سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

 

اچو ته ڊائري لکون

تو بنا

مان ڇا آهيان

تون بنا.

مان تو بنا هڪ ويران برپٽ

جنهن تي نه ته ڪو ڪڪر وسي،

نه نه ته ڪو گل کلي.

خزان هجي يا بهار

پر منهنجي اندر هميشه

پت جهڙ آهي.

تون بنا، تون بنا!

”زهره شاهه“

 

خوشي

 

مون صبح جو سج اُڀرڻ مهل خوشيءَ جو حسين پکي ڏٺو، آئون ان جي خوبصورتيءَ تي هر کجي ويس. سوچيم! جيڪر کيس پڪڙي پنهنجي من جي نهال خاني ۾ قيد ڪري ڇڏيان، هميشه جي لاءِ....!

آئون اُن خواهش جي پورائي لاءِ سندس پويان هلڻ لڳيس، هُن جو مون کي پويان ائين خاموشيءَ سان ايندي ڏٺو.... ته ... پنهنجي رفتار تيز ڪري ڇڏيائين....! آئون هُن کي تڪڙو ويندو ڏسي، سندس پويان ڊوڙڻ لڳيس، ته ڪيئن به ڪري ان کي پڪڙيان، قابو ڪريان، پر هُو شايد! منهنجي نيت پروڙي ويو هُجي... مٿي اُڏامڻ لڳو... مٿي... ۽ مٿي... سج پنهنجي تزيز تکاڻ سبب مون کي ساڙي رهيو هيو.... ۽ آئون.... اُن خوشيءَ جي پکيءَ کي نٽهڻ اُس منجهه اُداس آلين اکين سان ويندي نهاريندي رهيس، آهستي ..... آهستي..... هوُ اُڀ ۾ ڪٿي، غائب ٿي ويو.......!

”شازيه عارب منگي“

*-----------*---------*

 

ڏکندڙ دل ڏکندڙ سٽون

مشتاق گبول

ڏک ان ڳالهه جو اٿم تون چهرن کي پڙهي ناهين سگهندي ۽ منهنجون اکيون رُنيون ناهن.

تو اڃا محبت جو چهرو ناهي ڏٺو، ان لاءِ تنهنجي نظر ۾ آيتن جهڙا چهرا بي معنيٰ هوندا آهن.

مان تاريخ جي رڙ جو حصو آهيان ۽ منهنجي رڙ ۾ تاريخ آهي.

دونهون صرف چُلهه مان ناهي نڪرندو. دونهون دل مان به نڪرندو آهي ۽ اڪثر ڪري لفظن مان دونهان نڪرندا آهن.

منهنجي سچ چوڻ تي تنهنجو چهرو مُشڪي رنگ جو وڳو بدلائي ڳاڙهي ساڙهي پائيندو آهي ته مان بي معنيٰ ٿي ويندو آهيان، تنهنجي چوڻ لاءِ هي ڪافي آهي ته ابابيل سچ جو چهرو آهن.

ٽهڪ تنهنجي زبان جي شوڪيسن ۾ هميشه سجايل هوندا آهن، پر منهنجا سڏڪا هميشه اُڃايل رهيا آهن، انهن کي ڪڏهن تنهنجن دلاسن جو پاڻي نصيب ناهي ٿيو.

تون روشنين ۾ رهين ٿي ۽ تو ۾ روشنيون رهن ٿيون، اونداهه جون خوفناڪ گهٽيون مون گهميون آهن. انهي لاءِ قبرن جي تنهائي کي محسوس ڪري سگهندو آهيان.

موت کي اکيون ناهن هونديون.

شام دروندن جي ماءُ آهي ۽ رات حرامي ٻارن جي ماءُ آهي.

تون مون کي ٿڌڙي جي ڏڻ جيان سُٺي لڳندي آهين.

مان ماڻهن کان آزاد ٿي انسانن تائين پهچڻ چاهيندو آهيان.

وڇوڙي جي هوائن سان زندگي پاروٿي ماني جيان بڻجي وئي آهي.

سونهن سموري ڪائنات جو بدن آهي ۽ ڪائنات جي بدن تي ڪڏهن ڪڏهن بي رنگي جون لڦون ٿي وينديون آهن. توکي اِها سُڌ آهي ته مان ڪائنات جي بدن جو عاشق آهيان.

شڪ جي چهري جو رنگ تئي جي رنگ جهڙو آهي.

مون شعور ۽ لاشعور ٻنهي جي هٿن کي چميو آهي، انهي جي ڪري تنهنجي نظر ۾ مان وائڙپ جو شڪار ٿيل آهيان.

موسمن جا پيچرا ننڍا هوندا آهن.

مان ڦاٽل جهولي مان ڪريل ٻير آهيان، جنهن کي تنهنجا پير بي خبري ۾ چٿي ڇڏن ٿا، اها خبر اٿم جُتي تنهنجي پيرن کان محروم آهي ۽ محرومي جا ڪنڊا اڪثر منهنجي دل جي پيرن ۾ لڳندا آهن.

تنهنجي زبان سُٺن لفظن جو ذائقو چکي ناهي سگهي.

ڏيئو پوين پساهن ۾ آهي ۽ اُن جي وسامڻ جو الزام هوائن تي ايندو.

جيڪو پاڻ کي خوش رکي نٿو سگهي، ان مان ٻين کي خوش ڪرڻ بابت سوچڻ به بيوقوفي آهي.

مئي! آئون پنهنجي وڃائجي ويل وجود کي تنهنجي پيار ۾ ڳولي رهيو آهيان، تون مون ۾ منهنجو غربت پڻو نه، منهنجي پيار کي ڏس، منهنجي وڃائجي ويل وجود کي ڏس، جنهن کي سالن کان تنهنجي پيار جي تلاش هُئي.

تنهائي مري ويل ماڻهو وانگيان آهي.

آئينا ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا، تڏهن ته اڪثر ڳالهه ڳالهه تي ٽٽندا آهن.

اڄڪلهه پيار کي ”سيڪس“ جي بندوق سان ڄڻ ته ڪارو ڪري ڪُٺو ويو آهي.

پيار جو رشتو لوڪ گيت به آهي ته نوحو به.

خوابن جي بيساکين تي هلڻ وارا تمام جلد اچي ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن.

ننڊ به ڄڻ ته ڪنواري ڇوڪري آهي.

بيوقوف ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي جيون جي ارٿ (مقصد) کي سمجهي ناهن سگهندا.

انتظار ظالم وڏيري جيان مون کي غلام ڪري ڪوڙا هڻي رهيو آهي.

*---------*--------*

 

 

خليل جبران/ ممتاز لوهار

محبوبه ڏانهن لکيل خط

مي زياده، خليل جبران جي اها محبوبه هئي، جنهن صرف خليل جبران سان خطن جي وسيلي ئي محبت ڪئي هئي. اهي ٻئي هڪ ٻئي سان ڪونه مليا هئا. مي زياده لبناني خوبصورت ڇوڪري هئي، جيڪا پيءُ ماءُ سان گڏ مصر ۾ رهندي هئي، سندس پيءَ اخبار ڪڍندو هو ۽ هيءَ اُن ڪم ۾ سندس مدد ڪندي هئي. اتان ئي کيس لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق وڌي ويو. پوءِ رسالن ۽ اخبارن ۾ خليل جبران جي شهرت روز بروز وڌي رهي هئي. مي زياده جي گهر ۾ ادبي ميڙاڪا ٿيڻ لڳا هئا، جتي اڪثر خليل جبران جي مضمونن تي بحث ٿيندا رهندا هئا. نيٺ دل کان مجبور ٿي مي زياده خليل جبران ڏانهن خط لکڻ شروع ڪيا، جنهن جي موٽ ۾ خليل جبران به کوڙ سارا خط مي زياده ڏي لکيا هئا. انهن مان خليل جبران جي مي زياده ڏانهن لکيل ڪجهه خطن جو ترجمو ”سرتيون“ جي پڙهندڙ جي معلومات لاءِ پيش ڪجي ٿو. (مترجم)

عزيزه من! مي/ منهنجا محبوب مي!

مجنون (پاڳل) منهنجي شخصيت جو آئينو ناهي، هي ڪردار

جنهن خيالن ۽ نظرين جي ڳالهه ڪري ٿو، انهن کي منهنجي خيالن ۽ نظرين سان ڀيٽ نه ٿي ڏئي سگهجي. منهنجو هي ڪردار جنهن لهجي ۾ ڳالهائي ٿو ۽ جنهن مخصوص انداز ۾ مخاطب آهي، منهنجو پنهنجو لهجو ۽ ٻولي ان کان گهڻي مختلف آهي.

اگر تون منهنجي اصليت يا حقيقت ڄاڻڻ چاهين ٿي ته تون وادين ۽ جبلن جو رُخ ڇو نه ٿي ڪرين، ۽ نوجوان ٻڪرارن کي وڃي ڇو نه ٿي ڏسين. منهنجي وطن جا ٻڪرار مون وانگر آهن. منهنجي سڃاڻپ لاءِ توکي انهن جي ويجهو وڃڻ گهرجي. پاڳل جي رڙين ۾ مون کي ڳولهڻ بيڪار اٿئي، ۽ اهو ائين آهي، جيئن ڪنهن باهه جي مچ ۾ ماڪ ڦڙا ڳولهڻ.

پاڳل جو ڪردار هڪ ڊگهي زنجير جي سلسلي جي ڪڙي آهي. جيڪا سخت لوهه جي ٺهيل آهي. هر نفس جي هڪ پنهنجي موسم هوندي آهي. مي! نفس جي خزان جو نعم البدل ان جي بهار ناهي ٿي سگهندو.

هاڻي ڪجهه لفظ ”لُڙڪ ۽ مُرڪ“ بابت ڀي ٻڌي وٺ! هن مجموعي جون سڀ لکڻيون جنگ عظيم اول کان اڳ جون آهن. مان توڏانهن ان جو هڪ جلد موڪليو آهي، پر خبر ڪانهي ته تون ان تي تبصرو ڪيو الائي نه؟ هي سڀ لکڻيون اڄ کان سورهن سال اڳ، ”المهاجر“ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. انهن کي گڏ ڪري شايع ڪرڻ جو ڪارنامو ”غيب عريضه“ جو آهي. ”لڙڪ ۽ مرڪ“ کان اڳ به مون گهڻو ڪجهه لکيو آهي، مگر انهن لکڻين کي ڇپرائي مان پنهنجو پاڻ تي ظلم نه ٿو ڪري سگهان. منهنجي ويجهو اهي ڇپجڻ جي قابل ناهن، اهي مون کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيون ڪن، تنهن ڪري اهڙين تحريرن کي ڇپائڻ منهنجي آڏو پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪرڻ مثل آهي.

جبران

1920ع

 (2)   عزيزه من، مي! منهنجا محبوب، مي!

ڪيڏو مٺاڻ آهي تنهنجن سوالن ۾ ۽ مان ڪيڏو مسرور آهيان توکي جواب لکندي.

”امروز من“ سگريٽ نوشي جو ڏينهن آهي. اڄ تائين مان ڏهه لک سگريٽ دکائي چڪو آهيان. سگريٽ نوشي: منهنجي عادت ناهي، منهنجي تفريح آهي. سگريٽ مون لئه خوشي جو ذريعو آهي. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو هڪ هفتي تائين مان سگريٽ کي ڇُهندو به ناهيان.

مون هاڻ ئي لکيو آهي ته مان ڏهه لک سگريٽ پيتا آهن، ته ان جي ذميوار به تون ئي آهين، صرف تون. تون ئي منهنجي سگريٽ نوشي جو بنيادي ڪارڻ آهين. هي سڄو ڏوهه تنهنجو آهي، صرف تنهنجو. ۽ اگر منهنجو ڏوهه هجي ها ته ڏوهي به مان هجان ها، ته اهو يقين ڪر ته ڪڏهن جو اهو شوق ختم هجي ها.

مان هميشه هڪ ئي وقت ٻه لباس پائيندو آهيان، هڪ ته عام لباس ڪپڙي جو سبيل آهي ۽ ٻيو لباس گوشت، خون ۽ هڏن جو ٺهيل آهي.

جيستائين منهنجي رهائش واري جاءِ جو تعلق آهي ته اها اڄ تائين ڇت ۽ ڀتين کان محروم آهي. ليڪن منهنجي اندر جو سمنڊ اڄ به واريءُ جي سمنڊ جيان آهي، ۽ مان جنهن ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيان ڇا تون ان جو ڪنارو ٿي سگهين ٿي؟

مان توکي پنهنجي باري ۾ ڇا ٻڌايان! تون ان مرد بابت ڄاڻي ڇا ڪندينءَ، جيڪو ٻن عورتن جي محبت جو قيدي ٿي ويو آهي. هڪ عورت ان کي خوابن مان جاڳائي سجاڳي ڏني آهي ۽ ٻي عورت ان کي ٻيهر ساڳي خوابن جي دنيا ۾ پهچايو آهي. ان مرد بابت ڇا ٻڌندينءَ، جنهن کي خدا ٻن شمعن جي وچ ۾ بيهاري ڇڏيو هجي؟ ڇا چوان؟ اهو سرور ۾ آهي يا تڪليف ۾؟ ڇا اهو هن دنيا جي لاءِ اجنبي آهي؟ مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان! ڇا، تون چاهين ٿي ته هي شخص هميشه اجنبي بڻيو رهي، ۽ ڪوبه ان جي زبان نه سمجهي! ۽ هو زبان ئي اهڙي ٿو ڳالهائي، جيڪا هر ڪنهن لاءِ ڳجهارت آهي.

ليڪن ان ماڻهوءَ کي صرف تون ئي سڃاڻين ٿي. ان جي زبان صرف تون ئي سمجهين ٿي. هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي منهنجي روح جي زبان سمجهڻ کان محروم آهن، ۽ اهڙيءَ طرح ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي تنهنجي روح جي زبان نٿا سمجهي سگهن.

مگر مون کي تنهنجي پوري هستي ۽ تنهنجي پوري وجود جي ڄاڻ آهي. مان تنهنجي زبان جو هڪ هڪ لفظ سمجهان ٿو. چوڻ ۾ توکي ۽ مون کي زندگي هڪ نه، گهڻائي دوست عطا ڪيا آهن. ليڪن انهن سڀني مان اهو ڪهڙو آهي، جنهن کي اسان هي چئي سگهون.“ اي منهنجا دوست، اڄوڪو ڏينهن منهنجي صليب تون کڻي گهم- ڪير آهي اهڙو دوست؟ ۽ اهڙو همدرد؟ ڪير آهي اسان جي خوشين ۾ ڏک جون جهاتيون ۽ ڏک ۾ خوشيءَ جون جهاتيون پائڻ وارو؟

۽ ٻيو ڇا چوان، مي! تون ته منهنجي متعلق ايترو ڪجهه ڄاڻين ٿي، جيترو شايد مان خود به نه ٿو ڄاڻان.

جبران

1920ع

 عزيزه من مي! منهنجا محبوب مي!

پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين منهنجي هستي عورتن جي دعائن سان آهي. منهنجي ”خودي“ تي سڀ کان وڌيڪ احسان عورتن جي محنت ۽ شفقت جو آهي. عورتن ئي منهنجي اکين تان کوپا لاٿا آهن ۽ منهنجي روح کي راحت ڏني آهي. عورت حيثيت ۾ منهنجي همدرد رهي آهي. ماءُ جي روپ ۾، ڀيڻ جي روپ ۾ ۽ دوست جي روپ ۾.

سچ پڇين ته مي! بيمار رهڻ منجهه مون کي هڪ لطف محسوس ٿيڻ لڳو آهي. هاڻ مان پنهنجي بيماري مان بيزار ناهيان، مگر مون کي ان سان هڪ لڳاءُ ٿي ويو آهي، هي لطف ۽ هي لڳاءُ، هر لطف ۽ هر خوشيءَ کان منفرد آهي. بيمار ماڻهو ان ڪري به خوشنصيب هوندو آهي، جو زندگي جي اجايو شور ۽ مسئلن کان محفوظ رهندو آهي. پنهنجن ۽ پراون جي گهرجن کان ان جي جان محفوظ هوندي آهي.

ماڻهن جي بڪواس ۽ ٽيلي فون جي گوڙ کان ان جا ڪن بچيل هوندا آهن، پنهنجي بيماري دوران مون کي هڪ ٻيو فائدو به پهتو آهي، هڪ ٻي خوشي حاصل ٿي آهي ۽ اها هيءَ ته تندرستي جي برعڪس بيماريءَ مون کي گهڻين شين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي، بيماري جي بستري تي سمهندي جڏهن اکيون بند ٿو ڪريان ته مون کي محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مان هڪ پکيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهيان ۽ سرسبز واديءَ مٿان ۽ ڪنهن سائي جهنگ مٿان اڏامندو هجان. مان پاڻ کي ان هستين جي انتهائي ويجهو ڀائيندو آهيان، جن جي دلين ۾ منهنجي محبت جا ڏيئا ٻري رهيا آهن.

ڪاش مان هن ڏينهن تي مصر ۾ هجان هان، جيئن منهنجي تيماداري اها شخصيت ڪري ها، جنهن کي مان روح ۽ دل جي پوري شدت سان پيار ڪريان ٿو. توکي خبر آهي، مي؟ ته هر روز صبح ۽ شام مان پاڻ کي قاهره ۾ تنهنجي سامهون محسوس ڪندو آهيان ۽ تون ڪتاب جو آخري باب پڙهي رهي هوندي آهين. اهو باب جيڪو اڃا شرمندگي سبب ڇپيو ناهي!

جڏهن مان پنهنجي موت بابت سوچان ٿو ته منهنجي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ٿي ۽ مون کي هڪ عجيب فرحت محسوس ٿئي ٿي. يقين ڪر، مي، ته مان موت جي ڀاڪر لاءِ بي چين آهيان، موت جي خواهش مون کي هر وقت رهي ٿي، مگر هن دنيا مان وڃڻ کان اڳ مان هڪ لفظ، ها صرف هڪ ”لفظ“ چوڻ چاهيان ٿو. هي لفظ مون کان ڪڏهن به ادا ناهي ٿيو، مان جڏهن به ان کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته منهنجين اکين جي اڳيان هڪ ڌُنڌ ڇانئجي ٿو وڃي، ۽ مون کي پنهنجو وجود پگهرجندي محسوس ٿئي ٿو ۽ مان ڳالهائڻ جي طاقت کان محروم ٿي وڃان ٿو.

مون کي يقين آهي ته منهنجي هيءَ بيماري منهنجو مستقل حصو ٿي ويندي ۽ خود مان به پنهنجو پاڻ کي ان کان جدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اسان ٻئي هڪ ٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويا آهيون، ۽ موت کانسواءِ ڪابه طاقت اسان کي هڪ ٻئي کان الڳ نه ٿي ڪري سگهي هيءَ بيماري تنهنجو رقيب ٿي وئي آهي مي! آهي نه عجيب ڳالهه!

جبران

1928ع

 

*----------*--------*

 

خط

محترمه!

مون اوهان جو رسالو ”سرتيون“ ماهوار نومبر جو شمارو پڙهيو، تمام گهڻو پسند آيو، مان اوهان جي رسالي ۾ هي پهريون خط موڪلي رهيو آهيان، ضرور شايع ڪندا. مان هڪ غريب شاگرد آهيان، ڇولا کپائي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪندو آهيان. بهرحال، توهان جو رسالو تمام گهڻو پسند آهي، منهنجي دعا آهي ته الله سائين اوهان جي قلم کي اڃان به وڌيڪ سگهه بخشي، آمين. اميد آهي ته مايوس نه ڪندا.

ناز نصرالله مهر، رُڪ شريف

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکي ”سرتيون“ بابت آگاهه ڪرڻ لاءِ مهرباني. آئون اوهان کي آفرين ٿي ڏيان جو اوهان پنهنجو پاڻ تي ڊپينڊ ڪريو ٿا. پورهيو ڪرڻ عيب ناهي، محنت ۾ عظمت آهي. منهنجي دعا آهي ته اوهان پنهنجين اڻ مٽ صلاحيتن سان حالتن کي تبديل ڪري، وڏو رتبو حاصل ڪيو.

مانواري ڀيڻ!

عبرت مئگزين جو پراڻو قاري هئس، پر جڏهن کان دوستن جي صلاح مطابق ”سرتيون“ خريد ڪيم، سچ پڇ ڏاڍو وڻيو، سرتيون پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪنديون. هن ڀيري واري پرچي ۾ ڀيڻ تسليم زنئور جو انٽرويو پسند آيو، سندس اهو قول صحيح آهي ته ”پاڻ تي رحم نه کائو، پاڻ سان هروڀرو همدردي نه ڪيو.“ ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجو پاڻ تي رحم کائيندو ته پوءِ ملڪ ۽ قوم لاءِ ڇا ڪري سگهندو.

باقي ڊائري ۾ ايوب کوسي سٺو نڀايو آهي.

محمد عالم کوسو، جهڏو

جواب: محترم ڀاءُ پهريون خط لکڻ لاءِ اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا. رسالو پڙهڻ ۽ تفصيلي احوال لکڻ لاءِ به ٿورا. آئينده به اميد رکون ٿا ته اسان کي رسالي جي چڱاين ۽ اوڻاين کان باخبر رکندا.

مانواري ڀيڻ!

ساهه کان وڌ، سونهن ڀريو ”سرتيون“ بنا ڪنهن اوسيئڙي ۽ انتظار ڪرڻ جي ڪجهه پل پهرين مليو، منهنجو سڄو وجود جرڪي پيو وڏي ڪنجوس پائي ڪرڻ کان پوءِ ستن ڏينهن ۾ پڙهي گل ڪيو مانس.

وڌيڪ خوشي اها به ٿي جو هن مالها ۾ پوئل موتي، جيڪي به هئاسي تمام سُندر ۽ حقيقت تي ٻڌل هئا. مان داد ڏيان ٿو، انهن سنڌ جي ناياب ليکڪن کي جيڪي سنڌ نگري ۽ ان جي اردگرد جي ماحول کي ٺيٺ سنڌي لفظن سان سينگاري ماڻهن تائين پهچائن ٿا. آخر ۾ اها دعا آهي رب پاڪ جي بارگاهه ۾ ته سنڌي ٻولي ڏينهن قيامت تائين قائم رهي، آمين.

ڪنول محمد يوسف ڪپري، ڳوٺ حاجي نياز محمد ڪپري.

جواب: محترم ڀاءَ، خط لکي ”سرتيون“ بابت راءِ ڏيڻ لاءِ لک لائق. اميد ٿي ڪجي ته آئينده به اهڙو تعاون جاري رکندا.

ايڊيٽر سرتيون!

عرض ته مان هر ماهه ”سرتيون“  ڏاڍي دلچسپي سان پڙهندو آهيان ۽ هي منهنجو فيوريٽ رسالو آهي. وڏي خوشي جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جون سنڌي عورتون ڏاڍي شوق سان شعر ۽ ڪهاڻيون لکن پيون، ڇو جو اسان وٽ عورت جي آواز کي گهٽيو وڃي ٿو.

ٻي وڏي ڳالهه هي آهي ته هن رسالي ۾ مرد به شوق سان لکن ٿا، مان به هن رسالي ۾ مواد موڪليندو آهيان، مگر اهو مواد ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيندا آهيو، ڇو جو اسان نوان شاعر/ليکڪ آهيون، تنهن ڪري اسان کي توهان همت افزائي بجاءِ مايوسي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهيو. جيڪڏهن توهان هن واري اسان جو مواد نه شايع ڪيو ته اسان جو آخري خط هوندو. وڌيڪ توهان جي مرضي.

غلام مصطفيٰ کهاوڙ، گاجي کهاوڙ

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ ۽ ”سرتيون“ کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. اوهان کي شڪايت آهي ته اوهان جو مواد رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇليو وڃي ٿو، اوهان کي اطمينان رکڻ گهرجي ته اڳي پوءِ اوهان جو مواد ضرور شايع ٿيندو، ڇو ته معياري مواد لاءِ اسان وٽ ڪابه رديءَ جي ٽوڪري ڪانهي. وري به اميد ٿي ڪجي ته پنهنجو ادبي سهڪار جاري رکندا.

محترمه ايڊيٽر!

سيپٽمبر 1996ع جو پرچو پڙهيم، ايڊيٽوريل ۾ اوهان ڪجهه نون سلسلن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو هڪ سٺو قدم آهي. عرض ته انهن کان علاوه هڪ ٻيو به سلسلو شروع ڪريو، جنهن جو نانءَ هجي، ”ڏات ڌڻي“ ان سلسلي تحت ڪنهن به شاعر/ شاعره جو مختصر تعارف ۽ ان جي شاعري هلايو.

هن پرچي ۾ برک ليکڪ شمشير الحيدري جو مضمون ”سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعري“ پرچي جي جان هو، انهيءَ کانسواءِ اوهان جي ترجمو ڪيل مضمون ماءُ، پيءَ ۽ ٻارن جا گڏيل خوشگوار تعلقات“ به تمام سٺو لڳو ۽ معلومات ۾ اضَافو آندائين. هي ٻه وايون اماڻيان پيو، اميد ته شايع ڪري همت افزائي ڪندا.

ڪرم سنڌي، ڇتو مادراڻي

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکي ”سرتيون“ بابت راءِ ڏيڻ لاءِ لک لائق. ”ڏات ڌڻي“ سلسلي رکڻ واري اوهان جي راءِ نوٽ ڪئي وئي آهي، اميد ته ستت ئي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اوهان جو مواد پهتل آهي، ڪوشش ڪنداسين ته اوهان کي گهڻو انتظار نه ڪرايون.

محترمه ڀيڻ!

        عرض ته ڪجهه ڏينهن کان مان هتي (سعودي عرب) سيٽل آهيان، ۽ تازو ”سرتيون“ لاءِ ڪجهه لکي به نه سگهيو آهيان. ۽ نه وري رابطو ڪري سگهيو آهيان، سرتيون متعلق هاڻ ته لکي نه ٿو سگهان ڇو ته ڪجهه شمارن جي ڇپجڻ جي خبر ئي ناهي ته ڪهڙو مواد پڇيو ڪهڙو نه.

        هتي اڄ پنجون ڏينهن آهي برسات وسي رهي اهي. پنج  ڏينن اڳ سعودي حڪمران ۽ عواڪ خانعه ڪعبه جي امام کي برسات لاءِ دعا جي اپيل ڪئي هئي، ۽ ان درهر دعا قبول پوي ٿي، سو دعاءِ  وقت کان برسات شروع ٿي ۽ هاڻ بيهڻ جون نالو ئي نه ٿي وسي. ڪيڏي به برسات پوي. هي بدوي چوندا شڪر الحمدالله.“ گهر پاڻي سان تريا بيٺا اٿن، سامان لڙهندو وتين ته به خوش اهن. ۽ هڪ ٻي ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته عرب عورتون ۽ مرد تعليم پرائين ٿا. ننڍا وڏا ڪجهه به هجي اسڪول لازمي ويندا. ۽ عرب ڊيوٽي به پوري طرح ڪن ٿا. هتي جي ماڻهو وٽ قانون جو احترام آهي، ڪنهن بدوي عرب وٽ مون ڪڏهن به فخر ۽ وڏائي ناهي ڏٺي. هتي هر عورت پردو ڪري ٿي، ايتري قدر جو هٿن ۽ پيرن تي به ڪارا جوراب پائي ٿي هلي، چاهي اڪيلي به هلي ڪنهن کي همت ناهي جو ڪير به هُن کي ڪجهه چئي سگهي.

        ايتير قدر جو بدوي نوجوان ڇوڪريون پهاڙين ۾ وادين ۾ اڪيلي سر ٻڪريون رڍون چارين ٿيون، انهن کي سعودي حڪومت پاران هيوي قسم جا پسٽل ڏنل آهن، ۽ گڏ اجازت پڻ ته توهان تي ڪو ماڻهو يا جهنگلي جانور حملو ڪري ته شوٽ ڪري ڇڏيو.“

        ڀيڻ! اگر ڪجهه لکي سگهيس ته مواد موڪليندس، اگر اوهان سرتيون اعزازي ڪاپي موڪلي سگهو ته جيئن پاڪستان ۾ رپئي  ڏيڍ جي ڊاڪ ٽڪٽ تي بوڪ پوسٽ ڪيو ٿا، ائين ساڳي ٽڪٽ تي بوڪ پوسٽ ڪير ڇڏيو مون کي ملي ويندو.

مجيد گل، سعودي عرب، فواذ بن فالخ، وادي مدرسه سوله مڪه المڪرمه

جواب: محترم ڀاءُ، آئون اوهان جي نهايت ئي ٿورائتي آهيان، جو اوهان پنهنجي مصروتين مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي، ايڏي ودور کان ”سرتيون“ کي ياد رکيو. سرتيون جون ٽي اعزازي ڪاپيون ڏياري موڪليون اٿم، اميد ته اوهان کي ملي وينديون.

مانواري ڀيڻ!

        ”سرتيون“ گذريل ٽن مهينن کان سراسر پڙهندو پيو اچان. هي رسالو منهنجو پسنديده آهي، ۽ آئون هن کي سنڌي زبان  جو واحد مئگزين قرار ڏيان ٿو. ههڙي معياري مئگزين شايع ڪرڻ تي اوهان کيرون لهڻو.

انيل ڪمار، مسوري

جواب: محترم ڀاءُ، سرتيون کي پسند ڪرڻ ۽ خط لکڻ لاءِ بيحد ئي ٿورائتا آهيون، اميد ته آئينده به پنهنجي راءِ کان آگاهه رهندا.

احترام لائق ڀيڻ!

”سرتيون“ جو پرچو هٿڙن ۾ آهي، ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ سرتيون قيمت ۽ ڇپائي جي حوالي سان هڪ سگهارو ۽ بهترين رسالو آهي. اوهان جون ڪوششون واقع قابل تعريف آهن. اوهان جن نون سلسلن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها هڪ سٺي سوچ آهي. انهن سلسلن سان پرچو وڌيڪ معياري ٿي ويندو.

پهريون ڀيرو سرتيون لاءِ پنهنجي نڪور شاعري موڪلي رهيو آهيان، اميد ته ضرور جاءِ ملندي.

سميع ساجد جوڻيجو، المنظر ڪتاب گهر

رتو ديرو ضلع لاڙڪاڻو

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکي ”سرتيون“ کي پسند ڪرڻ لاءِ لک احسان. اوهان جي شاعري پهتل آهي، ڪوشش ڪنداسين ته اوهان کي گهڻو انتظار ڪرڻو نه پوي.

محترمه ڀيڻ!

اوهان جو تازو، پرچو ”سرتيون“ مطالعي هيٺ آيو. ڪهاڻيون ۽ شاعري معياري آهن. ان کان علاوه هن ڀيري جيڪو ”چونڊ شاعري“ وارو سلسلو شروع ڪيو اٿو، اهو بيحد پسند آيو، يعني ته رسالو سراسر بهترين لڳو.

باقي اها شڪايت هن ڀيري آءُ دل کولي ڪندس ته اوهان وٽ مواد سفارش جي بنياد تي يا وري ڪنهن ڏيتي ليتي جي بنياد تي شايع ڪيو وڃي ٿو. اسان کي به ٻڌايو ته اسين اوهان ڏانهن سفارش ڪرايون، باقي ائين ته هر ڀيري اسان جي موڪليل مواد کي ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ٿيون ڇڏيو، ۽ پراڻا نالا ”سرتيون“ ۾ هر دفعي شايع ٿيل نظر اچن ٿا، يا گروپ بندي ڪئي اٿو ڇا“؟

ڇا! ماهوار ”سرتيون“ ۾ ڇپجڻ ڪنهن ٻئي سنڌي ڀاءُ يا ڀيڻ جو حق ناهي؟

ڇا اسان جو مواد معيار مطابق ناهي هوندو؟ ٻيا سمورا رسالا اسان جي موڪليل مواد کي آساني سان جاءِ ڏين ٿا، رڳو اوهان وٽ ئي معيار جي سڃاڻپ آهي!! معيار جي آڙ ڍونگ رچايو اٿو. اها ڪا سُٺي ڳالهه ته ناهي، وڌيڪ ناراض نه ٿينديون، معمول مطابق هن دفعي به ٻه ”غزل“ خدمت ۾ موڪليان پيو، اميد ته رديءَ جي ٽوڪري ۾ آسان طريقي سان جڳهه ملندي. آخر ۾ دعائن سان گڏ.

”ملزم“ سومرو، پيلس ميوزڪ سينٽر ڏهرڪي

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکي ”سرتيون“ کي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. اوهان کي شڪايت آهي ته اوهان جو مواد شايع نٿو ٿئي، بهرحال، ان لاءِ معيار پنهنجي جاءِ تي، باقي اسان وٽ سفارش، ڏيتي ليتي، گروپ بندي وغيره وغيره جهڙو ڪلچر ڪونهي. بهرحال اوهان جي Boldness کي داد ڏيندي، اوهان جو خط جيئن جو تيئن شايع ڪري رهيا آهيون، ۽ وري به اميد ٿا ڪريون ته پنهنجو تعاون جاري رکندا.

 

*---------*--------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com