سنڌي زبان جي ممتاز روشن ضمير صوفي شاعر
فقير نواب ولي محمد خان لغاري جا هٿ اکر
[ٿلهه: ”اهو عشق دا بار وي، تون سمجهه سمجهه سر
چاوين“ ــــ سرائڪي ڪافي
قُرَان ڪَرِيم جُون مُقَدس آيَتُون ۽ نَبِي ڪَرِيم صه جُون
حَدِيثُون توَهَان جَي دِيني مَعلُومَات
۾ اِضافَي ۽ تَبلِيغ لاءِ شَايَع ڪَيُون وَڃَن
ٿِيُون. اُنَهن جَو اِحتَرام توهَان جَو فَرض
آهَي. اُن ڪَرَي جِنِ صُفحَن تَي اُهَي آيتُون
هُجَن، تِن کي صَحِيح اِسلامِي طَرِيقَي مُطَابِق
بَيحرمَتي کان مَحفُوظ رَکيوَ وَڃَي.
وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾
سنڌ جو روشن ضمير فلسفي ۽ عالم
حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ
ولادت: 1886ع
وفات: 1968ع
سنڌ جي سپوت علامه امداد علي قاضي رحه
جي ولادت باسعادت جي
سؤ ساله موقعي جي مناسبت
سان خصوصي مقالو.
علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ
هڪ عجيب
شخصيت ۽ عظيم مفڪر
پروفيسر علي نواز جتوئي
علامه آءِ. آءِ قاضي جن جو سڄو نالو امداد علي ولد امام علي
قاضي هو. سندن ولادت حيدرآباد شهر ۾ سن 1886ع ۾
ٿي. ڪن جو رايو آهي ته سندن ولادت سن 1889ع ۾ ٿي.
سندن وڏا انصاري خاندان مان هئا، جي اصل دادو ضلع
جي پاٽ شهر جا رهاڪو هئا. پراڻي زماني کان وٺي پاٽ
جو شهر عالمن ۽ اوليائن کان مشهور آهي. علامه صاحب
جن جو والد ميان امام علي قاضي روينيو کاتي ۾
سرڪاري نوڪري سبب پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي
رهيو، جتي سيٺ محمد حافظ جي گهران شادي ڪيائين.
علامه قاضي صاحب جن جي ولادت اتان ٿي.
قاضي صاحٻ جن جو خاندان علمي فضيلت جو علمبردار هو، تنهنڪري
قاضي صاحب جن جي تربيت به عمدي نموني ۾ ٿي. سندن
تعليم لاءِ کين اسڪول ۾ داخل ته ڪيو ويو پر پنهنجي
جاءِ تي کين آخوند عبدالعزيز نالي هڪ فضيلت ڀرئي
شخص جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کان سنڌي، فارسي، علم
رياضي، جاگرافي، قرآن پڙهڻ ۽ فقهه جا ابتدائي سبق
پڙهيائون. قاضي صاحب جن پنهنجي ابتدائي استاد
آخوند صاحب جي فضيلت کي ڏاڍو ساراهيندا هئا ۽
چوندا هئا ته اسان گهڻو ڪري سندن نگراني هيٺ هوندا
هئاسون، بعد ۾ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿياسون، تڏهن ته
آخوند صاحب ڇڏي ايندو ۽ اتان وٺي ايندو هو، پوءِ
اوطاق تي سارو وقت سندن نظر ۽ تربيت هيٺ رهبو هو.
قاضي صاحب جن کي ننڍپڻ ۾ ئي روزي نماز جو پابند ڪيو ويو ۽
يارنهن ورهين جي عمر ۾ کين روحاني تعليم خاطر
نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کين باقاعدي ذڪر
خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو. اهو مراقبو ۽ ذڪر
روزانو ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مون
کانئن پڇيو ته سائين، مراقبي ۾ اوهان کي ڇا ڏسڻ ۾
ايندو هو. جواب ۾ فرمايائون: وليم جيمس
(William James)
پنهنجي ڪتاب
“Varieties of Religious Experiences”
۾ جيڪي لکيو آهي، اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. پاڻ
فرمائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه
ڪيا وڃن. اِها اُها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا
۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي
تعمير تڪميل تي نه پهتي آهي تيستائين مراقبا ڪرڻ
مفيد نه آهن. خودي جي تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي
ضرورت آهي. ”موتوا قبل ان تموتوا“ جي صحيح مهل ان
وقت شروع ٿئي ٿي. دنيا جو ڪوبه فيلسوف يا نبي اهڙو
ڪونه ٿي گذريو آهي جنهن ڪجھ وقت لاءِ دنيا کان الڳ
ٿلڳ ٿي مراقبن جو منزلون طئي نه ڪيون آهن. علامه
صاحب جن اهي مراقبن جون منزلون پوءِ وڏي هوندي طئي
ڪيون، جڏهن سڀني علومن کي پڙهي، انهن جي اصولن کان
باخبر ٿيا. مون کي ڪيترائي دفعا فرمايائون ته:
”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو
آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني
مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي؛ فطرت ائين ڪرڻ
نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري
دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن
اهي پاڻيهي ظاهري دنيا کان منهن موڙينديون ۽ بند
ٿينديون.“
فطرت جي انهيءَ اصول موجب جناب قاضي صاحب جن جا ننڍپڻ جا مراقبا
بند ٿي ويا ۽ ظاهري علم کي لڳي ويا. مئٽرڪ پاس ڪرڻ
کان پوءِ وري اچي قاضي صاحب جن کي ويراڳ لڳو، سو
ڀڄي وڃي جوڳين سان مليا، جن سان اٽڪل ڇهه مهينا
گذاريائون، مگر پوءِ وري اچي پڙهڻ کي لڳا. هيءَ
خبر علامه صاحب جن پاڻ مون کي ٻڌائي. ستت ئي بي.
اي. ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه هليا ويا. پهرئين سال ۾
جيڪي ڪتاب درسي طور رکيل هئا، سي سندن اڳئي ميٽرڪ
پاس ڪرڻ کان اڳ پڙهيل هئا، سو سمجهيائون ته علم
حاصل ڪرڻ جي بجاءِ وقت ضايع ٿيندو. وقت جي ضايع
ٿيڻ جو احساس قاضي صاحب جن کي ان وقت کان ئي هو.
اهو احساس بيدار زندگي جي اهم نشاني آهي، سو قاضي
صاحب جن علي ڳڙهه ڇڏي ولايت هليا ويا ۽ مختلف
علومن ۾ داخلائون ورتائون. مون کي ٻڌايائون ته:
”مختلف علومن ۾ داخلائون ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه
ورتيم، مگر حق کي ڳولڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ
ورتم. فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم،
تنهنڪري بئريسٽري ڪيم. انهيءَ وقت به کين روحاني
بي چيني رهندي هئي. فرمايائون ته انهيءَ بي چيني
جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ ديوان حافظ مان فال ڪڍيم ۽
هيءَ سٽ نڪتي:
ما مريدانِ، خدائيم، خدا تهبت ما است
بس، ان وقت کان وٺي پنهنجي رب جو در نه ڇڏيم ۽ اُن کان ئي رهبري
پنندو رهيس. الله تعاليٰ منهنجي رهبري ڪندو رهيو.
قرآن پاڪ کي ٻنهي هٿن سان چنبڙي پيس ۽ ان جي
احڪامن تي سختيءَ سان پابند ٿيڻ لڳس. نماز پنجن ئي
وقتن تي باقاعدي پڙهندو هوس، ايتريقدر جو ڪنهن وقت
کي نه گسائڻ خاطر هڪ گني خرچ ڪري به وقت تي گهر
اچي نماز پڙهندو هوس.“ اتي مون پڇيومانس ته:
”سائين، اڄڪلهه اسين توهان کي سانجهيءَ جي نماز
پڙهندي ڪونه ٿا ڏسون.“ فرمايائون ته: ”ابا، هاڻي
ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پڙهندو آهيان ۽ سانجهي ۽
سومهڻي جي نماز به گڏي پڙهندو آهيان، پر اهڙن وقتن
تي جڏهن هڪ نماز جو آخرين وقت هوندو آهي ۽ ٻيءَ
نماز جو اول وقت. اسان جي فقيهن جو ان ڳالهه تي
اتفاق آهي ۽ آءٌ به ذاتي طرح سان انهيءَ نتيجي تي
پهتس ته ائين ڪري سگهجي ٿو.“
علم ۾ ترقي خاطر فرمايائون ته جذبي سان آءٌ ’رب زدني علما‘ دعا
۾ پڙهندو هوس، ڇو ته خود خدا تعاليٰ اها دعا
پنهنجي رسولﷺ جن کي سيکاري. هر مسلمان کي اها دعا
پنڻ گهرجي ته علم ۾ ترقي ڪري. مطلب ته قاضي صاحب
جن ذاتي جدوجهد سان گڏ دعائن جي ذريعي رب پاڪ کان
توفيق به حاصل ڪندا رهيا. لنڊن ۾ جن پروفيسرن کان
تعليم هاصل ڪيائون، تن مان اڪثر ڊاڪٽر هابهائوس
(Dr. Hobhouse) ۽ ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ
(Dr. Thomas Arnold)
جو نالو دهرائيندا هئا. ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ وٽ
علامه اقبال مرحوم به تعليم وٺندو هو. علامه اقبال
مرحوم لاءِ هڪ دفعي چيائون ته اقبال جڏهن لنڊن آيو
ته ابتدا ۾ ڇڙواڳ هو مگر پوءِ مثنوي جو مٿس ايترو
ته اثر ٿيو جو بلڪل بدلجي ويو ۽ نهايت نيڪ شخص ٿي
پيو. قاضي صاحب لنڊن ۾ هڪ مصري استاد شيخ گوما کان
عربيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ اسلام جي باري ۾ ساڻس خيالن
جي ڏي- وٺ به ڪئي. ان باري ۾ هڪ دفعي چيائون ته
چننچ گوماهن چوڻ کان بالاخر رهي نه سگهيو. ”قاضي
صاحب مون کان عربي سکي ۽ آءٌ کانئس اسلام سکيس.“
اسلام سکڻ ۾ قاضي صاحب جن ڪنهن به انساني استاد
کان مدد ڪانه ورتي. اها مدد موليٰ پاڪ کان ئي
گهرندا رهيا.
سن 1921ع ۾ قاضي صاحب جن واپس سنڌ آيا. ولايت ۾ سندن شادي هڪ
جرمن خاتون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي اسان
علامه صاحب جا شاگرد مدر
(Mother)
ڪري سڏيندا هئاسون. اِها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون
هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي فرمايائون ته ”هن مون کي
بنايو ۽ مون هن کي بنايو.“ ٻئي هڪ طبيعت هئا، فرق
فقط هيءُ هو ته مدر لطيف فنن جي مالڪياڻي هئي ۽
قاضي صاحب جن ’علامه‘ هئا. مدر، قاضي صاحب جن کان
پري گهڻو وقت رهي نه سگهندي هئي. لاچار ڊيوٽيءَ
وارو وقت سندن دوري برداشت ڪندي هئي. شل نه علامه
صاحب جن جي طبيعت ٿورڙو به ناساز ٿئي، پوءِ ڪنهن
کي به علامه صاحب جن سان ملڻ نه ڏيندي هئي.
چاڪائيءَ ۾ به کين گهڻو ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي ۽
اسان کي چوندي هئي ته توهان به ڳالهايو ته کين
ڳالهائڻ کان وقفو ملي.
سنڌ ۾ واپس ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ وقت ٽنڊي محمد خان ۾ ۽ ڪجھ وقت
خيرپور رياست ۾ جج ٿي رهيا، جتان دستبردار ٿيا. ان
جو سبب مون کي هيءُ ٻڌايائون ته هڪ ڪيس ۾
هزهائينيس مير علي نواز خان جو ڪو ماڻهو ڦاٿل هو،
جنهن جي باري ۾ اڻسڌيءَ طرح مير صاحب منهنجي ڪنن
تي ڪنهن جي معرفت سفارش جهڙي ڳالهه آندي، جا مون
کان برداشت نه ٿي ۽ هڪدم استعيفا ڏنم. مير صاحب کي
ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ مون کي دوستن کان چوارايائين،
خود به چيائين ته استعيفا واپس وٺان مگر مون نه
مڃيو. مون بيجا بالادستي ۽ اصولن جي پائمالي کي
ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي. رب تعاليٰ جي غلامي
کان پوءِ ٻئي جي غلامي قبول ڪرڻ شرڪ آهي. قاضي
صاحب جن مير صاحب مرحوم جن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا
۽ چوندا هئا ته مروت ۽ فضيلت جو صاحب هو ۽ خانداني
شرافت جو مجسمو.
مٿين استعيفا کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا، جتي
علمي، ادبي، درسي ۽ تبليغي مشغوليون اختيار
ڪيائون. 1924ع ۾ کين انگلنڊ جي پوئٽري سوسائٽي
(Poetry Society)
جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1929ع ۾ فلاسافيڪل
سوسائٽي جو تاحيات ميمبر ڪيو ويو. ستت ئي سنڌ ۾
آيا ۽ اچي وڪالت شروع ڪيائون، مگر اهو ڌنڌو کين نه
وڻيو ۽ عمر ڀر لاءِ ڇڏي ڏنائون. ڪيسن کي ٺاهڻ لاءِ
سچ سان گڏ ڪوڙ جي ملاوت ڪرڻ سندن طبيعت ۽ ديني
جذبي برداشت نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته مومن
اهو ڌنڌو اختيار ڪري نٿو سگهي. اهوئي سبب آهي جو
اي. ڪي. بروهي کي انهيءَ ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان منع
ڪئي هئائون. مسٽر بروهي کي جڏهن سنڌ مدرسي ۾
ماستري ڪرڻ لاءِ ٻه سئو رپيا تنخواه نه ڏني ويئي ۽
ان جي بجاءِ هڪ سئو پنجاهه رپيا ان وقت جي تعليم
جي وزير کيس ڏيڻا ڪيا، تڏهن لاچار وڃي وڪالت
ڪيائين ۽ علامه صاحب جن کي عرض ڪيائين ته ”فادر!
(ابا جان)، قدرت مون کي ٽيچر (استاد) ٿيڻ نٿي ڏئي
۽ وڪيل ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.“ پوءِ قاضي صاحب جن
به کڻي ماٺ ڪئي. قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي جو مستر
بروهي کي الله تعاليٰ وڪالت ۾ اهڙو ته بلند مقام
عطا ڪيو آهي، جو کيس ڪيسن ۾ ڪوڙ جي سهاري جي ضرورت
ئي نه رهي آهي. ”جهڙي نيت تهڙي مراد حاصل.“
وڪالت کي ترڪ ڪرڻ کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا ۽
اُتي وڃي تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيائون، ايسٽ اينڊ
لنڊن ۾ مسجد قائم ڪيائون ۽ ان کي ئي تبليغ جو مرڪز
بنايائون. ان ڪم ۾ جيڪي مسلمان ساڻن شامل ٿيا تن
کي جماعت جي صورت ڏيئي، ان تي ”جمعيت المسلمين“
نالو رکيائين. سندن تبليغ نوجوان مسلمان شاگردن کي
بيدار ڪيو، جن مان گهڻا مصري ۽ هندستاني هئا. ان
وقت جي مصري حڪومت سندن تبليغي خدمتن جو اعتراف
ڪيو ۽ کين مالي امداد جي آڇ به ڪئي، جا پاڻ رد
ڪيائون. اِها ڳالهه قاضي صاحب جن پاڻ مون سان ڪئي
هئي. سندن طبيعت نهايت خوددار هئي، ان ڪري ٻين جي
امداد کان هميشه بي نياز رهندي هئي. ان باري ۾ پاڻ
نهايت متوڪل هئا. روزگار جي ڳڻتيءَ به ڪڏهن کين
بيچين ڪونه ڪيو. حلال جي ڪمائيءَ کي ديني فرض
سمجهندا هئا ۽ فضول خرچيءَ کي ديني ڏوهه. حلال جي
ڪمائيءَ خاطر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ بئنڪ جي نوڪري
به ڪندا هئا. هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته انهيءَ
نوڪريءَ خاطر اڪائونٽنسي ۽ مئنيجري ۾ وڏو امتحان
اعزاز سان پاس ڪيم. مگر سندن طبيعت جو لاڙو
مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ڏانهن هو. تعليم ۽ تبليغ
اِهي سندن محبوب مشغلا هئا. فرمائيندا هئا ته
رسولِ خداﷺ جي فرمودي موجب فقط ٻن قسمن جا ماڻهو
ڪارآمد آهن: هڪڙا معلم يعني استاد ۽ ٻيا متعلم
يعني شاگرد، باقي ٻيا خس و خاشاڪ آهن.
تبليغ جي سلسلي ۾ قاضي صاحب جن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي
“Adventures of the Brown Girl in Her Search for God” يعني ”خدا جي تلاش ۾ ڀُوري ڇوڪريءَ جون مهمات“. ان ڪتاب ولايت
۾ خواهه هِت قاضي صاحب جن جو نالو پيدا ڪيو. قاضي
صاحب جن اهو ڪتاب برنارڊشا جي ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾
ڪاري ڇوڪريءَ جون مهمات“ جي جواب ۾ لکيو. برنارڊشا
جي ڪتاب کان اڳ اهڙي قسم جو ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾
اڇي ڇوڪريءَ جون مهمات“ اڳي ئي ڇپجي چڪو هو.
برنارڊشا پنهنجي ڪتاب ۾ سڀني مذهبن تي سخت تنقيد
ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکاريو هئائين ڪيئن ڪاري ڇوڪريءَ
سڀني مذهبن کي بيڪار پائي آخرڪار سوشلزم اختيار
ڪئي. قاضي صاحب جن هن ڳالهه کي ثابت ڪيو ته ڪيئن
دين انسان جي فطري تقاضا ۽ ترقي لاءِ لازمي پئي
رهيو آهي ۽ انساني ارتقا مطابق دين به ارتقا ڪئي
آهي، تان جو رسولﷺ جن جي وقت ۾ ڪامل ٿيو. قاضي
صاحب ان ڳالهه کي به ثابت ڪيو ته ڪيئن يوروپي ۽
عالمي بيداري اسلامي تعليمات کان متاثر ٿي آهي
وغيره. حقيقت هن ريت آهي ته جيڪڏهن اسان جو نوجوان
طبقو انهيءَ ڪتاب کي سمجهي هضم ڪري وٺي ته انسان
ذات جو رهبر ٿي سگهي ٿو.
سنه 1937ع ۾ قاضي صاحب جن وري واپس سنڌ ۾ آيا، جڏهن مون ڊي. جي.
سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي. جي پهرئين سال ۾ داخلا ورتي.
ان وقت ۾ اسان مسلمان شاگردن لاءِ ايل. ڊبليو.
مسلم هاسٽل هئي، جنهن کي هاڻي جناح ڪورٽس سڏين ٿا.
ان هاسٽل ۾ هڪ ننڍڙي مسجد آهي جنهن ۾ اسان نماز
پڙهندا هئاسون. مون کي چِٽي يادگيري آهي ته هاسٽل
جو ماحول ڏاڍو سٺو هوندو هو ۽ ان ۾ رهندي مون کي
ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ان وقت ۾ هاسٽل جي وچئين هال
۾ تقريرون ۽ جلسا ٿيندا هئا. هاسٽل ۾ جيڪي شاگرد
رهندا هئا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن: مسٽر اي.
ڪي. بروهي، قاضي فيض محمد، قاضي احمد محمد، حمزو
خان قريشي، عبدالرحيم ميمڻ، الله داد خان شجر،
غلام مصطفى شاهه، منڱڻ خان ٽالپر، مسٽر فضل الاهي
انصاري، شير محمد بلوچ، مخدوم عبالوالي وغيره،
منهنجا جيڪي هم ڪلاسي هئا تن مان ڪن جا نالا هي
آهن: سيد قطب علي شاه، شفيع محمد ميمڻ، محمد اشرف
ميمڻ، گل محمد شيخ، حافظ گل محمد، علي محمد سمون،
شمس الدين شاه وغيره. پڙهائيءَ جي ٻئي ٽرم ۾ هڪ
ڏينهن هاسٽل ۾ ڏاڍي چوپچو ٿي ته اسلام جو وڏو
اسڪالر لنڊن کان آيو آهي، سنڌي آهي، اصل پاٽ جو
ويٺل آهي؛ اهو ايندڙ جمعي تي مسجد ۾ نماز
پڙهائيندو؛ سندس گهر واري جرمن منڊم آهي. آءٌ تصوف
جو دلدادو هوس ۽ نقشبندي سلسلي ۾ داخل هوس، حضررت
خواجه محمد حسن جان جن جو مريد هوس. جڏهن جمعي جو
ڏينهن آيو ۽ منجهند ٿي ته ڏٺم ته شهر جا ڪيترائي
معزز ماڻهو موٽرن تي چڙهي نماز پڙهڻ آيا. مان تعجب
۾ پئجي ويس، ساري مسجد ڀرجي ويئي. جڏهن قاضي صاحب
جن آيا ته اول ٿورو وقت مراقبي ۾ ويهي پوءِ سنت
پڙهيائون ان بعد وري مراقبي واري حالت ۾ويهي
رهيا. اهو ڏسي آءٌ ڏاڍو متاثر ٿيس. ان کان پوءِ
آچر جي ڏينهن به قاضي صاحب جن جي گهر ميٽنگ ٿي،
جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، جن کي
پاڻ خطاب فرمايائون. ان وقت کان وٺي قاضي صاحب جن
سان منهنجوگهاٽو رابطو رهيو.
انهيءَ زماني ۾ هڪ دفعي مون خلاصگي ۾ کين عرض ڪيو ته: ”سائين،
قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته ذڪر ڪرڻ سان قلب کي
اطمينان حاصل ٿئي ٿو، مگر مون کي حاصل نٿو ٿئي، سو
ڇو؟“ فرمايائون ته: ”ابا، قلب جو ڪم ئي آهي خدا
تعاليٰ کي ياد ڪرڻ. اسان قلب کي ذڪر ته ڪرايون ٿا،
مگر حواس ۽ عضوا جيڪي قلب جا نوڪر آهن، سي گناهه
جا ڪم ڪن ٿا، اکيون بُري نظر رکن ٿيون، زبان گلا
غيبت ڪري ٿي ۽ گار گند ڪڍي ٿي، ڪَنَ بريون ڳالهيون
ٻڌن ٿا، دماغ بريون ڳالهيون سوچي ٿو. پوءِ اهڙيءَ
حالت ۾ قلب کي اطمينان ڪٿان حاصل ٿيندو؟ قلب ۽
قالب جي وچ ۾ موافقت آهي ئي ڪانه، جيستائين ٻنهي
جي وچ ۾ موافقت نه ٿيندي ۽ ٺاهه نه ٿيندو تيستائين
اطمينان حاصل نه ٿيندو. پنهنجن ڪمن تي نظر ڌرجي ته
بدن جا عضوا خدا تعاليٰ جو ڪم ڪن ٿا يا نه. اهي
خدا تعاليٰ جي حڪمن تي هلندا ته پوءِ خود بخود قلب
خدا تعاليٰ جو ذڪر ڪندو ۽ ان مان مزو ماڻيندو.“ ان
بعد قاضي صاحب جن مون کي هدايت ڪئي ته هر رات ڪجھ
وقت لاءِ تارن ۽ آسمان کي ڏسان، روزانو باغيچي ۾
وڃي گل ٻوٽا ڏسي عبرت وٺان ۽ هر شيءِ کي ڏسي قادر
جي قدرت کي ڌيان ۾ ڌريان. مون ائين ڪرڻ شروع ڪيو
ته ٿوري ئي عرصي اندر قلبي اطمينان محسوس ڪرڻ لڳس.
ستت ئي ساليانو امتحان ٿيو، جنهن بعد ڳوٺ هليو
آيس. ٻئي سال منهنجو جهونا ڳڙهه وڃڻ ٿيو، تنهنڪري
قاضي صاحب جن کان منهنجو رهڻ دور ٿيو، مگر خطن
ذريعي رابطو رهندو آيو ۽ جڏهن جڏهن به ڪراچيءَ وڃي
رهڻ جو موقعو ملندو هوم تڏهن سندن خدمت ۾ ويندو
هوس ۽ کانئن مستفيض ٿيندو هوس.
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ علامه قاضي صاحب جن
وري ولايت ويا جتي به ساڻن خط و ڪتابت ٿيندي رهي.
انهيءَ وچ ۾ مون سندن خدمت ۾ عرض لکي موڪليو ته
زندگي جي حقيقت بابت آءٌ سوال عرض رکندو رهان ۽
پاڻ ان جو جواب سنڌيءَ ۾ ڏيندا رهن، جيئن بعد ۾
اُهي خط ڪتابي صورت وٺن. پاڻ اها تجويز قبول
فرمايائون ۽ سلسلو جاري ٿيو. اهڙي سلسلي جي پهرئين
خط جي جواب ۾ جيڪي لکيائون سو هيٺين ريت آهي: |