رخسانه سومرو
پاراتا ڏيو مون کي
سرتيون سڀ پاراتا ڏيو مون کي
پيار ڪري دلبر لڄائي ويو مون کي
ڀروسي جي ڀت، واريءَ سندو ڪوٽ
ويساهه گهاتين جي وير چاڙهي ويو مون کي
دل جو شهر آباد هو جنهن سان
ڀُرڻي ڀت جيئان سو لتاڙي ويو مون کي
اڄ نئين ساٿيءَ جي ڳولا ۾ آهي دربدر
جنهن سک جو ساهه ڏنو نه هو مون کي
خواريءَ جا کرار آلن ٽوئن ۾ باهه
ڪارنهن جو دونهون وڪوڙي ويو مون کي
مون کان ڇا ٿا پڇو پيار ڇاهي؟
مان سڄو ڀور آن، ميڙيو مون کي
غم جي واچوڙن ۾ بي جاءِ دل
صحرائي ڪانڊيرن ۾ ڳوليو مون کي
پيار جي نانءُ تي ليڙون ٿيندم
جي اوهان منهنجي حوالي ڪيو مون کي
رات شمع وانگر روئيندي رهيم
ڪنهنجي ياد جو جگنو ٻاري ويو مون کي
پرهه جي پيٽ مان سوجهرو ڦٽندو
ماضي ڪارا ورق ڏيئي ويو مون کي
مان اماس جو مسافر آن
پيار جو هڪ ڪرڻو ڏيو مون کي
پنهنجي جنم ڏينهن تي
اڄ جنوريءَ جي پهرين
تاريخ آ
منهنجو جنم ڏينهن
نئين سال جو
نئون سج
پنهنجي ڦوهه جوانيءَ سميت
چمڪي رهيو آ
پر منهنجي اندر ۾
ڪاري ٻاٽ اوندهه آ
تنهنجي ياد جي تڙپ آ
وڇوڙي جو زهر آ
جيڪو منهنجي رڳ رڳ ۾
رت بڻجي هلي رهيو آ
تنهنجي ڪارڊ جي انتظار ۾
ٻن مٺن لفظن جي اوسيئڙي ۾
اکيون بند ڪيون ويٺي آهيان
ته من به.....!
روشني جي ڪا چڻنگ بڻجي
منهنجي ڪاري جيون کي
تنهنجو ڪارڊ اچي جرڪائي!
*
حسينه ساند
غزل
وچ ۾ فاصلا باقي بچيا هن،
رستا جدا جدا باقي بچيا هن.
ڏيئا تنهنجي يادن جا سڀ وسائا،
ذهن ۾ رورا باقي بچيا هن.
ائين ته سڀن سان گڏ هئا سدائين،
اندر ۾ هيڪلا باقي بچيا هن.
پيار، خوشي ۽ حاصلات سڀ ڇڏياسين،
اکين ۾ ڳوڙها باقي بچياهن.
ڪجهه سوچ پنهنجي ۽ ذهن بدليا ته هئا،
ڪجهه مڙهيل فيصلا باقي بچيا هن.
هاڻ ته سپرين هن وٽ رڳو،
واپسيءَ جا رستا باقي بچيا هن.
پر ائين به ته ناهي تنها آهيون صفا،
ڪجهه دوست پيارا باقي بچيا هن.
زبي پروين ڏاهري
هل سکي! هن ديس مان...!
هل سکي! مون سنگ هل!
هل! ڪنهن اهڙي ماڳ هلون
جت نه ڪو جلندو هجي،
جاڳ جي آڳ ۾،
جت نه ڪنهن جي مک تي
ڪا رنج جي ريکا هجي
چاهتن جي چؤطرف
برکا سندي ورکا هجي
هل! سکي مون سنگ هل
هل! هوائن جي دوش!
ڪڪرن جي آغوش،
ڪيون آباد ڪو نئون جهان
جت نفرتن جي ڪلفتن جو،
دور دور تائين،
نه هجي نام و نشان
جت انائن جي اڏيءَ تي،
ڪنڌ نه احساسن جا ڪپجن،
روايتن جي پيرن هيٺان،
ڪنهن جا ڀي نه خواب ڪچلجن،
جت جذبن جو قتلام نه ٿئي
جت سپنن جو قتلام نه ٿئي،
هل! سکي مون سنگ هل!
هل! ڪو اهڙو ڏيهه وسايون،
جت ڪنواريون ڪلپنائون!
ساڀيان جي سيج ماڻڻ کان اڳ،
ڪڏهن به وڌوا نه ٿين
جت طبقن جي ترازن ۾
رشتن جي تڪ تور نه ٿئي
۽ ڪنهن جو ڀرم ڀور نه ٿئي
هل! سکي مون سنگ هل
هل سکي مون سنگ هل...!
ساجد سومرو
آزاد نظم
وري رمضان جا روزا
اجها عيد مٿان آئي
وري جوتا وري موزا
ڪندا ٻچڙا، لٽا ڪپڙا
ڪٿان آڻيان؟
ڪٿان چاڙهيان؟
عيد ڏينهن تي ڀلي ڀاڄي
رڳا ويچار.....................................
هي رحمتون هي نعمتون
ڪڏهن ڪنهن ڪونه سمجهيون
ڪڏهن ڪي ڪين ڇڻيا
اهي زرد پتا
سڪي ٺوٺ ٿي ويا
سڪي ڍونڍ ٿي ويا
چوڦير ڪيڏي به بوءِ اچي ٿي
پر ماڻهن کي ساري خوشبو اچي ٿي.
ٽئگور
وطن جي جنت
”جتي من ۾ ڊپ ناهي، ۽ ڳاٽ اوچا رهن ٿا،
جتي علم کي آزادي آهي،
جتي دنيا کي تنگ نظرين سان ورهائي
ٽڪرا ٽڪرا نٿو ڪيو وڃي،
جتي اڻٿڪ محنت پنهنجون ٻانهون،
ڪمال ڏانهن ٿي ڦهلائي،
جتي عقل جي شفاف نهر،
قنوطيت جي وارياسي رڻ پٽ ۾ ڀٽڪي
پنهنجي راهه نه ٿي وڃائي
جتي من سدا اسرندڙ فڪر ۽ عمل سان
تو ڏانهن ئي وک وڌائي ٿو.
او سائين! شال منهنجو وطن،
آزادي جي انهيءَ جنت ۾ اکيون کولي!“
احمد خان مدهوش
آئينو
پاڻ کي تون، پَساءِ آئينو
پوءِ ٻئي ڏي وڌاءِ آئينو
جي گهُرين ٿو مُشاهدو ماڻيان
آئيني، سان ملاءِ آئينو.
جيڪڏهن ڪامياب ٿيڻو اٿئي
دل کي ڌوئي بناءِ آئينو
حوصلي سان سنوار صورت کي
مُرڪي مُرڪي سَجاءِ آئينو
هر نظار چٽو چٽو ڏسبئي
اندران مانجراءِ آئينو
اولڙو اولڙي کي پڪڙيندو
هيڏي هوڏي، گهُماءِ آئينو
صاف صورت پڙهي پڙهي، پُرجهڻ
آهِه مدهوشَ لاءِ آئينو.
حميره نور
هڪڙي هئي لڪشمي
لڪشمي ڏاڍي سادي، شريف ۽ سٻاجهڙي عورت هئي. هوءَ
جڏهن به گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ايندي هئي ته هميشه
آخر ۾ عورتن جي پويان اچي ويهندي هئي. پڇڻ تي روئي
پوندي هئي ۽ سڏڪن ۾ ساڻي ٿي ماٺ ڪري ويهي رهندي
هئي. وٽس ايتري سگهه ڪانه هئي جو هوءَ ماهوار 20 -
25 رپيا بچت ڪري سگهي. هوءَ صرف گڏجاڻي ۾ ڳالهيون
ٻڌڻ ايندي هئي.
هوءَ خاموش طبيعت جي مالڪ هئي، جيڪا هن کي ٻين
سڀني کان مختلف ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هن جا ٻار به ٻين
ٻارن وانگر نه هئا. اهي به ماءُ جي نقش قدم تي
هلندي هلندي پنهنجي عمر کان ڪافي وڏا ۽ سمجهدار
لڳندا هئا. ماءُ ويهندي هئي ته اهي به ويهندا هئا
۽ ماءُ اٿندي هئي ته اهي به اٿي بيهي رهندا هئا ۽
هلڻ وقت به ماءُ جي قدم سان قدم ملائيندي اڳيان
پويان ٿيندا هئا، پر مجال آهي جو ماءُ سان ڪو
اجايو ضد يا انگل آرو ڪن. ان سڄي صورتحال ۾ ماءُ ۽
ٻارن جو ڪوبه ڪمالِ فن ڪونه هو، بلڪه اهو سڄو پيءُ
جو ويڙهاڪ ۽ جهيڙاڪار طبيعت ۽ افعالن جي ڪري ٿي
رهيو هو. هو جڏهن به گهر ۾ داخل ٿيندو هو ته گار
گند ۽ دڙڪا دهمان شروع ڪري پوءِ ايندو هو ۽ هن جي
اچڻ شرط ئي ٻار ماٺ ڪري ماءُ کي ايئن چنبڙي پوندا
هئا، ڄڻ هنن پويان ڪو خوفناڪ جانور لڳو هجي ۽
پنهنجي بچاءَ خاطر ماءُ سميت خاموشي اختيار ڪري
ڇڏيندا هئا، جيڪا آهستي آهستي هنن جي عادت بڻجي
وئي، جنهن کان پوءِ هو ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪجهه
گهرڻ به وساري ويٺا هئا.
لڪشمي جي هن حالت کيس وقت کان اڳ ۾ بيمار ۽ پوڙهو
ڪري ڇڏيو هو. هوءَ 25 سالن جي عمر ۾ 50 سالن جي
لڳندي هئي، پر پوءِ به ٻارن خاطر ڪڏهن ڪڏهن هلڪي
مرڪ چپن تي آڻي ٻارن سان ڳالهيون ڪندي ۽ انهن سان
کيڏندي رهندي هئي. گهر جو سڄو ڪم پڻ ڪندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙن پتڪڙن ٻارن کان هلڪو ڦلڪو گهر جو
ڪم ڪرائيندي هئي، ٻار به سڄو ڏينهن ماءُ جي پاڇي ۾
رهندا هئا ۽ هن جي رولو مڙس کي گهر جو،کاڌي جو،
ٻارن جي بيماري سيماري جو ٻارن ۽ پڙهائيءَ جو ڪوبه
فڪر نه هوندو هو، صرف حڪم هلائڻ ڄاڻندو هو ۽ حڪم
پوري نه ٿيڻ تي لڪشمي مٿان هٿ کڻندو هو، جيڪو هن
جو روز جو معمول هو. هو ان شيءِ سان ٻڌل ڪونه هو
ته گهر ۾ سامان ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪير آڻيندو؟ هو ان
ڳالهه تي به تشدد ڪندو هو ته مهينو اڳ ۾ ڪلو کنڊ ۽
پتيءَ جو پڙو آندو هئائين، سو ڪيڏانهن ويو؟ لڪشمي
ڪڪڙين جا آنا وڪڻي پئسا ڪيڏانهن ڪري ٿي؟ سڄو ڏينهن
گهر ۾ واندي ويٺي آهي، سو ڀرت ڀري وڪرو ڇو نه ٿي
ڪري؟ پنهنجي کاڌي ۽ لٽي ڪپڙي لاءِ ماءُ پيءُ کان
پئسا ڇو نه ٿي گهرائي؟ وغيره. هنن سڀني ناجائز
سوالن جا جواب جڏهن به لڪشمي ڏيندي هئي يا ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندي هئي ته مار کائيندي هئي ۽ اها مار هن کي
نستو ڪري ڇڏيندي هئي. ان کان پوءِ به هوءَ رڙهندي
رڙهندي زندگيءَ جا ڏينهن ڪٽيندي هئي، پر پوءِ به
مار هن جي زندگيءَ مان وڃڻ جو نالو نه پئي وٺي.
شاديءَ کان پوءِ وارا 6 - 7 سال هُن مار کائڻ ۾
گذاري ڇڏيا ۽ هوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ پڻ ٿي وئي هئي.
هوءَ مڙس جي هر روز مار کائڻ کان پوءِ ويهي
روئيندي هئي ۽ ڳوٺ جي عورتن جي قسمت، عزت، گهرن،
محبت ۽ مڙس جو سهڪار ڏسي به روئندي رهندي هئي، پر
ڪنهن وٽ به مڙس جي يا مائٽن جي شڪايت ڪانه ڪندي
هئي ۽ نه ئي وري ڳوٺ جون عورتون ساڻس گهڻي لهه وچڙ
ڪنديون هيون. ان جو سبب سندس مڙس جو غلط رويو ۽
غلط زبان هئي، جنهن کان هر عزتدار ماڻهو پري ڀڄندو
هو ۽ ماڻهن جي پري ٿيڻ جو نقصان به گهڻي کان گهڻو
لڪشميءَ کي ٿيو هو، ۽ هاڻ هوءَ صرف ۽ صرف گهر ۽
ٻارن تائين محدود ٿي وئي هئي. سندس گهر هنن لاءِ
ڪنهن دوزخ کان گهٽ ڪونه هو، جنهن ۾ هيءَ ٻارن سميت
هر روز پڄرندي ۽ پچندي هئي. لڪشمي وٽ روز کاڌي جي
ڪانه ڪا شيءِ کٽل هوندي هئي، جنهن جي ڪري هوءَ
ٻارن جو پيٽ ڀرڻ خاطر ڪڪڙين جا آنا ڏئي پاڙي وارن
کان ڪڏهن کنڊ جي لپ ته ڪڏهن پتي چپٽي ته ڪڏهن لوڻ
مرچ يا اٽو وغيره وٺي گذران ڪندي هئي ۽ ان مان به
انهن جو پيٽ ناهي ڀريو ته پوءِ هوءَ ٻارن کي
روئندو ڏسي پاڻ به روئي پوندي هئي ۽ ٻارن کي ٻئي
ڏينهن ڪڪڙين جي آنن لاهڻ جو آسرو ڏيندي سمهاريندي
هئي ته ”سڀاڻي گهڻو کارائنديس.“ پر گهڻي ۽ سٺي
کائڻ وارا ڏينهن ته هنن جي قسمت ۾ لکيل ئي ڪونه
هئا. ايئن ئي ڏينهن گهاريندي هيءُ ڏينهن به گذري
ويو ۽ سج لٿي ئي سندس رولو مڙس چئن چنڊن سان گڏ
اچي ويو ۽ انهن کي پنهنجي ٽٽل ڦٽل چونئري/ اوطاق ۾
ويهاريو ۽ زال کي پنج ڪوپ چانهه ٺاهڻ جو حڪم
ڪيائين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ آيل هن معتبر مڙس
چانهه جو آرڊر ڏيڻ کان پهرين اهو به نه سوچيو ته
گهر ۾ کير، کنڊ، پتي، ڪاٺي گاسليٽ يا ماچيس وغيره
به آهي نه! ۽ نه هئڻ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو يا مائي
سامان ڪٿان آڻيندي!!؟
لڪشميءَ جو مڙس حڪم ڏئي دوستن وٽ هليو ويو ۽ اتان
وڃڻ شرط ئي ٽهڪن ۽ تاڙين جا بلند آواز اچڻ شروع ٿي
ويا، جيڪي لڪشميءَ جي ڪنن کي ڦاڙي رهيا هئا ۽ هن
جو مٿو ڦاٽڻ لڳو هو. پر پوءِ به هن پنهنجو صبر جو
پئمانو لبريز ٿيڻ نه ڏنو ۽ خاموش ٿي وئي ۽ وڏي صبر
سان پٽ کي چيائين ته ”پڻهين کي سڏ ڪري چئو ته کنڊ
پتي ڪانهي.“ لڪشميءَ جو نياپو پڄڻ ۽ هن جو پادر
لهڻ، گاريون ڏيڻ ۽ ڦٽ لعنت وجهڻ جي دير هئي، اڄ
جيڪا لڪشميءَ سان ٿي سا ستن سالن ۾ به ڪانه ٿي
هيس. هن جو هڪ هڪ عضوو ڏکي رهيو هو، ان رات هنجون
آهون، دانهون ۽ سسڪيون پاڙي وارن به ٻڌيون هيون،
جنهن تي سڀني توبهه توبهه ڪئي پئي، پر ڪنهن به
لڪشميءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ هوءَ جانورن
کان به بدتر طريقي سان مار کائيندي رهي ۽ عذاب
ڀوڳيندي رهي. سندس مڙس ڪجهه دير اوطاق ۾ ويهي پوءِ
دوستن سميت گهر کان ٻاهر هليو ويو ۽ لڪشمي گهر
اندر لڇندي ۽ تڙپندي رهي ۽ پنهنجي ڏکويل جسم تي
هلڪا هلڪا زور ڏيندي سمهي رهي ته اوچتو سندس مڙس
ڪڙڪو ڪندو ۽ گارين جو ڦهڪو لائيندو گهر ۾ وري داخل
ٿيو ۽ کٽ تي ستل لڪشميءَ کي زوردار لت هڻي پنهنجي
مردانگي ۽ موجودگيءَ جو ڀرپور ثبوت ڏنائين ۽ هڪ
ڀيرو وري هي بدنصيب گهر بدنصيب لڪشيءَ جي آهُن ۽
سسڪين ۾ دٻجي ويو ۽ گارين جي وسڪاري ۾ هي ڀيانڪ ۽
ڊگهي رات به کٽي وئي.
هي رات ته کٽي وئي پر هن جي جسم جي پوري سگهه لڱن
مان نڪري چڪي هئي، جنهنڪري هيءَ انتهائي لاچاريءَ
واري حالت ۾ جيئن ئي اٿڻ لڳي ته هڪ کي دفعو ٻيهر
لعنتاڻا ملڻ شروع ٿيا. نيٺ ٿاٻڙجي ٿاٻڙجي هٿ منهن
ڌوئي ٻڪرين وٽ پهتي، جتان کير ڏهي گرم ڪري ٻارن کي
مانيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ايئن ئي روزي واري حالت ۾
پنهنجي قسمت تي وري لڙڪ لاڙيندي رهي ۽ آهستي آهستي
گهر جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ سمورو ڪم ڪري کوهه
تان پاڻي ڀرڻ لاءِ دلا کنيائين ۽ گهر کان ٻاهر
نڪري وئي. گهر کان ٿورو پر ڀرو وڃي نه ڄاڻ هن کي
ڪهڙو خيال آيو ۽ هي واپس گهر هلي آئي. هن ٻارن کي
ڏٺو ۽ زارئو قطار روئڻ لڳي ۽ پوءِ ٽنهي ٻارن کي
وڏو ڀاڪر پاتائين ۽ کوڙ سارو پيار ڪيائين ۽ واپس
دلا کڻي رواني ٿي وئي. سڄي واٽ تي پنهنجن ٽن معصوم
فرشتن جون تصورون اکڙين ۾ کڻي هلندي رهي ۽ جڏهن
کوهه وٽ بيٺي ته وري بي شمار ڳوڙها ڳاڙيندي سڏڪن ۾
ساڻي ٿي وئي. هن جي نڙي مڪمل طرح خشڪ ٿي چڪي هئي ۽
دل جي ڌڙڪن خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي هئي، پر هيءَ
ٽن معصومن جي ڪري ڪوبه فيصلو ڪري نه پئي سگهي ۽
نيٺ پاڻ دل، دماغ، سماج ۽ مڙس جي روين هٿان هار
مڃي، دلا هڪڙي پاسي ڪري رکيائين ۽ پنهنجن پيرن کي
هڪڙي هنڌ بيهاري اکيون بند ڪري کوهه ۾ ٽپو ڏئي
ڇڏيائين. |