سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

 

جميله بانو

امانت

زندگيءَ جي اچي شام ٿي هئس، شهر جي گهٽين گهرن ۾ خط پٽ ۽ چٺيون ورهائيندي وار اڇا ٿي ويا هئس. اوڙي پاڙي ۽ علائقي جا ماڻهو وڏي عزت ڪندا هئس، جو ايماندار هو. هو ڏاڍو مطمئن هو پنهنجي سڄي ڄمار جي ڪارڪردگيءَ کان...

ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو، هن ڪنهن جو ڪو خط وڃايو هجي يا ڪنهن امانت ۾ خيانت ڪئي هجي. اڄ صبح سوير ٽيبل تي پکڙيل خطن جي ڍير مان پنهنجي محلي وارن جا خط ترتيب ڏيئي رهيو هو. پوري محلي جا ماڻهو، سندن گهر، دڪان، هوٽلون، مانڊليون، پڪوڙن وارا، تان جو يارو ڇولن واري کي به ساري سنڀالي خط ڏيندو هو. سمورا خط سنڀالي ڪافي وزن ٿو محسوس ڪري...

سڄي ڄمار ٻين جون امانتون کين پهچائڻ هن ڄڻ عبادت سمجهيو هو. ٽيبل تي پکڙيل خطن تي مٿاڇري نظر ٿو ڪري، سندس نظر هڪ گلابي لفافي تي ٿي پوي، جنهن تي سندس ئي گهر جي ائڊريس هئي، ..... هو خط کڻي، سوچي ٿو، گلابي لفافي ۾ ڪنهن خط لکيو هوندو....

هو لفافو کڻي کيسي ۾ ٿو رکي ڇڏي ۽ پنهنجي ايريا ۾ خط ورهائڻ هليو ٿو وڃي.... خط پڙهڻ لاءِ سوچي ٿو، پر واندڪائي نه ٿي مليس. هو خط ورهائڻ لڳي ٿو وڃي، اڄ وٽس گهڻي ٽپال هئي، سو شام ٿي وئي هيس، ٽپال ورهائيندي، ڏاڍو ٿڪجي پيو هو، پنهنجي کيسي ۾ رکيل خط ٿو ياد اچيس.....

لفافي جي ڪنڊ ڦاڙي اندران خط کي ڪڍي ٿو، اڙي... هي خط ته سندس نوجوان ڌيءَ ڏانهن لکيل آهي.... هي خط ڪنهن رول ۽ آواره عاشق سندس پڙهيل لکيل نوجوان ڌيءَ کي لکيو هو. اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي ٿي وڃيس. پوڙهو ۽ ڪمزور جسم ڏڪڻ ٿو لڳيس، نڙيءَ ۾ ٿوهر ٿا اٽڪنس، ڏک ۽ ڪاوڙ جي گڏيل احساس کان اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيس. خط کي ساڳيءَ طرح بند ٿو ڪري ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي ٿو ڇڏي... سر هي سانجهه ويل ڳوٺ جي ڪچي سڙڪ سان، پنهنجي پراڻي سائيڪل تي دزاڏائيندو گهر ڏانهن اچي ٿو، گهر پهچي، ڏڪندڙ هٿن سان امانت (خط) پنهنجي ڌيءَ کي ڏئي ٿو!!

*----------*---------*

 

ايس ايس نظاماڻي

نارين تان ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو؟

اسان جي ڳوٺ ۾ گل نالي هڪ ڇوڪري رهندي آهي. انهيءَ جو قصور صرف اهو آهي، جو هوءَ يتيم آهي. پيءَ وڃي ٻيو جهان وسائي هن کي ڏکن جو ڏيج ڏئي ويو. هن جو هڪ ڀاءُ پڻ هو. ڀاءُ، ڀيڻ جي عمر ۾ صرف هڪ سال جو فرق هو. پاڻ 18 سالن جي ۽ ڀاءُ انور 17 سال جو. ٻئي تعليم کان وانجهيل جن کي اها به خبر نه هئي ته ڪا تعليم به اهميت رکي ٿي. قصور هنن جو نه مگر هن ذات ٻروچ جو ۽ ڳوٺ وارن جو. ڳوٺ وارن جو قصور اهو جو، جيڪي هي غريب ماڻهو ”آڻين ۽ چاڙهين“ جي آڌار وارا هي غريب..... سوچين ٿا جيڪڏهن اسان ٿوري گهڻي ترقي به ڪئي ته ڳوٺ وارا چوندا، جن کي کائڻ لاءِ اٽو، پائڻ لاءِ تن تي پورا ڪپڙا به نه آهن، سي پنهنجن ٻارن کي تعليم پيا ڏياري. مطلب ڪجهه ڳوٺ، غريبي ۽ پنهنجي قسمت جي خوف کان ۽ ڪجهه وري ڄاڻ نه هئڻ جي ڪري ڪنهن ڇوڪريءَ کي ته ٺهيو، پر ڇوڪري کي به تعليم ڏيارڻ ۾ بيعزتي سمجهندا آهن.

گل جي ماءُ هئي مگر نه هئڻ جي برابر، ڇو ته سندس ڀاءُ محمد بخش، سندس شادي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. ۽ هنن جو مامو محمد بخش هنن کي پنهنجي گهر رهائڻ لڳو. انور مزدوري ڪري (مال چاري) پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجو پيٽ جو گذر آساني سان ڪري سگهندو هو، مگر هنن جي به قسمت ئي ڦٽل هئي، جن جي نصيب ۾ ڏک لکيل هجن تن کي خوشين جي ڪهڙي خبر.... انور جي مامي انور کي پنهنجي مٺي زبان ۾ چيو ڏس نه جڏهن گل جو رشتو ڏنو گهري رهيو آهي، ته اهو منظور ڪر، توکي ته پٽ خبر آهي پاڻ وٽ تنهنجي ڀيڻ کي ڏيڻ لاءِ ڏاج به ڪونهي. اهو رشتو پاڻ وڃايو ته پوءِ وري پاڻ کي اهڙو رشتو هٿ نه ايندو.انور مامي کي چوڻ لڳو، ڏسو ماما، ڏني جا ڏند ته ٺهيو، پر هڪڙي ڏاٺ به سلامت نه آهي، جيڪو پنهنجي وارن کي ميندي لائي ڳاڙهو ٿوڪري، ۽ جنهن جي عمر 70 ستر کان به مٿي آهي ۽ هميشه بيمار رهندو آهي.

اهو پوڙهو جهور، زندگيءَ کان بيزار، سو ڪيئن منهنجي ڀيڻ جي زندگي کي سڌاري سگهندو... مامي جواب ڏنو ڇا به ٿئي مون کي هر حالت ۾ گل جي شادي ڏني سان ڪرائڻي آهي. انور گهڻو ئي چيو آئون پنهنجو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو گذر سفر پاڻهي ڪندس، مان پنهنجي ڀيڻ تي اهڙو ظلم نه ڪرڻ ڏيندس. پر مامي جواب ڏنو... ”انور چريو نه ٿي. ڪجهه پنهنجي دماغ کان ڪم وٺ. مرد جي عمر ڪانه ڏسبي آهي عمر ته عورت جي ڏسي آهي... گهڻو انور رنو پنهنجي مامي کي ايلاز ۽ منٿون ميڙون ڪيائين، مگر مامي انور کي ڏاڍي مار ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. ڏاڍا دهل ۽ شرنايون وڄايون ويون. ۽ انهن دهلن ۽ شرناين ۾ زندگي موت جي هنج ۾ خاموش تماشائي بڻجي وئي. ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته هنن مرڪن ۾ ڪيترا لڙڪ دفن ٿيل آهن. ماڻهو اڳئي تماشو ڏسندا آهن، ماڻهن لاءِ وڌيڪ ٻيو تماشو پيدا ٿي ويو. هُن بي رحم ماڻهن کي معصوم ۽ بي قصور گل جي احساسن تي ڪهڙا ڪنڊا نظر آيا هوندا. عورت ته صرف پنهنجي نڪاح جي ٽائيم تي ٽي دفعا ڪنڌ جهڪائڻ ڄاڻي. هنن نارين کي ڪهڙي خبر سندن زندگي ۾ ڪنهن خوشي جو به نالو لکيل هوندو آهي. ۽ اڄ پنهنجي جهور پوڙهي ور کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، گل پاڻ مريض بڻجي وئي آهي. هر روز جا دورا بيهوشي جي ڪري گهر جو ڪم به ڪري نٿي سگهي. ۽ نه کيس اها خبر آهي ته ڪا هن بيماريءَ جو علاج به ٿيندو آهي... هن جي شاديءَ کي ٻه سال گذري ويا آهن، پاڻ هڪ پٽ جي ماءُ هوندي به پاڻ کي بنا اولاد جي سمجهي ٿي.

 

شاعري

 

ناظم منگي

چؤسٽا

بُلند پائي جو شاعر ناميارو هو ته آصف هو،
ادب جو سج سنڌڙي جو سهارو هو ته آصف هو،
لڙهيون لفظن جون موتين جيان مڙهي هر نظم لکندو هو،
غزل هر گيت جو سينگار پيارو هو ته آصف هو.

 

تخيل ۽ قلم آصف جي تابع هئا مسلسل هئا،
سدائين وقت جا واڳون مخالف هئا مقابل هئا،
خودي هن جي رهي قائم خدا هن جو محافظ هو،
سمورا عزم قومي تنهن ڪري هن جا مڪمل هئا.

 

تحرڪ لرزندو هو خوب آصف جي عدالت کان،
محقق ڌڙڪندو هو هن جي تاريخي شهادت کان،
تصور هن جو ٿي ويندو هو حاوي هر حقيقت تي،
سندن تصنيف گهٽ هوندي نه هئي، حقي هدايت کان.

 

جتي ڪردار ٿو ٻهڪي اُها ڀي ڪا عطا هوندي،
جتي احساس پيو روئي اُها ڀي ڪا ادا هوندي،
اُها آ شخصيت آصف جي جا ڪنهن کان لڪل ڪانهي،
هنئي جنهن سئن هوندي ڪانه موٽي ڪا صدا هوندي.

 

(شهيد احمد خان آصف کي ارپنا)

 

فهميده اشرف بلوچ

بيت

 

اوسيئڙي جو درد ٿيون، پائن نگاهون،
ڪنڊا ڪنڊا ٿيون لڳن سرتا، سڀ راهون،
منهنجون پناهون، تنهنجي نيڻن ۾ پرين!‎

 

هر گهڙي آڪاش ڏي، تڏهن پيئي ڏسان،
پرين مون ڏي اوچتو، ايندو چنڊ منجهان،
پوءِ سکي! مون کان، ڏور نه ٿيندو هوُ ڪڏهن.

 

آءٌ سرتي! پاڻ ئي آهيان هن لئه شاعري،
هن جي هر خوشي، ڏس ته مون ۾ ٿي رهي.

 

دنيا دورنگي، سپنا سڀ سراب جيان،
ساڀيان ماڻيندي ڪڏهن، منهنجي زندگي،
منهنجي بندگي، سرتا! تنهنجي سڪ ۾.

 

سوچي سوچي اوسکي، تپي ساروتن،
پوءِ اچي ڪيئن من ۾، رهي هو رانجهن،
مون کي هي جيون، هاڻي کپي ڪين ٿو.

سکي ڪاري رات ۾ ڪيڏا نيڻ ٽميا،
چنڊ وڌائي هٿڙا، سارا لڙڪ اگهيا،
تنهن کان پوءِ پڇيا، منهنجا سارا درد هُن.

 

 

لطيف اياز پنهور

تو پڄاڻان پرين!

(مانائتي سائين محمد دائود بلوچ جي مرتيئي تي لکيل)

 

تو پُڄاڻان پرين

پهر پڪارين پيا

هنجون هارين پيا

سار تنهنجيءَ جا ترورا

اڄ به ڪالهوئيءَ جيان

اکين پسجن پيا

تو پڄاڻان پرين!

پرهه پڻ پُڪاريو

اندر تنهنجي اچڻ جي

هر راهه گذر ڏي نهاريو

تنهنجي اڻهوند پرين

پکين کي پڇاڙيو

ساهه سُڏڪي پيو.

تو پُڄاڻان پرين

هيئين هٿ آ پيو

اوچتو ئي اوچتو

هاءِ وئين او هليو!

اندر توبن پوٺوئي پوٺو

جيوت جُز جي مڃيم

جيئن جر- ڦوٽو

مگر سار تنهنجي صديون تار رهندي

تنهنجي اڻ- ٿيڻي اچڻ جي آس رهندي

بس اهائي پاس رهندي

جيوت جي جيءُ ۾

سدا پئي جرڪندي

تو پڄاڻان پرين

ويا ڪلتا واءُ ساري ۾

واسو ڪيو

سنسار سمورو سکڻو لڳو

تو پڄاڻان پرين

هي جيون لڳي ٿو

ڪوئي سپنو هيو

جنهن جو هر پهر

سحر ئي سحر

ڀتيون ڙي ڀتيون

هاڻ سمورو شهر!

تو پڄاڻان پرين

هن جيءَ

جرڪڻ ڇڏيو

هاءِ هانءِ هڄيو

ساهه سرچڻ ڇڏيو

تو سوا او پرين!

تو پڄاڻان پرين!!

 

حبيب ساجد

ارپنا

تنهنجي نانءِ ها

سنگ مرمر جهڙي سفيد محبوبه،

منهنجي هيءَ ساري زندگي،

تنهنجي نانءُ

تون،

جنهن جي نيڻن ۾،

ڇُلندڙ هڪڙو عربي سمنڊ

هميشه هڪ ڇوڪر کي ٻوڙي خوش ٿيندو آهي.

تون

جنهن جي لکيل شعرن ۾

سڀ ڪجهه لکيل هوندو آهي

سواءِ منهنجي نانءُ جي.

تون

جنهن جي وجود ۾

ڪائي کير ڌارا، الائي ڪيڏانهن هلي ويندي آهي

مون کي ساڻ کڻڻ کان سواءِ ئي.

۽ تون

جنهن جي نفيس ۽ شاعر آڱرين اڳيان

منهنجي زندگيءَ جو ڪاغذ

اڃان تائين خالي پيو آهي

اڃا تائين بي لفظ پيو آهي.

 

سلميٰ اعجاز ميمڻ

اوريان ڪنهن سان ڳجهه جون ڳالهيون،

 

ناهي ڪو همراز.

 

ڪيترو سمجهايو پنهنجو پاڻ کي اندر جي آواز،

 

ناهي ڪو همراز.

 

دل چري آن، ڏس ويٺي گهڙي چاهت جا انداز،

 

ناهي ڪو همراز.

 

اندر ۾ سور، سنجها جو ويتر، تنهائيءَ ڇيڙيو ساز،

 

ناهي ڪو همراز.

 

سينڌ بنا سندور جي، ڪهڙو وارن جو انداز،

 

ناهي ڪو همراز.

 

دل جو ديس ويران ڪري، خوشيءَ جو اڏريو باز،
ناهي ڪو همراز.

 

پارس شاهد عباسي

غزل

ڪيڏاري جي وائي آهي،
ڳائڻ واري ڳائي آهي.
پرين وارا پنک پٿاري،
شام وري اڄ ڇانئي آهي.
گلن ۽ گجرن واري گوري،
گس وٺي نئون آئي آهي.
ڦل، ڦُلاري وڪڻي ٿو پيو،
ڌرتي اڄ ڀي سائي آهي.
تنبوري جي تند ڇڙي پئي،
مرڪيو گهوٽ ڀٽائي آهي.

 

*

هل پنهنجا گجرا ورهايون سکي،
کڻ دُهل وري اڄ ڳايون سکي!
ڏسي عيد جو چنڊ، ملهايون خوشي،
ڪوئي مينديءَ گل بنايون سکي!
نه ئي اوچا وڳا، نه ئي سونا سڳا،
اهي پنهنجا رڳو گيت، وايون سکي!
ماڻهو سڀئي پنڊ- پهڻ ٿي ويا،
کڻي پاڻ ئي هٿ وڌايون سکي!

 

 

سلميٰ فياض

آزاد نظم

جي جيون توساڻ گهلي،

مان شبنم ٿي پوان.

باک ڦٽيءَ جو جڏهن،

سج پهريون ڪرڻو ڪڍي،

تنهنجي قدمن ۾ ڪري،

توکي سجدو ڪريان،

تنهنجي اربيلين اکين،

ور وڪڙ وارن جي چڳن،

کي هوا بڻجي،

هر هر ڇيڙيان،

۽ جي ڪاتب هجان،

تنهنجي تقدير دل کولي لکان.

 

مريم حسين

آزاد نظم

تانگهه ۾ تنهنجي اداس هن،

منهنجا سڀ ٻاراڻا،

سانول! توکي ساري ٿيا

منهنجا حال اياڻا،

بهارن سان ڪهڙي راند ڪري،

ڪوئل جا هن سُرَ ويڳاڻا،

هڪ دل جي ڪري هي حال ٿيا،

آهن ٻيا ڪي اهڙا سياڻا!

حيات چاهي گس نوان

ناتا ٽوڙي ڪير پراڻا،

يادن کي چاهي خوابن وانگر،

نگر نگر هر ديس اڏاڻا.

 

مير محمد پيرزادو

گيت

سڏي سانت مان ٿي توهان جي سنڀار،

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

هيءَ معصوم مرڪون ڀريل بود سان،
ٽپا، ٺينگ خوشين سندي گود مان،
کٽي راند جڏهين ڪا ٻهڪن ٿا ٻار،

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

لڙئي سج ٿي جهومي وڻن جي قطار،
وڄائن ورڻ ويل بينون ڌنار،
وٿاڻن ورڻ تي چڙن جي چُونگار،

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

چيتن جا وڻن پاس چهڪا ٻرن،
پلڪ پير ۾ ڇير پائي پُرن،
هوائن ۾ هٻڪار جا ڄڻ ته هار،

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

وڄائي وڻن جي ٿي وينا هوا،
ڪنگوءَ تال تي خوب جهومن لوا،
لنوين لات ليارن منجهان ڪاته لار،

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

ستارن وڄائي ڇڏي سارنگي-
چمن چانديءَ کي ٿا چپ نارنگي-
لنون لات ٿا سانت مان جڏهن نار-

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

وسي مينهن مند تي وطن هٿين ملهار-
کنوڻ ڪڪر سان گڏ نچي بار بار-
ڀري ساهه ۾ سُر سڄي رات سار-

 

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

 

 

 

 

 

 

مشتاق بخاري

خالي هٿ

مان،

منهنجون خواهشون،

منهنجا اوسيئڙا،

منهنجا جذبا،

منهنجا احساس،

هڪ ڇوري ڇني،

ٻار جيان آهن.

جيڪي سدائين،

شفقت جي هٿ لاءِ،

واجهائيندا رهن ٿا.

پر ڪوبه هنن تي ۽ مون تي،

شفقت جو هٿ رکڻ لاءِ،

تيار ڪونهي.

هڪ ڏينهن اهو به ايندو،

جو اهي مايوس ٿي،

۽ مجبور ٿي،

خودڪشي ڪري ڇڏيندا.

پوءِ کوڙ ماڻهو اچي،

خالي هٿ رکندا،

مون تي نه ۽ هنن تي به نه،

پر منهنجي ۽ هنن جي،

لاش واري

کٽ تي.

 

ايوب کوسو

اوهان جون اکيون!

 

جيئن ڏورانهين ٻيٽ تي ڄڻ،
چاندني ڪو گيت ڳائي،
يا تتيءَ جي تيز اُس ۾،
سانوري ڪا ڇير پائي،
جيئن اچي خوشبو گُلن مان،
جيئن اچي راحت رنگن مان،
تيئن اوهان جون هِن اکيون!
رات جي ڪو جهي بدن تي،
جيئن پريان ڦُلڙيون ڦُٽن ڪي،
جيئن اسان جي روح کي ڀي،
يادگيريون ئي گهُٽن ڪي،
جيئن وسن بادل گگن مان،
جيئن ڦٽي خوشبو بدن مان،
تيئن اوهان جون هِن اکيون!
جيئن سڄو آڪاش مُرڪي،
جيئن پري ڪا ڪونج ڪُرڪي،
جيئن اگهاڙي باک جاڳي،
جيئن انبن ۾ ساک جاڳي،
جيئن نهاري ڪو چڳن مان،
جيئن پڪاري سج ٽِڪن مان
تيئن اوهان جون هِن اکيون!
جيئن اَسر جي هير ڀُڻڪي،
جيئن سمنڊ جي وير ڀُڻڪي،
جيئن ڏياري جا ڏيئا ڪي،
جيئن دريءَ مان هو ليئا ڪي،
جيئن ڦُٽن ٻوٽا ڀٽن مان،
جيئن نچن سپنا سِٽن مان،
تيئن اوهان جون هِن اکيون!

 

 

شوڪت علي ڌماچ

غزل

 

ڇا اندر ۾ آ اداسين کانسوا،
ذهن خالي ڄڻ حواسن کانسوا.
ميڪدي ۾ ڪير ايندو مي پيئڻ،
موکي تنهنجي هن متان کانسوا.
ڇا پڇين ٿي ڇا ڏسيان مان پاند ۾،
چا رهيو آ هاڻ آسن کانسوا.
چاهتن جي شاهراهن تي سکي،
ڇا مليو دل کي دلاسن کانسوا.
تو سواءِ پنهنجي حياتي ائين آ،
ڄڻ تنبورو ڪوئي تارن کانسوا.
ڪير تنهنجي آجيان ايڏي ڪندو،
مينهن ٿر ٿوهر پياسن کانسوا.
تو پڄاڻا زندگي ۾ ڇا رهيو،
خالي آسن ۽ نراسن کانسوا.
تو سواءِ شوڪت پياسو روح آ،
دورڄڻ ڪو ديس واسين کانسوا.

 

 

ملزم سومرو

غزل

تنهنجا وهه پيالا نيڻ،
منهنجا آلا آلا نيڻ!
ڪي ته رڳوئي ٽچ بٽڻ جيان،
ڪي ڪي بڙڇون ڀالا نيڻ!
ٻي جي غم تي ڪين جي تڙپن،
ڪيڏا سي ئي نرالا نيڻ!
هڪ نظر سان قيدي ڪن ٿا،
سيئي سڏبا تالا نيڻ!
جي ٿا ”مُلزم“ محبت ڳولن،
اوندهه ۾ سي اُجالا نيڻ!

 

 

شازيه عارب منگي

پاڳل پن

 

ڪيڏي پاڳل آهيان، رڳو ويٺي سوچان،
پنهنجي ننڍڙي دنيا، خيالن ۾ پئي ٺاهيان.
ماضيءَ جون ڪيئي، تلخيون، حال جون تڪليفون،
ميڙي تن کي جيءَ ۾، روز پئي ورجايان.
رڳو پئي ٿي پايان، جهاتيون پنهنجي جيءَ ۾،
جهُريل ڏسي من، پنهنجو هر هر پئي ٿي روئان.
ڪير به نه آهي پنهنجو، جنهن کي پنهنجو سڏجي،
هر ڪو پل کن جو ناتو، دل کي پئي سمجهايان.
تنهائي ۽ مان، منهنجون خالي آسون،
خالي ئي رهيو دامن، ائين پئي ڏينهن گذاريان.
وڇڙيس ائين پنهنجن کان جيئن وينگس پنهنجي ولر کان،
چهرا ساڳيا، ڳالهيون ساڳيون، گڏجاڻيون پئي ڳوليان.

 

 

گلزار

غزل

 

عاشقي رئاري ڇڏي ٿي،
ها! سچي رئاري ڇڏي ٿي،
موت تي ماتم ڪجي ڇا؟
زندگي رئاري ڇڏي ٿي.
غم ته غم آ پر ڪڏهن ڪٿ،
ڪا خوشي رئاري ڇڏي ٿي!
ساقيو اڄ جام پياريو،
تشنگي رئاري ڇڏي ٿي.
عابدؤ! سجدا پٿر کي!
بندگي رئاري ڇڏي ٿي.
واه پايل جي ته چنچل!
پيروي رئاري ڇڏي ٿي.
چنڊ روشن آءٌ اڪيلو،
چاندني رئاري ڇڏي ٿي.
دور توکان جا به سرجي،
شاعري رئاري ڇڏي ٿي.

 

 

اڪبر جسڪاڻي

نثراڻو نظم

هوءَ ڪاري نه هئي،

هو ته پاڪ پوتر ڇوڪر هئي.

نياڻي نماڻي هئي.

اڃا ته عمر پڙهڻ جي هئي.

پر سندس ڀاءُ روزانو،

هن کي هڪ خط ڏيندو هو.

پنهنجي ساهيڙي لاءِ.

هوءَ خط کڻي ويندي هئي،

۽ خط کڻي ايندي هئي.

موٽ ۾ خرچي جا،

ٻه رپيا ڀاءُ کان ملندا هوس.

اسڪول ۾ پڙهندي،

هن جي ذهن ۾ ڀاءُ جو خيال.

۽ ان جي ساهيڙي جو خيال ايندو هوس.

ائين هن جي ذهن ۾ به آيو ته،

ڪو هن کي خط لکي ۽ هوءَ هن کي خط لکي.

لکيل ڀاءُ جا خط پڙهي پڙهي،

هن هڪ ڀيري ٽيبل تي ويهي لکيو،

منهنجا شهزادا مان توسان پيار ڪيان ٿي.

ايتري ۾ سندس ڀاءُ آيو،

پنو ڦري پڙهيائين ۽ پوءِ،

چاقو جا وار ڪري معصوم ڀيڻ کي،

ڪاري ڪري ماري ڇڏيائين.

پر هوءَ ڪاري نه هئي،

هوءَ ته هڪ معصوم بي گناهه نياڻي هئي،

اصل ڪارو ته سندس ڀاءُ هو.

 

جبار ”تاثير“ سومرو

غزل

اجهو ياد تنهنجي ستائي پئي،
وري حوصلا ٿي وڃائي پئي.
چري دل آ ڪيڏي چري ٿي پئي،
تنهنجي در جي چانئٺ چمائي پئي.
ڪڏهن سير گلشن جا مون کي ڪرائي،
ڪڏهن مون کي صحرا گهمائي پئي.
ڪري ڪيئن ڪنهن ساڻ اظهار الفت،
سوين سور سيني سمائي پئي.
هي ناري، ندوري، اڀاڳڻ ازل کان،
ڏسو بخت ڪيئن ٿي ورائي پئي.
بهارن کان نڪري خزائن ۾ پلجي،
اهي رنگ ڪهڙا رچائي پئي.
متان عشق جي پڙ اندر پير پايو،
وڏي واڪ سڀ کي ٻڌائي پئي.
ڪو غيرت کي سمجهائي، غيرت مندؤ!
اڳيان ڪنهن جي گردن جهُڪائي پئي.
هي رستو ڪيڏو نه آهي نرالو،
ڏسي مون کي منهنڙو لڪائي پئي.

 

 

رابيل جوکيو

وائي

ڏکن ۽ غمن جو،

 

ڳاڻيٽو نه آ.

روئان رڙان پڄران،
سرد آهن جو،

 

ڳاڻيٽو نه آ.

چاهه جي ديس ۾،
ڊگهين راهن جو،

 

ڳاڻيٽو نه آ.

شام و سحر-تات،
اوجاڳيل راتين جو،

 

ڳاڻيٽو نه آ.

 

 

اشرف امر لاشاري

وائي

منڇر، ڪينجهر، ٿر،
تو لئي وڻجاري.
ڪاڇو، موهن، مڪلي،
هيءَ سارا منظور-
تولئي وڻجاري.
سڪ سان ٿم سجايو،
پنهنجو اُجڙيل گهر-
تو لئي وڻجاري.
سدا عڪس پسڻ،
ايندو هان هر هر-
تو لئي وڻجاري.
ڪيڏو ٿيو آهي اُداس،
تنهنجو هيءَ امر-
تو لئي وڻجاري.

 

 

شيخ فرازي

وائي

 

قبر ۽ حشر ۾،
ڏجان ساٿ سائين!
سڏيندس مان توکي،
قهر جي پهر ۾،
ڏجان ساٿ سائين!
منهنجي قوم کي تون،
ڏُڪر ۽ ڏمر ۾،
ڏجان ساٿ سائين!
اچي اُس جڏهن،
ڪلر ۽ پلر ۾،
ڏجان ساٿ سائين!
ٿيان آءٌ زاهد،
عطر ۽ ستر ۾،
ڏجان ساٿ سائين!

 

 

رشيد ارشد

وائي

هيچ عورت اڳيان.     وسعت- آسمان!

نوع- انسان جي،       عظمتن جو نشان!

عشق جي آبرو!        حُسن جي ترجمان!

نگهت و رنگ و بُو!   گلستان گلستان،

هڪ حسين آرزو!
ٿي سگهي نه بيان!

 

صبر ۽ عزم ۾،       مثل-ڪوهه- گران!

عالم-ياس ۾،  مُونس و رازدان!

زندگيءَ جي سڄڻ!    هم سفر، هم زبان!

گلشن- دهر ۾، بلبل- خوش بيان!

مرد و زن پاڻ ۾،       زينت- جسم و جان!

وصف ڪهڙا سنديس  آءٌ ڪريان بيان؟

قصهء مختصر،
سوکڙي رب وٽان!

 

 

رشيده ميمڻ

غزل

 

تو بن منهنجا گيت اڌورا،
توسان منهنجا خواب سمورا.
ڪونه ڪيئي ڪو واعدو وفا،
تنهنجا واعدا سڀ اڻپورا.
ڪهڙو ڏوهه ڏيان مان توکي،
تنهنجا مون تي بيحد ٿورا.
قسمت ساٿ ڏنو جي منهنجو،
ڪيل قول ڪندس مان پورا.

 

 

ڪوثر سحر

گيت

 

منهنجو گيت پٿر،
تنهنجي ڳالهه امر.
خالي ساري منهنجي دنيا،
تنهنجو ڀريل سدا گهر.
ڏينهن ڏٺي مون وٽ اوندهه،
رات تو وٽ ڏينهن گذر.
شهر شهر تنهنجي سڃاڻپ،
مون ڪاڻ بند هر در.
تنهنجا ٽهڪ ٽڪي وڪاڻا،
منهنجا نيڻ جَرُ ئي جَر.
تنهنجي شام سئنيما گهر،
منهنجي شام ڪنارو ڪينجهر.

 

 

فهميده سحرش ميمڻ

غزل

 

هو پيار نٿو وسري هي خواب نٿا گهٽجن،
تو بن ته پرين پنهنجا هي ڏينهن نٿا ڪٽجن.
نيڻن ۾ سدائين مون سپنن کي سجايو آ،
ساراهه ڪيان تنهنجي، پر لفظ نٿا ٺهڪن.
تون ڏور کڻي ڪيڏو، ڀل مون کان رهه سائين،
پل پل ته زبان مان ئي، پيا نانو تنهنجا وٺجن.
راهن ۾ وجهي واجهون ويٺي مان اڃا آهيان،
اکيون به ٿين ساڻيون، سپنا به پيا ڦٽجن.
تون چنڊ پرين آهين پئه هاڻ اڱڻ اُڀري،
تو لاءِ مُحبت جا پيا، گيت سدا چئجن.

 

 

شازيه عارب منگي

نظم

خاموش آهيان پر....!

خاموش آهيان پر.....!

منهنجي سيني منجهه......

هيءَ ڪهڙي آگ آهي.......؟

جنهن جي تپش......!

ڀڙڪا کائي پئي......

اکين رستي.........!

ڳوڙها کي جمز ڏيئي!!

ڳوڙهن ٽُڪر ٽُڪر،

وجود ساڻ کڻي... منهنجي

من ۾ وڇائجي رهيا آهن..... ۽!!

آئون، ڏسان پئي.......،

ڏاڍي حسرت منجهان......

اُن هٿ کي......!

جيڪو .....! منهنجا، ڳوڙها......!!

جهوليءَ مان.....

چونڊي وٺي......!!

 

 

 

لياقت رضوي

نثري نظم

شام ٿيڻ کان اڳ

شام ٿيڻ کان اڳ لکيل تنهنجو خط

مون کي اڃان نه مليو آهي

ديوارن جا پاڇا مرڻ لڳا آهن

انتظار جي اُس

نيڻن جا ڪنارا ساڙڻ لڳي آهي

سمندر جي قدمن ۾ رئندڙ شهر

سمنڊ کي آلوده ڪرڻ لڳو آهي

سفر ۾ رهندڙ پکين جي پرواز کي

آکيرن جا پاڇا پڪارڻ لڳا آهن

زخمي زمين جي ڀاڪر ۾ چنڊ

مون لاءِ اڃان ڪونه کڙيو آهي

شام ٿيڻ کان اڳ لکيل تنهنجو خط

مون کي اڃان نه مليو آهي

جي تو اُهو لکيو آهي ته-

 

 

*---------*--------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com