اڀرندڙ سج.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
جڏهن ڪڪول ۾ ٻڏي هيس امڙ جي منع ڪرڻ جي باوجود.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
امان جو ونڊيل پيار.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
وڏي ٿي امان کي سک ڏيان.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ڏاڏي سان ته ڪنگڻ وٺي ڏي.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جڏهن فلم
(دل کا کیا
قصور)
ڏٺي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
وڪيل ٿيڻ.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
ڪاليج وارا ڏينهن.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
الائي ڪنهن سان راضي آ، الائي جي ڇا ۾ راضي آ.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
خاموش ٿي وڃڻ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
مسڪراهٽ سان.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
رات جو ٻيون پهر.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
هيانءُ ڏاريندڙ هوندو آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
محبوب کان جدائي.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
وقت تي شين جو نه ٿيڻ.
31.
خالي رستن جا احساس؟
جڏهن ڪوئي هٿ ڇڏائي وڃي.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
بي تڪيون رسمون.
33.
دوستي؟
ڀروسو/ حقيقي ناتو.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
انهن تي ڪهڙي ميار.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه نه.
36.
پيار؟
اونداهي ۾ روشن سج.
37.
عشق؟
آتش.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
نقصان آهي.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
زندگي کي ڇڏڻ تي دل چوندي آهي يا صفا خاموش ٿي
وڃجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
خط لکي ڦاڙي ڇڏجي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
فيملي.
42.
پهرين مڃتا؟
پروموشن.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد برائي تنقيد.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
اشارا/ پيچارا.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
2009ع.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
سماجي ڪارڪن.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
امڙ.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
حقيقت تي ٻڌل هجي.
49.
پسنديده شاعر؟
شيخ اياز، استاد بخاري.
50.
پسنديده نثر نگار؟
امر جليل.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
صادق فقير.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
منهنجي امڙ.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
ياسمين، چنبيلي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
ڪارو، گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
انسان، وڻ، ٻوٽا، سڀ جاندار شيون، فطرت.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
پاڻي پيئجي.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
سٺو اخلاق.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪوڙ، ڌوڪو ۽ منافقت.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
هر ماڻهوءَ تي اعتبار ڪرڻ.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
جڏهن بابا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ڌوڪو.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
تمام بهترين آهي جيڪڏهن ان ۾ محبت ۽ پيار آهي
احساس آهي.
64.
نفرت؟
هر ان ڳالهه کان جنهن ۾ ڪوڙ ۽ ڌوڪو آهي.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
ڪوڙو، فريبي ۽ ڌوڪيباز.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو.
67.
عقيدو؟
ايمان تي، خدا تي.
68.
عبادت؟
بندگي.
69.
وقت؟
ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو.
70.
موت؟
برحق آهي هڪ ڏينهن ضرور ايندو.
71.
زندگي؟
نه کٽندڙ سلسلو.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن مجيد.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
دل کا کیا
قصور.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
ماروي.
76.
سياست؟
عزت جو ٻيو نالو به ٿي سگهي ٿو ۽ ذلت جو ٻيو نالو
به ٿي سگهي ٿو.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
محترمه بينظير ڀٽو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
پائنيپل جوس/ جام شيرين.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڪاوش.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
اردو (ون).
81.
پسنديده اداڪار؟
سلمان خان، دپيڪا پڊوڪون.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
بس.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
پنهنجو گهر ۽ ان ۾ امڙ سان گڏ رهڻ.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
پنهنجو گهر.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
شادي ڪري پنهنجو گهر آباد ڪرڻ، پنهنجي پروفيشن ۾
اڳتي اچڻ.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ها، جج ٿيڻ چاهيم پر نه ٿي سگهيم.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
امڙ کي پينگهي ۾ لوڏيان، امڙ کي حج ڪرايان.
88.
آزادي؟
سٺي لڳندي آهي.
89.
ڇڙواڳي؟
خراب آهي جنهن کي سماج ڪڏهن به قبول ناهي ڪندو.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
تمام گهڻو.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
هاڻي ڪابه ناهي، کوڙ ساريون هيون.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
انسانيت، سٺو رويو، خوش اخلاقي.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
ڌوڪو، بي ايماني.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
تمام گهڻي آهي.
95.
تقدير تي ويساهه؟
50 سيڪڙو ۽ باقي پاڻ.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
جن لاءِ مئاسين اهي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
جيڪا اڄ حقيقت آهي.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
ٻئي جنم تي يقين نٿي رکان.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪوڙ تي، غلط ڳالهه تي.
100.
پيغام؟
محنت، سچائي، ايمانداري ۽ ارادي جي مضبوطي اسان کي
ڪهڙي به منزل تي پهچائي سگهي ٿي.
عورت کي قدرت خداداد صلاحيتن سان
نوازيو آهي، پاڻ تي اعتماد ۽ اعتبار ڪرڻ سکو
انيسا ولي الله
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
هني.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
18 ڊسمبر 1994ع. 12 ربيع الاول جو ڏينهن.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ترڪي.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
اهڙو ڪوبه نه.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
...
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
بابا جي وفات تي. ان وقت مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئس. پهريون
ڌچڪو هو ۽ دل دهلائيندڙ واقعو.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
پهرين خوشي جيون ساٿي کان مليل خوشيون جنهن حقيقي
معنيٰ ۾ ساٿ ڏنو آهي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
الله تعاليٰ جي طرفان مليل پهريون پٽ جو اولاد ۽
16 سالن جي عمر ۾ حج جي سعادت نصيب ٿي.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
پنهنجي پيءُ سان. جڏهن شديد بيماري جي حالت ۾ مون
رات جو 2 بجي ضد ڪيو ته بابا شئي وٺي ڏئي ۽ دڪان
بند هئا. پر هن انگل پورو ڪيو.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
بهار جي موسم ۾ اسڪول طرفان ڪينجهر جي ٽرپ.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
اربع ڀاڳوند ڏينهن.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
فجر، پرهه ڦٽي.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
برسات کان پوءِ انڊلٺ ۽ برسات.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ننڍپڻ ۾ اسڪول ويندي رستي ۾ ماڻهن جي گهرن جون
گهنٽيون وڄائڻ.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
افسوس اهو ئي آهي ته جڏهن هوش سنڀاليم ته بابا جو
وڇوڙو اچي ويو.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ننڍپڻ ۾ اهو سوچيو هو ته اهڙو ڪجهه ڪيان جو منهنجي
مئي کان پوءِ ماڻهو مون کي ياد رکن.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ضدي ناهيان.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
ڌيئرن جي ڄمڻ کان پوءِ احساس ٿيو.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
جواني جو اهو ئي خواب هو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ
ڪجهه ڪريان.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
ڪعبة الله شريف ڏسڻ وارو پل.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
ہر ایک
مسکراہٹ
مسکان نہیں
ہوتی،
نفرت ہو
یا
محبت آسان نہیں
ہوتی۔
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
بلڪل خاموش ٿي ويندي آهيان. مون شروع کان وٺي
پنهنجي ڳوڙهن کي پيئڻ سکيو.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
شڪرانو ادا ڪندي آهيان.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
لهندڙ سج لهندڙ سج احساس ڏياريندو آهي ته هر ڪمال
کي زوال آهي.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
شدت سان والدين جي ڪمي کي محسوس ڪندي آهيان.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
اسان جو عوام ايترا سال غلامي جي زندگي گذارڻ کان
پوءِ به وري غلام رهڻ تي مجبور آهي.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
مان سمجهان ٿي مان ٺيڪ آهيان. هر حال ۾ خوش رهجي.
31.
خالي رستن جا احساس؟
محسوس ايئن ٿيندو آهي ته اسان جي دل به خالي رستن
وانگر آهي.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
مان سمجهان ٿي ته هڪ باشعور عورت هجڻ جي باوجود
سماجي ۽ اخلاقي ذميواريون ۽ ديوارون مون پنهنجو
پاڻ ٺاهيون آهن.
33.
دوستي؟
هڪ وڏي نعمت آهي جيڪڏهن سچو دوست ملي ته خوشنصيبي
آهي.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
ڪا شڪايت نه آهي.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه ميار ڪانهي
36.
پيار؟
پيار جا گهڻا ئي روپ آهن.
37.
عشق؟
عشق الله سان. پنهنجي مقصد سان جنون جي حد تائين.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
دعا ڏيندي آهيان.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
الله تي ڇڏي ڏجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
مون پنهنجي دل تي اهڙي نموني پنهنجن خواهشن تي ضبط
ڪيو آهي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
منهنجو گهر وارو.
42.
پهرين مڃتا؟
...
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
هڪڙي سياستدان هجڻ جي ناتي سان تنقيد هڪ معمول
آهي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
انگريزي ۾ شاعري ڪئي آهي.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
2014ع.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
سياستدان، سماجي ڪارڪن.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
...
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪو سفر آئون ڪيان پئي تعريف منهنجي لاءِ نعمت
آهي.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، شيڪسپيئر.
50.
پسنديده نثر نگار؟
وليم ورڊس ورٿ.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
ڪمار سانو.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
قدرت.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
پرفيومز جو ڪريز آهي. خاص آزارو،
White diamond،
ڪرچسن ڊائر.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
پنڪ.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
عورت.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
ضبط.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
اخلاق ۽ ڳالهائڻ جو انداز.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
منافقت.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
سچار آهيان. ايماندار آهيان. مخلص ۽ وفادار آهيان.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
ماءُ پيءُ جو وڇوڙو.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
معاف ڪري ڇڏڻ وارن مان آهيان.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
آسان به آهي ڏکي به آهي.
64.
نفرت؟
نفرت ڪنهن سان به نه.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
اهڙو ڪوبه ناهي. ڪوشش ڪندي آهيان ته ان جي سامهون
نه اچان.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو.
67.
عقيدو؟
الله تي. اسلام تي. ايمان تي.
68.
عبادت؟
عبادت کان بهترين ڪو مشغلو ڪونهي.
69.
وقت؟
بي وفا آهي.
70.
موت؟
برحق آهي.
71.
زندگي؟
خواب.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن شريف.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
دل والے
دلہنیا
لے
جائیں
گے۔
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
بينظير ڀٽو، پنهنجو والد صاحب، عمران خان.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
Queen Elizabeth.
76.
سياست؟
سياست عبادت آهي پر ماڻهن هن کي تجارت بنائي ڇڏيو
آهي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم.
78.
وڻندڙ مشروب؟
فالوده.
79.
وڻندڙ اخبار؟
اخبار جهان.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
News & Songs.
81.
پسنديده اداڪاره؟
ڪترينا ڪيف.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
Four wheels
۽ جهاز.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
خوابن تي يقين ناهي.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
کوڙ خواب پورا نه ٿيا.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
مان هڪڙي جاکوڙيندڙ عورت آهيان. انشاءَ الله اچڻ
وارو وقت سٺو هوندو.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
الله جي مهرباني سان هر ڪم ۾ ڪاميابي ملي آهي.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
جنهن ڏينهن پنهنجي منزل تي پهچنداسين.
88.
آزادي؟
آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي.
89.
ڇڙواڳي؟
ڇڙواڳي اڻوڻندڙ شيءِ آهي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
تمام گهڻو.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
الله جي رضا ۾ راضي رهجي.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
ان جو اخلاق.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
بي حسي.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪا شڪايت ناهي.
95.
تقدير تي ويساهه؟
...
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
مان هڪ بردبار عورت آهيان.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
...
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
غير شادي شده ۽ غير سياسي زندگي.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
مون هميشه پاڻ تي ضبط ڪيو آهي.
100.
پيغام؟
اهو ئي آهي ته توهان سڀ کان پهرين پنهنجي اندر جو
ڊپ ختم ڪيو. باصلاحيت عورتن کي اڳيان آڻيو. حق ۽
سچ جي پرک ڪيو. عورت کي قدرت خداداد صلاحيتن سان
نوازيو آهي پاڻ تي اعتماد ۽ اعتبار ڪرڻ سکو.
|