سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مئي 2014ع

مضمون--

صفحو:1

سرتيون مئي 2014ع

گلبدن جاويد

 لعل خاتون

ٻاٻرن ٽانڊن تي هلندڙ عورتون

دنيا جي عظيم ليکڪ جنهن جو تعلق روس سان آهي، تنهن پنهنجي هڪ ناول ’اينا ڪرنين‘ جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي آهي.

“Happy Families are all alike, every unhappy family is unhappy in its own way.”

يعني، ”سڀ خوش خاندان هڪجهڙا هوندا آهن. جڏهن ته ناخوش خاندان پنهنجي انداز سان ناخوش هوندو آهي.“

اڄ جي دنيا ۾ خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي اڃا ترقيءَ جي راهن تي مڪمل گامزن نه ٿي سگهيا آهن. انهن ملڪن ۾، عورت جي حيثيت انتهائي پست خالي ۽ پسماندگيءَ واري آهي. پر هن سماج کي ٻڌائڻو پوندو ته ”عورتن تي تشدد انساني حقن جي عام خلاف ورزين مان هڪ خلاف ورزي آهي. هر ملڪ ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون تشدد جو نشانو بنجن ٿيون. عورت/ڇوڪري گهر، گهٽي، ۽ ملازمت ڪرڻ وارين جڳهين کان ويندي. Civil War ۽ ملڪي جنگ ۾ به تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون. تشدد جي ڪري اهي سڪون، عزت ۽ وقار جي زندگي نٿيون گذاري سگهن. سندن بنيادي انساني حقن کي پامال ڪرڻ ۾ ڪنهن به ڪسر ناهي ڇڏي.

تشدد جي مختلف صورتن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيو آهي، ته جنگين ۽ گهريلو لڙاين عورتن لاءِ بدترين حالتون پيدا ڪيون آهن. جيئن ته اڄڪلهه جنگيون ملڪن جي بجاءِ سرحدن اندر پنهنجو پاڻ ۾ وڙهيون ٿيون وڃن، جن جا عورتن تي برا اثر نظر اچن ٿا. هٿيارن جي زور تي شهري آبادي ۾، خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کي تمام گهڻو تشدد سهڻو پوي ٿو. پناهگير ڪيمپن ۾ رهڻ وارين عورتن کي اڪثر جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايو ٿو وڃي. ۽ ڪن صورتن ۾ سندن ڪٽنب به ڏاڍائي ٿيندڙ عورت کي قبول نٿو ڪري.

ڏاڍائي ٿيندڙ عورتن جي تعداد تي نظر پوي ٿي ته لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ عورتن تي تشدد ڪرڻ جي خلاف نومبر 2010ع ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪم وارين جاين تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي خلاف قانون قابل ذڪر آهي. گهريلو تشدد جي خلاف قانون قومي اسيمبلي مان پاس ٿي ويو هو، پر سينيٽ ۾ منظور نه ٿيو. سول سوسائٽيءَ جو مطالبو آهي ته جلد کان جلد گهريلو تشدد جي خاتمي جو بل منظور ڪيو وڃي. ۽ تشدد جو شڪار عورتن لاءِ پناهه گاهن جو تعداد وڌايو وڃي!

ماضيءَ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته جن قبيلن وٽ رڍون، ٻڪريون جهجهي تعداد ۾ هونديون هيون. اهي ٻين قبيلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ عزتدار  ۽ محترم هوندا هئا. جڏهن زرعي زمينن، رڍن، ٻڪرين ۽ گهوڙن سان ڀريل طنبيلن جي مالڪن پنهنجي اثاثن جي ورهاست جا قانون ترتيب ڏنا ته عورتن کي به اثاثن جي فهرست ۾ شامل ڪيو. قانوني ملڪيت ۾ بنيادي سوچ صرف طاقت جو احترام ئي هوندي هئي ۽ اڄ به طاقتور کي زندهه رهڻ جو حق آهي.

جيئن ته فطري طور عورت، مرد جي مقابلي ۾ مختلف آهي، انڪري هوءَ زيردست رهڻ جو حق رکي ٿي. جيڪڏهن ٻڪري، رڍ ۽ اُٺ کي ذبح ڪري سگهجي ٿو ته عورت کي به خنجر هڻڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. جيئن معاشري جي مردانگي قائم رهي. ۽ طاقت جو توازن نه بگڙي، اهو عورتن تي خاموش تشدد هو. هي به انهيءَ تشدد جون ڪڙيون آهن ته قديم دور ۾ مرد جو سماج ڪمزور عورت جي تعاقب ۾ روان دوان آهي. هندو معاشري ۾ ”ستي“ جي رسم صدين تائين رائج هئي. جڏهن ڪو مرد مرندو هو ته ”پنڊت“ جي حڪم سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ زيورن سان سينگاريل زال ۽ نوڪرياڻيون لاش سان گڏ ساڙيون وينديون هيون. پگهريل سون مندر جي حصي ۾ ايندو هو. جڏهن ته زنده ساڙيل عورتن جون هڏيون ”گنگا“ جي نذر ڪيون وينديون هيون.

جهالت جي دور ۾، عرب پنهنجي ڌيئرن کي ڄمندي ئي زنده زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيندا هئا ته جيئن سندن گهر ۾ ڪا ڇوڪري جوان نه ٿئي ۽ نه ڪو ئي سندن ناٺي بڻجي. عراق ۽ شام جي زرعي ايراضي جڏهن خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿيندي هئي ته بارش لاءِ ڪنواري نوجوان ڇوڪريءَ کي صحرا (رُڃ) ۾ ذبح ڪيو ويندو هو. يورپ جي اونداهي دور ۾ ڪائي وبا ڦلهجندي هئي ته هر علائقي، هر شهر ۾ وبا کي ٽارڻ لاءِ هڪ عورت کي زنده ساڙيو ويندو هو. قديم زماني ۾ ’يونان‘ ۽ ’سلطنت روم‘ ۾ جڏهن جنگيون ٿينديون هيون ته ٻيئي وڙهندڙ قوتون ميدان ۾ لهڻ کان پهرين پنهنجي پنهنجي ديوتائن جي قربانگاهن تي نوجوان ڇوڪريون ذبح ڪندا هئا ته جيئن ’ديوتا‘ ڪمزور عورت جي خون سان پنهنجي اُڃ اُجهائي خوش رهن ۽ جنگ ۾ حصو وٺندڙن کي کٽڻ کان پوءِ انعام سان نوازين. ڏکڻ هند ۾ رهڻ وارو ”گوند قبيلي“ جي ماڻهن جو هي اعتقاد هو ته جيستائين اهي ڪنهن نوجوان عورت کي اذيت ڏئي قتل نه ڪندو ته اُن جو فصل ڀلو نه ٿيندو. پوءِ نوجوان عورت کي هڪ مخصوص ٿنڀي سان ٻڌي بي رحم طريقي سان قتل ڪيو ويندو هو، جو بيوس عورت کي مرندي مرندي به ڪيئي پهر لڳي ويندا هئا.

مصر ۾ فرعون جي زماني کان ئي هي عقيدو هو ته جيستائين هڪ خوبصورت عورت کي ڪنوار وانگر سينگاري ”نيل ندي“ ۾ ٻوڙيو نه ويندو ته نه درياه ۾ چاڙهه ايندو ۽ نه فصلن لاءِ پاڻي ملندو. مصر جي فتح تائين هر مهيني، هڪ ’ڪنوار‘ نيل جي نذر ڪئي وئي. خبر ناهي ڪيترو تعداد عورتن جو ان ’قبيح رسم‘ جي ور چڙهي تشدد جو شڪار ٿيو!

ڏٺو وڃي ته ماضي کان حال تائين عورت جو سفر گهڻو وڌيڪ مختلف ناهي. پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت آمريڪا ۽ برطانيه به عورت تي تشدد ڪرڻ، ان کي هراسان ڪرڻ ۽ امتيازي سلوڪ ۾ پٺتي ناهن.

سوين سال اڳ روم ۽ قاهره جي بازارن ۾ غلامن ۽ داسين جي خريد و فروخت ٿيندي هئي. پر بي سهارا ۽ ناتوان ڇوڪرين جي اغوا ۽ انهن تي تشدد جا مثال ته ان تاريڪ دور ۾ به نه ٻڌا هوندا جيڪي اڄ جي ترقي يافته دور ۾ ٻڌا وڃن ٿا. اصل دل ڏاريندڙ واقعا آهن. انهن ۾ عورت جي ويچارگي، محرومي ۽ دردناڪ انجام جا ڊگها داستان آهن. اهي گهريلو تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون. غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون. ڪاروڪاري جي وَر چڙهن ٿيون.

پر سماج انهن جي داد رسي نٿو ڪري. آخر اهو دور ڪڏهن ايندو، جڏهن عورتن جو احترام ڪيو ويندو. انهن سان ناروا سلوڪ ختم ڪري کين تشدد ۽ مصيبتن مان نجات ڏياري ويندي. تاريخ جي هر دور ۾ عورتن سان نرمي رکڻ. انهن جي عزت ڪرڻ ۽ انهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ جي تلقين ڪئي وئي. دنيا جا سڀ ئي مذهب، عورتن جي حقن جي پاسداري جو سبق ڏين ٿا. ماضيءَ جي ظالم ترين سلطانن جي باري ۾ به اهڙيون شاهديون ملن ٿيون ته انهن قيدي عورتن جي قاعدن ۾ نرمي ڪئي. انهن جي نان نفقه ۾ اضافو ڪيو ۽ ڪيترن موقعن تي سياسي مخالفن کي عورتن جي ڪري معاف ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ عورتن تي ظلم ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ته حدون پار ٿي ويون آهن. اسان جي اردگرد جي دنيا گهڻي بدلجي چڪي آهي. گذريل چئن ڏهاڪن تي محيط ”عورتن جي تحريڪن“ جي نتيجي ۾، اڄ عورتن کي روزمره زندگي ۾ درپيش خلاف ورزين جي بهتر ڄاڻ آهي. عورتن پنهنجي حقن جي جدوجهد ۾ وڏا ”معرڪا“ سرڪيا آهن. تڏهن به کين ٻئي درجي جو شهري سمجهو وڃي ٿو. انهن جي خلاف امتياز اڪثر تشدد تي ٻڌل آهي. چاهي اهو تشدد حراست جي دوران هجي، ڪميونٽي ۾ هجي يا گهر ۾، ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ جي هڪ رپورٽ مطابق ڪيترن ئي ملڪن ۾، عورتن جي خلاف امتياز تي ٻڌل قانون آهن. ڪيترن موقعن تي عورتن جڏهن انهن امتيازي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي ته انهن تي نه صرف تشدد ڪيو ويو، پر انهن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون ويون. جيڪو حڪومتن جي خلاف هڪ فرد جرم آهي. ڇو ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي مطابق ڪنهن به فرد کي پُرتشدد، ظالماڻو، غيرانساني يا ذلت آميز سلوڪ يا سزا جو نشانو نه بنايو ويندو.

عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جو اعلان نامو جنهن کي اقوامي متحده جي جنرل اسيمبلي 1993ع ۾ منظور ڪيو هو. سو انهيءَ ڳالهه کي اهميت ڏئي ٿو ته ”رياستن کي پوري دل و جان سان تشدد جي واقعن کي روڪڻ گهرجي. ۽ انهن ڏوهه ڪندڙن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي قانون موجب سزا ڏيارڻ گهرجي.“

عورتن تي ظلمن جون پاڙون اسان جي گلوبل ڪلچر ۾ کتل آهن. ان ڪلچر، عورتن کي مردن جي برابر حق ملڻ کان محروم رکيو آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ملڪن ۾ عورتن ڪاميابيون ماڻيون آهن، ۽ بين الاقوامي سطح تي انساني حقن تي ٿيندڙ بحث جا موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ان باوجود عورتن سان امتيازي سلوڪ جاري آهي. تشدد ان امتياز کي وڌيڪ ’هوا‘ ڏئي ٿو. مثال جيئن تحويل ۾ آڻڻ دوران عورتن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. گهرن ۾ تشدد ڪري کين خوفزده ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪم جي جاين تي کين هراسان ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان عورتن ۽ مردن جي درميان اڻ برابري ۽ طاقت جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“

بين الاقوامي فورم جي هڪ رپورٽ مطابق، ”گذريل ڏهاڪي ۾ مشرق وسطيٰ ۽ مشرق بعيد جي اڪثر ملڪن ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ ڪئي دفعا واڌارو ٿيو آهي، رپورٽ جي مطابق پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ”ڪشميري عورتون ڀارتي فوجين جي ظلم ۽ ستم جو نشانو بنيون“.

”بوسينائي عورتون ٻئي نمبر تي ۽ فلسطيني عورتون ٽئين نمبر تي نشانو بنيون. جنگين بغاوتن ۽ سياسي ابتري جو شڪار ملڪن کان علاوه پر امن، مهذب ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به ڏاڍائي جي وارداتن ۾ بي حيائيءَ جي حد تائين اضافو ٿيو آهي. آمريڪا، برطانيه، فرانس، ڊنمارڪ، هالينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ اهڙين وارداتن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ وارن  کي ڇرڪائي ڇڏيو شاديون، غيرت جي نالي تي قتل، ۽ ٻين رسمن کان متاثر ٿي رهيون آهن. ۽ انهن جا بنيادي حق پائمال ٿي رهيا آهن. يو اين اسٽيس مشن طرفان مرتب ڪيل رپورٽ ۾ لکيل آهي ته افغانستان ۾ طالبان دور حڪومت جي خاتمي کي تقريباً ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ به عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ نٿي اچي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”افغانستان ۾ عورتن

استعمال ڪيو وڃي ٿو. اها غير انساني سلوڪ جي روايت نهايت قديم آهي.“

جيتوڻيڪ اقوامي متحده جي قرارداد 1999ع ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته انهيءَ ڳالهه جو احساس جاڳائڻ ضروري آهي ته هميشه کان مرد ۽ عورت جي درميان قوت جو عدم توازن رهيو آهي. جنهن سبب مرد، عورت جو استحصال ڪيو آهي، تنهنڪري آهي.“

اقوامي متحده جي خاص روئداد نويس جي مطابق ”خواتين جي خلاف تشدد جي ذريعي هي ظاهر ڪرڻ مقصود هوندو آهي، ته انهن عورتن جي حفاظت ڪرڻ وارن جي ناڪاميءَ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.“

رپورٽ ۾ هي انڪشاف پڻ ڪيو ويو آهي ته ”ڏڪار آيل علائقن، ايٿوپيا، صوماليه ۾ مانيءَ جي ٽڪر خاطر ڇوڪرين کي هوس جو نشانو بنايو ويو. انهن تي تشدد ڪيو ويو. افغانستان جي صورتحال افسوسناڪ آهي. اقوامي متحده پنهنجي رپورٽ 2011ع ۾ پڌرو ڪيو ته افغانستان ۾ لکين عورتون فرسوده ريتن، جيئن ننڍپڻ جون شاديون، غيرت جي نالي تي قتل، ۽ ٻين رسمن کان متاثر ٿي رهيون آهن. ۽ انهن جا بنيادي حق پائمال ٿي رهيا آهن. يو اين اسٽيس مشن طرفان مرتب ڪيل رپورٽ ۾ لکيل آهي ته افغانستان ۾ طالبان دور حڪومت جي خاتمي کي تقريباً ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ به عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ نٿي اچي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”افغانستان ۾ عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي لاءِ قانون جي منظوري ڏني وئي آهي. تڏهن به متعلقه ادارن جا سربراهه يا ته ان قانون کان بي خبر آهن يا ان جي نافذ ڪرڻ جا مخالف آهن.“

ڳالهه نئين ناهي انهي ڪڙي سچ کان لنوائي يا ان تي پردو وجهي نٿو سگهجي ته ”نابرابريءَ جو عمل برقرار رکڻ ۽ مسلسل محڪوم رکڻ لاءِ عورتن جي خلاف تشدد جو هٿيار استعمال ڪيو وڃي ٿو. اها غير انساني سلوڪ جي روايت نهايت قديم آهي.“

جيتوڻيڪ اقوامي متحده جي قرارداد 1999ع ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته انهيءَ ڳالهه جو احساس جاڳائڻ ضروري آهي ته هميشه کان مرد ۽ عورت جي درميان قوت جو عدم توازن رهيو آهي. جنهن سبب مرد، عورت جو استحصال ڪيو آهي، تنهنڪري عورت کي انهيءَ سماجي استحصال کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته هن جي خلاف هر قسم جي تشدد جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جامع منصوبا بندي ڪئي وڃي. ڇو ته انساني حق Universal Charter (ڪائناتي پڌرنامي) جو حصو آهن. جنهن تحت عورتن کي هر طرح جي حقن جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پر اڄ تائين ائين نه ٿيو!

تهذيب جي سفر سان گڏ عورت تي ظلم ۽ تشدد به جاري و ساري آهي. اڄ به هر عورت جي سر تي ظلم ۽ تشدد جي تلوار لٽڪندي ٿي رهي جيڪا عورتن کي برابر جي بنياد تي حق ڏيارڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.

امن ۽ انساني حقن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. جتي حق نٿا ملن اتي فساد پيدا ٿئي ٿو. هن وقت پوري دنيا ۾ عورتن جو هڪ ئي مقصد آهي ته ”عورتن کي حق ڏيو.“ انهن تي ٿيندڙ تشدد بند ڪريو. ڏوهين کي سزا ڏيو. اقوامي متحده پنهنجي ڪوششن ۾ پوري طرح ڪاميابي نه ماڻي. وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي، هي سوچڻ عورتن جي ذميواري محسوس ٿيڻ لڳي آهي. ڏوهين جي آزادي هڪ اهم عمل آهي. جيڪو تشدد کي فروغ ڏئي ٿو. ڏوهي قانون جي گرفت ۾ نه اچڻ جي ڪري ٻين کي موقعو ملي ٿو. ۽ ڏوهي پاڻ کي قانون کان بالاتر سمجهي سري عام آزاد گهمندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو عورت مشرقي هجي. مغربي هجي. ترقي پذير ملڪ جي هجي يا ترقي يافته، هر جڳهه ان تي تشدد ٿي رهيو آهي. جو صرف گهريلو ئي نه، مسلح تنازعات، نفرتون، جيلن ۾، غرض هوءَ مختلف قسمن جي تشدد جي زد ۾ آهي. ان جو بنيادي سبب اهي قانون جيڪي توازن جي تخليق ڪن ٿا، انهن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي. جڏهن ته قانون سان ئي سماج ٺهندا آهن. ترقي ڪندا آهن. پر جڏهن معاشري جي گاڏي قانون جي پٽڙيءَ تان لهي وڃي ته پوءِ لاتعداد مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي مسئلا سماج جو حقيقي مقصد کسي وٺندا آهن.

جنهن سماج جون خواتين تشدد جي تاڻيل رسي تي هلندي هلندي پنهنجو توازن وڃائي ويهن. ان معاشري کي ڇا چيو وڃي؟ ٽيٽو جو يوگوسلاويا. جڏهن ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ته يوگوسلاويا جي سابق سرب فوج هڪ لک کان وڌيڪ عورتن کي ڏاڍائي جو نشانو بنايو. انهن تي ذهني ۽ جسماني ايڏو تشدد ڪيو، جو اهي مظلوم عورتون نفسياتي مريض ٿي ويون.

بوسنيا جو اڄ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اهي نيم ديوانين عورتن کي ڪيڏانهن ڪن. والاريل ڪشمير ۽ فلسطين کي به هي مسئلو درپيش آهي ته عورتن کي جنسي درندگيءَ کان ڪيئن محفوظ رکيو وڃي؟ انهن تي اُٿندڙ هٿن کي ڪيئن روڪجي؟ ٽئين دنيا جا غريب ملڪ ناانصافي، جهالت ۽ بک جي ذلت ۾ اهڙيءَ طرح ڦاسي پيا آهن. جو انهن وٽ نه ته پنهنجي محرومين جو علاج آهي ۽ نه اهي عورتن کي تحفظ ڏئي سگهن ٿا.

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي فيوڊل ازم مضبوطيءَ سان قائم آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اڃا به مضبوط تر ٿيندو ٿو وڃي. بيشڪ تهذيب جو سفر رڪيو ناهي. ليڪن فيوڊل لارڊز جي زير قيادت هتي جي تهذيب رڪجي رهي آهي ان ۾ عورتون ۽ ٻار فرعون جهڙي قهري حالتن سان دوچار آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com