سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :5

شهريور جوڻيجو

پڇتاءُ

هڪ اهڙي وهمن وسوسن ۽ ظلم جي ڪهاڻي جنهن پنهنجي ئي گهر کي تباهه ڪري ڇڏيو.

فون جي گهنٽي وڳي، نسيم فون رسيو ڪئي، پوءِ  فون رکي هوءَ ڪجهه دير لاءِ اتي ئي بيٺي رهي. هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هوءَ هن خبر تي خوش ٿئي يا غمزده. هوءَ خاموشيءَ سان سامهون پيل صوفي تي اچي ويٺي. سندس وڏي ڌيءَ حرا جيڪا اهو سڀ ڏسي رهي هئي، تنهن پڇيو: ”امان خير ته آهي؟ فون تي ڪير هو؟“ نسيم ٻڌايو ”تنهنجي بابا جو فون هو، هن حنا جو رشتو دانيال سان ڪري ڇڏيو آهي.“ اِهو ٻُڌي حرا حيران ٿي وئي. حيران به ڇو نه ٿئي، حنا اڃان صرف 14 سالن جي هئي ۽ پڙهي رهي هئي.

هن ماءُ کان پڇيو: ”امان بابا کي ڇا سُجهيو جو حنا جو ايترو جلدي سڱ ڪري ڇڏيو اٿس.“ ماڻس ٻڌايو: ”تنهنجي بابا چيو ته دانيال جي والد حنا جو سڱ گهريو ته هو انڪار نه ڪري سگهيو.“

دانيال حنا جي پيءُ وحيد جي دوست جو پُٽ هو. هو تمام گهڻو لائق ۽ پڙهيل لکيل نوجوان هو. پر ان جي برعڪس سندس ماءُ نهايت وهمي ۽ شڪي مزاج جي عورت هئي. نسيم کي چڱيءَ طرح سندس عادتن جي ڄاڻ هئي، پر هاڻ هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهي.

جڏهن هن جو بابا موڪلن تي گهر آيو، تڏهن هن حنا کي ڪافي پريشان ڏٺو. پيءُ جي پڇڻ تي حنا ٻڌايو: ”بابا آءٌ پڙهڻ ٿي چاهيان.“ تڏهن وحيد چيو: ”ڌيءَ مون دلاور سان تنهنجي پڙهڻ جي باري ۾ ڳالهايو آهي، شادي کان پوءِ به هو توکي پڙهڻ کان نه روڪيندا.“ نيٺ حنا جي شادي دانيال سان ٿي وئي. هوءَ تمام گهڻي ڊنل هئي ۽ اڃان هو هن نئين رشتي لاءِ ذهني طور تيار به نه هئي، پر دانيال جي پيار هن کي هڪ نئون حوصلو ڏنو.

هن گهر جو ماحول ڪجهه مختلف هو. حنا سڀ ڳالهيون پنهنجي ذهن مان ڪڍي، پنهنجو توجهه پڙهڻ تي ڏنو. دانيال حنا کي پڙهڻ ۾ ساٿ ڏيڻ لڳو، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ حنا جا پيپر ٿيڻا هئا، جو هڪ ڏينهن هاجره (دانيال جي ماءُ) دانيال ۽ حنا کي پڙهندي ڏسي ورتو. ان تي هاجره تمام گهڻي ناراض ٿي، گوڙ ڪرڻ لڳي، چوي ته: ”هاڻ پڙهڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي- ڪهڙي نوڪري ڪندي، جو ايترو ٿو پڙهائينس- ماٺ ڪري گهر جي ڪم تي ڌيان ڏي“. پنهنجي سس جا دڙڪا ٻُڌي حنا ڊڄي وئي ۽ روئڻ لڳي. اتي سندس سهرو دلاور جيڪو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو، اهو پنهنجي گهرواريءَ کي سمجهائڻ لڳو، ”بيگم، حنا کي دڙڪا نه ڏي، گهر جو ڪم به ٿيندو رهندو. مون ڏٺو آهي صبح کان وٺي هن سڄي گهر جو ڪم ڪيو آهي. هاڻ جيڪڏهن هو پڙهي ٿي ته ان ۾ ڪوبه حرج نه آهي.“

هاجره کي ان ڳالهه تي وڌيڪ ڪاوڙ آئي چوڻ لڳي: ”گهڻي طرفداري ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، هي پڙهي وري ڪهڙا ڦاڙها ماريندي؟ ڪرڻو وري به هن کي گهر جو ڪم آهي. هروڀرو وقت پئي برباد ڪري.“ تنهن تي دلاور چيو: ”بيگم پڙهڻ سان وقت برباد نه ٿيندو آهي. اسين به ته پنهنجي نياڻيءَ کي پڙهايون پيا؟ هاڻ سمجهه ته حنا پنهنجي ٻي نياڻي آهي.“ هنن سڀني ڳالهين جو  هاجره تي اثر نه پهرين ڪڏهن پيو هو نه وري اڄ پيو. هوءَ هن کي دڙيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.

حنا روز روز جي دڙڪن ڪري ڪافي ڊڄي وئي هئي. هن جيئن تيئن ڪري ميٽرڪ جا پيپر ڏنا. هڪ ڏينهن هاجره جي هڪ پراڻي سهيلي هاجره سان  ملڻ آئي. حنا کي ڏسي گهڻي حيران ٿي چوڻ لڳي: ”هاجره تنهنجي ننهن ته تمام ننڍي آهي.“ پوءِ وري شاديءَ ٿيڻ متعلق سوال ڪرڻ لڳي، جيئن ڏاج جي باري ۾ پڇڻ لڳي. ”حنا مون کي پنهنجو ڏاج ڏيکار، ته ڇا کڻي آئي آهين؟“ هن جي هڪ هڪ شيء غور سان ڏٺائين، پوءِ هاجره کي چيائين: ”هاجره بس! ڏاج ۾ ايترو خاص ته ڪو سامان به ڪونه مليو آهي تنهنجي ننهن کي؟“

تنهن تي هاجره چيو: ”ها ادي هن جي ٻين ڀينرن کي ته چڱو ڏاج ڏيئي هن جي پيءُ پرڻايو هو، هن کي الائي ڇو ايترو ڏنو اٿن.“ حنا کان به هن عورت ابتا سبتا سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. حنا ڪافي گهٻرائجي وئي هئي، آهستي آهستي هن جي دل ۾ هاجره لاءِ خوف وڌندو ويو. هاجره جي وهمي طبيعت جي ڪري حنا گهڻو کلي ڳالهائي به نه سگهندي هئي. هاجره چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن کان حنا پرڻجي آئي آهي، تڏهن کان منهنجي طبيعت ٺيڪ ڪونه پئي رهي. مون کي لڳي ٿو ته مون تي تعويذ ٿي ڪري ته آءٌ بيمار رهان ۽ سڄو گهر هن جي قبضي ۾ هجي.

دلاور هن کي گهڻو سمجهائيندو هو، پر هو پنهنجي گهرواري جي وهمي طبيعت کي بدلائي نه سگهيو هو. هاجره حنا تي ڪڙي نظر رکڻ شروع ڪري ڇڏي. هن گهر جي کاڌي پيتي جي سامان تي تالا لڳائڻ شروع ڪيا.

هوءَ حنا جي رڌيل ڪابه شيءِ ڪانه کائيندي هئي. جيڪڏهن حنا جي مائٽن مان ڪا شيءِ ايندي هئي ته اها به نه کائيندي هئي. هن اُٿندي ويهندي حنا کي مهڻا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا. پهريائين ته حنا کي اها خبر به نه هئي ته آخر تعويذ ڇا کي چئبو آهي؟ ڇو ته مائٽن جي گهر ۾ ته ڪڏهن تعويذن جو ذڪر هُن نه ٻُڌو هو.

ڪجهه ڏينهن کان حنا جي طبيعت ڪافي خراب رهڻ لڳي، دانيال ڪيترائي دفعا پنهنجي ماءُ کي حنا کي ڊاڪٽر وٽ ڏيکارڻ لاءِ چيو، پر هاجره چوي ”حنا ناٽڪ ٿي ڪري. اسان به ٻار ڄڻيا آهن، اها وري نازڪ ٿي پئي آهي جو ڊاڪٽر وٽان دوا وٺندي. گهر جي ڪم کان ٿي نٽائي.“

هڪ صبح حنا جي طبيعت تمام خراب ٿيڻ لڳي. هن هاجره کي چيو به ”امان اڄ طبيعت ٺيڪ ناهي آءٌ ڪپڙن لاءِ مشين ڪونه لڳائي سگهنديس.“ پر هاجره نه مڃيو، چيائين: ”گهڻا بهانا نه ڪر، جلدي ڪپڙا ڌؤ.“ حنا ڪپڙا ڌوئڻ لڳي ڪپڙن کي سڪائڻ لاءِ جيئن سيڙهي چڙهي کيس چڪر اچي ويا ۽ پاڻ بالٽي سميت مٿان کان هيٺ اچي ڪِري. ڪيتري دير هو بيهوش پئي هئي، هن کي ڏسڻ وارو ڪير به موجود نه هو. گهڻي دير کان پوءِ دانيال هن کي ڳوليندو اتي پهتو. هن حنا کي اسپتال پهچايو. پر ڊاڪٽر هن کي چيو رت تمام گهڻو ضايع ٿي ويو آهي ۽ اسين ٻار کي به نه بچائي سگهياسين. توهان اچڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي.“

دانيال سوچيو ته ”خبر ناهي حنا ڪيتري وقت کان اتي بيهوش هوندي ۽ ڪنهن ان کي ڏٺو به نه.“ هو پنهنجو پاڻ کي ئي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ايتري ۾ هاجره ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ٻار جو پڇيو: دانيال کيس سڄي حقيقت ٻُڌائي ۽ چيائين: ”امان توهان ڪٿي هئا؟“ تنهن تي هاجره ٻڌايو ته هو پاڙي ۾ ويل هئي. هاجره چوي ته ”حنا آهي ئي نڀاڳي پنهنجو پهريون ٻار سنڀالي نه سگهي.“ هاڻي ڏينهن رات حنا کي ٻار ضايع ٿيڻ جا طعنا ملڻ شروع ٿي ويا. هر وقت حنا کي نڀاڳي چوڻ لڳي. دلاور هاجره کي گهڻو سمجهائيندو هو، پر هو سمجهڻ وارن مان نه هئي. چوندو هوس، ”بيگم تون به ڌيءَ واري آهين. هن معصوم تي ظلم نه ڪر، هو به ڪنهن جي ڌيءَ آهي. بيگم  قدرت جي عذاب کان ڊڄ. هن جي لٺ بي آواز آهي.“ حنا هن واقعي کان پوءِ تمام گهڻي ٽٽي وئي هئي. دانيال هن کي سمجهائيندو هو ته ”شايد هي ٻار پنهنجي نصيب ۾ نه هو، تون دل نه لاهه ۽ امان جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندي ڪر.“ پر حنا چاهيندي به سڀ ڪجهه وساري نه سگهي. ڇو ته هاجره هن کي وسارڻ ئي نه ڏنو.

هڪ ڏينهن صبح صبح حنا جيئن ئي ڪمري کان ٻاهر نڪتي گهر ۾ ڪافي چهل پهل ڏٺائين. تحريم جيڪا حنا جي نڻان هئي، ان کان پڇيائين ته: ”ڇا ڳالهه آهي، اڄ ڪير مهمان اچڻ وارا آهن؟“ تنهن تي تحريم وراڻيو: ”ها اڄ شاهه صاحب ايندو.“

حنا چيو: ”ڇا، شاهه صاحب ڪير؟ پهريائين ڪڏهن اهو نالو نه ٻڌو آهي.“ تحريم چيو: ”جڏهن ايندو ته ڏسي وٺجان.“ صبح کان شام تائين مختلف کاڌا ٺاهيا ويا. آخر شام جو گهر ۾ مهمان اچي ويو. حنا حيران هئي ته آخر هي شاهه صاحب آهي ڪير؟ جنهن جي لاءِ ايترو  اهتمام ڪيو ويو هو. شاهه صاحب سڀني سان مليو حنا سان به تعارف ڪرايو ويو. حنا ته ڪجهه ئي دير کان پوءِ رڌڻي ۾ اچي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ دلاور ۽ دانيال به ٻاهر لائونج ۾ ٽي وي ڏسڻ لڳا. حنا اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته اندر شاهه صاحب وٽ صرف هاجره ۽ تحريم ويٺل آهن. تڏهن سهرس حنا  کي ٻڌايو ”پُٽ شاهه صاحب بيگم جو خاص ماڻهو آهي، اهي تعويذن جون ابتيون سبتيون خبرون به اهو ئي ٻڌائيندو آهي.“

حنا هن ڳالهه تي گهڻي حيران ٿي، پر چئي ڪجهه به نه سگهي. هن خاموشيءَ سان ماني ٽيبل تي لڳائي ۽ پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي. رات دير تائين شاهه صاحب گهر ۾ رهيو.

شروع شروع ۾ ته هن کي ڪافي الجهن ٿيندي هئي. پر پوءِ هو عادي ٿي وئي. مهيني ۾ شاهه صاحب جو هڪ چڪر ته ضرور لڳندو هو. حنا وري اميد سان هئي، هن دفعي دانيال هن جو خاص خيال رکيو هو. ڊاڪٽر وٽ به پاڻ وٺي ويندو هئس. حنا به تمام خوش هئي. پنهنجي رب جو بيحد شڪر ادا ڪندي هئي ته هن وري نعمت سان نوازيو.

هڪ ڏينهن ماڻس جو فون آيو، حنا کي ٻڌايائين ته: ”حرا جي شاديءَ جي تاريخ پڪي ٿي وئي آهي. هن دفعي تون ٻٽن ڏينهن لاءِ اچجان.“ حنا چيو ته: ”ها امان ڪوشش ڪنديس.“ حنا کي خبر هئي ته هن کي اجازت ڪانه ملندي، پر هن سوچيو هڪ دفعو پڇڻ ۾ ڪو حرج ناهي. حنا دانيال کان پڇيو هڪ هفتي لاءِ هو حرا جي شادي تي ويندي دانيال چيو: ”مون کي ڪوبه اعتراض ناهي. تون ڀلي وڃجان. هونئن به شادي کان پوءِ تون پنهنجي امان جي گهر نه وئي آهين.“ حنا خوش ٿي وئي ۽ شاديءَ تي وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳي. دانيال جڏهن پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هو حنا کي ڪجهه ڏينهن لاءِ سندس ماءُ جي گهر ڇڏڻ پيو وڃي، تڏهن هاجره کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. پوءِ دانيال کي سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيائين ته ”حنا ڪيڏانهن به ڪانه ويندي. جڏهن اسين شادي تي وينداسين ته هيءَ به اسان سان گڏ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيندي.“

دانيال چيو: ”امان حنا خوش ٿي ويندي.“ پر هاجره نه مڃيو. حنا کي جڏهن خبر پئي ته هو تمام مايوس ٿي. پر هوءَ بي وس هئي، هن سوچيو هن گهر کي هن ڪيترو وقت ڏنو آهي، پر هن جي اڄ به ڪا اهميت نه آهي. جڏهن هو شادي کان اڳ جو وقت ياد ڪندي هئي. جڏهن رات جي وقت هن جي اک ننڊ مان کلندي هئي ته پاڻي جوگلاس به ماءُ ڀري ڏيندي هئي، امان ڪڏهن به رڌڻي ۾ اچڻ نه ڏنو. حنا کي ته چُلهه ۾ باهه ٻارڻ به نه ايندي هئي ۽ هاڻ هن ڪيترائي دفعا پنهنجا هٿ چُلهه ۾ باهه ٻارڻ ڪري ساڙي رکيا هئا.

حنا کي پنهنجي ماءُ شدت سان ياد ايندي هئي. حنا مئٽرڪ جي پيپرن ۾ پاس ٿي وئي اها خبر کيس سندس پيءُ ڏني ۽ اهو به ٻڌايو ته سندس داخلا ڪاليج ۾ ڪرائي ڇڏي آهي. حنا خوش ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن ۾ حرا جي شادي به ٿي وئي جنهن ۾ حنا پنهنجي فيملي سان گڏ شريڪ ٿي. حنا ڊليوري لاءِ پنهنجي ماءُ وٽ وڃڻ پي چاهيو، پر هن کي اجازت نه ملي.

دانيال حنا کي چيو، ڇو نه آءٌ تنهنجي ماءُ کي پنهنجي گهر وٺي اچان. اها ڳالهه حنا کي به پسند آئي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دانيال پنهنجي سس کي گهر وٺي آيو. هڪ صبح حنا جي طبيعت خراب ٿي دانيال حنا کي اسپتال وٺي ويو. نسيم ۽ هاجره به گڏ ويون. ”هاجره نفرت منجهان نسيم کي چيو: جيڪڏهن ڇوڪرو ڄائو ته پهرين آءٌ کڻنديس ۽ ڇٺي به آءٌ ڪنديس، باقي ڇوڪري ڄائي ته آءٌ ڪونه کڻندس“.

نسيم هاجره جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي وئي. حنا کي پٽ ڄائو. سڀ خوش ٿي ويا مٺايون ورهايون ويون. هاجره پنهنجي پوٽي کي هنج ۾ کنيو ۽ ماکي چٽائي.

ٻار جو نالو علي رکيو ويو. ٻار ٿيڻ کان پوءِ حنا جون مصروفيتون وڌي ويون. پر هن پنهنجي تعليم جاري رکي. رات جو دير تائين پڙهندي رهندي هئي ۽ پنهنجي گهر کي به مڪمل وقت ڏيندي هئي. علي هاڻي ٻن سالن جو ٿي ويو هو. دانيال جي بدلي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ٿي وئي ۽ دانيال جي ڀيڻ تحريم جي به شادي ٿي وئي.

دانيال حنا کي چيو ته: ”تون چاهين ته مون سان گڏ هل يا امان بابا وٽ رهه.“ حنا چيو: ”توهان فڪر نه ڪريو آءٌ هت ئي رهان ٿي امان بابا اڪيلا آهن هنن کي اڪيلو ائين ڇڏڻ ٺيڪ نه آهي ۽ علي کي به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائينداسين.“ دانيال حنا جي جواب کان مطمئن ٿي ويو. هاجره ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي عادتن کان باز نه آئي، بلڪه جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن سندس طبيعت ۾ وهم وڌندو ويو. هاڻ ته هو حنا جي ٻاهر اچڻ وڃڻ تي به نظر رکڻ لڳي. هن حنا کي چوڻ شروع ڪيو ته: ”هاڻ ٻيو، ٻار اچڻ کپي. منهنجو دانيال به هڪڙو آهي، پر ان جا ته وڌيڪ ٻار هجن.“

شروع شروع ۾ حنا هاجره جي ڳالهين تي گهڻو ڌيان نه ڏنو. پر هاجره جو اصرار وڌندو ئي ويو. هن ڳالهه جو ذڪر دانيال سان به ڪيو پر دانيال سندس ڳالهه مذاق ۾ ئي اڏائي ڇڏي. دانيال هر پندرهين ڏينهن گهر ايندو هو ته ننڍڙو علي کيس چنبڙي ويندو هو. پنهنجي معصوم ادائن سان دانيال کي خوش ڪري ڇڏيندو هو. دانيال چوندو هو ”آءٌ توهان کي تمام گهڻو ياد ڪندو آهيان. خاص طور تي علي جون شرارتون تمام گهڻو ياد اينديون آهن.“ حنا چوندي هئس: ”اسين به توهان کي هر وقت ياد ڪندا آهيون علي به توهان کي گهڻو ياد ڪندو آهي. ۽ پڇندو آهي ته بابا ڪڏهن ايندو؟“ دانيال علي کي پيار مان سيني لائيندو هو. علي به پنهنجي پيءُ کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. اڄ وري گهر ۾ شاهه صاحب جي دعوت هئي. هميشه جيان هن دفعي به شاهه صاحب لاءِ مختلف طعام تيار ڪيا ويا ۽ رات. دير تائين شاهه صاحب گهر تي رهيو. هاجره حنا تي تمام گهڻي سختي ڪرڻ لڳي. هاڻ ته هن جي گهر کان ٻاهر اچڻ وڃڻ تي به سخت نظر رکڻ لڳي. هاجره، حنا کي چيو ته مون کي شاهه صاحب چيو آهي ته تون اسان تي ڪارو جادو پئي ڪرائين.

حنا ڪيترائي دفعا پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. پر هر دفعي وانگر هاجره هن جي هڪ به نه ٻڌي. انهي دوران حنا M.A جي امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ٿي وئي. هاجره جي هر وقت جي تنقيد سان حنا پريشان رهڻ لڳي. هن ڪيترائي دفعا دانيال سان هن ڳالهه جو ذڪر ڪيو. حنا دانيال کي ٻڌايو ”آءٌ پڙهيل لکيل آهيان. پوءِ امان آخر مون تي هن طرح جا الزام ڇو ٿي هڻي. اوهان کي خبر آهي ته مون کي تعويذن ۽ جادو ۾ ڪابه دلچسپي ناهي.“

دانيال ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر آيل هو- پر هن دفعي هاجره هن کي هڪ نئين ڳالهه سامهون ڏني. هاجره چيو ته: ”پٽ مون تنهنجي لاءِ هڪ تمام سٺي ڇوڪري پسند ڪئي آهي. حنا ته تنهنجي قابل ئي نه آهي.“

دانيال پنهنجي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي چيو: ”امان اوهان کي خبر آهي اوهان چؤ ڇا پيا؟“ هاجره وڏي رعب سان چيو: ”ها پٽ مون کي سٺي طرح خبر آهي آءٌ ڇا پئي چوان، حنا تنهنجي قابل ئي نه آهي هو هڪ ٻار ڄڻي بس ڪيو ويٺي آهي. تنهنجي شادي ڪرائينديس ته نئين ڪنوار توسان گڏ هلندي اتي پرديس ۾ توکي اڪيلو نه رهڻو پوندو.“ هن دفعي دانيال کي ڪاوڙ اچي ويئي.“ امان مهرباني ڪري بس ڪريو. آءٌ پنهنجي زال ۽ ٻار سان خوش آهيان، منهنجو سڪون برباد نه ڪريو، جي ٿيڻو هوندو ته ٻيو به ٻار ٿي ويندو.“

پر هاجره پنهنجي عادتن کان باز نه آئي دانيال کي راضي ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هن هٿان نه وڃڻ ڏنو. دانيال جي هر دفعي جي انڪار کان هن جي دل ۾ حنا لاءِ تمام گهڻي نفرت وڌي وئي. هاڻ ته هوءَ حنا کي گهر مان ڪڍڻ جا بهانا ڳوليندي رهي. حنا کي اُٿندي ويهندي مهڻا ڏيڻ لڳي ته تنهنجو مڙس ته گهر ۾ ناهي- پوءِ ايڏو تيار ڪنهن جي لاءِ ٿئين ٿي.

حنا پنهنجي لاءِ نوڪري ڳولڻ لڳي ڇو ته هاڻ هن جو گهر ۾ رهڻ برداشت کان ٻاهر ٿي ويو هو. هن سوچيو جيڪڏهن نوڪري ملي وئي ته ڏينهن جو ڪجهه حصو هو پنهنجي مرضيءَ مطابق گذاري سگهندي. هاجره جي هر وقت جي مهڻن ڪري هوءَ پريشان هئي .

علي به هاڻي ڪافي سمجهدار ٿي ويو هو. هو حنا کان پڇندو هو ته: ”امي ڏاڏي هر وقت اوهان کي دڙڪا ڇو ڏيندي آهي؟“ هن سوال جو جواب حنا وٽ نه هو. هاجره جي سخت طبيعت ڪري ننڍڙو علي به ڊنل رهندو هو. حنا کي هڪ سٺي اسڪول ۾ نوڪري ملي وئي. هاڻ حنا روز علي کي اسڪول ڇڏي پاڻ پنهنجي نوڪري ڪندي هئي. حنا هاڻي پرسڪون رهڻ لڳي هئي. هن ۾ ڪافي اعتماد به اچي ويو. اسڪول جون موڪلون شروع ٿيون ته حنا سوچيو ڪجهه ڏينهن لاءِ هو پنهنجي امان بابا وٽان ٿي اچي. هن پنهنجي خواهش جو اظهار دانيال سان ڪيو. دانيال هنن کي پاڻ سندس مائٽن ۾ ڇڏي آيو. حنا ۽ علي ڪافي خوش هئا، حنا تمام گهڻي وقت کان پوءِ پنهنجي مائٽن سان ملي هئي. ڪجهه ڏينهن ائين ئي گذري ويا حنا نوٽ ڪيو ته دانيال هن کي فون نه پيو ڪري ۽ جڏهن حنا فون ڪري ٿي ته ريسوِ نه پيو ڪري.

هن پنهنجي گهر فون ڪئي ته هاجره فون کنئين. حنا چيو: ”امان گهر ۾ سڀ خيريت آهي نه؟ دانيال ڪجهه ڏينهن کان فون نه پيو ڪري. دانيال گهر آيو آهي؟“ هاجره چيو: ”مائي اسان کي توسان ڳالهائڻو ئي ڪونهي، تون منهنجي پٽ کي مارائڻ لاءِ ڪارو جادو ڪري وئي آهين ۽ هاڻ پڇين ٿي دانيال ڪٿي آهي.“ ٻئي طرف حنا هاجره جو جواب ٻڌي حيران ٿي چيو: ”امان اوهين ڇا پيا چؤ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي.“ هاجره چيو: ”گهڻو معصوم ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي. هاڻ فون ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي تو جهڙيون ته ست ملي وينديون منهنجي پٽ کي.“ ائين چئي هاجره فون بند ڪري ڇڏي.

حنا کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي هن سان ڇا پيو ٿئي. هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي جنهن تي هن جا ماءُ پيءُ هن وٽ ڊوڙي آيا ۽ روئڻ جو سبب پڇڻ لڳا، جنهن تي حنا هنن کي هاجره جا چيل لفظ ٻڌايا. حنا روئيندي رهي انهي دوران هو دانيال جو موبائيل نمبر به لڳائيندي رهي. ڪافي ڪالز کان پوءِ آخر دانيال حنا جو فون ريسوِ ڪيو. دانيال فون کڻندي ئي چيو: ”آخر توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو ڪونه ٿي اچي ته آءٌ توسان ڳالهائڻ ۽ ڪوبه تعلق ڪونه ٿو رکڻ چاهيان.“ حنا چيو: ”دانيال توهان کي ضرور ڪا غلط فهمي ٿي آهي مون ڪجهه به نه ڪيو آهي. اوهين اهو سوچي به ڪيئن ٿا سگهو ته آءٌ توهان کي مارائڻ جي ڪوشش ڪنديس.“ جنهن تي دانيال چيو: ”تنهنجي ڪمري مان ڪاري جادو جا تعويذ نڪتا آهن. امان شاهه صاحب کي ڏيکاريا آهن.“ اتي حنا چيو: ”امان ڏيکاريا آهن ۽ توهان اعتبار ڪري ڇڏيو.“ دانيال ڪاوڙ منجهان چيو: ”نه، وري آءٌ به مختلف عالمن وٽ ويو آهيان انهي سڀني چيو آهي ته ڪاري جادو جا تعويذ آهن ۽ ڪنهن کي مارڻ لاءِ ڪرايا ويا آهن. حنا جيڪڏهن آءٌ توکي ايڏو ئي ناپسند هئس ته مون کي ٻڌائي ڇڏين ها. آءٌ پاڻ توکي طلاق ڏيان ها، پر تو مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.“ حنا بت بڻجي دانيال جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. دانيال وري چيو: ”آءٌ پنهنجو پٽ وٺڻ ايندس ۽ ها، طلاق جا ڪاغذ به توکي جلد ملي ويندا.“ حنا روئيندي رهي پر هو دانيال تي پنهنجي بي گناهي ثابت نه ڪري سگهي.

ٻي ڏينهن دانيال علي کي وٺڻ لاءِ اچي ويو. دانيال علي کي گهمائڻ جي بهاني وٺي ويو ۽ حنا پويان روئيندي رهي، هن کي پنهنجي قسمت تي روئڻ پي آيو ته الزام به لڳو ته ڇا جو ڪاري جادو جو. دانيال سان ته هن کي پنهنجي پاڻ کان به وڌيڪ محبت هئي. آخر دانيال کي ڪهڙي ڪهاڻي ٻڌائي وئي جو اڄ هو حنا سان ايتري نفرت سان مليو.

علي جي جدائي حنا کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هتي دانيال جڏهن علي کي گهر وٺي آيو ته هاجره ته گهڻي خوش ٿي، پر دلاور علي کي اڪيلو ڏسي پريشان ٿي ويو. پٽ کان پڇيائين: ”پٽ حنا نه آئي آهي؟“ جنهن تي دانيال وراڻيو ته: ”بابا آءٌ هاڻ حنا سان گڏ نه رهندس بلڪه ڪجهه ئي ڏينهن ۾ کيس طلاق موڪلي ڏيندس.“ جنهن تي دلاور چيو: ”پٽ پنهنجو گهر برباد نه ڪر. حنا تمام سٺي ڇوڪري آهي ۽ مون کي يقين آهي حنا اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو آهي.“ هتي حنا ڏينهن رات پنهنجي پٽ جي ياد ۾ روئيندي رهندي هئي. علي سان فون تي ڳالهائيندي هئي ۽ علي کيس لاءِ چوندو هو امي مون کي توهان الاهي ياد اچو ٿا.“

آخر حنا سوچيو ته مون کي پنهنجي گهر وڃڻ کپي حالات ڪجهه به هجن، پر گهر واپس وڃڻ گهرجي. پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏٺو ويندو. هن پنهنجي خيالن جو اظهار پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪيو. سندس پيءُ چيو: ”پٽ جيڪا تنهنجي مرضي اسين توکي ڇڏڻ هلون؟“ تنهن تي حنا چيو: ”نه! هُتي منهنجو گهر آهي آءٌ پاڻ هر ڳالهه کي منهن ڏيندس اوهين پريشان نه ٿيو.“

جنهن تي وحيد چيو: ”ڌيءَ منهنجي زندگيءَ جي وڏي غلطي هئي، جو تنهنجي شادي هن گهر ۾ ڪرايم. پنهنجي فيصلي تي ڏاڍو پشيمان آهيان.“

حنا چيو: ”نه بابا ائين پشيمان ٿيڻ جي ضرورت ناهي شايد اهو سڀ ائين ئي ٿيڻو هو.“

حنا پنهنجي گهر هلي وئي. هاجره حنا کي ڏسندي ئي نفرت منجهان چوڻ لڳي: ”هتي ڇو آئي آهين؟ دانيال توسان گڏ رهڻ نه ٿو چاهي، واپس هلي وڃ. نه ته دانيال توکي هتان ڌڪا ڏئي ڪڍندو.“ حنا چيو: ”امان اوهان کي ضرور ڪا غلط فهمي ٿي آهي مون ڪجهه به ته نه ڪيو آهي.“ پر هاجره حنا جي هڪ به نه ٻڌي، حنا به دانيال جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. حنا دلاور سان هن سڄي واقعي جي باري ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجي بيگناهيءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳي.

دلاور کيس چيو: ”پٽ، مون کي خبر آهي تو اهڙو ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ مون دانيال کي به سمجهايو آهي هاڻي دانيال اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندو، جنهن سان مون کي وحيد جي اڳيان شرمندو ٿيڻو پوي.“

ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دانيال گهر اچي ويو ۽ حنا کي گهر ۾ ڏسي حيران ٿيو. دانيال ڏٺو ته حنا جي اچڻ سان علي ڪافي خوش رهڻ لڳو آهي، پر دانيال حنا سان ڳالهائيندو نه هو،  ائين ڪجهه ڏينهن گذري ويا.

هڪ ڏينهن دانيال جيئن ئي پنهنجي ڪمري مان نڪتو هن کي ڪنهن جي سرگوشي ٻڌڻ ۾ آئي. هن ان گفتگو کي غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، هي ته سندس ماءُ جو آواز هو جيڪا ڪنهن کي فون تي چئي رهي هئي.“ ها ها! دانيال حنا کي طلاق ڏئي ڇڏيندو. شاهه صاحب اهڙو تعويذ ڪري ڏنو آهي، جو حنا مان به جان ڇٽندي ۽ دانيال کي شڪ به نه ٿيندو پوءِ آءٌ پنهنجي ڀائيٽيءَ سان دانيال جي شادي ڪرائينديس.“

دانيال اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. اوچتو هاجره جي سامهون آيو. کانئس پڇيائين: ”امان ڪنهن سان پيا ڳالهيون ڪريو؟“ جنهن تي هاجره کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ فون رکي ڇڏيائين. دانيال چيو: ”امان مون سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو آهي. امان، اوهان پنهنجي هڪ فضول ضد جي ڪري منهنجي گهر کي برباد پيا ڪريو، آخر مون اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو مون کي ايڏي وڏي سزا پيا ڏيو. جيڪڏهن اڄ آءٌ اوهان جون ڳالهيون نه ٻڌان ها ته مون کان ڪهڙو نه وڏو گناه ٿي وڃي ها. چڱو جو توهان منهنجون اکيون پاڻهي کولي ڇڏيون.“ حنا به ماءُ پٽ جون ڳالهيون ٻُڌي رهي هئي ۽ گڏ پنهنجي رب جو شڪر به ادا ڪري رهي هئي، جنهن صحيح وقت تي دانيال کي راهه راست ٿي آندو.

سڀ تلخيون وساري حنا ۽ دانيال پنهنجي زندگيءَ  جي نئين سِري کان شروعات ڪئي.

دانيال حنا کي ٻڌايو: ”هن جي بدلي ملڪ کان ٻاهر ٿي رهي آهي ۽ هن دفعي تون ۽ علي مون سان گڏ هلندا.“ حنا به دانيال سان گڏ وڃڻ پي چاهيو. ڇو جو هن گهر ۾ هن لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي ۽ هاجره جي رويي حنا کي تمام گهڻو مايوس ڪيو هو. اڃان هن واقعي کي ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا ته هڪ ڏينهن تحريم تمام خراب حالت ۾ گهر آئي هو مسلسل روئي رهي هئي. مائٽن جي پڇڻ تي هن ٻڌايو: ”آذر مون کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ ٻار به وٺي ڇڏيائين.“ هي سڀ ڪجهه ايترو اچانڪ ٿي ويو هو، جو ڪنهن کي وچ ۾ پوڻ يا صلح ڪرائڻ جو موقعو ئي نه مليو. تحريم جو گهر برباد ٿي ويو ۽ ڪير ڪجهه به نه ڪري سگهيو. هوءَ پنهنجن ٻارن کي ياد ڪندي روئيندي رهندي هئي. هاجره ۽ دلاور کيس سمجهائيندا رهندا هئا. پر ماءُ جي دل هئي پنهنجا معصوم ٻار ڪيئن ٿي وساري سگهي. ائين ڪيترائي ڏينهن گذري ويا- پر تحريم جي حالت ۾ ڪوبه سڌارو نه آيو. هن جو ذهني توازن بگڙڻ لڳو. هوءَ چرين وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳي جنهن کي ڏسي هاجره پريشان ٿيندي هئي، هڪ ڏينهن تحريم تمام گهڻي بيمار ٿي وئي، هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا، ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن جي ذهن تي ڪنهن تمام وڏي صدمي جو اثر آهي. هڪ ڏينهن دلاور هاجره کي چيو: ”بيگم، توکي ياد آهي. جڏهن تون حنا تي هر وقت شڪ ڪندي هئينءَ، تڏهن تون قدرت جي عذاب کان ڊڄين ها ته شايد اڄ اسان کي اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، اڄ جڏهن پنهنجي ڌيءَ ان تڪليف مان گذري پئي، تڏهن احساس ٿيو ته اولاد جو ڏک ڇا هوندو آهي. پر شايد توکي اڃان به اهو احساس نه هوندو ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو تنهنجي ئي رويي جو بدلو آهي. آءٌ هميشه توکي چوندو هئس ته حنا جو صبر نه آزماءِ، پر تو هميشه منهنجي ڳالهين کي نظرانداز ڪيو، تو حنا کي طلاق ڏياري گهر مان ڪڍايو پئي. اڄ تنهنجي پنهنجي ڌيءَ ان اذيت مان گذري رهي آهي. هاڻ تو وٽ سواءِ پڇتائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ دانيال ۽ حنا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ملڪ کان ٻاهر هليا ويا. هاجره هاڻ پنهنجي ڌيءُ تحريم کي سنڀاليندي زندگي گذاري رهي هئي ۽ پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو ته ويڄ نه طبيب چواڻي پڇتاءَ جا گهاءَ کيس گهائيندا رهندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com