سچ
ڳالهايو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيو
روزينه جوڻيجو
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
روزينه.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
29 سيپٽمبر.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
دادو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
جتي پيدا ٿيس.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
ڄام شورو.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
سڀ شهر پنهنجا آهن.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
ماءُ، پيءُ جي جدائي.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
جڏهن ايلسا پيدا ٿي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
ڪو پراڻو دوست ملي اچانڪ رستي ۾.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
کوڙ ساريون يادون آهن.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
ڄام شورو ۾ پهريون ڏينهن. جڏهن يونيورسٽي آيس.
12.
وڻندڙ موسم؟
بادلن سان گڏ هلڪي هوا.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
هر ڏينهن سٺو آهي سواءِ موڪلن وارن ڏينهن جي.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
شام جڏهن سج جي موڪلاڻي ٿيندي آهي.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
باغ ۾ خوبصورت گل ڏسي.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
آزادي جيڪا هاڻ اسان پنهنجي ٻارن کي نه ٿا ڏئي
سگهون.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
ڊاڪٽر ٿيڻ.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ہزاروں
خواہشین
ایسی
کہ
ہر خواہش پہ دم نکلے۔
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
خوبصورت لباس پائڻ.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جڏهن امان چيو ته هاڻ اڪيلي ٻاهر نه وڃ.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
خواب ته هوندا ئي خوبصورت آهن.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
جواني جا ته سڀ پل خوبصورت هوندا آهن.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
...
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
اڪيلي ۾ روئڻ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
گيت ٻڌڻ، ٻارن کي لانگ ڊرائيو تي وٺي وڃڻ ۽ سڀني
فرينڊس سان فون تي ڳالهائڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
صبح جو ويلو.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
اڪيلائي وڻندي آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
خوفناڪ.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه.
31.
خالي رستن جا احساس؟
خالي رستا هاڻ ڪٿي آهن.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
بي وسيءَ جو احساس ڏيارينديون آهن.
33.
دوستي؟
خوبصورت جذبو.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
اهي دوست ئي نه هوندا آهن.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه نه.
36.
پيار؟
خلوص ۽ سچائي سان ڪجي.
37.
عشق؟
هن دور جي بيوقوفي.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
مسڪرائڻ.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
خاموشي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
ڪرڻ گهرجي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
ظفر.
42.
پهرين مڃتا؟
ياد نه آهي.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد جائز هجي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
شاعري.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
شاعري ۽ آرٽيڪل لکڻ.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
صحافت.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پاڻ.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
تعريف ته خوشي ڏيندي آهي پر سچي هجي.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف رحه، پروين شاڪر.
50.
پسنديده نثر نگار؟
امر جليل، الطاف شيخ.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
شفيع فقير، منظور سخيراڻي.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
زندگيءَ جو ساٿي ۽ دوست.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
هر سٺي خوشبو وڻندي آهي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بادلن جي موسم جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
اڇو ۽ گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
خوبصورت گرينري.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
ڪجهه دير ۾ لهي ويندي آهي.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
ڳالهائڻ جو انداز.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪوڙ ۽ منافقي.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
گهمڻ.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
ناانصافي تي ڪجهه نه ڪري سگهجي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
معصومن تي يا عورت تي تشدد.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
سٺي آهي.
64.
نفرت؟
ڪنهن سان به نه آهي.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو توبهه ڪري.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل.
67.
عقيدو؟
انسان ذات جي خدمت.
68.
عبادت؟
سڪون آهي.
69.
وقت؟
قيمتي آهي.
70.
موت؟
هڪ ڏينهن اچڻو آهي.
71.
زندگي؟
خدا جو بهترين تحفو آهي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
جنهن ۾ سچي تخليق هجي.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
اجازت ۽ ديوداس.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
بينظير ڀٽو ۽ مهتاب اڪبر راشدي.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
جي. ايم. سيد.
76.
سياست؟
سٺي آهي جيڪڏهن سچائي سان ڪجي ته.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
محترمه بينظير ڀٽو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
مينگو جوس.
79.
وڻندڙ اخبار؟
سنڌ ايڪسپريس.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
نيوز چينل.
81.
پسنديده اداڪاره؟
سري ديوي، ماڌوري.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
جنهن ۾ ريليڪس سفر گذري.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ڪوبه نه.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
کوڙ سارا.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
روز پيا ٺهندا آهن.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
بابا جي خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان هان.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
اسڪول ڪمپليٽ ڪيان.
88.
آزادي؟
ملڻ گهرجي.
89.
ڇڙواڳي؟
سٺي ناهي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
بي انتها.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
ماءُ پيءُ.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
پنهنجن کي پرائو ٿيندي ڏسڻ.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
پاڻ تي توجهه نه ڏيڻ.
95.
تقدير تي ويساهه؟
سوچيو ناهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
زندگي خود هڪ ڪڙو سچ آهي.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
ڪير ٻڌندو.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
جيڪي رهجي ويو.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
سامهون ڪير ڪوڙ ڳالهائي.
100.
پيغام؟
سچ ڳالهايو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيو. هميشه سڀني سان
پيار سان پيش اچو.
(سرتيون 2013ع) |