سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :8

زيب سنڌي

مون کي مون پرين...

مان هن بلڊنگ جي پنجين ماڙ تي ٻن ڪمرن جي هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ اڪيلو رهندو آهيان. نوڪري ڪندو آهيان، ماني کائيندو آهيان، اخبار پڙهندو آهيان، بي مقصد رستن تي رُلي سگريٽن جا پاڪيٽ ڦوڪيندو آهيان ۽ ننڊ ڪندو آهيان. بس، ٻي ڪا مصروفيت ڪانهي. ڇهه سئو کن پگهار اٿم. جيئن ته مان هتي ڇڙوڇانڊ آهيان، ان ڪري انهن پئسن مان سٺو گذر سفر ٿي ويندو اٿم. صاف سٿرا ڪپڙا پائيندو آهيان، روزانو شيوَ ڪندو آهيان، ۽ وارن کي خوبصورت نموني سيٽ ڪندو آهيان. ڪنهن فلم جو هِيرو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سائيڊ هيرو ضرور لڳندو آهيان.

هن بلڊنگ جي پنجين ماڙ تي ٽي فليٽ ٻيا به آهن. هڪ منهنجي فليٽ سان لڳ، ٻه سامهان. منهنجي ڀرسان واري فليٽ ۾ جيڪو شخص رهندو آهي، ان جي عمر چاليهه سال کن آهي ۽ سندس نالو مجيد آهي. سندس زال جي عمر پنجٽيهه سال هوندي. سندن شادي پڪي عمر ۾ ٿي هئي، جنهنڪري في الحال کين ٻه ننڍڙا ٻار آهن. سندن ستن سالن جي ڌيءُ ڪنهن اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندي آهي. سندن پٽ جي عمر فقط ڏيڍ سال آهي، ۽ اهو کير پياڪ آهي. مسٽر مجيد ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ اڪائونٽنٽ آهي. اڪثر آفيس کان دير سان موٽندو آهي، ۽ مهيني جا پويان ٻه – ٽي ڏينهن ته غريب سان ويل هوندو آهي. پوين ڏينهن ۾ آفيس کان جو موٽندو آ ته رات جا يارهن لڳي ويندا اٿس. انهيءَ وچ ۾ سندس زال گهر ۾ اڪيلي هوندي آهي.

منهنجي سامهون واري فليٽ ۾ هڪ ڪاٺياواڙي واپاري رهندو آهي. سندس عمر پنجاهه سال کن ٿيندي، ۽ شهر ۾ کيس ڪپڙي جو هڪ ننڍڙو دڪان آهي. سندس پورو نالو ته الائجي ڇا آهي، پر سڀ کيس نور ڀائي چوندا آهن. ان ڪري سندس زال کي به عادت پئجي ويئي آ کيس نورڀائي ڪرڻ سڏڻ جي! سندس بي ڊولي زال رضيا جي عمر چاليهه سال کن ٿيندي، ۽ کين ڪوبه اولاد ڪونهي. هو ٻئي اڪيلا رهندا آهن. نورڀائي صبح سان جو دڪان تي ويندو آ ته رات جو نوين وڳي موٽندو آ. ان وچ ۾ سندس چاليهن سالن جي بي ڊولي زال گهر ۾ اڪيلي هوندي آ.

ڪاٺياواڙيءَ جي فليٽ سان لڳ جيڪو فليٽ آ ان ۾ مسٽر شيرازي پنهنجي زال ۽ ٻن نوجوان ڌيئرن سان گڏ رهندو آهي. شيرازيءَ جي عمر پڻ پنجاهه سال کن ٿيندي ۽ هو ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندو آهي. سندس هڪ ڌيءَ شهر جي ڪنهن ڪاليج ۾ انٽر جي شاگردياڻي آهي، ۽ ٻي يونيورسٽيءَ ۾ ايم-اي جي آخري سال ۾ اٿس. شيرازي ڏاڍو قربائتو ماڻهو آهي. سندس زال ۽ ڌيئر پڻ سٺي طبيعت جون مالڪ آهن. خاص ڪري سندس وڏي ڌيءَ فرزانه، جنهن جي عمر پنجويهه سال کن آهي، ۽ جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ ايم-اي جي آخري سال ۾ آهي.

مان پنهنجي ننڍڙي شهر کان ناراض ٿي اچي هن وڏي شهر ۾ آيو آهيان. توهان يقيناَ مرڪي پيا هوندا ته مان شهر کان ڪيئن ناراض ٿي آيو آهيان، ناراض ته ماڻهن کان ٿبو آهي. ها، اهو ٺيڪ آهي، ته مان ماڻهن کان ناراض ٿي آيو آهيان، پر ايترو وڌيڪ ناراض ٿي آيو آهيان جو لڳيم ٿو ڄڻ شهر کان ئي ناراض ٿي آيو آهيان. توهان مهرباني ڪري مونکي نفسياتي مريض نه سمجهجو... پهرين توهان چڱيءَ طرح منهنجي ڳالهه ٻڌو، پوءِ مون تي پنهنجي مرضيءَ جي فتوا ڏئي ڇڏجو.. هاڻ ڏسو نه، جنهن شهر ۾ مان گهمي کيڏي جوان ٿيس اهو ئي منهنجو دشمن بنجي ويو! جنهن شهر جي گهٽين ۾ ننڍپڻ ۾ منهنجا ٽهڪ گونجندا هئا، ان ئي شهر مان، جڏهن مان جوان ٿيس ته مونکي ايترا دک مليا جو جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي توهان هجو ها ته پڪ ئي پڪ هن مهل تائين خودڪشي ڪري چڪا هجو ها. اصل ۾ ٿيو هيئن جو جڏهن مون بي-اي پاس ڪري ايل-ايل-بي جي پهرين سال م داخلا ورتي هئي، تڏهن وڏن پنهنجي مرضيءَ ۽ پسند سان منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي هئي. وري ٻي مصيبت اها ٿي جو هفتي-ٻن کان پوءِ ئي گهر ۾ سَسُ- نُنهن واري ڦشري شروع ٿي وئي! ان ڪري مون بهتر سمجهيو ته الڳ گهر ٺاهيان، سو مون پڙهائي ڇڏي وڃي ڪلارڪي ڪئي، ۽ زال کي وٺي وڃي هڪ ننڍڙي جاءِ ۾ الڳ رهيس. وڏا ناراض ٿي ويا، پر سوچيم، نيٺ به پنهنجو گهر ٺاهڻو آهي، سو مون وڏن جي پرواهه نه ڪئي. پر منهنجي زال به ڪا وڏي خبيث عورت هئي. پيٽ ۾ ته اصل ڪابه ڳالهه رکي نه سگهندي هئي، ٿوري ٿوري ڳالهه وڃي ماءُ کي ٻڌائيندي هئي. نتيجي طور هڪ ڏينهن جوماءُ جي گهر ويئي ته بجاءِ هڪ ڏينهن جي ٽن ڏينهن کان پوءِ جو مان کيس وٺڻ ويس ته سندس ماءُ پيءُ ڄڻ مون تي ڦوڪيا ويٺا هئا. ان ڪري موڪل ته نه ملي، پر منهنجي عزت لاهي مون کي هٿ ۾ ضرور ڏنائون.

اها سڄي مصيبت مون تي فقط ڇهن مهينن اندر ڪڙڪي هئي، پر پوءِ به مان پنهنجو گهر برباد ٿيڻ کان بچائڻ خاطر کين ٽن سالن تائين ايلاز ڪندو رهيس، لڳاتار معافيون وٺندو رهيس، پر نتيجي ۾ هر دفعي پهرين کان وڌيڪ ذليل ٿيڻو پيو. مان پنهنجي ماءُ پيءُ کي ته اڳي ئي ناراض ڪري چڪو هوس، سو هاڻ ته مان نه رهيس گهر جو ۽ نه گهاٽ جو... بس اٺين پندرهين ڏينهن ساهرن ۾ زال سان هڪ رات گهاري موٽي ايندو هوس. اهي ٽي سال ڪيڏي پيڙا ڀوڳيندي، تنهائيءَ جا ڏنگ سهندي گذاريم، اهوته ڪنهن ”اصل وڏي قصي“ کان به وڏو قصو آهي... ان وچ ۾ منهنجي زال هڪ ڌيءَ جي ماءُ به بنجي وئي. بهرحال مجبور ٿي پوءِ گهر به ڇڏيم ته گهاٽ به ۽ پنهنجي شهر کان گهڻو دور، وڏين وڏين عمارتن جي هن شهر ۾ اچي رهيو آهيان. مون کي هتي آئي ڇهه مهينا کن ٿيا آهن ۽ مهيني ٻن کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي اباڻي شهر هليو ويندو آهيان. هاڻ ته منهنجي بيبي به ٻن سالن جي اچي ٿي آهي، پر اها به منهنجي زال، جنهن کان مون کي فقط نفرتون ئي مليون آهن، ان جي ڪري مون کان دور ۽ منهنجي پيار کان محروم آهي.. ۽ هتي مون پاڻ کي ڪنوارو سڏائي پنهنجي در گهٽنا تي پردو وجهي ڇڏيو آهي!

جڏهن مان نئون نئون اچي هت رهيو هوس، تڏهن هڪ دفعي شيرازي مونکي سڏي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي ويو هو. چانهه پياري هئائين ۽ هاڏينهن هيڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو هو. اتي ئي منهنجو سندس ڌيئرن ۽ سندس زال سان تعارف ٿيو هو. جڏهن کانئن موڪلائي اٿي رهيو هوس، تڏهن شيرازي مرڪندي چيو هو، ”پٽ، ڪڏهن به ڪو ڪم ڪار هجي ته پنهنجوگهر سمجهي هليو اچجانءِ“ ۽ مان مُرڪي سندن ٿورو مڃي هليو ويو هوس. انهيءَ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مان هنن ڏي ويندو هوس. ڪڏهن ٽي.ويءَ تي ڪو ڊرامو ڏسڻ ته ڪڏهن ائين ئي ساڻن ڪچهري ڪرڻ. هو پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن منهنجي فليٽ ۾ هليا ايندا هئا. مان سندن ٻي ته ڪا خدمت ڪري نه سگهندو هوس، پر جيڪڏهن ڪو بسڪيٽن جو پاڪيٽ پيو هوندو هو ته کولي سندن سامهون رکندو هوس.

هڪ دفعي ڌوٻيءَ ڪپڙا ڏيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن جي دير ڪئي. رهيا سهيا ڪپڙا به ميرا ٿي ويا ۽ ٻئي ڏينهن آفيس پائي وڃڻ لاءِ ڪابه شرٽ ڌوتل ڪانه هئي، ان ڪري رات جو پاڻ ئي هڪ شرٽ ڌوئي رکي ڇڏيم. صبح سان استريءَ لاءِ وڃي شيرازيءَ جو در کڙڪايم. فرزانه اچي دَر کوليو.

فرزانه کان استري گهريم ته مُرڪي پئي. چيائين، ”ڇو ڀلا هاڻ پاڻ ڪپڙا ڌوئڻ شروع ڪيا اَٿو!“

”نه فرزانه.“ چيم، ”اصل ۾ ڌوٻيءَ لاهه ڪڍي وڌا آهن. هفتي کان ڪپڙا نه ڏئي ويو آ. مجبوراً رات پاڻ ئي شرٽ ڌوتم..“

”چڱو شرٽ آڻي ڏيو، مان ٿي استري ڪري ڏيانوَ.“ فرزانه چيو.

”نه مهرباني!“ چيم، ”بس توهان ڇڙو استري آڻي ڏيو.“

”چڱو توهان هلو.“ فرزانه چيو، ”مان استري کڻي ٿي اچان.“

مان خاموشيءَ سان پنهنجي فليٽ ۾ هليو آيس. ٿوري دير ۾ فرزانه استري کڻي اچي اندر پهتي. مون کانئس استري وٺڻ لاءِ هٿ وڌايو، پر هن انڪار واري انداز ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”مان پاڻ ٿي استري ڪيان.“ ۽ ٽيبل تي رکيل شرٽ ڏانهن وڌي وئي.

مان پينٽ ۽ گنجيءَ ۾ سندس سامهون، ٿورو پرڀرو، سگريٽ دکائي دريءَ ڀرسان بيهي رهيس ۽ هيٺ رستي ڏانهن ڏسڻ لڳس.

فرزانه شرٽ استري ڪري کڻي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. کانئس شرٽ وٺڻ لاءِ هٿ وڌايم ته مرڪي، شرٽ ٻنهي هٿن ۾ ويڪري جهلي مون ڏانهن وڌايائين. مان سندس موهيندڙ مرڪ سبب انڪار ڪري نه سگهيس ۽ پُٺي ڏئي شرٽ پهرڻ ۾ کانئس مدد ورتم. شرٽ ۾ ٻانهون وجهي پنهنجي جسم تي ٺيڪ ڪيم ته هوءَ اڳيان ڦري آئي ۽ شرٽ جا بٽڻ بند ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس ايڏي قرب سبب منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، منهنجا سڪل ڦٽ اُڊڙي پيا. سوچيم، ”جيڪر منهنجي زال به ڪا اهڙي قربائتي ڇوڪري هجي ها... سندس من ۾ مون لاءِ ڪو ذري برابر به پيار هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ هتي پرديس ۾ ته ڌڪا کائڻا نه پون ها...“

فرزانه بٽڻ بند ڪرڻ کان پوءِ منهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي ڏسي ورتو. اُداس ٿي وئي. چيائين،”فاروق! هي... هي توهان جون اکيون ڇو ڀرجي آيون آهن!“

زوريءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪيم. چيم، ”چري! هي خوشيءَ جا ڳوڙها آهن... تون ڪيڏو خيال ٿي رکين منهنجو!“

ڦڪي مرڪ مرڪندي چيائين، ”توهان اجايوهن معمولي ڳالهه کي هيڏي اهميت ٿا ڏيو... توهان پنهنجا ڪپڙا ڏيو، شام تائين توهان کي ڌوئي استري ڪري ڏينديس.“

سندس ايڏي خلوص سبب الائجي ڇو منهنجي من تي عجيب قسم جي اداسي ڇانئجي وئي. منهنجو وجود ڄڻ دونهين ۾ ويڙهجي ويو. مون کيس ڪپڙن ڏيڻ کان لنوائڻ چاهيو، پر هن سامهون ڪرسيءَ تي رکيل ميرا ڪپڙا ڏسي ورتا ۽ منهنجي انڪار ڪرڻ جي باوجود کڻي هلي وئي ۽ مان هڪ ٿڌو ساهه ڀري آفيس ڏانهن هليو ويس.

شام جو آفيس کان نڪتس ته هڪ دوست ملي ويو. ڪلاڪ کن دوست سان گڏ رهي واپس موٽيس ته ست لڳي چڪا هئا. تَڙ ڪري، ڪپڙا پائي، ڦڻي پئي ڏنم جو در کڙڪيو. در کوليم ته سامهون فرزانه منهنجا ڪپڙا کنيو بيٺي هئي، جي هاڻ ڌوتل ۽ استري ٿيل هئا.

سندس اکين ۾ ڏسندي چيم، ”مان پاڻ کڻي وڃان ها فرزانه... تو ڇو تڪليف ڪئي!“

”انهيءَ ۾ تڪليف جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آ!؟“ هوءَ مرڪي پئي.

”مهرباني فرزانه. تنهنجي وڏي مهرباني“. مرڪي سندس ٿورو مڃيم.

”مهرباني ٻهرباني ڪائي ناهي“. هن شرارت مان چيو، ”اندر اچڻ جي صلاح به نه ڪندو؟“

”اوهه- اچو... اچو...“ مون هن لاءِ رستو ڇڏيو.

هوءَ اندر اچي سڌو ڪمري ۾ هلي وئي. مان به سندس پٺيان پٺيان ڪمري ۾ ويس. هن ڪپڙا وڃي خاموشيءَ سان ٽيبل تي رکيا، ۽ ٽيبل ڀرسان رکيل منهنجي ڪپڙن جي بيگ کولي، ڪپڙا چڱيءَ طرح بيگ ۾ ٺاهي رکي اُٿي بيهي رهي. مان حيرت ۽ احسانمنديءَ جي گڏيل جذبن سان هن مهربان ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو رهيس. چيائين، ”توهان اڄ رات ماني اسان وٽ کائجو.“

مان اڳي ئي سندس احسانن جي بار هيٺان دٻيل هوس، ان ڪري سڌو سنئون انڪار ڪندي چيم، ”نه فرزانه- توهان جي قرب لاءِ مان ٿورائتو آهيان، باقي ماني مان روز جيان اڄ به هوٽل تي کائيندس.“

”پر مميءَ ته توهان جي ماني ڪري به ڇڏي آهي.“ هوءَ سنجيده ٿي وئي.

”مهرباني“. چيم، ”تون منهنجي پاران کانئس معذرت ڪري ڇڏجانءِ“.

”پر ڊيڊي کي به خبر آهي ته اڄ رات توهان اسان وٽ ماني کائيندا. توهان نه ايندا ته ڊيڊي ڇا چوندو!“ پوءِ وري ناراضگيءَ واري نوع ۾ چيائين، ”ٺيڪ آ، جيڪا توهان جي مرضي.“

هن واپس ورڻ لاءِ پوئتي منهن ورايو ته کيس ٻانهن کان جهلي ورتم. چيم، ”ناراض ٿي وئين؟“

”نه“! هن خشڪ لهجي ۾ جواب ڏنو، ”مون کي اوهان کان ناراض ٿيڻ جو ڪهڙو حق آ!“

پيار ڏيڻ کان پوءِ ڪو ناراض ٿي وڃي ته مان پنهنجي وس نه رهندو آهيان. ڏڪندڙ لهجي ۾ کيس چيم، ”مون کي معاف ڪر فرزانه، مون کي معافي ڏي...“

هن منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”معافيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي- بس هلو.“

”چڱو تون هل ته مان اچان ٿو“. سندس نيڻن ۾ ڏسندي چيم.

چيائين، ”نه هاڻ هلو، مان توهان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلنديس“.

وراڻيم، ”چيم ته اچان ٿو نه-“

مرڪي پئي. ٻانهن کان ڇڪيندي چيائين، ”هاڻي جو هاڻي مون سان گڏ هلڻو پوندوَ- نه ته معافي نه ملندي.“ ۽ هوءَ ضد ڪري مونکي ان مهل ئي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي هلي.

شيرازي، سندس زال ۽ سندس ننڍي ڌيءَ ٽي.وي. ڏسي رهيا هئا. مونکي ڏسي اُٿي بيهي رهيا. مون سلام ڪيو. مسز شيرازي منهنجي سلام جو جواب مرڪ سان ڏنو، ۽ مسٽر شيرازي مون ڏانهن مرڪندي هٿ وڌايو، ”هلو مسٽر فاروق“.

هٿ ڏيڻ کان پوءِ مان شيرازيءَ جي ڀرسان ئي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿيون ۽ پوءِ فرزانه ۽ سندس ننڍي ڀيڻ ڪمري جي وچ تي گلم وڇائي ماني آڻي ان تي رکي.

ماني کائيندي کل ڀوڳ جي ڪجهه ڳالهين کان پوءِ شيرازي چيو، ”ٻيا حال ڏيو مسٽر فاروق، ڪهڙا حال آهن؟“

”بس سائين! ساڳيو گهاڻو ۽ ساڳيو چڪر آ.“ مرڪندي چيم، ”گهر کان آفيس، آفيس کان گهر... آفيس کان گهر، گهر کان...“

”بس بس بس. ٿڪجي پوندو.“ شيرازيءَ مرڪي چيو ۽ سڀ ٽهڪ ڏئي کلي پياسين

چيم، ”ها- ٿڪجي ته پوان ٿو... پر ڇا ڪجي مجبوري آ...!“

شيرازي سنجيده ٿيندي چيو، ”يقيناً زندگيءَ جا اهي ٿڪائيندڙ لمحا ڏاڍا بور هوندا آهن. ڀلا پوءِ توهان شادي ڇو نٿا ڪيو؟“

ڪوڙ ڳالهائيندي چيم، ”ڪا سٺي ڇوڪري ملي ته پوءِ شادي به ڪبي.“

مسز شيرازي ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”پٽ! سٺو رشتو ملڻ به اڄڪلهه مسئلو بڻجي پيو آ.. هاڻ ڏس نه، اسان فرزانه جي شادي ڪرڻ چاهيون ٿا. پر...“ هوءَ خاموش ٿي وئي.

مسٽر شيرازي چيو، ”فاروق صاحب! توهان جڏهن پنهنجي شهر ويندا آهيو تڏهن توهان کي پنهنجا وڏا شاديءَ لاءِ زور نه ڀريندا آهن؟“

”چوندا ته آهن پر....“ مان جملو پورو ڪري نه سگهيس.

مسز شيرازي چيو، ”پٽ، پوءِ تون پنهنجي پسند جي رشتي بابت وڏن سان ڇو نٿو ڳالهائين...“

”ها پٽ!“ مسٽر شيرازي چيو، ”اها ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي...“

هاڻ جڏهن ڏٺم ته مونکي وڪڙ ٿا ڏين تڏهن سڌو سنئون کين ٻڌايم ته مان شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو آهيان.. اهو ٻڌڻ شرط کائن ماني کائڻ وسري وئي. جنهن جو گرهه جتي هو، اتي ئي رهجي ويو.

مسٽر شيرازي چيو، ”پر اڳ ته تو اهوئي ٻڌايو هو ته اڃا تنهنجي شادي ڪانهي ٿي!“ سندس آواز مان مايوسي بکي رهي هئي.

”مون چرچو ڪيو هو.“ آهستي چيم- ۽ پوءِ هنن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايم، ”منهنجي زال هت اچڻ لاءِ به چيو آهي، ۽ ايندڙ مهيني کيس وٺي اچي هت رهائيندس.“

هو سڀ مون کي ائين گهورڻ لڳا، ڄڻ مان سندن هڪ پاڙيسري ۽ مهمان نه، پر ڪو ڌاريو شخص هوس ۽ زوريءَ سندن گهر ۾ گهڙي آيو هوس. مان سندن اهڙين نظرن جو مقابلوڪري نه سگهيس ۽ اُٿي کڙو ٿيس. ڪنهن به مونکي ترسڻ جي صلاح نه ڪئي ۽ مان هٿ ڌوئڻ بنان سندن فليٽ مان نڪري ويس.

جيڪڏهن هنن مون کي ترسڻ جي صلاح نه ڪئي ته ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو هو قربائتا ماڻهو ناهن—نه، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، پر ان وقت سندن حالت ئي ڪجهه اهڙي هئي جو هو ڪجهه ڳالهائي ئي نٿي سگهيا. هو سڀ گهر ڀاتي مون کي ڏاڍا چڱا ماڻهو لڳندا آهن، ۽ فرزانه... ان جو ته ڪو جواب ئي ناهي... فرزانه مون کي تمام گهڻو وڻندي آهي، ۽ مان پنهنجي زال کان مليل نفرتن جو حوالو ڏئي شيرازيءَ سان ٻي شاديءَ بابت ڳالهائي سگهيس ٿي، ... پر مان ٻي شادي ڪرڻ ئي نٿو چاهيان- ڇو ته پهرين زال ئي هڻي منهنجو گهر گهاٽ وڃائي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن ٻي زال جا افعال به ساڳيا نڪتا! ته پوءِ ته منهنجي زندگي ئي وڃائجي ويندي... ۽ مان پنهنجي زندگي وڃائڻ لاءِ قطعي تيار ناهيان.

باقي رهيو سوال فرزانه جو... ته فرزانه ته ڇا، پر مان دنيا جي ڪنهن به عورت تي وفاداريءَ جو اعتبار ڪري نٿو سگهان.. ڏسو، توهان ڪنهن غلطفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿجو. فرزانه کي مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ ئي قبول ڪيوهو، ۽ اسان جو هڪٻئي سان ٻيو. ڪوبه غلط قسم جو تعلق ڪڏهن به نه رهيو آ. گهٽ ۾ گهٽ مان اهڙو ذليل شخص هرگز ناهيان جو ڪنهن سندر ناريءَ جي جوڀن گلن کي مروڙي سندن سندرتا وڃائي ڇڏيان.

ايون ترگنيف

مترجم: ڄام وقار حسين قادري

محبت ۽ موت

]”ڊسٽرڪٽ ڊاڪٽر“ جو ترجمو[

سرءُ جي مُند ۾ هڪ ڏينهن، جڏهن مان ملڪ جي ڏوراهين علائقي مان وطن واپس وري رهيو هوس، مون کي ٿڌ لڳي ۽ مان بيمار ٿي پيس. خوش قسمتيءَ سان مون کي بخار ضلعي جي شهر جي هڪڙي مسافر خاني ۾ ٿيو. مون ڊاڪٽر کي گهرايو، جيڪو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مون وٽ آيو. هو سهڻن ڪارن وارن ۽ وچولي قد وارو هو. هن منهنجو علاج عام دوا سان ڪيو ۽ اُهر جي ليپ لاءِ چيائين. هن پنجن روبلن جونوٽ وٺي تڪڙو تڪڙو کيسي ۾ وڌو ۽ ان وقت کنگهيو ۽ ٻئي طرف ٿي نهاريائين. پوءِ هو اُٿي وڃڻ وارو هو پر اچي ڳالهين ۾ پيو ۽ ويهي رهيو. بخار مونکي ساڻو ڪري ڇڏيو هو. مونکي رات جي بي خوابي به ڏسڻ ۾ پئي آئي، تنهنڪري خوش پئي ٿيم ته ڪجهه وقت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ههڙو وڻندڙ ساٿي ملي ويو هوم. چانهه پيتي سي. منهنجو ڊاڪٽر ڳالهين ۾ کُلي پيو. هو سمجهدار ماڻهو هو، سندس ڳالهائڻ ۾ اثر ۽ مزاح هئي. دنيا ۾ عجيب ڳالهيون ٿيون ٿين. ڪيترن ماڻهن سان زندگي جو وڏو عرصو گذري ويندو آهي، انهن سان دوستانا لاڳاپا به هوندا آهن، پر ائين ٿيندو آهي جو انهن سان ڪڏهن به اندر نه اوري سگهبو آهي؛ پر ڪي اهڙا ماڻهو به ملندا آهن، جن سان ڪابه گهرائپ نه هوندي آهي، پر انهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ۽ اندر جا راز سَلبا آهن. ائين جيئن ڪو ڪنهن پادريءَ جي اڳيان پنهنجي گناهن جي قبوليت ڏيندو هجي. مون کي اهو پتو نٿو پوي ته مون پنهنجي نئين دوست جو اعتماد ڪيئن حاصل ڪري ورتو، بهرحال هن مون کي هڪ عجيب واقعو ٻڌايو، جيڪو مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. اهو واقعو مان ڊاڪٽر جي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪندس.

”تون نٿو ڄاڻين،“ هن ڏڪندڙ ۽ ڪمزور آواز ۾ چوڻ شروع ڪيو. ”تون هتان جي جج مالوف پاويل ليوڪچ کي نٿو سڃاڻين... خير ان جي ڪري ڪو فرق نٿو پوي“؛ هن پنهنجي گلي کي صاف ڪيو ۽ اکين کي مهٽيو.

”ها ته اهو واقعو گرمين واري مهيني ۾ ٿيو. مان جج جي گهر ويٺو هوس، پَتن راند پئي ڪئي سي. پنهنجو جج ڀلو ماڻهو آهي ۽ راند جو ڪوڏيو. ڪنهن اچي چيو ”توهان جو نوڪر اوهان جو پڇي رهيو آهي.“ هن چيو، ”ڪو خط کڻي آيو آهي.. شايد ڪنهن مريض جو آهي؛ مون چيو، ”مون کي خط ڏيو.“ دل ۾ چيم ته جي ڪنهن مريض کان آهي ته پاڻ چڱو. اسان جو روزگار انهن تي آهي. اهو خط هڪ رن زال وٽان هيو. ان لکيو هو، ”منهنجي ڌيءَ مري رهي آهي، الله لڳ اچ! بگي موڪلي رهي آهيان.“... اهو ته ٺيڪ پر هوءَ شهر کان ويهه ميل پري هئي، اڌ رات ٿي چڪي هئي، رستن جي حالت خراب هئي. هوءَ غريب هئي تنهنڪري صرف ٻه روبل ملي سگهيا ٿي، تن جي به پڪ ڪانه هئي. ائين به ٿي سگهيو ٿي ته منهنجي خدمت جي عيوض جَون جي ٻوري يا هٿ سان ٺاهيل ڪا شال ڏني وڃي. ڪجهه به هجي پر فرض پهريائين. هڪ انسان مري رهيو هو. مان يڪدم پنهنجا پَتا ٻئي جي حوالي ڪيا ۽ گهر هليو آيس. مون ڏٺو ته منهنجي گهر جي ويجهو هڪ ڇڳل بَگي بيٺي هئي جنهن ۾ ڏٻرا گهوڙا جوٽيل هئا، جن جا سنج زبون حالت ۾ هئا. گاڏي هلائيندڙ ادب وچان ٿوپي لاهيو ويٺو هو. مون دل ۾ چيو، ”منهنجا يار، هي ڳالهه ته صاف آهي ته هي مريض مسڪين آهي.“ تون مرڪين ٿو، پر مان توکي ٻڌايان مون جهڙي سفيد پوش ماڻهوءَ کي هر ڳالهه جو ويچار ڪرڻو ٿو پوي... جيڪڏهن گاڏيءَ وارو شهزادن وانگر ويٺو هجي ها، ۽ ادب خاطر ٽوپي ڏانهن هٿ به نه وڌائي، بلڪ توهان جي پرپٺ توهان تي گرڪي ۽ پنهنجي چهبڪ کي شاهاڻي انداز ۾ اُڏاري ها، تڏهن توهان پڪ سان چئي سگهو ها ته ان مريض وٽان اوهان کي گهڻا روبل ملندا. پر هن ڪيس ۾ ڏوڪڙن جي اميد گهٽ هئي. مون دل ۾ ويچاريو ته سڀ ڳالهه کان اول فرض. مون ڪجهه تمام ضروري دوائون کنيون ۽ روانو ٿي ويس. توکي ڇا ٻڌايان ته مان ڪهڙي ريت اُتي پهتس: هڪ رستي ۾ کڏون ۽ کوٻا هئا، ٻيو مينهن ۽ برسات سبب ڪسيون ۽ واهه وهڻ لڳا هئا، جنهنڪري وک وک تي عذاب هو، نيٺ وڃي اتي پهتس. هڪ ننڍڙو پراڻو گهر هو، درين مان روشني پئي آئي، ان جو مطلب هو ته هو منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. هڪڙي پوڙهي عورت منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو، جيڪا ٽوپيءَ ۾ نهايت معزز ٿي لڳي. ”هن کي بچاءِ!“ هن چيو، ”هوءَ مري رهي آهي.“ مون چيو، ”دلجاءِ ڪر- مريض ڪٿي آهي.“ ”هيڏانهن اچ.“ مون هڪڙو صاف سٿرو ننڍڙو ڪمرو ڏٺو، ڪُنڊ ۾ بَتي پئي ٻري. بستري تي ويهن ورهين جي ڇوڪري بي سُڌ سُتي پئي هئي. هن جا لِڱ مچ ٿي ٻريا ۽ ساهه تڪڙو تڪڙو ٿي کڄيو، هن کي سخت بخار هو. هن جي ويجهو ٻه ٻيون ڇوڪريون بيٺيون هيون، جيڪي هن جون ڀينر هيون، ٻنهي جي اکين ۾ خوف ۽ ڳوڙها هئا. ”ڪالهه“ هنن ٻڌايو، ”هوءَ بلڪل خوش هئي ۽ چڱيءَ طرح کاڌائين پئي، اڄ صبح جو مٿي سُور جون دانهون ڪيائين ۽ شام جو اوچتو، هيئن ٿي ويئي آهي.“ مون چيو، ”ڳڻتي نه ڪريو“. اهو ڊاڪٽر جو ڪم آهي، مان هن وٽ ويس هن کي ٽُڪو ڏئي رت ڪڍيم، کين پلستر رکڻ جي فرمائيش ڪيم ۽ مڪسچر ڏنم. ان وچ ۾ مون هن ڏانهن نهاريو ۽ نهاريندو رهيس.. خدا جو قسم! مون اهڙو چهرو ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ٻين لفظن ۾ هوءَ مڪمل حسين هئي. منهنجي دل ۾ ڏاڍو ترس پيدا ٿي ويو. ههڙيون سهڻيون اکيون، ههڙا وڻندڙ مهانڊا!.. الله جو شان!

هن کي ٿورو فائدو ٿيڻ لڳو. هن کي پگهر اچڻ لڳو. ائين ٿي لڳو ته هوءَ هوش ۾ اچي رهي هئي. هن چوطرف نهاريو، مرڪي پنهنجو هٿ پنهنجي منهن تي ڦيريائين... هن جي ماءُ هن جي مٿان جهڪي پڇڻ لڳي، ”ڪيئن ٿي سمجهين.“ ”بهتر“، هن وراڻيو ۽ پاسو ورايائين. مون سڀني کي چيو، ”هاڻي مريض کي اڪيلو ڇڏڻ گهرجي.“ پوءِ اسان هوريان هوريان ٻاهر هليا وياسين. صرف نوڪرياڻي اُتي رهي ته متان ڪا ضرورت پئجي وڃي. ٻئي ڪمري ۾ ٽيبل تي سماور ۽ رم جي بوتل پئي هئي. اسان جي ڌنڌي وارا ان کان سواءِ هلي نٿا سگهن. هنن مون کي چانهه پياري ۽ رات رهڻ لاءِ چيو.. مون هاڪار ڪئي. مان رات جي ان وقت ٻيو ڪيڏانهن وڃان ها؟ پوڙهي عورت سڏڪڻ لڳي. ”ڇو ٿي روئين؟“ مون چيو، ”هوءَ بچندي، پاڻ کي هلاڪ نه ڪر. بهتر آهي ته تون پاڻ ٿورو آرام ڪر، ٻه ٿيڻ وارا آهن.“ ”پر جي ڪجهه ٿيو ته پوءِ تون مون کي اُٿاريندين؟“ ”ها، ها.“ پوڙهي عورت هلي وئي، ڇوڪريون پڻ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليون ويون. هنن منهنجو بسترو وڏي ڪمري ۾ وڇايو. مان بستري تي وڃي سُتس، پر سوچ سبب مون کي ننڊ نٿي آئي. منهنجي سنڌ سنڌ سور ٿي ڪيو. منهنجي دماغ مان منهنجو مريض نڪتو نٿي. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ اوچتو ئي اوچتو مان اُٿيس ۽ پاڻ کي چيم، ”وڃي ڏسان ٿو ته مريض ڪيئن آهي.“ هوءَ منهنجي ڪمري ويجهو ٻئي ڪمري ۾ سُتي پئي هئي. مون نهايت آهستي در کوليو.. منهنجي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. مون ڏٺو ته نوڪرياڻي ننڊ ۾ هئي ۽ سندس وات پٽيو پيو هو. رکي رکي کونگهرا پئي هنيائين. مريض جو منهن منهنجي طرف هئو ۽ سُتي پئي هئي، هن جون ٻانهون کليون پيون هيون، ويچاري ڇوڪري! مان وڌي هن وٽ ويس... هن اوچتو اکيون کوليون ۽ مون ڏانهن گهوري نهارڻ لڳي. ”ڪير آن؟ ڪير آن؟“ مان منجهي پيس. ”ڊڄ نه“، مون چيو، ”مان ڊاڪٽر آهيان، مان اهو ڏسڻ آيو آهيان ته تون ڪيئن ٿي محسوس ڪرين.“ ”تون ڊاڪٽر آهين.“ ”هاء ڊاڪٽر، تنهنجي ماءُ مونکي شهر مان گهُرايو آهي. اسان اڄ ٽُڪو ڏئي تنهنجي رت ڪڍي آهي، مهرباني ڪري هاڻي ننڊ ڪر، الله ڪندوته هڪ ٻن ڏينهن ۾، تون وري چاڪ ٿي ويندينءَ.“ ”ها، ها“، ڊاڪٽر مون کي مرڻ کان بچائجانءِ... خدا جي واسطي، الله جي واسطي. تون ائين ڇو ٿي ڳالهائين؟ الله توتي ٻاجهه ڪندو.“ مون وري هن جي نبض ڏٺي، هن کي بخار هو. هن مون ڏانهن نهاريو. پوءِ منهنجي هٿ کي جهليائين. ”مان توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته مان ڇو مرڻ نٿي چاهيان. مان توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيان... هاڻي اسان اڪيلا آهيون، پر ها مهرباني ڪري تون ڪنهن سان به نه... ٻڌ...“ مان هيٺ جهُڪيس ۽ هن پنهنجا چپ منهنجي ڪَنن ويجهو آندا. هن جا وار منهنجي ڳلن کي ڇهڻ لڳا.. مان اها ڳالهه تسليم ٿو ڪريان ته منهنجو مٿو چڪر ۾ اچي ويو. هن ڪجهه هوريان هوريان چيو... پر مان ڪجهه سمجهي نه سگهيس، هوءءَ وڦلي رهي هئي! هوءَ چوندي رهي پر اهڙو تڪڙو ڄڻ ته هو مادري نه پر ڪنهن ٻي زبان ۾ ڳالهائي رهي هئي؛ آخر هن ڳالهه پوري ڪئي ۽ ڪنڌ کي وهاڻي تي ڦِٽو ڪيائين ۽ آڱر جي اشاري سان چيائين، ”ياد ڪجاءِ ڊاڪٽر؛ ڪنهن کي به نه! مان ڪوشش ڪري هن کي سامت ۾ آندو، هن کي پيئڻ لاءِ ڪجهه ڏنم، نوڪرياڻيءَ کي اُٿاريم ۽ هليو ويس.“

ان منزل تي ڊاڪٽر وري ناس جي چپٽي ڏني، ۽ ٿورو وقت ان جي اثر ۾ ماٺ ڪري ويٺو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com