سيڪشن:رسالا

ڪتاب: هڪ شخصيت 100 سوال جنوري/مارچ 2019ع

باب:

صفحو:40 

اڃا ٻالڪپڻ ۾ هجان، اهي رانديون ڪيان، اچو ڙي ڀينر راند رچايون

 

 

 

 

فردوس سانگي

1.             گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

فردوس.

2.            ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

پهرين جنوري 1974ع.

3.            شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

منهنجو ڳوٺ، نواڙو شريف، تعلقه گمبٽ (خيرپور ميرس).

4.            شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

حيدرآباد.

5.            شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد.

6.            شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ڪوبه نه.

7.                         زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

جڏهن اسان جو بابا سائين گذاري ويو. اسان سمجهو ته دنيا ختم آ.

8.            زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

جڏهن منهنجي ميڊيڪل ۾ سليڪشن ٿي.

9.            زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

سٺو جيون ساٿي ملڻ.

10.        زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

15 آڪٽوبر 1991ع مڙس پاران مليل قرب.

11.         موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

بهار جي موسم سان ڪافي يادون آهن.

12.        وڻندڙ موسم؟

بهار.

13.                   ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

موڪل جو ڏينهن، دير سان اٿڻ بنا ڪنهن اڻ تڻ جي گهر ۾ ويهڻ.

14.        ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

شام جو پهر.

15.        فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

ساوڪ، سر سبز ٻنيون.

16.        ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪافي يادون آهن ڳوٺ ۾ هڪ باغ هوندو هو کجين جو. انهن تي چڙهي ويندي هئس. ڏوڏا پٽيندي هئس.

17.        ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

...

18.        ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

اڃا ٻالڪپڻ ۾ هجان. اهي رانديون ڪيان. اچو ڙي ڀينر راند رچايون.

19.         ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

بابا سان انگل ڪندي هئس ته اسڪول نه ويندس، سلائي سکندس.

20.        جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جڏهن محسوس ٿيو ته وڏي ٿي آهيان ته مون کي ڏک ٿيو.

21.        جوانيءَ جو پهريون خواب؟

ڊاڪٽر ٿيان. دل جي سرجن ٿيان ۽ ٻاهر وڃان.

22.       جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ڪافي خوبصورت پل آهن.

23.       بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل.

24.       دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.

25.       ڏک جي اظهار جو طريقو؟

خاموشي.

26.       خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

خوش ٿيندي آهيان ۽ ٻين سان اها خوشي شيئر ڪندي آهيان.

27.       اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

رات جو.

28.       اڪيلائيءَ جو احساس؟

ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آ.

29.       تاريڪيءَ جو احساس؟

رات وڻندي آهي.

30.       گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

31.        خالي رستن جا احساس؟

انهن رستن تي ڪجهه يادون اينديون آهن.

32.       قد کان اُڀيون ديوارون؟

جڏهن مان اٺين ڪلاس ۾ آيس ته برقعو ديوار ٿيو.

33.       دوستي؟

عظيم رشتو.

34.       هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

دوست اهڙا مليا جن کي قدرت گهرائي ورتو. انهن ۾ Female ۽ Male به هئا. جن جي وڇڙي وڃڻ جو ڏاڍو ڏک آهي.

35.       دوستن تي ڪا ميار؟

ڪابه نه.

36.       پيار؟

خوبصورت احساس، پيار کانسواءِ انسان اڌورو آهي جنهن پيار نه ڪيو اهو انسان ڪهڙو.

37.       عشق؟

عشق ۽ پيار ۾ فرق هوندو آهي. پنهنجي امڙ سان عشق، پنهنجي ڪم سان عشق، پنهنجي ٻارن سان پنهنجي گهر واري سان عشق، سچائي جو ٻيو نالو عشق آهي.

38.       پيار جو بي اختيار اظهار؟

تعريف ڪندي آهيان.

39.       پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

انسان جي جڏهن دل ٽٽي ٿي ته پيار کان اعتبار کڄي ويندو آهي.

40.       پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

اڪثر مان اظهار نه ڪري سگهندي آهيان.

41.        ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجو گهر وارو ۽ سر غفار ملڪ.

42.       پهرين مڃتا؟

سچل ايوارڊ بهترين سماجي اڳواڻ تي. پوءِ لڳاتار ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملندا رهن ٿا.

43.       ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد ڏکي لڳندي آهي.

44.       فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

شاعري ۽ مضمون.

45.       فني زندگيءَ جي ابتدا؟

مون مئٽرڪ کان لکڻ شروع ڪيو.

46.       سڃاڻپ جو حوالو؟

بهترين سماجي اڳواڻ.

47.       سڀ کان وڏو نقاد؟

منهنجو گهروارو.

48.       تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

ڪم جي حساب سان ڪير تعريف ڪندو آهي ته رت وڌي ويندو آهي.

49.       پسنديده شاعر؟

شاهه عبداللطيف ڀٽائي.

50.       پسنديده نثر نگار؟

شيخ اياز.

51.        راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

سرمد سنڌي، مهدي حسن، محمد رفيع، ڪشور ڪمار، رونا ليليٰ، لتا منگيشڪر.

52.       وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

گهر وارو.

53.       خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

گلاب جي خوشبو.

54.       ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

موسم بهار جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

گيڙو.

56.       ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

انسان.

57.       چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

گهٽ ايندي آهي.

58.       انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

ان جو ورتاءُ.

59.       دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

وڃي سک ۾ پون.

60.       پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

خاموشي سان ويهي ڏسڻ ته اڳلو ڪهڙو پيو لڪاءُ ڪري.

61.        پيڙا جو ڪو پل؟

جڏهن دوست هن دنيا مان هليا ويا.

62.       معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

قتل ڪرڻ واري کي معاف نٿو ڪري سگهجي.

63.       ڪٽنبي زندگي؟

تمام سٺي ۽ ڀرپور زندگي آهي.

64.       نفرت؟

مون نه ڪئي آهي.

65.                 اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

مون ڪڏهن به ڪنهن کان نفرت نه ڪئي آهي.

66.       عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل.

67.       عقيدو؟

پنهنجي مذهب تي.

68.       عبادت؟

رب جي عبادت سان گڏ بندن جي عيادت. انهن جي خدمت ئي عبادت آهي.

69.       وقت؟

تيزيءَ سان گذرندو پيو وڃي.

70.       موت؟

ننڍپڻ ۾ ڊپ لڳندو هو موت کان پر هاڻي ڊپ نٿو لڳي.

71.        زندگي؟

تمام خوبصورت.

72.       هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

قرآن شريف.

73.       دل کي ڇهندڙ فلم؟

Art Movies ۽ Love Stories وڻنديون آهن.

74.       پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو.

75.       تاريخ جي پسنديده هستي؟

حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم.

76.       سياست؟

سياست کان پري آهيان، اڄ جي سياست کي صرف انجواءِ ڪري سگهجي ٿو.

77.       وڻندڙ سياسي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو.

78.       وڻندڙ مشروب؟

ٿاڌل.

79.       وڻندڙ اخبار؟

ڪاوش اخبار.

80.       وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

ڪوبه نه.

81.        پسنديده اداڪاره؟

ماڌوري ۽ ميناڪشي.

82.       سواري جيڪا پسند هجي؟

وڪٽوريا گاڏي، شاهي سواري يا جيڪا گاڏي وقت تي ملي.

83.       خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

زندگي خواب آهي.

84.       خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

سڀ پورا نه ٿيا.

85.       مستقبل جي باري ۾ پلان؟

سامان سو برس کا، پل کی خبر نہیں۔۔۔

86.       ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه نه. سماجي اڳواڻ جي حيثيت سان عزت ماڻي آهي.

87.       خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ڌيءُ کي هڪ ڪامياب ڊاڪٽر ڏسڻ چاهيان ٿي ۽ پٽ کي هڪ ڪامياب انجنيئر ۽ پنهنجي تنظيم کي وڏي سطح تي ڏسڻ چاهيان ٿي.

88.       آزادي؟

آزادي هجڻ گهرجي. اظهار جي آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي.

89.       ڇڙواڳي؟

ناپسند عمل.

90.       ڌرتيءَ سان پيار؟

سنڌ سونهاري سان، اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي.

91.        زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه. زندگي هڪ نعمت آهي. ان کان ڪهڙي شڪايت.

92.       انساني ڪردار جي سونهن؟

ورتاءُ سٺو هجي، سچائي ڪري ۽ انسان کي انسان سمجهي.

93.       انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ڏکوئيندڙ رويا، خاص ڪري انسان جو قدر نه ڪرڻ.

94.       پنهنجو پاڻ کان ڪا شڪايت؟

پاڻ کي وقت تمام گهٽ ڏنو آ.

95.       تقدير تي ويساهه؟

تقدير تي ويساهه آهي.

96.       زندگي جو ڪڙو سچ؟

...

97.       زندگيءَ جو اعتراف؟

زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ڪنهن سان گهٽ وڌائي ڪئي ته مون اعتراف ڪيو.

98.       ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

ساڳي فردوس سانگي.

99.       ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

چڙ نه ايندي آهي.

100.    پيغام؟

منهنجو پيغام آهي ته انسان کي انسان سمجهو انسانن سان ۽ خدا سان پيار ڪريو. ڪنهن جي دل نه ڏکايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org