چونڊوڪي رات ۾ دريا ۽ سمنڊ ڪناري ويهڻ وڻندو اٿم
ڊاڪٽر عذرا سرور ڪنڌر
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
عذرا.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
28 جنوري.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
پاٽ، ضلعو دادو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
پاٽ شريف (تاريخي شهر).
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
ڪوبه نه.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
والد صاحب جي وفات.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
شايد ٻالڪپڻ جي ڪا هجي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
ڪنهن نامهربان جي مهرباني.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
ماءُ جو پيار ۽ ان جي هنج ۾ ويهي انگل ڪرڻ.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
جڏهن اندر جي موسم ۾ گل ٽڙندا هجن ته هر موسم
پياري لڳندي آهي ۽ هر ياد پهرين ياد لڳندي آهي.
12.
وڻندڙ موسم؟
برسات جي موسم.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
سومر.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
فجر.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
چانڊوڪي رات ۾ دريا ۽ سمنڊ ڪناري ويهڻ.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
اسٽول تان ڪِري پوڻ ۽ پوءِ امان جا دڙڪا کائڻ.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
ڪابه نه.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
بغير پڇئي سڀ خواهشون پوريون ٿينديون هيون.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ڪوبه ياد ڪونه آهي.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جڏهن سڀ موسمون سهڻيون لڳڻ لڳيون.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿيو.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
جڏهن دل خوش هوندي آهي ته هر پل خوبصورت لڳندو
آهي.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏهن ڳاڙها گل الوميان، تڏهن
ملنداسين.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
هليا وينداسين اوچتو اوچتو.
25.
ڏک جي آخري پناهه گاهه؟
گهر.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
ڪو خوبصورت شعر لکي.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
فجر جو ويلو.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
ڪڏهن به نه.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
اندر روشن هجي ته تاريڪيءَ جو احساس ختم ٿي وڃي
ٿو.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه.
31.
خالي رستن جا احساس؟
اندر خالي آهي ته رستا به خالي لڳندا آهن.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
پاڻ کي اوچو ڪجي ته ڪابه ديوار اڀي نه آهي.
33.
دوستي؟
هڪ انمول رشتو جيڪو اڄڪلهه اڻلڀ آهي.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
اِها ته اڄڪلهه جي ريت آ.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
جڏهن دوست ٿبو ته ميار ڇاجي؟
36.
پيار؟
جيڪو ڪڏهن وفا نه ڪري.
37.
عشق؟
جيڪو ازل کان ابد تائين اندر ۾ ڇوليون هڻي.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
پنهنجي اولاد سان.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
پيار ڪجي ته عذاب لاءِ به تيار رهجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
اهو بزدل آهي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
والدين جو سهارو ۽ مڪمل اعتماد.
42.
پهرين مڃتا؟
منهنجي شاعري جي ڪتاب ”نيل گگن تلي“ وقت مليل
مڃتا.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
جيڪا بي واجبي هجي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪهاڻيون ۽ افسانا.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
جڏهن شعور بلند ٿيو.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
منهنجو والد مرحوم ڪريم بخش چنه.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
اندر جو نقاد.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
اندر جي آواز جي تعريف.
49.
پسنديده شاعر؟
پروين شاڪر، استاد بخاري،
William Words worth, Shelly.
50.
پسنديده نثر نگار؟
...
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
لتا منگيشڪر ۽ سرمد سنڌي.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
ماءُ پيءُ جو سهارو ۽ پئسو.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
سچائي جي خوشبو.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
برسات جي موسم جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
انسان.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
ڪڏهن دڙڪا ڏيئي، ڪڏهن زهر جو ڍڪ پي.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
چهري جي معصوميت ۽ ڳالهائڻ جو انداز.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪوڙ، دوکو ۽ قهر الاهيءَ کان نه ڊڄڻ.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
چاهيندي به ڪجهه نه چئي سگهڻ.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
جڏهن ڪو پنهنجو ڏک ڏئي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ڪنهن جي اندر کي رنجائڻ.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
تمام گهڻي سٺي بشرطيڪ محبت ۽ درگذر جو مادو هجي.
64.
نفرت؟
هڪ اڻوڻندڙ فعل.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو پنهنجي غلطين کي مڃي.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
هئڻ ته عقل کي گهرجي پر ڪڏهن ڪڏهن جذبا به پنهنجو
ڪم ڪري ڇڏيندا آهن.
67.
عقيدو؟
پڪو.
68.
عبادت؟
دل جي سڪون جو ذريعو.
69.
وقت؟
قدر ڪرڻ جهڙي شيءِ.
70.
موت؟
برحق.
71.
زندگي؟
سڀني شين کي پياري، املهه.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
اندر جو ڪتاب.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
هر اها فلم جيڪا حقيقي دنيا جي سچاين ۽ خامين تان
پردو کڻي.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
والد محترم ڪريم بخش چنه.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
...
76.
سياست؟
ماڻهن کي بيوقوف بنائي پنهنجو مطلب ڪڍڻ.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو.
78.
وڻندڙ مشروب؟
معاذ جو، ابريشم جو شربت ۽ موسمين جو جوس.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڊيلي ٽائمز ۽ ڪاوش.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
نيشنل جاگرافي ۽ اي. آر. واءِ.
81.
پسنديده اداڪاره؟
ايشوريا راءِ ۽ ماڌوري.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
جيڪا منزل تائين صحيح طرح پهچائي.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
خوبصورت واديون، جبل، پهاڙ ۽ سمنڊ.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
خواب ته خواب ئي هوندو آهي ان جي ساڀيان تي وڃڻ نه
گهرجي.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
پنهنجي ٻارڙن کي زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪامياب
ڏسان.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
هر ڪاميابي ناڪامي کان پوءِ ئي ملندي آهي، انڪري
دل مطمئن آهي.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ٻارن جي شادي ۽ انهن جو سٺو مستقبل.
88.
آزادي؟
جنهن کي ڪوبه ختم نه ڪري سگهي. يعني اندر جي
آزادي.
89.
ڇڙواڳي؟
تباهيءَ جو ڪارڻ.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
بي انتها.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
زندگي انمول ۽ خوبصورت، البت دنيا کان شڪايت آهي.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
سچ ۽ وفا.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
منافقي ۽ دوکو.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
جڏهن دوستن سان مخلص ٿيندي آهيان.
95.
تقدير تي ويساهه؟
بلڪل ها.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
جيڪو ڳهي نه سگهجي، سچ خود ڪڙو هوندو آهي.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
هر کڄندڙ وک زندگيءَ جو اعتراف آهي.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
اهڙو انسان جيڪو سماج جي هٿ ٺوڪيل قدرن کي بدلائڻ
جي سگهه رکي.
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
هر اها ڳالهه جيڪا منهنجي مزاج جي خلاف هجي.
100.
پيغام؟
خاص پيغام يا سنيهو اهو به آهي ته عورت کي عورت
سان حسد ۽ ساڙ نه ڪرڻ گهرجي. پاڻ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي
پيدا ڪجي ته جيئن
Male Dominated Society
کي بدلائي برابريءَ جي بنياد تي هڪ نئون سماج
جوڙجي، باقي هڪٻئي کي قصوروار بنائي سماج کي
تباهيءَ ڏانهن نه گهلجي، ان ۾ ئي اسان جي نوجوان
نسل جي بهتري آهي.
(سرتيون 2008ع)
الله جي عبادت ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ ۾ ئي سڪون ملي
ٿو
ثمينه ميمڻ
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
حاجياڻي.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
6 مئي 1965ع.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
مورو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ڪراچي.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
ڄام شورو.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
سڀ شهر سُٺا آهن.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
امڙ جي وفات تي.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
پٽ راول جي ڄمڻ تي.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ملڻ.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
پنهنجي ڳوٺ مورو مان ڪراچيءَ شفٽ ٿياسين ته اين.
جي. وي اسڪول ۾ نئين داخلا ٿي ته ڪلاس ۾ هڪ
ڇوڪريءَ زاهده مون کي سڏي بينچ تي ويهاريو. ۽ اها
دوستي اڄ تائين به آهي. اهو قرب ۽ پهرين يادگيري
وسري ناهي.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
مينهن ۾ ڄام شورو ۾ روڊن تي گهمڻ.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
آچر جو ڏهاڙو جنهن ڏينهن تي مان مجيد ۽ ٻار گڏ
پنهنجي مرضيءَ مطابق گذاريندا آهيون.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
صبح جو پهر.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
پرهه ڦٽيءَ مهل پکين جون مٺيون مٺيون ٻوليون ٻڌڻ.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ڏنگي ٻار هئس ئي ڪانه.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
هر خواهش پوري ٿيندي هئي.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
ڊاڪٽر ٿيان.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
بابا، شاهه پور جهانيان جي ميلي تي وٺي وڃي ۽ گهر
وارن سان فلم ڏسڻ وڃان. ٻئي انگل پورا ٿيندا هئا.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
ته هاڻ الائي ڇا ٿيندو. ڊپ واري ڪيفيت هئي.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
ياد ڪونهي.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
اُنهيءَ پل ئي وجود جو احساس ٿيندو آ ته مان ڪجهه
آهيان.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
”ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ، توسان گڏجڻ جون
حسرتون رهنديون.“
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
”اوهين به پارس ناهيو سپرين
اسين به پارس ناهيون،
پيار ڇُهي ويو اسان ٻنهي کي
سونا ٿي پيا آهيون.“(تنوير عباسي)
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
چُپ رهڻ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
بي انتها کلڻ ۽ خوشيءَ کي شيئر ڪرڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
منجهند ويلي ننڊ ڪرڻ.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
وڻندڙ آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
ڊيڄاريندڙ.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
جيڪا گذري پئي خوب پئي گذري.
31.
خالي رستن جا احساس؟
اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهن.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
بيوسيءَ جو احساس ڏيارينديون آهن.
33.
دوستي؟
جنهن کي نڀائڻ اچي، اهو ئي دوستيءَ جي لائق آهي.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
غلط فهمي ٿي ويندي آهي، پوءِ شڪايت جي گنجائش
ڪهڙي.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
دوستن کي ته ميارون ڏبيون آهن.
36.
پيار؟
جيئڻ جو ساهس.
37.
عشق؟
”ڏاڍو عشق اڻانگو يار ڏاڍو عشق اڻانگو“ پر سچو عشق
عبادت آهي.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
نهار ۾ ئي اظهار آهي.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
پوءِ پڇتاءُ کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
اکيون اظهار ڪري ڇڏينديون آهن.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
پنهنجو پاڻ.
42.
پهرين مڃتا؟
ڪاليج ميگزين ڪراچيءَ ۾ 1983ع ۾ ڪهاڻيءَ جو ڇپجڻ ۽
انعام حاصل ڪرڻ.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
هر تنقيد ڏکي لڳندي آهي، پر نه لڳڻ کپي. هميشه
پازيٽو ٿي سوچجي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪهاڻي.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
1983ع ۾ ٻالڪ رسالي ۾ ياسمين شيخ کان انٽرويو ڪرڻ.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
ثمينه ميمڻ.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پنهنجو ضمير.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
اجائي تعريف نه هجي.
49.
پسنديده شاعر؟
امداد حسيني، عبدالغفار تبسم، ج. ع. منگهاڻي.
50.
پسنديده نثر نگار؟
امر جليل، نور الهديٰ شاهه، محمود مغل.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
زرينه بلوچ، ذوالفقار علي ۽ جگجيت سنگهه.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
مجيد پنهور.(گهروارو)
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
موتيو.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
جهُڙالي موسم هجي ۽ بوند وسي پئي.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
گلابي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ماءُ ۽ ٻار.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
گهڻو ڪري چڙ ايندي ڪونهي. پر ڪڏهن آئي ته پوءِ گهر
وارن جو خير نه هوندو آ.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟
گهٽ ڳالهائڻ ۽ ذهين هئڻ.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪنهن سان ويساهه گهاتي ٿيڻ.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
مجيد ۽ ٻار.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
ڪنهن به شادي شده رشتي جي نباهه نه ٿيڻ کان پوءِ
ٻارڙن جو هر پل اذيت ۾ گذرڻ.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
جيڪو ڏوهه ڪري به پنهنجو ڏوهه تسليم نه ڪري.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
الحمد الله بهترين.
64.
نفرت؟
مون ڪڏهن ڪنهن سان ڪئي نه آهي.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
هميشه جذبو ئي پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيندو آهي.
67.
عقيدو؟
الله ۽ رسول پاڪ تي مڪمل ايمان.
68.
عبادت؟
الله جي عبادت ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ ۾ ئي سڪون ملي
ٿو.
69.
وقت؟
ڏاڍو قيمتي آهي پر ڪو سمجهي.
70.
موت؟
اٽل حقيقت.
71.
زندگي؟
سڀڪجهه آهي ان جو قدر ڪجي. قدرت پاران مليل هڪ
انمول تحفو آهي.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
ناول جيڪو چاهيندي آهيان ته هڪ ئي وقت ۾ پورو
ڪيان.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
آرٽ موويز.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم.
76.
سياست؟
راند پويان راند.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
جي. ايم. سيد.
78.
وڻندڙ مشروب؟
ڪوبه نه، بس سادو پاڻي.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڊيلي ڊان ۽ روزاني ڪاوش.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
ڪوبه نه.
81.
پسنديده اداڪاره؟
سڪينه سمون.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ٽانگي جي سواري.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ساڳيو خواب ڪڏهن به نه آيو آهي.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
اهڙو ڪو خواب ڏٺو ئي نه آهي.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
راول ۽ روحل پنهنجي منزل تي رسن.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڪابه ناهي، جيڪو چاهيندي آهيان الله جي ڪرم سان
ملي ويندو آهي. رب جا شڪر آهن.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ڪهاڻين جي مجموعي ”ترورو“ جو ڇپجڻ. (جيڪو
ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي)
88.
آزادي؟
جيئڻ جو مقصد.
89.
ڇڙواڳي؟
عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ انتهائي خراب.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
اوتروئي جيترو پنهنجي ٻارن سان.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه شڪايت نه آهي. رب جي توڪّل سان جيڪو گهُريو
اٿم. ان کان وڌيڪ مليو آهي. رب جا احسان آهن.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
اندر جو اجرو هئڻ.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
اڄڪلهه انساني روين جو قدر ئي نه ٿو ڪيو وڃي.
هڪٻئي لاءِ منافقيون اُهي پاڻ لاءِ به اوترو ئي
نقصانڪار آهن. پر جي انسان سمجهڻ لڳي ته.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
مان ڏاڍي سُسُت آهيان چاهيندي به ڪجهه نه ڪري
سگهندي آهيان.
95.
تقدير تي ويساهه؟
تقدير سان گڏ تدبير تي به مڪمل ويساهه.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
زندگي کي ڪير سمجهي ئي نه ٿو.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
زندگي هڪ دفعو ملي آ.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
مان جو ئي آهيان، سوئي آهيان. (ساڳيو ئي پنهنجو
پاڻ).
99.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ.
100.
پيغام؟
زندگي هڪ دفعو ئي ملي آ. زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي،
انڪري سُونهن ڀري زندگيءَ جي سُرهاڻ کي محسوس ڪيو،
ويڇن کي وڌڻ نه ڏيو. جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايو.
(سرتيون 2011ع)
ڪلثوم قاضي
1.
گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟
ڪلثوم.
2.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)
28 فيبروري.
3.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
ڳوٺ خير محمد سهتو.
4.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
نوشهروفيروز.
5.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
نوشهروفيروز.
6.
شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟
سڄي ڌرتي پنهنجي آهي.
7.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري
ئي نٿو؟
بابا جو وڇوڙو.
8.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
تعليم پرائڻ جي آزادي ملڻ.
9.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ جي آزادي ملڻ.
10.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
مائٽن محبت سان پاليو.
11.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
هر موسم سٺو اثر ڇڏي ٿي.
12.
وڻندڙ موسم؟
بهار ۽ سياري جي ٿڌڙي هوا ۽ بوند باري.
13.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
جنهن ڏينهن سڄو ڪٽنب گهر ۾ هجي.
14.
ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
پرهه ڦٽي جو.
15.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
سنڌو درياءُ.
16.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ڪا خاص نه.
17.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
اهڙي ڪابه ناهي.
18.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
عام ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪريان.
19.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
انگل سڀ پورا ٿيا.
20.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جڏهن پردي ۾ ويهاريو ويو.
21.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
وڏي آفيسر ٿيان.
22.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
جواني سڄي خوبصورت آهي.
23.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
هن جنم هن جنم ۾ وچن ٿو ڪريان،
مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان.
24.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟
سائين سدائين! ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا! دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
25.
ڏک جي اظهار جو طريقو؟
خاموشي ۾ لڙڪ.
26.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
سڀني سان کلي ملڻ.
27.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
فجر.
28.
اڪيلائيءَ جو احساس؟
ڪٽنب گڏ آهي اهڙو احساس ڪونه ٿيو آهي.
29.
تاريڪيءَ جو احساس؟
منهنجي سنڌ جي وحدت قائم رهي.
30.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪابه نه.
31.
خالي رستن جا احساس؟
هاڻي ته رش ۾ قابو هججي ٿو، خالي رستو ڏسڻ ۾ اچي
ته احساس به ٿئي.
32.
قد کان اُڀيون ديوارون؟
ڊاهي ڇڏجن.
33.
دوستي؟
زندگيءَ لاءِ آڪسيجن.
34.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟
ڪابه نه.
35.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه نه، دوست دوست ئي آهن.
36.
پيار؟
حسين احساس.
37.
عشق؟
انتها.
38.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
ڪرڻ گهرجي.
39.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ڇڏي ڏجي.
40.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
ڍڪي ڀلي.
41.
ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
منهنجو ڪٽنب.
42.
پهرين مڃتا؟
ماڻهو عزت ۽ محبت ڏين ٿا.
43.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد کانسواءِ اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي.
44.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڳالهائڻ جو فن.
45.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
سياست ۾ اچڻ.
46.
سڃاڻپ جو حوالو؟
سياسي ۽ سماجي ڪارڪن.
47.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پنهنجو پاڻ.
48.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪا حقيقت تي مبني هجي.
49.
پسنديده شاعر؟
شاهه، سچل، شيخ اياز.
50.
پسنديده نثر نگار؟
تمام گهڻا آهن.
51.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
عابده پروين، لتا منگيشڪر ۽ ٻيا.
52.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
منهنجو وَر.
53.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
مٽيءَ جي خوشبو، موتئي ۽ گلاب جي.
54.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جو ۽ سياري جو.
55.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
فيروزي.
56.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ٻار.
57.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ.
58.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟
ڳالهائڻ جو انداز ۽ مهذب لهجو.
59.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ڪوڙ، منافقي، بي راهه روي.
60.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
هر ڪنهن جي ڏک تي تڙپي پوڻ.
61.
پيڙا جو ڪو پل؟
زندگي ڏک سک جو سنگم آهي.
62.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
انساني قتل ۽ عصمت لٽڻ.
63.
ڪٽنبي زندگي؟
تمام خوبصورت.
64.
نفرت؟
نه ڪجي.
65.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو پاڻ کي سڌاري.
66.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل.
67.
عقيدو؟
قدرت تي.
68.
عبادت؟
فرض.
69.
وقت؟
قيمتي شيءِ.
70.
موت؟
اٽل حقيقت.
71.
زندگي؟
قدرت جو حسين تحفو.
72.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن شريف ۽ نهج البلاغه.
73.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
سلسلا.
74.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
شهيد بينظير ڀٽو.
75.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.
76.
سياست؟
عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجي.
77.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد راڻي، هوگو شاويز.
78.
وڻندڙ مشروب؟
پاڻي.
79.
وڻندڙ اخبار؟
ڊان، ڪاوش، عوامي آواز ۽ جنگ.
80.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
تقريباً سڀ.
81.
پسنديده اداڪار؟
ريکا، اميتاب بچن، ماڌوري.
82.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ڪار يا جيڪا وقت تي ملي.
83.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي اچي.
84.
خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟
اهڙو ڪوبه نه.
85.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم جون سهولتون ڏياريان.
86.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
اهڙي ڪابه نه.
87.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
ٻار ڪامياب و ڪامران ٿين.
88.
آزادي؟
جيڪا هڪ انسان جو بنيادي حق آهي، جنهن ۾ هو سماج
جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري سگهي.
89.
ڇڙواڳي؟
بدصورتي.
90.
ڌرتيءَ سان پيار؟
اڻ مٽ.
91.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
92.
انساني ڪردار جي سونهن؟
سهڻن لڇڻن ۾.
93.
انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟
ڌرتيءَ تي دهشتگردي، ناانصافي.
94.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪجهه وڌيڪ ڪريان.
95.
تقدير تي ويساهه؟
مڪمل پر تدبير به ضروري آهي.
96.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
سچ سوليءَ تي چڙهڻ کان پوءِ به زنده آهي.
97.
زندگيءَ جو اعتراف؟
ڌرتيءَ لاءِ جيڪو ڪرڻ چاهيان ٿي اهو ڪري نه سگهي
آهيان.
98.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
هن جنم جو ته حساب چڪتو ڪريان.
99.
ڪهڙي ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟
بري نظر کان.
100.
پيغام؟
ڌرتيءَ تي سک ۽ سڪون هجي! |