ڪاش مان
جوڳياڻي هجان ها
نذير ناز
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
نذيران، بابا ناز بيگم پنهنجي ماءُ جي نالي سان
سڏيندو هو.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
15 مارچ 1953ع.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
حيدرآباد، روحاني طور مدينو شريف.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
مدينو شريف ۽ منهنجو پنهنجو گهر صدر حيدرآباد.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
...
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
کوڙ ڏک ۽ سڏڪا آهن سڄي زندگي سڏڪن ۾ گذري. پر
هميشه زنده دليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
عربيا جي ڄمڻ تي مرڪي پيس.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
خيرالنساءَ جعفري جنهن جون مهربانيون ياد ڪري اکين
۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
امان جو ڏنل قرب اڃا به يادآ هي.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
نسيم نگر ۽ واڌو واهه، ناناڻن جي گهر جي سامهون وڻ
ٽڻ ۽ پينگها، پاڻي جا نار دو آب ۽ بخشو فقير جي
درگاهه.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار جي موسم وڻندي آهي.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
جمعي جو ڏينهن جو عبادت ڪندي آهيان.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
فجر. پرهه ڦٽي جي پهر ڪينٽ جي پارڪ ۾ واڪ ڪندي
آهيان.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
اسڪردو جا پهاڙ ۽ وهندڙ آبشار.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
صابرين هيس.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
تمام ننڍي عمر ۾ شادي ٿي اها عمر منهنجي راند کيڏڻ
جي هئي. ٻيو ته پيڪاڻي گهر ۾ به امان رڳو ٻار
ڄڻيندي هئي. ۽ مان انهن کي ڪڇ تي کنيو پئي
گهمائيندي هيس. ايئن منهنجو ٻاروتڻ ختم ٿي ويو.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ٻالڪپڻ جي خواهش اها هئي ته پڙهان ۽ ٻين ڇوڪرين
وانگر ڪاليج وڃان. جيڪا خواهش پوري نه ٿي سگهي.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ننڍپڻ ۾ هڪ ڪنوار جو ڏاج پئي ڏيکاريائون ان ۾ سون
جي نٿ ڏسي امان سان ڏاڍو ضد ڪيم ته اها مون کي وٺي
ڏي.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
مون کي احساس ئي ڪونه ٿيو.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
خواب اهو هو ته ناميارن ليکڪن ۾ شمار ٿيان. ٻيو
ڳائڻ جو شوق هو، پر اجازت نه ملي نه ته ڪا مشهور
فنڪار هجان هان. اداڪاريءَ جو به شوق هو.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
ذوالفقار علي ڀٽي سان روبرو ملاقات ٿي اهو پل اڃا
تائين نٿو وسري.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
ایک
تو نا ملا، ساری
دنیا
ملے
بھی
تو کیا
ہے۔
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
مخدوم طالب الموليٰ جو ڪلام
”اڱڻ ٻهاريان، تنهنجون واٽون نهاريان، او يار سڄڻ“
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
خاموشي. دل جي ڳالهه دل ۾.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
کلندي آهيان، پريس وارا چوندا آهن ته جڏهن توهان
جو ڪو ڪتاب ناري پبليڪيشن کان ڇپبو آهي ته اوهان
جي منهن تي رونق ۽ خوشي نظر ايندي آهي.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
فجر جي وقت پکين جون لاتون. ڇو ته مان شروع کان
وٺي فجر جو اُٿندي آهيان. مون کي ننڊ گهٽ ايندي
آهي.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
احساس ڪونه ٿيندو آهي جو مصروف رهان ٿي پاڻ
چاهيندي آهيان ته نويڪلي هجان. هينئر به ٻار چوندا
آهن ته اسان سان رهه، پر مان پنهنجي منهن رهڻ
پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ وڌيڪ مطمئن رهندي آهيان.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
مون کي رات جي اونداهي وڻندي آهي جو ماڻهو هڪ منو
ٿي آرام ڪري ٿو.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
عمر گذري وئي پتو ئي ڪونه پيو. وئي جدوجهد ۾ گذري
پتو ئي نه پيو.
31.
خالي رستن جا احساس؟
گوڙ کان وڌيڪ خاموش ۽ خالي رستا وڻندا آهن.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
انهن کي پسند نه ٿي ڪيان. بلڪه سماجي طور پابنديون
پسند نه ٿي ڪيان.
33.
دوستي؟
دوستي رکجي ته نڀائجي ڇو ته مان ان جي گلا ٻڌي نه
سگهندي آهيان.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
ڪا شڪايت ڪانهي.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه ميار ناهي.
36.
پيار؟
پيار کانسواءِ زندگي بي معنيٰ آهي.
37.
عشق؟
عشق قدرت جي طرفان تحفو آهي، انڪري عشق ٿي نه
سگهيو.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
مان ڪڏهن پيار جو اظهار ڪري نه سگهيس.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
پيار ٿيو ئي ڪونه.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
منهنجو پيار منهنجي تصور ۾ ئي رهيو.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
منهنجي پنهنجي ذات. باقي شاعري ۾ نور شاهين ۽
شمشير الحيدري کان اصلاح ورتم.
42.
پهرين مڃتا؟
زينت ايوارڊ، ڪهاڻي تي. شاعريءَ تي به.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد جيڪا حسد ۽ ساڙ تي ٻڌل هجي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪهاڻي اردو ۾ لکيم ”مڪنا هاٿي“ ٻارن جي صفحي لاءِ
”انجام“ اخبار ۾ لکيم جنهن تي پڻ انعام مليو.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
ڏهن سالن کان.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
نذير ناز پبلشر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعره.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
وقت.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
سٺي لڳندي آهي.
49.
پسنديده شاعر؟
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
50.
پسنديده نثر نگار؟
هن دور ۾ نصير مرزا.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
برڪت علي جو آواز وڻندو اٿم.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
قدرت، الله پاڪ.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
موتيو ۽ گلاب.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
گهرو ڳاڙهو، تيز واڱڻائي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
اولاد.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
چپ ٿي ويندي آهيان، آهستي آهستي ڳالهه وسري ويندي
آهي.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
مسڪرائيندڙ چهرو.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
محبت.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
بس پل ايندا آهن جن کي خوشيءَ سان ٽاري ڇڏجي ٿو.
آخرڪار انسان آهيان ڪو پيڙا جو پل ڪو سُور ياد اچي
ٿو.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
معاف ته ڪري ڇڏيندي آهيان.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
انهيءَ ۾ مزو هو، پرآخر ماڻهو ٿڪجي ٿو پوي.
64.
نفرت؟
ٿوري دير لاءِ محسوس ڪندي آهيان، پر پوءِ وري
وساري ڇڏيندي آهيان.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
چيم ته وساري ڇڏيندي آهيان.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو.
67.
عقيدو؟
الله تي. اسلام تي. پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ
وسلم تي.
68.
عبادت؟
عبادت زندگيءَ جو مقصد.
69.
وقت؟
وقت جي رفتار ڏاڍي تيز آهي.
70.
موت؟
موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان گهٻرائڻو ناهي.
71.
زندگي؟
مون کي لڳي ٿو ته خواب آهي. هڪ اڻ کٽندڙ جدوجهد
آهي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
هڪڙو ته نٿو چئي سگهجي. امرتا پريتم جون لکڻيون
وڻن ٿيون ڇو ته هن سچائي سان لکيو آهي.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
...
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
ذوالفقار علي ڀٽو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت امام حسين عليھ السلام.
76.
سياست؟
اها جيڪا ڪوڙ تي مبني نه هجي عوام جي ڀلي لاءِ
هجي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد راڻي بينظير، سائين جي ايم. سيد.
78.
وڻندڙ مشروب؟
کير.
79.
وڻندڙ اخبار؟
سڀ سنڌي اخبارون.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
سڀ هڪجهڙا آهن.
81.
پسنديده اداڪاره؟
نور جهان.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ريل گاڏي.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ياد ئي نه رهندا آهن.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
سڀ پورا ٿيا.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
هاڻي ڪهڙو مستقبل؟ اڄ آهيان سڀاڻي نه هوندس. هاڻي
ڇا بچيو آهي جو منصوبا بندي ڪيان. شڪر آهي بس دعا
آهي ته شال ڪڏهن ڪنهن جي محتاج نه ٿيان.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
بس محنت سان سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. ناڪامي کي محسوس ئي
نه ڪيو.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ارمان اٿم ته پوٽن ڏوهٽن جون خوشيون ڏسان.
88.
آزادي؟
آزادي ضروري آهي، عورت هجي مرد هجي هر ڪنهن کي
زندگي گذارڻ جو پورو حق هجي.
89.
ڇڙواڳي؟
ڇڙواڳي نه وڻندي آهي. ڪنهن جي به.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
سنڌ سان پيار آهي، سڄي دنيا کان امر آهي.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
شڪايت ڪري ڇا ڪبو گذري سا گذري.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
اخلاق.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
ٺڳي، چاپلوسي.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪابه نه.
95.
تقدير تي ويساهه؟
اٿم. اٽل ويساهه.
96.
زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
ڪوڙو پيار.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
زندگي پنهنجي وس ۾ نه آهي. پنهنجي غلطين جو اعتراف
فراخدليءَ سان ڪجي.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
جوڳياڻي، ڪاش مان جوڳياڻي هجان.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪوڙ تي.
100.
پيغام؟
سڀني لاءِ اهو پيغام آهي ته زندگي ۾ جيڪي به
تڪليفون اچن ٿيون انهن کي
بهادريءَ سان منهن ڏجي. ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! |