سرتيون شاهه لطيف چئي:
جي لوُڻُ لِڱنِ لائِيين، چِيري چيرِي چَمُ،
موُن ڪُرَ اڳي نه ڪَيو، اَهِڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جان جان دعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَنوهَارَ
سين.
(سُر مارئي)
سوچ
ويچار
سرتيون اڄڪلهه جتي انسان زندگيءَ جي ڪيترن ئي
سماجي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. اُتي
قدرتي آفتن ۽ تباهڪارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ
پڻ انسان کي پاڻ پتوڙڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ماڻهو
سروائيو ڪري نه سگهندو. مثال طور اڄڪلهه ڊينگي
وائرس سبب جيڪي زندگيون ضايع ٿيون آهن انهن جو
ازالو ڪرڻ ممڪن ناهي. پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”هيڻي کي
چچڙ به گهڻا“. پر هي وائرس هيڻي توڙي ڏاڍي، ڏٻري
توڙي سگهي هر ڪنهن تي هڪجهڙو حملو ڪري سگهي ٿو.
انڪري هن وائرس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي
سجاڳي ڏيڻ سان گڏ، سرڪار جي صحت کاتي کي هنگامي
بنيادن تي عملي قدم کڻڻ گهرجن. صحتمند زندگي گذارڻ
هر انسان جو بنيادي حق آهي. پر اهو حق حاصل ڪيئن
ڪجي؟ اسين فقط ماڻهن کي سمجهائيندا آهيون ته
بيمارين کان بچڻ لاءِ صفائيءَ جو خاص خيال رکو.
صاف کاڌو کائو، صاف پاڻي پيئو. گهر ۾ مڇرن کان بچڻ
لاءِ ڄاريون لڳايو وغيره وغيره. پر ڪڏهن ڪنهن اهو
سوچيو آهي ته اسان جي ماڻهن جي اڪثريت کي ٽن وقتن
جي ماني نصيب ناهي اهي زندگيءَ جي ٻين مسئلن تي
ڪيئن سوچيندا؟ جيئن دوائن جي هر هڪ پيڪيٽ تي لکيل
هوندو آهي:
"Care is better than cure"
يعني پرهيز علاج کان بهتر آهي. پر صحت کاتي وارن
ڪڏهن اسپتالن جي اندروني حالت ڏٺي آهي! اسپتال ۾
مريض توڙي مريض جي خدمت لاءِ آيل ماڻهن لاءِ ويهڻ،
پاڻي پيئڻ يا باٿ روم وغيره جي سهولت ناهي، جيڪڏهن
باٿ روم آهن به ته اتي پاڻي ناهي هوندو. ڀائينجي
ته شل دشمن جو به سرڪاري اسپتالن ۾ پنڌ نه پوي.
سنڌ جي صحت کاتي تي فرض عائد ٿو ٿئي ته اهو ماڻهن
کي صحت جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏي. شهر توڙي
ٻهراڙيءَ جي سڀني علائقن ۾ وقتن به وقتن اسپري
(ڦوهارا) ڪرائيجن ته جيئن بيماريون نه پکڙجن.
اسپتالن ۾ صفائيءَ جو خاص خيال رکڻ لاءِاتان جي
عملي کي هدايتون جاري ڪن. باقي رڳو عوام کي شعور
حاصل ڪرڻ جون نصيحتون ڪرڻ سان ڪو گهڻو فائدو ڪونه
ٿو ٿئي.
سرتيون نومبر 2006ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
پرچو ڪيئن آهي. انهيءَ لاءِ پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا. اهو اوهان سڀني پڙهندڙن / لکندڙن جو
سهڪار ئي آهي جو اسين پرچو وقت سر شايع ڪري سگهون
ٿا. اميد ته هميشه جيان پنهنجون نيون تازيون
لکڻيون موڪلي ٿورائتو ڪندا.
- گلبدن جاويد
توبهه جي بيان ۾
يحيٰ بن معاذ رضي الله عنہ فرمايو ته اهي شيون
جيڪي ماڻهن کي توبهه ڪرڻ کان روڪين ٿيون، اهي
ڊگهيون اميدون ڪرڻ آهن. جنهن جي ڪري ماڻهو غفلت ۾
رهجي ويندو آهي. ان جي ڪري کيس توبهه جي توفيق
نصيب ڪانه ٿيندي آهي ۽ گناهن کان توبهه ڪرڻ واري
جي نشاني هي آهي ته اهو پنهنجي گناهن تي گهڻو روئي
۽ الله تعاليٰ جي يادگيري ۾ اڪيلائي کي پسند ڪري ۽
ڪنهن به ڪم جي ارادي ڪرڻ وقت پنهنجي نفس جو حساب
ڪتاب ڪري ته ائين ڪرڻ سان هن جو مقصد الله تعاليٰ
جي رضا حاصل ڪرڻ آهي يا ٻي ڪا نفساني خواهش مقصود
آهي؟
توبهه جي گهاٽيءَ جي بيان ۾
امام غزالي رحه پنهنجي ڪتاب منهاج العابدين ۾،
التوبهه جي عنوان هيٺ هڪ باب لکيو آهي. ان ۾
فرمايو اٿس ته: اي عبادت گذار! الله تعاليٰ توکي
عبادت جي توفيق ڏني آهي. تون توبهه کي لازم ڪري وٺ
۽ ياد رهي ته اها توبهه ڪرڻ ٻن ڳالهين جي ڪري
ضروري آهي.
1. توبهه ڪرڻ سان توکي اطاعت ۽ عبادت جي توفيق
نصيب ٿيندي. ڇو ته گناهن جو اثر ٻانهي کي خدا جي
اطاعت ۽ عبادت کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان کي
ذلت ۽ خواريءَ ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. گناهه هڪ قسم جي
زنجير آهي. جيڪا ٻانهي کي خدا جي اطاعت ۽ عبادت
کان روڪي ڇڏيندي آهي. گناهن ۾ مشغول هئڻ ڪري چڱن
ڪمن ۾ جلدي هٿ وجهي نه سگهندو آهي، نه ئي وري
عبادت ۾ ڪا چستي پيدا ٿيندي اٿس ۽ گناهن تي هميشگي
ڪرڻ ۽ گناهن کي چنبڙي پوڻ سان دل ڪاري ٿي ويندي
آهي. اهڙيءَ طرح انسان جي دل ڪٽ ۽ گناهن جي
اونداهيءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي. پوءِ اهڙي طرح انسان
۾ خلوص پيدا ڪونه ٿيندو آهي نه ئي وري ان جي دل ۾
پاڪائي ايندي ۽ نه ڪو عبادت ۾ کيس مزو ايندو آهي
نه ئي عبادت ڪرڻ لاءِ ان جي دل ورندي آهي. جيڪو
شخص گناهه کان توبهه تائب نه ٿيو ۽ خدا جو به فضل
۽ رحم ان سان گڏ نه ٿيو ته آهستي آهستي گناهه ان
کي ڪفر تائين پهچائي ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي شخص تي عجب
آهي، جو جنهن جي دل گناهن جي ڪري ڪاري ۽ سخت ٿي
وڃي ۽ توبهه نه ڪري ته پوءِ ان کي خدا جي اطاعت جي
توفيق ڪيئن ملي سگهندي؟ ۽ اهڙو شخص خدا جي ويجهو
ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جيڪو گناهن جي گند سان ڀريو پيو
هجي؟ رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
فرمايو:
يعني: جڏهن انسان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته ٻئي
ڪراماً ڪاتبين ملائڪ ڪوڙ جي بدبوءِ جي ڪري هن کان
جدا ٿي ويندا آهن ۽ ڪوڙ ۽ گلا ڪرڻ سان زبان کي خدا
جي ذڪر جي سگهه ڪيئن ملي سگهندي؟
منهنجا دوستو! گناهن تي اصرار ڪرڻ واري کي توبهه
جي توفيق ملڻ ڏاڍي ڏکي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي نه
عبادت ڪرڻ ۾ مزو ايندو، نه ئي ڪنهن ٻئي، ديني ڪم
ڏي دل ورنديس. اهڙو ماڻهو جيڪڏهن جهڙي تهڙي عبادت
ڪندو ته به تڪليف محسوس ڪندو. بهرحال اهو سڀ ڪجهه
گناهن جي نحوست آهي ۽ توبهه ڏي لاڙو نه ڪرڻ جي ڪري
آهي. هڪڙي بزرگ فرمايو آهي ته جيڪڏهن تون رات جو
تهجد پڙهڻ جي ۽ ڏينهن جو روزي رکڻ جي سگهه نه رکي
سگهين ته پوءِ پڪ سمجهه ته تون منحوس ٿي چڪو آهين.
2. ٻيو توبهه ڪرڻ هن ڪري به ضروري آهي ته توبهه
کان سواءِ ڪابه عبادت قبول ڪانه ٿيندي آهي. جهڙيءَ
طرح قرض واري جو قرض ادا ڪرڻ کان پهريائين ان وٽ
هدين ۽ تحفن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي. اهڙيءَ
طرح سڀ کان پهريائين گناهن کان توبهه ڪرڻ ضروري
آهي ۽ اهڙي طرح ماڻهو فرضي عبادتون ادا نه ٿو ڪري
ته ان جون نفلي عبادتون ڪيئن قبول ٿينديون؟ اهڙي
نموني سان جيڪڏهن ڪو شخص حرام يا ٻئي ڪنهن خدا جي
منع ڪيل ڪم کان نه ٿو مڙي ۽ رڳو جائز ۽ حلال ڪمن ۾
پرهيز ۽ احتياط ڪري ٿو ته ان جو اهو احتياط ۽
پرهيز ڪهڙي حيثيت رکن ٿا؟ اهڙو ماڻهو خدا جي درٻار
۾ ڪيئن مقبول ٿيندو؟ جنهن انسان تي، الله ناراض
هجي ۽ اهو وري گناهه ڪرڻ تي ڳت ڏئي، ته اهڙن ماڻهن
جو حال اهو ٿيندو آهي ته اهي خدا جي درٻار ۾
نامقبول ۽ تڙيل ٿي پوندا آهن.
بهرحال، حياتيءَ جي حالات مٽجڻ تي ڪوبه ڀروسو
ڪونهي، تنهنڪري ماڻهو توبهه ڪرڻ ۾ دير نه ڪري،
توبهه ڪرڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. هڪ
ته گناهن کي بار بار ڪرڻ وارو بار اوهان جي دل تان
لهي ويندو. گناهن جي ڪري دل تي ڇانيل ڪٽ ختم ٿي
ويندي. دل جي باري ۾ ڪڏهن به غافل نه ٿيو. هر وقت
پنهنجي دل تي نظر رکو! ڇو ته بزرگن لکيو آهي، ته
گناهه جي ڪري دل ڪاري ٿي پوندي آهي ۽ دل جي ڪاري
ٿيڻ جون هي نشانيون لکيون اٿن.
(1) گناهن ڪرڻ تي گهٻراهٽ ۽ خوف نه ٿيندو آهي.
(2) الله جي عبادت لاءِ موقعو نه ملندو آهي.
(3) نصيحت مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو، يعني دل تي
اثر ئي نه ٿيندو آهي.
ڪنهن به گناهه کي ننڍڙو ۽ معمولي نه سمجهو. ڪبيرن
(وڏن) گناهن تي هميشگي ڪرڻ جي باوجود، توبهه ڪرڻ
کان پوءِ پاڻ کي توبهه تائب نه سمجهه، متان توکي
ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي ته بس توبهه ڪئي اٿم ۽
هاڻي مان تائب ٿي ويو آهيان.هوڏانهن وري ڪبيرن
گناهن مان هٿ ئي نه ڪڍين.
(مولوي سليم الله سومرو)
سيما
سچل سائين جي ڪلام ۾ سرمستي
سچل سائين سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي اسين
سنڌي سرمست، دولهه درازي به سڏيندا آهيون،. ان کان
علاوه کيس سنڌ جو عطار، ۽ منصور ثاني پڻ سڏيو وڃي
ٿو. بيشڪ اهي سڀ لقب سچل سرمست کي سونهن ٿا. اهو
مقام سڄي سنڌ ۾ فقط سچل سائين کي حاصل آهي سچل
سائين جي فيض يافته صوفي بزرگ فقير قادر بخش
”بيدل“ پنهنجو مرشد جي وصال تي عقيدت مان جيڪا
ڪافي چئي هئي، ان ۾ کين مست، سالڪ، شاه، عاشق ۽
منصور سڏيو آهي. هتي ان ڪافي جون ڪجهه مصراعون پيش
آهن. بيدل سائين فرمايو آهي:
عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو.
مست، سالڪ، شهه سچل، عاشق اتي اظهار هو.
وجد وحدت جو سدا، خاصو تهين خمار هو.
مرد سو منصور وانگر، عاشق اتي اظهار هو.
قربدارن جي ڪٽڪ ۾، مرد منصبدار هو.
در تهين داتا جي ”بيدل“ پرت جو پينار هو.
سچل سرمست جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
هيءُ پهريون سنڌ جو صوفي شاعر آهي، جنهن تمام
گهڻين صنفن تي تمام گهڻو ڪلام چيو. سنڌي، سرائڪي،
فارسي- هندي ۽ اردو زبان ۾ سندن ڪلام هر لحاظ کان
اعليٰ ۽ ارفع آهي. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سچل
سائين جو اڪثر ڪلام سرمستي واري حالت ۾ چيل آهي
روايت آهي ته جڏهن کين جوش ۽ جذبو ايندو هو ته شعر
چوندا هئا ۽ سندن عقيدت مند اهو ڪلام لکندا ويندا
هئا. ڪڏهن ڪي لفظ هو سمجهي نه سگهندا هئا ته کانئن
پڇندا هئا. پاڻ ائين جواب ڏيندا هئا ته ”ابا چوڻ
واري چيو آهي، مون کي ته خبر ناهي.“ بيشڪ سچل
سائين الستي عشق جو جام پيتو هو، تنهن ڪري مست و
مست ٿي ويو هو. جيئن پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ فرمايو
اٿن:
جنهن دل پيتا عشق دا جام
سا دل مست و مست مُدام
مستي دي وچ، مُحب جو مليا
هستي هوڏ حرام.....
سچل سائين هميشه مستيءَ جا طالب رهيا ۽ انهيءَ
مستيءَ ۾ ئي کيس الاهي اسرار معلوم ٿيا. فرمائين
ٿا ته: اسان ميخاني ۾ وڃي مستي طلب ڪئي ۽ انهيءَ
مستيءَ سان ڪو راز سمجهي نه سگهي، ته اهو وڏو
ڪمبخت چئبو ٻيون سڀ ڳالهيون ڪُوڙيون آهن، بس رڳو
الستي عشق ئي سچو آهي: فرمائين ٿا:
مست رهي ميخاني اندر منگ وتي سي مستي
مستي سان نا سِرُ سڃاڻي، تنهن جو ڪم ڪمبختي
ٻيون سڀ ڪوڙيون ڳالهيون سچا، سچو عشق الستي
ٻئي هنڌ ان الستي عشق جي تعريف ڪندي فرمايو اٿن.
عشق دي ٻاجهُون ٻيا سڀ ڪُوڙُ
سُولي تي منصور:
صوفي بزرگن عشق کي وڏي اهميت ڏني آهي. سندن چوڻ
آهي ته عشق جي شروعات الله پاڪ کان ٿي ۽ هيءَ ته
ڪائنات عشق جي ڪري ئي وجود ۾ آئي. پهريون عاشق
الله آهي. ٻيو عاشق ٻنهي جهانن جو سردار سندن
محبوب محمد مصطفيٰ آهي سچل سائين اها ڳالهه هن ريت
بيان ڪئي آهي، فرمائين ٿا:
اول عشق الله نون هويا، جنهن رسول اپايا،
ڏوجها عشق محمد نون، جنهن ڪلمه پاڪ پڙهايا.
صوفي بزرگ سلطان باهو عشق کي ايمان کان به مٿاهون
سمجهي ٿو. هُو ٻڌائي ٿو ته ايمان جي سلامتيءَ جي
دُعا ته هر ڪو گهري ٿو، پر ڪوڪو عشق جي سلامتي جي
دعا گهري ٿو ڇو ته عشق جو درجو ايمان کان نه به
مٿاهون آهي، فرمائن ٿا:
ايمان سلامت هر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هُو
جهڙي منزل عشق پڄاوي، ايمان خبر نه ڪائي هُو
ڪن صُوفين جو نعرو ئي اهو آهي ته:
عشق سلامت!
چون ٿا ته مشهور ڳائڻو يار علي فقير سدائين چوندو
رهندو هو:
صَدق حضرت عشق تان
عشق سلامت.
سچل سائين کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته محبوب کين
عشق جا پُر پيالا پياري مست ۽ مخمور ڪري ڇڏي ٿو.
پيالي عشق پلائي، ساجن چا مخمور ڪيتوئي
سچل سائين ان سالڪ جي حال تي افسوس جو اظهار ڪري
ٿو، جنهن ميخاني ۾ وڃي مستي حاصل نه ڪئي ان جي ڄڻ
سموري حياتي غفلت ۾ برباد ٿي وئي، فرمايائين:
غفلت دي وچ عمر تيڏڙي برباد هوئي.
مستي ميخاني ڏهون، وقت نه ڪهين جا وِندائين.
پر سچل سائين خوش نصيب هو، جيڪو پُر پيالا پي اهڙو
مست رهيو جو مستي ۾ ٻين کي نچائي وڌائين.
مست سچل هور هيا پياليا پي شوق دا
آپ ته نچندا نهين، لوڪان نون نچاوندائين
سچل سرمست مستي ۾ حال اچڻ ۽ مجزوبي واري مقام تي
رسڻ جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:
مستي حال مقرر هو وي، واه عجب مجذوبي
معلوم ٿيا لنوءُ واليان نون، اهو سارا راز ربوبي.
سچل سائين کي مرشد به معرفت واري مئي پيڻ جي تلقين
ڪري ٿو.
هڪ ڏينهن ميڪون مرشد آکيا، مئي پياليا پيوين
آکيم ”ايوين سائين ايوين....“
انهيءَ مرشد کين اهڙا پريت جا پيالا پياريا جو
سندن من مست ٿي ويو. انهيءَ خمار ۾ کانئن ٻئي جهان
وسري ويا، فرمائين ٿا:
اُهين پير مغان دي پيالي، مئي مست من ڪتوسي
ڏوهين جهانان وسر ڳيوسي، آهين خمر دي خيالي
جيئن ته منهنجي هن ......... ڪي صوفياڻا اصطلاح
استعمال ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪن جي وضاحت ڪجي
ٿي.
1. عشق: ڪڏهن عشق مان مراد مرتبهءَ وحدت يعني
حقيقت محمديه ورتي ويندي آهي ته ڪڏهن مرتبئه احديث
ورتي ويندي آهي اهوئي سبب آهي جو الله پاڪ جي
پيارن ٻانهن فرمايو آهي ته عشق هڪ اهڙو درياءُ
آهي، جنهن جو ڪو ڪنارو ڪونهي. ان کي ڄاڻڻ کان عقل
عاجز آهي ۽ زبان سان ان جو بيان ناممڪن آهي.
حضرت بنده نواز گيسو دراز فرمايو آهي ته، ”عشق“
عاشق ۽ معشوق هڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا آهن. يعني
اهوئي عشق ۽ عاشق، ۽ اهوئي معشوق آهي.ا ن کي صاحبِ
حال ئي سمجهي سگهن ٿا. حديث قدسي آهي ته الله
تعاليٰ فرمايو آهي ته ”مان ڳجهو خزانو هوس، پوءِ
مون چاهيو ته مان سڃاتو وڃان، ان ڪري مون مخلوق
پيدا ڪئي، سچل سائين فرمايو آهي:
پاڻ ڳجهو ڪيائين پڌرائي ۾
هي تنهن هنر هلايو
صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
پاڻ سڃاڻڻ آيوڙي، سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو
ڪم نه هُيڙس ڪيو ٻيو.
عرش منجهار نئون اُلهي، هت وِرههُ وَسائڻ آيو،
بيدل سائينءَ اهو نڪتو هن ريت نروار ڪيو آهي.
فرمائين ٿا:
پاڻ تو پيدا ڪيو، ڪن مون چئيه احسان ڪر
گهرج هئي توکي گهڻي، ڪن مون چئيه گهمسان ڪر
2. شراب! ذوق ۽ شوق کي چيو ويندو آهي، جيڪو سالڪ
جي دل تي وارد ٿي، ان کي مست ۽ بيخود بڻائي ٿو.
3. اهو عشق جو غلبو آهي جنهن ڪري دل مان راز جون
ڳالهيون نروار ٿين ٿيون، جنهن سبب هُو ملامت جو
حقدار بڻجي ٿو.
4. ساقي: جيڪو معرفت واري مئي پياري، سالڪ جي دل ۾
الله پاڪ جي محبت پيدا ڪري. ساقيءَ جا ٻه قسم آهن:
(الف) ساقي بذات الله پاڪ آهي، جنهن جو اشارو قرآن
۾ آهي:
ترجمو: ۽ پياري ان کي رب، پاڪ شراب.
(ب) ساقي بالواسطه: سمورا پيغمبر سڳورا، اوليا
الله، ڪامل مرشد جيڪي طالبن کي الاهي فيض پهچائين
ٿا. اُن پاڪ شراب ڏانهن اشارو ڪندي خواجه محمد
فرمان لواري واري فرمايو آهي.
سُتي ان شرابَ، جَن سَري سي سونُ ٿيا.
سمهڻ تن ثواب، ڪَتَڻ تن کي ڪيميا.
4. مستي هن جون ٽي معنائون آهن:
(الف) عاشق پنهنجون صفتون فنا ڪري، معشوق جي هستي
۾ غرق ٿي وڃي.
(ب) جمالِ حق جي مشاهدي سان سالڪ تي حيرت طاري ٿي
وڃي ٿي ۽ ان جي دل ۾ هڪ ولولو پيدا ٿئي ٿو.
(ج) عاشق، عشق جي نشي کان مسرور ٿي وڃي ٿو.
(ح) مدهوشي: هن جو مطلب آهي: محبوب جي ديدار ۾ مست
۽ بيخود ٿي وڃڻ ۽ عشق جي عقل تي غالب پوڻ. ان حد
تائين پهچڻ جو ان کي عاشق ۽ معشوق جي تميز نه رهي.
اهڙي حالت ۾ منصور حلاج ”انا الحق“ چيو ۽ بايزيد
بُسطامي ”سُبحاني ما اعظم شاني“ چيو سچل سرمست
پنهنجي ڪلام ۾ انهن ڳالهين کي وَر وَري ڪري بيان
ڪيو آهي: مثلاً بُسطامي واري نعري جي تعريف ڪندي
فرمايو اٿن ته بُسطامي واهه جا ڳالهه ڪئي آهي پر
افسوس جو ان کي ڪو سمجهڻ وارو نه آهي.
بسطامي ڪيهي بات ڪهي هي، ڪوئي سمجهڻ والا هوءِ.
تنوير جوڻيجو
گهرو تشدد
تشدد يا ڏاڍ جو لفظ اسان روزانو ڪيترا ڀيرا نه رڳو
پڙهندا آهيون پر مختلف ذريعن کان ٻڌندا به آهيون،
عام طور تشدد يا ڏاڍ جي معنيٰ جسماني يا جنسي ڏاڍ
کي سمجهيو ويندو آهي، پر قانون ۽ علمي معنيٰ ۾
تشدد جو دائرو وسيع آهي.
”تشدد جي دائري ۾ شامل آهي، ڪوبه جسماني، زباني،
جنسي يا نهارڻ ذريعي اهڙو عمل، جيڪو ڪنهن عورت يا
نينگريءَ لاءِ خوف خطري، چڙهت يا حملي جو باعث
بڻجي ۽ جنهن جي ڪري ان عورت يا نينگريءَ جي جسماني
يا ذهني صلاحيت متاثر ٿئي، يا وري عورت کي ان حد
تائين ضابطي هيٺ رکيو وڃي جو پنهنجن مٽن مائٽن ۽
عزيزن قريبن سان ملي نه سگهي.“
عام طرح دنيا ۾ هر طاقتور ڪمزور تي جبر ۽ ڏاڍ ڪندو
آهي، پر گهر هڪ اهڙي جاءِ آهي جت ڪمزور کي به
پناهه ملندي آهي، جيئن چوڻي آهي ته گدڙ به پنهجي
ڏر تي شينهن هوندو آهي.
پر عورت جي بدقسمتيءَ جو هوءَ پنهنجي گهر ۾ گهر
وارن هٿان تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. گهر سندس هجي يا
سندس پيڪن جو هجي يا مڙس جو، هر گهر هن لاءِ اوپرو
آهي پرائو آهي، ۽ هوءَ ظلم جو شڪار بڻجي ٿي پنهنجن
پيارن ۽ رت وارن رشتن هٿان پر اڄڪلهه پاڻ وٽ چيو
ويندو آهي ته رت دانگيءَ تي به وري.
پر اڄڪلهه رت رت کي لڳي پئي آهي گهرو تشدد انهي جو
ئي نالو آهي. گهرو تشدد جي وضاحت قانون ۾ هن ريت
ڪئي وڃي ٿي ته ”هي اهو مجرماڻو عمل آهي جيڪو مخالف
جنسن جي وچ ۾ ٿئي ٿو ۽ اهي مخالف جنس رکندڙ ڌريون
هڪ گهر يا هڪ ڇت هيٺ ان وقت موجود هجن يا ان کان
اڳ رهنديون هجن يا سندن ساڳيو اولاد هجي پوءِ ڀلي
هو هڪ گهر ۾ رهندڙ هجن يا نَه. ان کان علاوه گهرو
تشدد انهن فردن وچ ۾ تشدد ۽ ڏاڍ کي چئجي ٿو. جيڪي
هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هجن جيئن شريڪ حيات، ٻار،
ناناڻا، ڏاڏاڻا، سابق شريڪ حيات، پوٽاڻ، ڏهٽاڻ،
ڀائر، ڀينر ۽ ساهرا وغيره.
جڏهن ته مجرماڻي عمل مان مراد آهي، مجرماڻو حملو
مجرمانو نقصان، اجائي دخل اندازي، سار سنڀال ۾
لاپرواهي نقصان رسائڻ، اغوا ڪرڻ، خراب ورتاءُ
جهڙوڪ: مار موچڙو ڪرڻ، گار گند ڪرڻ، اڻ وڻندڙ نالا
رکڻ، گوڙ گهمسان ڪري پريشان ڪرڻ، خطرناڪ اوزارن ۽
خونخوار هٿيارن ذريعي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ، هيسائڻ يا
وري انهن جو استعمال ڪرڻ.
عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اها
ڳالهه واضح نظر ايندي ته نه رڳو هتان جي عورت، پر
يورپ جي عورت به عام ڏاڍ جي ڀيٽ ۾ گهرو تشدد جو
شڪار آهي، (فورم فار ڪانفلڪٽ ريزيوليشن) يعني
F.C.R
جي ٻڌايل هڪ رپورٽ مطابق
U.S.A
۾ اسپتال ۾ داخل ايمرجنسي
وارڊن ۾ عورتن جو وڏو انگ گهرو تشدد باعث داخل ٿئي
ٿو.
- ڊينمارڪ ۾ 25 سيڪڙو جوڙن ۾ طلاقن جو سبب، گهرو
ڏاڍ آهي.
- رومانيا ۾ مارچ 1993ع کان مارچ 1994ع دوران 55.
28 سيڪڙو عورتون پنهنجن مڙسن ۽ بواءِ فرينڊس جي
مار جي ڪري اسپتالن ۾ داخل ٿيون.
- رشيا ۾ 2004 دوران 15000 عورتون مڙسن جي تشدد
واري ورتاءَ باعث موت جو کاڄ بڻيون.
-
Domestic Violence Screening Scale موجب ڪراچيءَ ۾ گهرو تشدد جا 63 سيڪڙو ڪيس ظاهر ٿيا، جن مان 36
سيڪڙو مرد ۽ 64 سيڪڙو عورتون هيون.
64 سيڪڙو عورتن مان 35 سيڪڙُ عورتون پنهنجين مڙسن
پاران تشدد جو شڪار ٿيون، جڏهن ته 60 سيڪڙو عورتون
ڊپريشن (Dipression) 67 سيڪڙو عورتون
Anxiety
جو شڪار ٿيون.
هاڻي سوال پيدا ٿو ٿئي ته عورت گهرو تشدد جو شڪار
ڇو ٿي بڻجي؟
ان لاءِ چيو وڃي ٿو.
- گهرو تشدد هڪ ڳجهو عمل ٿئي ٿو، خانگي جاين جي
اندر ٿئي ۽ اهو عمل مسلسل سالن جا سال هلي ٿو ۽ هن
تشدد کان ڇوٽڪارو تقريباً ناممڪن ٿئي ٿو.
- ڇاڪاڻ ته عورت جسماني طور مرد کان هيڻي ٿئي ٿي.
- سماجي ۽ اقتصادي طور مرد تي انحصار ڪري ٿي.
- ننڍپڻ کان کيس صبر ۽ شڪر جو درس ملي ٿو.
- ساڳئي وقت مڙس سان سچي به رهي ٿي.
- ۽ گهر جي ڳالهه ٻين کان لڪائي ٿي ۽ ٻاهر ٻاڦ به
نه ٿي ڪڍي.
گهرو تشدد جو اثر ايندڙ نسل تي به پوي ٿو.
- چيو وڃي ٿو ته اهي ٻار جن جي گهرن ۾ گهرو تشدد
ٿئي ٿو انهن مان هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻار اڳتي هلي
پنهنجن گهرن ۾ تشدد ڪن ٿا ۽ پنهنجين زالن کي مارڪٽ
ڪن ٿا.
- جيڪي ڇوڪريون ننڍپڻ کان اهڙي ماحول جو شڪار ٿين
ٿيون. اهي پڻ وڏي هوندي گهڻي مار کائن ٿيون.
- ننڍپڻ ۾ تشدد اڳتي هلي ٻار کي مجرماڻو ورتاءُ
سيکاري ٿو.
- گهرو تشدد باعث مڙسن ۾ الڪوحل ۽ نشي دار شين جي
واپرائڻ جي به عادت پئي ٿي.
- هڪ اڀياس موجب مار کائيندڙ عورت جو حمل پڻ ضايع
ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به خدشو رهي ٿو، ته هو ڪمزور ۽
معذور ٻار پيدا ڪري يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته
مئل ٻارن کي جنم ڏئي.
تجويزون ۽ اُپاءَ:
- سماج ۾ عورت کي برابري وارو درجو ڏيارجي.
- تعليم نه رڳو عورتن، پر مردن کي ڏجي ته عورت سان
بهتر نموني پيش اچن.
- قانون ۾ تبديلي آڻي عورت کي برابري ڏيارجي.
- پراڻن روين کي تبديل ڪجي، نين روين ۽ رجحانن کي
پيدا ڪجي.
- مدي خارج روايتن جو خاتمو آڻجي.
- مظلوم جي اخلاقي مدد ڪئي وڃي.
- قانون سازي ڪري نون قانونن کي لاڳو ڪرائجي.
- گهرو تشدد کي خانگي معاملو سمجهڻ بجاءِ فوجداري
ڏوهه تسليم ڪرائجي.
- ميڊيڪو ليگل يونٽن کان گهرو تشدد ۽ عورتن کي
باهه ۾ ساڙڻ بابت حقيقتون ۽ انگ اکر ڪٺا ڪجن ۽
انهيءَ روشنيءَ ۾ قدم کڻجن.
- تشدد جي خاتمي لاءِ قانونن ۽ پاليسين کي
ڦهلائجي.
- عورتن جي حيثيت جو تعين ڪرڻ واري قومي ڪميشن جي
ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ڪري اداري جي ڪارڪردگي ۽
ان تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺجي. |