سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986ع (1)

 

صفحو :5

 

تاج جويو

 

وائي

 

ساڀيائون سُڏڪن،

جذبا ۽ جوڀن؛ رسمن جي زنجير ۾!

لاشن سان لائون لهي،

آشائون ڦٿڪن: رسمن جي زنجير ۾!

نينهن ڪري ڪيئن نينگري،

سينڱون ٿيون سڃجن: رسمن جي زنجير ۾!

”چنڊَ ڳچيءَ“ ۾ ڳٽُ آ،

مُنهن- ڪارا مرڪن: رسمن جي زنجير ۾!

مريادا ۽ ماڻهپو،

هٽ هٽ تي وڪجن: رسمن جي زنجير ۾!

 

نصير مرزا

 

نظم

 

لهر ڪناري تائين آئي

ڳالهه چپن تائين

سِپون ڪوڏ هيا ساحل تي

لڙڪ ڳِلن تائين

هڪڙو ڀورو بادل آيو

تنهنجو پَتُر کڻي

ڪويَل پئي ڪونجاريو بن ۾

پيئڙا ڇپر ڇڻي.

ڏورُ پري کان آياسين پئي

هٿ ۾ هٿ ڏئي

آيو موڙ ته مُڙي وياسين

ٻيئي، پُٺِ ڏئي.

 

نور شاهين

 

آزاد نظم

ڪوثر ۽ تسنيم کان

مٺڙو مٺڙو

اُڃ اُجهائيندڙ پاڻي

درياهه جو روپ وٺي، وهندو وهندو

روز وڃي سمنڊ ۾ پوندو آهي.

اهو صدين جو دستور اٿس.

دريا سوچيندو آهي شايد

ائين ڪرڻ سان

سمنڊ جي کاراڻ گهٽجي، مٺڙو مٺڙو بنجي

پياس اُجهائي پياسن جي.

پر اجايو سوچي ٿو.

درياهه کي سوچڻ گهرجي

منهنجي پيار ۽

منهنجي چاهت تي

تنهنجي جفا ۽

منهنجي وفائن تي.

منهنجو پيار به مٺڙو مٺڙو

ڪوثر ۽ تسنيم کان وڌ

درياهه جا جذبا ساڻ کڻي

پاڻهي پاڻ کي توتي

اوتيندو رهيو ۽ اوتي ٿو

جئن تون به مٺڙو بنجي

عشق جي بنجر واديءَ کي

سيراب ڪرين

پر لا حاصل!

کارو سمنڊ ته کارو رهندو...

پر کاري جي کاراڻ ڏسي

ڪيئن درياهُ پنهنجي

صدين جي دستور کي بدلي.

مان به ته آهيان درياهه

منهنجا به جذبا ساڳيا

تنهنڪري اي پريتم

تنهنجي عادت توکي نيبهه

منهنجي عادت مونسان

پيار ڪيو ٿم

پيار ڪندس پئي

پيار ڪندي رهندس مان سدا

جيئن کاري جي کاراڻ کي بدليان.

بخشڻ مهر

 

ڪوتا

 

تنهنجي دل ديس جو جلاوطن مان!

وقت جي خاردار تارن ۾ ويڙهيل،

پَل آپل ڏنڀ سهندو ٿو رهان،

پل آپل جيئندو ٿو رهان،

پل آپل مرندو ٿو رهان.

تنهنجي دل ديس جو جلا وطن مان!...!....

 

ج. ع. منگهاڻي

 

سانيٽ

 

چيو ڪنهن آ ساوڻ کي هتڙي وسڻ جو!

اڳئيءَ- روپ خطري جو گهو گهو وڄو آ

نه ٻج آ نه هر آ نه گهر ئي سڄو آ

نه ٻل ڪو اسان ۾ آ هاڻي سهڻ جو

رنگيلي چٽي نڀ ۾ ڪائي ريکا

نظارا ته ڏاڍا ئي ٿي پيا نيارا

بکيا ڍؤ ڪندا ڇا؟ ڏسي هي نظارا

اسان سان ته سڀني ڪيا ڏاڍا ليکا

مزا زندگيءَ جا رهن پيا الائي ڪٿ!

وسيلا کُٽي ويا اميدون نه کُٽيون

۽ قسمت اسان جي ٿي حيلا هلائي ڪٿ!

نئين سر وري آس- مکڙيون به ڦُٽيون

ڇمان ڇم نچي ناچ جيئن ڪا نر تِڪي

مينهوڳي به نڀ تان اچي ائين ٿي ڦِٿِڪي.

 

مهر پروين

 

ڪافي

 

منهنجا مارو رهيا مون کان ڏاڍا پري،

مون کي مارن ڌاران، پل نه سري.

آئون قابو آهيان ڪوٽن ۾، هو پيرون چونڊين ٿيون لوٽن ۾،

منهنجي جيل  اندر پئي جان ڳري.

هُت ”رايون“ ”سايون“ جهنگ چري، موٽي ماڳن تي سڀ آيون وري،

کنيون جيڏين لوٽيون کير ڀري.

مون کي آجي ڪر تون عمر ادا! وڃي جيئري ڏسان پنهنجا مارو مٺا،

منهنجي پت پهنوارن ساڻِ پري.

هي آهون اندر جون شال اگهن، منهنجون ماروئڙيون وري مون سان ملن،

هت جن کان سواءِ پيهي ”مهر“ مري.

 

 

 

 

وفا ناٿن شاهي

 

اشرف المخلوقات

 

نانگ،

ڪهڙو به،

ڪو برائي سهي،

پر،

سندس،

ڏنگ جي،

تشدد جو،

طِبّ وٽ،

ڪونه ڪو،

علاج آهي،

ڏنگ،

انسان جو،

مگر،

اي دوست!

لادوا آهي،

لاعلاج آهي.

 

 

 

 

انيس انصاري

 

ٻڙي

 

ٻڙي.

نه قدر ڪاٺ،

نه وري قيمت ئي ڪائي،

رڳو هڪ نقطو باريڪ.

هڪ،

جو هڪ سؤ ڀي آهي،

۽ هڪ هزار پڻ؛

جو لَک به ٿي سگهي ٿو،

۽ ڪروڙ ڀي،

جو وڌندو رهي ٿو قيمت ۾.

ٻڙي،

جي نه هجي،

ته هڪ ڪروڙ به هڪ آهي،

ته هڪ سؤ ڀي هڪ.

 

 

 

 

 

 

نواز علي ”شوق“

 

ڪافي

 

دلبر آيو دل جي ديري،

هٿ ڪيو جنهن هينئڙو هيري.

نينهن جا نرمل نياپا آيا، ڪوئل مٺڙا گيت ٻڌايا،

گُهو گُهو لاتي آهي ڳيري.

موج ۾ آيون مکڙيون پياريو، چوڏس آهن باغ بهاريون،

موتي ٿي اڄ ماڪ کنڊيري.

ڀؤنر گلن تي ڦيريون پائي، تنهنجي آشا جا ڳڻ ڳائي،

ڳائي ٿو هو سانجهه سويري.

 

انور هالائي

 

تنهنجي آمد عنايتون آهن،

منهنجي لئه سعادتون آهن.

چاهتن سان ئي چاهتون آهن، عشق جون هي روايتون آهن.

صبح ۾ گر صباحتون آهن، شام لک ملاحتون آهن.

تنهنجي نيڻن ۾ مئي جي آ مستي، تشنه لب لئه قيامتون آهن.

پاڻ کي ڪئن بچائي مان ٿو سگهان، تنهنجي نظرن ۾ دعوتون آهن.

هو سڏي پيار سان ٿو جام ڀري، مون سان ڪيڏيون مراعتون آهن.

تنهنجي ڌڙڪن آ منهنجي ئي ڌڙڪن، خوب تو سان رفاقتون آهن.

منهنجي جذبن سان کيڏ روز ڀلي، توکي منهنجون اجازتون آهن.

بي ادب ٿيبو گر ائين چئبو، مون کي تو سان شڪايتون آهن.

بي رخي ڇڏ ته ڪا رهاڻ ڪجي، رات جون چند ساعتون آهن.

مرڪ مان ان ڪري پيڻ ٿو گهران، جو لبن ۾ حلاوتون آهن.

بزمِ طالب ۾ شاعري ”انور“، ڄاڻي مولا ٿو برڪتون آهن.

 

نثاز بزمي

 

وقت جي پيرن ۾ تون زنجير وجهه،

تون تڪبّر جي ڪري تحقير وجهه.

ڪَڍ ستارن مان پراڻي روشني، تن ۾ هاڻي ڪا نئين تنوير وجهه.

ڇا ڪندي فولاد جي ديوار ڪا، تنهن کي ڪيرڻ جي ڪري تدبير وجھ.

خون سان رنگين ڪري ڇڏ ڪائنات، تون نئين پيدا ڪري تحرير وجھ.

جي نه موٽن ماڳ تان مجبور ٿي، دل جي ترڪش ۾ اهڙا تير وجھ.

زندگيءَ جي موت جي گردن مٿان، جوڙي ڪا جدّت ڀري تصوير وجھ.

چنڊ جي ٻيڻي ڪري چانڊاڻ پو، پنهنجي ٺاهي ڪا نئين تقدير وجھ.

سرحدن تي دشمنن کي ڪر تباه، تن ۾ ماتم ڪو وڃي مهمير وجھ.

ويرَ وڍجن، امن جا نعرا لڳن، چؤنڪ تي اهڙي ڪري تقرير وجھ.

خواب سکڻا ڇا ڏسي ”بزمي“ ڪندين، تون تواني تن ۾ ڪا تعبير وجھ.

 

 

مير محمد پيرزادو

 

گيت

 

منهنجي سڏ تي پهتين ڇو نه، ڇا ٿيو توکي پهتين ڇو نه!

مون سين جاڳي رات جي راڻي، سڀ ستارا جاڳيا آهن؛

رات اها ڀي ڄاڻ اجهاڻي، ڪَرَ پيا ٿا سپنا ساهن؛

تارن- رَٿَ تي پهتين ڇو نه، منهنجي ڪٿ تي پهتين ڇو نه!

اڀ ۾ ڏيئا ڄاڻ اجهاڻا، اوڀر کان سج ڦوڪ ڏني آ؛

ڪومل جذبا هاءِ ڪوماڻا، ساهن سهڪا ڀيڄ- ڀني آ؛

لنوءَ لڇي ٿي پهتين ڇو نه، پريت پڇي ٿي پهتين ڇو نه!

جوڀن ٻيهر ورڻو ناهي، ڪهڙي ڪل ڪو ٻيهر ملندو؛

جيوَنُ سڪڻو جهرڻو آهي، ڪوماڻل گل مور نه کلندو،

پوءِ به سانول پهتين ڇو نه، بُٺ تي بادل پهتين ڇو نه!

منهنجي سڏ تي پهتين ڇو نه، ڇا ٿيو توکي پهتين ڇو نه!

 

اياز گل

 

وائي

 

پٿر ڏِسندا سي

هِيرا چوندا سي

مُورک ناهيون ايترا!

ڦَٽين لوڻُ جي ٻُرڪبو

مُرڪي پوندا سي

مُورک ناهيون ايترا!

ٿوري ڏُکَ ملڻ تي

هيڻا ٿيندا سي

مُورک ناهيون ايترا!

اَنڌين اکين ۾ پيا

خواب ٽنگيندا سي

مُورک ناهيون ايترا!

هر جذبي، هر سوچ جو

اَگُهه ڪٿيندا سي

مُورک ناهيون ايترا!

 

ادل سومرو

 

گيت

 

سالن کان پيو سوچان ويٺو،

گيت لکان مان اهڙو،

تنهنجي چهري جهڙو.

 

هڪڙي ماڳَ تي پاڻ ملياسين،

لُڙڪ لڪائي خوب کلياسين.

مون کي هاڻي ياد نه آهي،

شهر هيو سو ڪهڙو؟

گيت لکان مان اهڙو،

تنهنجي چهري جهڙو.

 

مون نه قبولي تنهنجي جدائي،

ٿي وئينءَ تون ئي پاڻ پرائي.

ريتن جي ڇولين آ ڊاهيو،

پيارَ جو واريءَ- گهرڙو،

گيت لکان مان اهڙو،

تنهنجي چهري جهڙو.

 

تنهنجون يادون منهنجي مايا،

ڏينهن تَتي ۾ ٿڌڙي ڇايا.

توکي ساري وياڪل رهندو،

شاعر تنها هڪڙو.

گيت لکان مان اهڙو،

تنهنجي چهري جهڙو.

 

مختيار ملڪ

 

غزل

 

پيار کان کوکلو ۽ خالي آ،

هن جو جيون سمورو جعلي آ.

تنهنجي تصوير اُن ۾ ڪئن لڳندي،

منهنجي دل جو فريم خالي آ.

هڪڙو پل پيار، ٻي گهڙي نفرت،

هن جي طبيعت به ڪجھ نرالي آ.

فاصلن ساڻ ٿو پوي ملڻو،

ريت هن شهر جي نرالي آ.

جئن جو اخبار جي پڙهي سرخي،

چانهه جي، هٿ مان ڪِري پيالي آ.

 

مير غلام الله خان ٽالپر

 

شبِ غم عذاب آهي واڳن کي وار سهڻا

وري ناز مان اچي تون مون ڏي نهار سهڻا

شب و روز دم ٿو گهٽجي هِن هجر ۾ حَبس ۾،

وري مُرڪي مُرڪي ٻانهون ڪر منهنجا هار سهڻا.

وري ياد ڪي پون ٿيون تنهنجون ادائون دلبر،

وري چار گهڙيون مون سان گڏجي گذار سهڻا.

اي دوست! زندگي جو الجهي سفر پيو آ،

سو پنهنجي صحبتن سان گڏجي سنوار سهڻا.

ڇو رنج و غم ۾ آهي منهنجي اڪيلي دل هي،

ڪجھ مرحلا اَلم جا ڪو استوار سهڻا.

ڇا ”مير“ چئي غزل ۾ دل جي حڪايتن کي،

ڀري پير اچ اڱڻ تي ڏس انتظار سهڻا.

 

 

 

واجد

 

اڻ ٿيڻيون ڪري ڇڏين ٿا ماڻهو،

مرڪ ۾ لڙڪ ڀري ڇڏين ٿا ماڻهو.

گل ۽ ماڪ جي ناتي ۾ به گمان رکي،

ڪيڏا قصا گهڙي ڇڏين ٿا ماڻهو.

پهريان احساس ڏياري چاهت جا،

دل جي در تان تڙي ڇڏين ٿا ماڻهو.

ڏاڍا عيّار ۽ مڪّار ٿا ٿين ثابت،

قرب ۾ جي ڪَڙي ڇڏين ٿا ماڻهو.

ڪيڏا احساس مند سي سڏبا ”واجد“!

جيءَ ۾ جي جَڙي ڇڏين ٿا ماڻهو.

 

زيب سنڌي

 

منهنجي هڪڙي غلطي هئي،

۽ هوءَ مون کان وڇڙي وئي!

پنهنجو پاڻ ۾ گم سم مان، ۽ هوءَ ڀرسان گذري وئي.

سڀ رشتا ٿي پل ۾ ٽوڙي، ”وڃ هليو“ اڄ مون کي چئي.

مون کي پيار نه گهرجي ٿو، مون کي وڃ تون نفرت ڏئي.

تنهنجو چهرو وسري ويندو، تنهنجي ياد نه ڏکندي پئي.

گذريل وقت کي ياد ڪري، اچ، پئون اڄ روئي ٻئي.

جيون- شام به ٿي وئي پر، الفت مون سان ڪنهن نه ڪئي.

 

 

هدايت بلوچ

 

تنهنجو معصوم پيار پائي پرين،

زندگي ڀر جي هار وسري وئي.

تن ۾ جوڀن جي لهر ڊوڙي وئي، پنهنجي وڌندڙ ڄمار وسري وئي.

تنهنجي قربن جو قرض ايڏو آ، باقي ساري اڌار وسري وئي.

ساٿ تنهنجو گلن جي موسم آ، ڇا سرءُ ڇا جهار وسري وئي.

روز مون سان ويهين ٿو پيهي تي، مون کان جوئر جي بهار وسري وئي.

 

پشپا ولڀ

 

سپون

 

من جون سڀ خوشيون

سپون بڻجي

سوچ جي سمنڊ مان منهن ڪڍي

آس مان آسمان ڏانهن

نهارين پيون:

پنهنجي ساڀيا جو

ڪو سچو موتي

جهٽڻ چاهين ٿيون شايد!

ڪناري کان نيڻ- نهار تائين

منهنجي حد کان تنهنجي سيما تائين       (سيما = سرحد)

 

سپون ئي سپون آهن.

پر حقيقت جي واديءَ ۾

هر طرف رڳو ڌوڙ پئي وسي

بدن سڄو ڀڀوت بڻيل

وار سمورا واري اَٽيل

اکين- پنبڻيون واريءَ اُڻيل

ساهه ۾ پڻ واري واسيل.

 

اکيون هاڻي هرڻيون ٿي پيون آهن

سُڃ ئي سُڃ ۾

دريا ڪوئي موجون ماريندڙ ڏسن ٿيون

نِڙي سڄي ڪنڊا ڪنڊا

پوءِ به اُڃ اُجهاڻل سمجهن ٿيون.

 

من ڏاڍو مور بڻجي

ڪويل جي ڀاشا سمجهي

مست ٿي

۽ اکيون بندي

هر طرف ڳاڙهي تَر ۽ اڇي ڦُلڙي واري

چُني اوڍيل نار ڏسي ٿو

پر ڪونڀٽ ۾ اٽڪيل

ڳاڙهي تَر ۽ اڇي ڦُلڙي واري چُنيءَ جو

اهو رڳو هڪ ٽڪر آهي

جنهن کي هو پنهنجي ڊيل ٿو سمجهي.

 

زوار جهانيه

 

امن جو سال- 1986ع

 

اخبارن جون،

ساريون سُرخيون،

ڪوڙه لڳل،

ڪنهن ماڻهو جيان،

اڇيون ڪاريون،

ڪاڳر جي ٽڪر تي،

ٿڦيون پيون آهن.

 

جن تي:

خونن، ڌاڙن،

چورين، ڦرن،

ظلم، جبر،

قتل، اغوا،

فراڊ، فريبي،

نيوٽران، ائٽم

بمن بارودن،

گولين، ٺڪائن،

خلا ۾ اُڏندڙ شٽلن،

هر مدي، اندروني،

داخلي، خارجي،

جنگن ۽ نفرتن،

جا اکر اُڪريل آهن.

ڪوبه لفظ، سٽ، جملو،

محبت جو ناهي،

پيار، قرب، سڪ،

امن ۽ آشتي جو ناهي،

مان اخبارون ٺپي،

 

سوچيان ٿو:

هي جنگن ۽ نفرتن،

جو سال آهي،

يا،

محبتن ۽ امن جو!

 

ماڻڪ ملاح

 

گيت

 

وڻج وارا وينجهار، سگهوئي ايندو ڪر!

سرتيون منهن ڍڪي ٿيون ٽوڪن،

ڪين رهيو ٿئي لڪيو لوڪن، جذبن جي اَڌار.

لڙڪن نيڻن مان ڪيون روڻيون،

آءُ ته گڏجي ٻيريون ڌوڻيون، ٽُٽڻ لڳن جي ڏار.

ماني کاوان گرهه ڪري ٿو،

هڏڪيون ڏيندي هانءُ ڳري ٿو، پريت سندا هي پار.

واهوندن ۾ سڙهه جا سٽڪا،

تنهنجي اچڻ جا اڀرن الڪا، موٽان کايو هار.

تو ريءَ ڪهڙا سينڌيون سرما،

اچ ته اڇا ڪي اوڍيون ڪپڙا، ويڙهيان جيئن پوءِ وار.

 

محمد شريف طالب

 

آ هلي هڪوار مٺڙا يار تون،

لهه اچي منهنجي سڄڻ ڪا سار تون.

دردِ دل جو ڪونه ٿيو ڪوئي علاج،

ڏي اچي دل جي دوا دلدار تون.

ڏي ڀري تون شوق مان مون کي مٺا،

پِرت وارو ڪو پيالو پيار تون.

دل ٿي سهڻا يار تو لئه نت سِڪي،

مل اچي مون سان مٺا منٺار تون.

توکي ساري ساهه منهنجو ٿو پرين،

گڏجي گهڙيون ڪي ته مون سان گهار تون.

تات تنهنجي آهي ”طالب“ هر گهڙي،

قول پنهنجا يار پيارا پار تون.

 

 

 

 

 

اشرف زمان پيرچنڊامي

 

غزل

 

غمن جو رازدان آهيان ڏکن جو پاسبان آهيان،

زماني ۾ خدا ڄاڻي مان درد ڪاروان آهيان.

 

نظر ڪنهن کي نٿو جيڪو اچي هرگز ڏسڻ سان ڀي،

سان دنيا جي ئي نظرن ۾ ڊٺل اهڙو نِشان آهيان.

 

نه پڙهڻ سان پڙهي سگهجي جو سمجھڻ کان وڃي رهجي،

لکيل اهڙو پراڻو مان اڻائو داستان آهيان.

 

نه جنهن ۾ ڪو هجي مطلب ٿُڏي سڀ ڪو پيو پيرن سان،

مان رستي ۾ پيل پٿر جيان بس رائگان آهيان.

 

نه جنهن ۾ ڪو به گل آهي نه جنهن جو ڪوبه مالهي آ،

لڳي ويران ٿو جيڪو گلستان اهڙو مان آهيان.

 

نه دنيا ۾ ڪڏهن حاصل ٿيو مون کي سڪون آهي،

ڀلا ڪهڙيءَ طرح ”اشرف“ چوان، مان ڪامران آهيان.

 

 

 

بشير سيتائي

 

غزل

 

اي ساٿي! هلي آءُ سچو ساٿ نڀايون،

تنهايون تڙي دل جون محفل کي مچايون.

روحن ۾ پڪو رنگ وفائن جو رچايون.

نيڻن جون ڪهاڻيون رڳو نيڻ کي ٻڌايون.

ناڪامي نراسائي جو هر نقش مِٽايون،

۽ راهگذارن لاءِ نئين جوت جلايون.

روئڻ سان اگر رات ٽري ها ته ٽري ها،

ڪجھ حوصلي همّت سان نئون صبح بڻايون.

هڪ ٻئي کان ڳُجها ڇا لئه رکون زخم اندر جا،

صدين جا چڪيل چاڪ پرين پاڻ ڇُٽايون.

هي ننڊ نڀاڳي آ، نڀاڳن جو ئي ورثو،

نيڻن ۾ ڏئي ڇڏيون فقط جاڳ کي جايون.

طوفان جي تيزي ڏسي، گهٻرائو ناهي،

لهرن سان لڙي پار پنهنجي ناوَ پُڄايون.

سوڀارو ڪيون سچ کي سڀئي سانگ سهائي،

منصور ۽ سرمد جي وري رسم نڀايون.

 

 

 

 

آصف مٺياڻوي

 

محبن جي مرڪڻ جون ڳالهيون،

گيتن جي سرجڻ جون ڳالهيون.

ڏاڍيون وڻنديون آهن سائين، رٺلن جي پرچڻ جون ڳالهيون.

ڳچ سي ڳاري وجهنديون آهن، گلڙن جي مرجھڻ جون ڳالهيون.

ڪاري گهگهه انڌيري ۾ ڄڻ، تارن جي ٽمڪڻ جون ڳالهيون.

فنڪارن پئي ڳايون ويٺي، اکين جي اٽڪڻ جون ڳالهيون.

ٻهراڙيءَ جي ٻارن ٻوليون، بادل جي برسڻ جون ڳالهيون.

مون ٿي ٻُڌيون ماروئڙن کان، ڪانهن جي نسرڻ جون ڳالهيون.

آصف کان جڳ روز ٻڌيون ٿي،

تنهنجي ئي ترسڻ جون ڳالهيون.

 

وسيم

 

آئون! ڪنهن پل ايندس!

خوشبو بڻجي کيتن جي.

نيري اُڀ جي تارن جهڙي، جوت ونڊيندو ويندس.

آس اُساٽيل، لُڙڪ لڙاٽيل، نيڻن جا سڀ نيندس.

گيتن ۾ ڪئين رنگ گلن جا، ڏيهي آڻي ڏيندس.

پگهر ڦڙن ۾ پورهيت وهنجي، جنهن لئه ٿاڌل ٿيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com