شاهه سائين جي سٽ: الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
ڊاڪٽر فرح بلوچ
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
ڪونج/ فرح.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
پهرين آگسٽ.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
ڄامشورو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
مڪو، مدينو.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
مدينو.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
جيڪب آباد/ مبارڪپور.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
منهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي وفات.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
پٽ جي ڄمڻ تي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
اولاد.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
شادي کان پوءِ گهرواري جو مليل قرب.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
سيارو.
12.
وڻندڙ موسم؟
سيارو.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
اڱارو/ جمع.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
فجر/ شام جو.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
سج اڀرڻ/ لهڻ.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
پڙهائي ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
استادن جي مارَ.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ڪابه نه.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ضد ڪرڻ.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
خود اعتمادي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
پنهنجي پيرن تي بيهي ڪجهه ڪم ڪرڻ.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
...
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
دن
ڈھل
جائے،
تیری
یاد
نہ جائے
هي دنيا ڇڏي ويندين.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
شاپنگ/ خريداري.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
ڊرائنگ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
سڀ ويلا پسند آهن.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
ڪڏهن به نه ٿيو آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
نه
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه.
31.
خالي رستن جا احساس؟
...
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
نه هئڻ گهرجي.
33.
دوستي؟
...
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
نه.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه نه.
36.
پيار؟
پيار جو اظهار نه ڪري سگهندي آهيان.
37.
عشق؟
الله سان/ اولاد.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
...
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
...
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
...
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
...
42.
پهرين مڃتا؟
Ph.D
جي ڊگري.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
وقت ضايع.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
...
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
...
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
...
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
...
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
ڊاڪٽر فرح بلوچ.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه ڀٽائي/ سچل.
50.
پسنديده نثر نگار؟
ننديرام.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
ماسٽر چندر.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
پيءُ، ماءُ ۽ ڀائر جن کي الله حياتي ڏي.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
عود جي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
نارنگي/ ڳاڙهو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
هلڪو گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
فطرت/ پاڻي.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
روئي ڪري.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
سٺو اخلاق.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪنهن جي دل ڏکائڻ.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
اولاد.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
مڙس جي ٻي شادي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ڪابه نه.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
ڏک ۾ گهاريندڙ پل.
64.
نفرت؟
ڪهن کان به نه!!
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟
ڪوبه نه.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو، جو عقل ئي وڃائي ڇڏي.
67.
عقيدو؟
رب تي.
68.
عبادت؟
رب جي.
69.
وقت؟
اهم.
70.
موت؟
هڪ حقيقت.
71.
زندگي؟
نعمت وقت تي قدر ڪرڻ.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
سلسلا.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
بينظير ڀٽو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عيلھ وآلھ وسلم.
76.
سياست؟
موقعو مليو ته سياست ۾ ويندس.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
ذوالفقار علي ڀٽو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
پاڻي.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڪابه نه.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
جيو.
81.
پسنديده اداڪار؟
اميتاڀ بچن.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
Honda BRV.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
انسانيت جي خدمت.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
اڃا تائين منزل تي نه رسڻ.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
سياست ۾ وڃڻ.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
پروموشن نه ٿيڻ تي.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
پروموشن/ پروفيسر.
88.
آزادي؟
هميشه آزاد رهي آهيان.
89.
ڇڙواڳي؟
قطعي نه.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
100 سيڪڙو.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
اخلاق.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
منافقت.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪابه نه.
95.
تقدير تي ويساهه؟
جي ها.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
اڪيلائي.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
ڪجهه ڪري ڏيکارڻ.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
پنهنجن ٻارن ۽ مڙس سان رهڻ.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
اگر ڪو سچي ڳالهه تي يقين نه ڪري.
100.
پيغام؟
وقت جو قدر ڪريو، اهو گذري ويو ته وري پڇتاءُ رهجي
ويندو آهي.
اندر جي احساس کي جڏهن آءٌ قدرتي نظارن سان
ڀيٽيندي آهيان ته مون کي قدرت جا سمورا منظر سائنس
مان نڪتل نظر ايندا آهن
ارم
درس
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
ارم.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
1990-03-22.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ٿر.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
ڪوبه نه.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
سؤٽ جي وفات.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
جڏهن به بابا کي خوش ڏٺم.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
زندگي ملي.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلوز جو ساٿ، جڏهن ڏک جي بهار
آئي هئي.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
سنڌ يونيورسٽي جون مينهوڳيون، بارش جيڪي نه وسرڻ
جوڳيون آهن.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
آچر.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
فجر/ پرهه ڦٽي جو.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
اندر جي احساس کي جڏهن آءٌ قدرتي نظارن سان
ڀيٽيندي آهيان ته مون کي قدرت جا سمورا منظر سائنس
مان نڪتل نظر ايندا آهن.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ٻالڪپڻ! دل چوندي آهي ته هن عمر جو حصو مون کان
واپس ڪري مون کي ٻالڪپڻو واپس ڏنو وڃي.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
ٻالڪپڻ جي عمر ۾ جڏهن آءٌ ڏسان ٿي ته ٻار هٿيارن
سان کيڏي ٿو ۽ ٻار احساس محرومي ۽ نفسياتي اُلجهنن
ڏانهن وڃي رهيو آهي، اهڙي قسم جون شيون نه ڏنيون
وڃن ڇو جو ٻار مستقبل جو ڏيئو آهن.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ننڍپڻ جي ڪا خواهش مون کي ياد نه ٿي اچي پر اڄ
منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جي نياڻين جي پوتي جي
پلاند ۾ ڳوڙها نه هجن، لڙڪ نه هجن، انهن جي چپن تي
خوشي جي مهڪار هجي.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
بابا ۽ امان منهنجي هر خواهش کي پنهنجي لاءِ دعا
جو سڳو سمجهندا هئا. منهنجو هر انگل قبول ڪندا
هئا.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
علم انسان جي ٽئين اک آهي. منهنجو اهو هميشه احساس
رهيو آهي ته ڪٿي آءٌ ان کي مڪمل ٿيندي ڏسان ٿي ۽
آءٌ به علم جي اک آهيان.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
آءٌ رائيٽر ٿيان ۽ منهنجون تخليقون منهنجي قوم جي
لاءِ ميندي جي مهڪار جيان ٿين.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
جواني نالو ئي خوبصورتي جو آهي جنهن ۾ هر پل
مهڪندڙ هوندو آهي.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
”اچو ته جنگ جوٽيون،
وڏو پيو انقلاب اچي.“
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
ها مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي،
پر ائين نه مرنداسين ساٿي،
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين،
مچ مچائي وينداسين.
”شيخ اياز“
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
نيڻن تي لهندا آهن بادل جيڪي ڳلن تي وسڻ کان پوءِ
نيڻ ٽانڊن جيان ٻرندا آهن، چپن تي لفظن جي مالا
ايندي آهي.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
آءٌ هر خوشي ۽ غم جي ڳالهه جيجل ماءُ سان سلي
وٺندي آهيان جيڪا منهنجي مڪو ۽ مدينو آهي.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
سانجهي.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
اڪيلائي مون کان ڪوهين دور رهندي آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
انقلاب، انقلاب.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه.
31.
خالي رستن جا احساس؟
رستا خود وجود رکندا آهن.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
سماج جون رڪاوٽون.
33.
دوستي؟
عظيم رشتو آهي ۽ درد جي دوا آهي.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
ڪابه نه.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه نه.
36.
پيار؟
احساس.
37.
عشق؟
حقيقت جو رستو آهي.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
پيار کي پنهنجا رستا پاڻ ٺاهڻا پوندا آهن. پيار
دلين کي فتح ڪري وٺندو آهي.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ڇڏي ڏجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
...
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
سهڻو لطيف سرڪار ۽ شيخ اياز.
42.
پهرين مڃتا؟
عبرت ۾ پهرين ڪالم لکڻ تي امان جي چمي.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد ٿيندي ڏکي آهي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪالم نويس.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
2010ع.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
ڪالم نويس، شاعره، ڪهاڻيڪار.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
وقت.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
تعريف تخليقڪار لاءِ هاڃيڪار آهي.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف رحه.
50.
پسنديده نثر نگار؟
عزيز قاسماڻي.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
صادق فقير ۽ عابده پروين.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
امان.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
گلاب جي گل جي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جي موسم جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
اڇو ۽ گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ماءُ.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
کلي پوندي آهيان.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
آءٌ انسان جو پهرين نڪ ڏسندي آهيان.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
معصوم سنڌ جي نياڻين جو بيگناهه قتل.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
ڪمزوري کي آءٌ پسند نه ڪندي آهيان.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
غلامي هر لمحي جو درد آهي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي
پيڙا ٿيندي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
انسانن کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ جي ويڙهي ڏيڻ وارن کي آءٌ
ڪڏهن به معاف نه ٿي ڪري سگهان.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
سٺي آهي.
64.
نفرت؟
غدار نفرت جي لائق هوندا آهن.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
هڪ دفعو جنهن سان نفرت ٿيندي آهي اها ختم نه ٿيندي
آهي.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل.
67.
عقيدو؟
حقيقت کي مڃڻ.
68.
عبادت؟
روح جي خوراڪ آهي.
69.
وقت؟
وقت منهنجي مُٺي ۾ بند آهي آءٌ پنهنجي وقت جي
تاريخ نويس آهيان.
70.
موت؟
زندگي جو ٻيو نالو آهي.
71.
زندگي؟
زندگيءَ ماءُ جي مرڪ آهي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن پاڪ ۽ شاهه جو رسالو.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
ديوداس.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
Che Gehra, Carl Marx.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
سنڌ جي راڻي محترمه بينظر ڀٽو صاحبه.
76.
سياست؟
سياست عبادت آهي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي.
78.
وڻندڙ مشروب؟
ماءُ جي مرڪ.
79.
وڻندڙ اخبار؟
...
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
سڀ آهن.
81.
پسنديده اداڪار؟
ڪاجول ۽ شاهه رخ.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
جيڪا وقت تي ڪم اچي.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
سوچ جي آزادي.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
ڪوبه نه.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
مستقبل ٿيندو ئي روشن آهي.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ڪو ليڊر پيدا ٿئي سنڌ جي وارثي لاءِ.
88.
آزادي؟
ظالم جي منهن تي آزادي گار آهي.
89.
ڇڙواڳي؟
ڇڙواڳي خراب آهي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
آءٌ پاڻ کان وڌيڪ ڌرتيءَ سان پيار ڪندي آهيان.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
تعليم ۽ سهڻو اخلاق.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
عورتن سان غير انساني رويا ڏسندي آهيان ته روئي
پوندي آهيان.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪابه نه.
95.
تقدير تي ويساهه؟
ويساهه خود تقدير آهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
انا.
حقيقت بياني گلا ٿي پوي ٿي
حقيقت پسندي ثنا ٿي پوي ٿي
ڪجي ڪيئن ڪيڏانهن وڃي استاد
حقيقت لڪائڻ خطا ٿي پوي ٿي.
(استاد بخاري)
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
زندگي خود حقيقت آهي ان جو اعتراف ڪرڻو پوندو.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
ارم درس.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
سماج ۾ رواداري ۽ عدل ۽ انصاف نه ڏسندي چڙ ايندي
آهي.
100.
پيغام؟
سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو،
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀني کي.
شيخ اياز
هر انسان خوبصورت آهي ۽ خوبصورتي آءٌ پسند ڪندي
آهيان، اسان کي به گهرجي ته انهي خوبصورتي کي
هميشه قائم دائم رکون ۽ رکڻ به گهرجي.
(سرتيون 2013ع) |