سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:44 

عورت کي سماجي برابري ۽ فرد جي حيثيت ملي

 

 

 

 

شبنم نواز پنهور

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

شبنم.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

14 سيپٽمبر.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

نئون پيارو ڳوٺ (دادو).

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ڄام شورو.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

مدينه شريف.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

راولپنڊي.

7.                       زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

بابا سائين جو وڇوڙو.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

گهر وارن طرفان پڙهڻ جي اجازت ملڻ.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

جڏهن مون کي نوڪري ملي.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

سٺا دوست مليا.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

ڊسمبر جون برساتون ۽ ٿڌيون هوائون ولولو پيدا ڪنديون آهن.

12.       وڻندڙ موسم؟

بهار.

13.                ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

سومر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

صبح جي ٿڌڙي هير جو پهريون پهر.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

مختلف گلن جو هوائن ۾ جهومڻ جو نظارو.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪافي آهن پنهنجي ڀاءُ (راجا) سان راند کيڏڻ ۾ ڏاڍو وڙهندي هيس.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

پڙهائي جي سلسلي ۾ اڪثر گهر کان پري رهڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

گهڻي کان گهڻي تعليم حاصل ڪيان.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

پڙهائي ۽ ڪتابن کان علاوه ڪا خواهش ۽ انگل نه هوندو هو.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

خوف جو احساس.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

عورت کي سماجي برابري ۽ فرد جي حيثيت ملي.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

دوستن سان گهاريل هر پل.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي.

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

احساس بنا انسان اخبار پراڻي آ.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

اڪثر خاموش رهندي آهيان يا روئي ڏيندي آهيان.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

پرجوش طريقي سان ڪندي آهيان.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

صبح جو پهر، پرهه ڦٽي جو پهر.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪڏهن اڪيلائي جو احساس ناهي ٿيو. پين، پنو، ڪتاب هر وقت گڏ هوندا آهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

...

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

هن سماج جي ٺاهيل فرسوده رسمن ۾ پاڻ کي بيوس محسوس ڪرڻ.

31.       خالي رستن جا احساس؟

تمام گهڻو پرسڪون.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

سوچن تي مقرر ڪيل سرحدون.

33.      دوستي؟

دوست ۽ دوستي اها آهي جيڪا توهان کي توهان جي خامين سان گڏ پسند ڪري.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

جيڪي هٿ ڇڏائي وڃن اُهي دوست ناهن هوندا.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

رُٺا ئي رهن پر هجن حياتي.

36.      پيار؟

ماءُ جي محبت وانگر مقدس ۽ من موهيندڙ احساس.

37.      عشق؟

عشق جيڪو مريد کي مراد جي درجي تائين پهچائي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

صرف امڙ سان ڪندي آهيان.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار عذاب ناهي آڻيندو.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ائين ٿي نه ٿو سگهي ان لاءِ جو پوءِ اها وڏي ۾ وڏي بدقسمتي آهي.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجي امڙ جون دعائون.

42.      پهرين مڃتا؟

پهرئين ڪالم تي سينيئرز کان مڃتا ملي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

ڪابه نه.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪالم.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

يونيورسٽي جي زماني کان.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

شاعري.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

انسان پنهنجو پاڻ.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

ڪير منهنجي لکڻين جي تعريف ڪري.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف، استاد بخاري.

50.      پسنديده نثر نگار؟

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي ۽ نور الهديٰ شاهه.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

مهدي حسن، منظور سخيراڻي ۽ پنڪج اداس.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

امڙ جون دعائون ۽ امڙ جي دعائن وانگر ئي مقدس، مضبوط ۽ دائمي آنٽي ياسمين پنهور.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

پنهنجي مادر ڀومي جي خوشبو.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

چار موسم پر پانچواں موسم پیار کا۔

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

لائيٽ پنڪ، لائيٽ پرپل.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان ذات.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

ڪير نه ڳالهائي صرف امڙ کانسواءِ.

58.               انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

محبت، پيار.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪوڙ ڳالهائڻ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

ڪنهن جو روئڻ برداشت نه ڪري سگهندي آهيان.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

سنڌو درياءَ جو پاڻي کان خالي رهڻ.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ڪنهن جي دل ڏکائڻ/ ٽوڙڻ.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

پرسڪون.

64.      نفرت؟

انسان جي دماغ جي پيداوار پر تمام خراب ۽ خطرناڪ.

65.               اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

مان ڪڏهن ڪنهن کان نفرت ناهي ڪئي.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.      عقيدو؟

الله پاڪ تي.

68.      عبادت؟

انسان ذات جي خدمت.

69.      وقت؟

وقت سڀ کان وڏو اُستاد ۽ سڀ کان وڏو مرهم.

70.      موت؟

خوفناڪ.

71.       زندگي؟

ڪٿ آهي ڪڙي ته ڪٿي آهي مٺي،

ڪجهه به چئو پر آهي ڏاڍي سٺي.

(شبانه نواز پنهور)

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

ڪلام پاڪ.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪافي آهن.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

حيدر بخش جتوئي.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.      سياست؟

No Comments.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه.

78.      وڻندڙ مشروب؟

آب زم زم، انب جو شربت.

79.      وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

هم/ مهراڻ چينل.

81.       پسنديده اداڪار؟

عامر خان، شاهه رخ خان.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

مسڪرائيندي، جيڪا وقت تي ساٿ ڏئي ۽ وقت تي پهچائي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

هن ڌرتي تي امن جي گيتن کي ساڀيان ٿيندي ڏسان.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سماج ۾ طبقاتي نظام جو خاتمو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

ڪافي آهن شال الله رب العزت همت ڏئي ۽ مدد فرمائي.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪافي آهن.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

پنهنجي جيجل امڙ سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪيان.

88.      آزادي؟

انساني جياپي لاءِ انتهائي ضروري پر لمٽس ڪراس نه ڪجن.

89.      ڇڙواڳي؟

تمام خراب عمل آهي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

جنهن جي وجود جي بقا سان اسان جي بقا هجي ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

هڪ موت مُئي جو آ ڀؤ سهڻا.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

جڏهن ڪو ماڻهو اعتماد ٽوڙيندو آهي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن روئي ڏيندي آهيان.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪيتريون ئي آهن پنهنجي پاڻ لاءِ وقت ناهي.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تمام گهڻو پر اوترو ئي محنت تي به.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

موت.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

انسان ۽ مسلمان هوندي به حق ادا نه ٿا ڪريون، نه انسانيت جا نه مسلمان هجڻ جا.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

سانئڻ فاطمة الزهره رضه جن جي ڪنيز.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

غلط بياني ڪرڻ تي.

100.  پيغام؟

دين اسلام جا صحيح پوئلڳ ٿيو اُهو ئي امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي ته پيغام به.

(سرتيون 2015ع)

هميشه مثبت رهو، ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪيو، ٻين جي مدد لاءِ تيار رهو

نازش فاطمه

 

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

نازي.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

2 فيبروري.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

حيدرآباد.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

سکر گرمي جي ڪري.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري

ئي نٿو؟

ماما (اڪبر ڀٽي) جي وفات تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

زندگيءَ ۾ ڪافي مرڪون آهن.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

جڏهن پنهنجي پيرن تي بيٺس. پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جو آغاز ڪيم.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

شاديءَ کان پوءِ گهرواري پاران مليل قرب.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

جڏهن هن گل ڏنا هئا.

12.       وڻندڙ موسم؟

گرميون.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

ڇنڇر.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

رات جو.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

فطرت جي خوبصورتيءَ جي هر کڄندڙ ساهه سان الله جي رحمت جي تعريف ڪيون ٿا.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

پنهنجي ماسين ۽ پڦين سان تمام گهڻيون مستيون ۽ شرارتون ڪيون.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

محرومي اها ملي جو ڪجهه وڏن جون غلطيون هيون جو نياڻين ۽ پٽن ۾ فرق رکيو ويندو هو. اها محرومي اڄ به ذهن کي تڪليف پهچائي ٿي.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

ضد آءٌ هر ڳالهه ۾ ڪندي هئس.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

مئٽرڪ ۾ جڏهن A گريڊ آيو تڏهن تمام گهڻي خوشي ٿي. 86 سيڪڙو مارڪون کنيون پنهنجي محنت ۽ امي جي دعائن سان.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

پاڻ جهڙين نياڻين جي لاءِ اهڙو ڪم ڪجي جو اهي ڪنهن جون محتاج نه ٿين. الله جو شڪر آهي جو قدرت مون کي ان مقصد ۾ ڪاميابي ڏني.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

منهنجي نڪاح وارو وقت.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

تجھ سے ناراض نہیں زندگی۔

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

خودی کو کر بلند اتنا

کہ ہر تقدیر سے پہلے

خدا بندے سے خودپوچھے

بتا تیری رضا کیا ہے

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

مسڪراهٽ چپن تي ۽ اکيون آليون.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

جڏهن خوش هوندي آهيان ته الله جو شڪر ادا ڪندي آهيان. الله پاڪ کان هٿ ٻڌي هميشه معافي گهرندي آهيان. هر خوشي الله پاڪ جي ڏنل نعمت آهي.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

هر ويلو پسند آهي.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

تمام گهڻو ٿيندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

ان وقت بندن کي گهرجي ته الله تعاليٰ سان دل جو حال اوري. ڏينهن جو دنياداري نڀائي.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

تمام گهڻيون ميارون آهن.

31.       خالي رستن جا احساس؟

جلدي منزل تي پهچنداسين.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

تمام گهڻيون ديواريون هيون جيڪي امي ۽ بابا جي سهڪار سان ڀڃي ڀور ڪيون. اڄ ان مقام تي آهيون جو ٻين کي ڪم اچون پيا.

33.      دوستي؟

هڪ نعمت ۽ طاقت آهي. دوستن کانسواءِ اسان جون محفلون ويران آهن. دوست اهڙا هجن جيڪي توهان جي هڪڙي سڏ تي اچي وڃن.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

ڪابه نه.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

اهڙو موقعو نه مليو آهي.

36.      پيار؟

پنهنجي بابا سان تمام گهڻو.

37.      عشق؟

مون هڪڙو پنهنجي گهر واري سان ڪيو ۽ ٻيو عشق منهنجو پٽ آهي ۽ حقيقي عشق رب پاڪ سان آهي.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

پنهنجي پٽ کي چميون ڏئي.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

اهو رشتو جنهن سان توهان جو پيار هجي اهو توهان کان رسي وڃي ته ان کان وڌيڪ ڪا تڪليف نه هوندي. دل ۾ محبت هجڻ باوجود به ڪو رشتو انا جي ور چڙهي وڃي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ڪو عذاب ناهي.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

ڀائرن سان پيار تمام گهڻو آهي پر ضد ۾ اظهار نه ڪندي آهيان.

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

امي، بابا ۽ گهروارو.

42.      پهرين مڃتا؟

پنهنجا خواب پنهنجي اکين سان پورا ٿيندي ڏسان پئي.

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

بي جا پابنديون هڻڻ ته ڌيءُ آهين. جڏهن ته اڄ جي دور ۾ ڌيئر پٽن کان وڌيڪ ماءُ پيءُ توڙي سماج لاءِ احساس رکن ٿيون.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

پاڻ هن اداري کي ٺاهيو ۽ هلايان پئي.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

....

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

منهنجي بابا جو نالو ۽ Active Women Foundation ۽ سماجي ورڪر.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

منهنجو بابا.

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

پنهنجي ڪم جي تعريف تي دل خوش ٿيندي آهي.

49.      پسنديده شاعر؟

احمد فراز ۽ علامه اقبال.

50.      پسنديده نثر نگار؟

امر جليل، دستگير ڀٽي. (منهنجو بابا)

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

جگجيت سنگهه.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

بابا ۽ منهنجو پٽ.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

Channel.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جي موسم جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

سائو رنگ.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان ۽ فطري نظارا.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

ڪانه ڪا شيءِ ٽوڙي، ڪنهن سان وڙهي ۽ رڙيون ڪري.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

ان جي عاجزي ۽ نوڙت.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

حسد، مغروري اهي رويا تڪليف ڏيندا آهن.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

حساس آهيان، ڪنهن جي تڪليف ڏسي نه سگهندي آهيان.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

زندگيءَ جا ڪجهه ڪٺن فيصلا آهن جن تي هر وقت پيڙا محسوس ٿئي ٿي.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ڪنهن به عورت جي تذليل جي معافي ناهي باقي خون به معاف ڪري سگهجي ٿو.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

سٺي آهي.

64.      نفرت؟

نفرت نه ڪجي. ڪوبه انسان برو نه هوندو آهي.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

...

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل ڪم ڏيندو آهي جذبات ۾ انسان گهڻو ڪجهه وڃائي ويهندو آهي.

67.      عقيدو؟

الله تي. سڀ ان جي مرضي سان ٿيندو آهي.

68.      عبادت؟

روح جو سڪون.

69.      وقت؟

وقت تي ڪجهه نه پرايو ته سمجهو سڀ ڪجهه ضايع ڪري ڇڏيو.

70.      موت؟

اچڻو آهي.

71.       زندگي؟

جيستائين جيئرا آهيو خوشيءَ سان جيئو ٻين جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيو.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

اسان جو قرآن پاڪ.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

Jab we meet.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

امام حسين عليھ السلام.

76.      سياست؟

ارادو رکان ٿي پر فيصلو ناهي ڪيو. سماج جي بهتري لاءِ سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

عمران خان.

78.      وڻندڙ مشروب؟

پاڪولا بوتل.

79.      وڻندڙ اخبار؟

عبرت.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

جيو، اي. آر. واءِ.

81.       پسنديده اداڪاره؟

بشريٰ انصاري، عتيقه اوڍو.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ڪابه هجي.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

پاڻي گهڻو ڏسندي آهيان.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

ڊاڪٽر ٿيڻ جو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

گهڻي ۾ گهڻو عورتن جي حقن ۽ انهن جي تعليم ۽ سکيا لاءِ ڪم ڪرڻ.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

سچي انسان جي ڌيءَ هجڻ جي ڪري گورنمينٽ سروس کان محروم رهيس.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

جيڪي خواب آهن انهن جي پوري ٿيڻ جو انتظار آهي.

88.      آزادي؟

نعمت آهي. هر ڪنهن کي آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي.

89.      ڇڙواڳي؟

هڪ اهڙي دلدل آهي جنهن مان انسان ڪڏهن نڪري نه سگهندو آهي.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

پنهنجي سنڌ سان گهڻو پيار آهي. پنهنجي ملڪ سان تمام گهڻو پيار آهي.

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

زندگي کان شڪايت اها آهي ته جهڙي سوچي هئي ان کان مختلف پئي گذري.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

خوش اخلاقي.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڌوڪيبازي، مڪاري.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

پاڻ کان اها شڪايت آهي ته ڪٿي ڪٿي نياڻين جي مستقبل جي خاطر رشتن کي ناراض ڪيو آهي. اميد آهي ته وقت سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.

95.      تقدير تي ويساهه؟

تقدير جو فيصلو اسان جي سوچ کان وڌيڪ سٺو هوندو آهي. جو اهو قدرت جي طرفان هوندو آهي.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

ڪڏهن به ڪنهن کي پاڻ کان گهٽ نه سمجهجي، اڄ آءٌ جنهن مقام تي آهيان. ان ۾ منهنجي مائٽن جون تمام گهڻيون دعائون آهن. پر هڪڙي عورت جا چيل لفظ جن منهنجي زندگي سنواري ڇڏي.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

ها مان تنهنجي بنا، ڪجهه به ته ناهيان.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

مسلمان ۽ هڪ سٺو انسان.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

ڪوڙ تي، ڌوڪيبازي تي.

100.  پيغام؟

هميشه مثبت رهو. ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪيو. ٻين جي مدد لاءِ تيار رهو. مائرن کي گذارش آهي ته پٽن ۽ ڌيئرن ۾ فرق نه رکن.ڇو ته اهي ماءُ پيءُ ۽ ٻين رشتن سان تمام گهڻو مخلص هونديون آهن. هنن تي اعتبار ڪيو. پنهنجي نياڻين کي علم سان گڏ هنر به سيکاريو ۽ ته جيئن هو سماج جون سٺيون شخصيتون ثابت ٿين. اڄ جي نياڻي سڀاڻي جي ماءُ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org