سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1.2- 1981ع

نفيس احمد ناشاد

گذارش

سنڌي اديب

اسان جي معاشري ۾ اديبَ ۽ شاعرَ ۽ فنڪارَ عام طرح سان نهايت مفلوڪ الحال آهن، پر انهن ۾ به سنڌي زبان جي لکندڙن ۽ فنڪارن جي حالت ته هيڪاري سقيم آهي

سنڌي زبان جو ڪوبه ننڍو يا وڏو تاريخ نويس يا ڪهاڻي نويس، شاعر يا ناول نگار اهو تصور به ڪري ڪونه ٿو سگهي ته گذر سفر جي ڪنهن ذريعي ڳولڻ کان سواءِ هو پنهنجو سمورو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ صرف ڪري، عزت آبروءَ سان زندگي بسر ڪري سگهي ٿو.

ويهين صديءَ جي سائنسي دور ۾ جڏهن انسان چنڊ تي پير رکي چڪو آهي، تڏهن سنڌي زبان ۾ اهڙا بيشمار لکندڙ هوندا، جن کي رڳو موٽر تي پير رکڻ يا ٻيءَ اهڙيءَ ڪنهن معمولي آسائش جي حسرت سڄي عمر دل ۾ رهي هوندي. بلڪ، اهڙي ماحول ۾ منجهانئن ڪيترائي ڄڻا جيڪڏهن مالي ڪسمپرسيءَ سبب پنهنجو جوهر ڏيکاري سگهڻ کان سواءِ، گوندر ۾ ڪوماڻل گلن وانگر انتهائي ڏکوليل حالتن ۾ هي جهان ڇڏي ويا هجن، ته به عجب ڪونهي.

سنڌي اديب ۽ فنڪار کي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ صحافيءَ جيتريون معمولي سهوليتون ۽ رعايتون به نصيب نه آهين.

روزگار، صحت ۽ ٻچن جي تعليم جي بنيادي مسئلن ۾ جيئن سنڌ جو عام ماڻهو چوکنڀو ٻَڌل ۽ سرگردان آهي، تيئن سنڌي لکندڙ ۽ فنڪار پڻ حيران ۽ پريشان آهي. دل ۽ دماغ جي اهڙي ڪيفيت ۾ ڪهڙو معياري ۽ اعليٰ ادب سنڌي زبان ۾ سرجي سگهندو، سو آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.

دنيا جون اهي ترقي يافته ٻوليون ۽ سڌريل معاشرا سنڌي لکندڙ کي ڄڻ هڪ طلسمي دنيا پيا لڳن، جن ۾ اديب ۽ شاعر کي معاشري جي ٻين فردن جي ڀيٽ ۾ منفرد ۽ ممتاز مقام حاصل آهي ۽ هُو هر پريشانيءَ کان ڪُلي طور محفوظ، پنهنجو سمورو وقت ادب تخليق ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته موجوده دور ۾ رياست ۽ حڪومت جي پاليسي هر فرد جي زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي، ان ڪري اهو حڪومت جو ئي فرض ٿئي ٿو ته اها معاشري جي هن اهم فرد يعني اديب ۽ فناڪر جي دستگيري ڪري.

ماضيءَ ۾ ڪيتريون حڪومتون ملڪ جي اديبن ۽ شاعرن جي مسئلن کي مجموعي طرح حل ڪري، کين آبرو مندانه ۽ مطمئن زندگي ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙينديون رهيون. موجوده حڪومت پڻ ان ڏس ۾ قابل قدر تحرڪ ورتو آهي. ڪجهه عرصو اڳ، اسلام آباد ۾ ڪوٺايل پاڪستان اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي ست رڪني صدارتي ڪميٽيءَ ملڪ ۾ اديبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي اهم سفارشون پيش ڪيون آهن.

تازو وزارت تعليم طرفان حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ڪتابن جي قومي سيمينار ۾، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل اديبن ۽ شاعرن پڻ ادب ۽ اديبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ متعدد مثبت تجويزون مرتب ڪيون آهن، جي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون.

اسان جي پاڪستان سرڪار جي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۽ سنڌ سرڪار جي ثقافتي کاتي کي گذارش آهي ته انهن تجويزن ۽ سفارشن کي فائيلن جي زينت بنجڻ کان بچائي، عملي شڪل ڏني وڃي.

اميد آهي ته سرڪار ان ڏس ۾ گهربل اپاءُ وٺندي، جيئن اديبن ۽ شاعرن جي فلاح جو بندوبست ٿي سگهي ۽ هُو ذهني سُڪون سان ادب تخليق ڪري، مُلڪ جي ثقافتي سرمايي ۾ اضافو ڪري سگهن.

آديسي اُٿي ويا

ويجهڙائيءَ ۾ ڪيترائي نامور سنڌي اديب ۽ شاعر، فنڪار ۽ صحافي، سماجي ۽ سياسي خدمتگذار- گذر ڪري ويا آهن، جن جي جدائيءَ کي گهڻي ڏک سان محسوس ڪيو ويو آهي. سنڌي ادب، ٻولي، شعر، صحافت، موسيقي ۽ سماجي بهبود جي ميدان ۾ سندن مخلصانه خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. خانصاحب اُستاد منظور علي خان، مسڪين جهان خان کوسو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مصري خان جمالي، محمد عثمان ڏيپلائي، عبدالله خواب حيدرآبادي، مولانا در محمد خاڪ، شيخ عبدالرحيم، ماٺيڻو اوٺو، شاهه محمد ثاقب منگي، حاجي حقير ابن مڱڻ، سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“، مولانا عبدالغفور سيتائي ۽ حاجي محمد صادق ميمڻ اڄ اسان وٽ موجود ناهن، پر سندن خدمتون سدائين قائم ۽ ياد رهنديون. ادارو مرحومين جي پوين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي دعاگو آهي ته شال رب ڪريم کين مرهي.

پنهنجي بابت

اسان هجري پندرهين صديءَ جي آمد جي موقعي تي مهراڻ جي ٻن خاص نمبرن- ”سير نمبر“ ۽ ”مشاهير نمبر“- جو اعلان ڪيو هو.

سيرت نمبر شايع ٿي چڪو آهي. ان جي تجربي مان معلوم ٿيو ته اهڙن خاص نمبرن لاءِ عالمن ۽ دانشورن کان گهربل علمي ۽ تحقيقي مواد حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، ڇو ته هنن کي به اهڙو مواد نئين سر تيار ڪرڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ کين فرصت ۽ فراغت گهرجي. مواد جي حاصلات کان پوءِ ان جي ايڊيٽنگ ۽ ڇپائيءَ جا مرحلا پڻ وقت وٺن ٿا.

انهيءَ صورتحال جي پيش نظر، اسان مشاهير نمبر بابت مهربان پڙهندڙن کي هيءَ ڳالهه گوش گذار ڪرڻ گهُرون ٿا ته مذڪور پرچي جو ڪم جاري آهي. پران جي اشاعت لاءِ ڪابه تاريخ يا ڪو ميعاد مقرر ڪونه ٿا ڪريون. مهراڻ جا دستوري پرچا شايع ٿيندا رهندا- ان وچ ۾ ڇهين ٻارهين مهيني اندر، جيئن ئي مشاهير نمبر تيار ٿي ويو ته اُهو فوراً شايع ڪيو ويندو. ان صورت ۾، پڙهندرن کي انتظار به نه ٿيندو ۽ لکندڙن کي به ميعاري مضمون تيار ڪرڻ ۾ گهربل وقت آسانيءَ سان ملي ويندو. اسان جا مهربان لکندڙ مهرباني ڪري بزرگن ۽ روحاني رهبرن جي سوانح ۽ ڪارنامن تي مشتمل سير حاصل تحقيقي مصمون جلد کان جلد اداري کي موڪلڻ فرمائين، جيڪي سنڌ چوڏهين صدي هجريءَ دوران پيدا ڪيا آهن. انشاالله، لکندڙن جي تعاون سان، اسان وڏي معيار وارو مشاهير نمبر شايع ڪنداسين.

- نفيس احمد شيخ

شاعري

عطا محمد حامي

غزل

زبان مان جيڪڏهن نڪري ته اهڙي گفتگو نڪري،

نه ”مان“ نڪري، نه ”تون“ نڪري، فقط نڪري ته ”هُو“ نڪري.

جڏهن ڳوڙهن جي صورت ۾ ڳڙي دل جو لَهُو نڪري،

تڏهن ميدانِ اُلفت ۾ ٿو عاشق سرخرو نڪري.

لکين نڪرن ٿا موتي، لال، گوهر، گل، ڪَتيون، تارا،

مگر تن مان نٿو هڪڙو به تنهنجي هوبهو نڪري.

چوان ٿو، هيئن به چوندس، هونءَ به چوندس توکي، پر پيارا،

مجال آهي جو هڪڙو حرف تنهنجي روبرو نڪري.

ٽُٽن ساريون تمنائون، سموريون خواهشون نڪرن،

مگر مولا ڪري، دل مان نه تنهنجي آرزو نڪري.

بدن مان روح نڪري ٿو سگهي ”حامي“ مگر سرمان،

ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو، جو خودداري جي خُو نڪري.

نياز همايوني

التجا

اڳ هئي دُعا، علم ۽ رزق اي رحمان ڏي،

اڄ التجا، اي ڌڻي! ڪجهه نه ڏي، ايمان ڏي!

داناء جي دانش ۽ فلسفي تختا ڪڍيا،

جو پار اُڪاري اُهو ناخدا نادان ڏي!

مريخ ۽ چنڊ جون منزلون، الحمد؛ پر

انسان کي خودشناسيءَ جو عرفان ڏي!

تَقويٰ منجهان ٿو ملي، رُستگاريءَ جو ثمر،

بي فيض جي ذهن کي، تون اهو ايقان ڏي!

گهرجي نٿي فسق ۽ ريب جي ڪائي خوشي،

اُن جي عوض صدق ۽ خير جو ارمان ڏي!

هڪ جي خطا ۾ نه ڏي، تون سزا مزيءَ کي،

حق جي صدا لاءِ ڪن کي ته ڪو غفران ڏي!

جيئرا جنازا ڏسي، روح ٿو دُرڙيون ڀري،

ڌرتيءَ کي اي خدا، زنده دل انسان ڏي!

بيڪس ”نياز“ آهه بس طالب اِن اِحسان جو،

تاريخ جي راهه ٿي، نور جو فيضان ڏي!

 

ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان

آءٌ دل کولي رُئڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

اي زمانا، اي ستمگر آسمان،

مانته ڪنهن ڀي حال ۾ خوش ناهيان،

ته به وڏي واڪي کلڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

 

شال سوچيان شال سمجهي ڀي سگهان،

آءٌ پنهنجي سر تماشو آهيان،

ٻي جو رونشو ڪئن ڏسڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

 

ناهيان پورو ته آڻ پورو سَهي،

ٺاهه ڇو ايڏا ٿو ويٺو ٺاهيان،

پاڻ کان بس هي پڇڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مونکي ايتري جرئت هجي!

 

زندگي وَئي شام وانگي سانت ٿي،

صبح جي ڳولا ۾، پَر ٿو ساهيان،

موت کي اک ۾ رکڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مونکي ايتري جرئت هجي!

 

قتل ڀي تون ئي ڪرين، مُنصف به تون،

پنهنجي ويڌن ڪيئن تو در دانهيان،

ڪنهن اڳيان هي سچ چوڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

 

تون نه مومل ۽ نڪي مان مينڌرو،

ڪاڪ تي ڪهڙي بهاني ڪاهيان،

سور اهو تو سان سَلڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مونکي ايتري جرئت هجي!

 

ڪو سڄي جڳ جا پيو سوٺا کڻي،

مانته پنهنجيءَ ۾ ئي پورو آهيان،

مان به اهڙوئي ٿيڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

 

ماڪ۾ وءهنتل ڪنول جهڙا پرين،

آءٌ ٿورا ڪيئن تنهنجا لاهيان،

اِن مَرمَ ۾ ئي مرڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مونکي ايتري جرئت هجي!

 

پاڻ کي سمجهي سگهڻ جي سَڌَ اَٿم،

اَنت لهڻو آهه آخر ڇاهيان،

آزمائش ۾ پوڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مون کي ايتري جرئت هجي!

 

ذهن تي جي بار ٿا لڳنم، اُهي،

سڀ هوائي محل هڪدم ڊاهيان،

فيصلو اهڙو ڪرڻ ٿو چاهيان،

هاءِ مونکي ايتري جرئت هجي!

شيخ عبدالحليم جوش

حمد

تون ئي اُپائين، تون ئي نپائين، تون ئي پالڻهار،

آسروندن آس پڄائين اڙين تون آڌار.

اُڀ ۾ تارا، ڌرتيءَ تي گل، موتي درياءَ منجهه،

تنهنجي ”هئڻ“ جا شاهد  آهن، تنهنجا سڀ شهڪار.

چنڊ کي توسان ڪيئن مان ڀيٽيان، چنڊ ڏيو تنهنجو،

سج ته آهي سانجهيءَ تائين، تنهنجي سُونهن آپار.

اکيون آليون، منهن ٿيو ميرو، خالي منهنجو جهول،

آس اِهائي آهي دل ۾، تون ئي لَهندين سار.

بِنا گهرڻ جي جهول ڀرين ٿو، ڳالهه ڪجي ڪهڙي،

مون کي مون کان ويجهو آهين، اهڙو ڪو غمخوار.

تنهنجي نانءُ ڳِنهڻ سانآهي ڏاڍن ۾ ڏهڪاءُ،

تنهنجي ذڪر کان آهي ڏکويل دلين ۾ آڌار.

تنهنجي ٻاجهه جو انت نه ڪوئي، مهر ڪرين سڀ تي،

تن جي تون پڻ سار لهين ٿو، توکان جن”انڪار“.

ٻاجهه سان پنهنجي ڏي تون اسان کي پکين واري پريت،

انسانن ۾ اُڀري شل انسانن لاءِ پيار.

عانيت بلوچ

سندم سِڪَ جا سَڄَڻ سهڻا، ڪري ڪهڙا ڪندين ڪاڇا،

پَري هوندي به تنهنجي پيار جا پلپل پَوَن پاڇا.

ڪيا قاصد ڪرم ڪوڙين، قريبن کان ڪَهِي آيو،

چَيائين، چاههَ مان تنهنجي پرينءَ پئي ڪئي پُڇا ڳاڇا.

مِٺا تولاءِ مَنُ ماندو، اُٿن اُڌما، سوين صدما،

اندرَ جي آڳت، نيڻن نيرَ، تون ڏسندين ڀلا ڇاڇا.

وهامي وَرهه ويا وڇڙئي، وساري ڪيئن رهين ويهي،

عجب تنهنجي ”عنايت“ جي اصل عادَت اِها اَڇا.

بردو سنڌي

ٿيا ڏينهن گهڻا،

تنهنجي گهٽي ۾ نه گُذر ٿيو،

ڇو؟

ڇاجي ڪري،

سو ته پتو، مونکي به نه پيو،

جئن ڪنهن کان ٻُڌو هو مون،

تون ڏور ويو آهين!

ان ڳالهه جي ڳڻتي ۾

مون پاڻ پَليو هو پوءِ

آ ڳالهه گهڻي پر نه سَلڻ جي سائين!

آ پاڻ پَلڻ جي سائين!

تنهنجي اڱڻ تي اڄ،

پيرُ جو مون پاتو،

گهَرُ تنهنجو، سوا تنهنجي،

کائڻ ٿي سڄڻ آيو،

تنهنجي اڱڻ تي توکي،

ڳوليم نه لڌين تون،

۽،

چوڦير اکيون ڦيريم،

هو سُڃَ صحن سارو،

هُئي رُڃَ، رڳو رائو،

سو سچ ته نڪتو جو،

جئن ڪنهن کان ٻُڌو هو مون،

تون ڏور ويو آهين!

ان ڳالهه جي ڳڻتي ۾،

مون پاڻ پَليو هو پوءِ

آ ڳالهه گهڻي پر نه سَلڻ جي سائين!

آ پاڻ پلڻ جي سائين!

تصوير ڏٺم سامهون،

ديوار تي جو تنهنجي،

ڪجهه جان ۾ جان آئي،

ڪجهه ساهه ۾ ساهه آيو،

ڪجهه رَنجُ ٿيو هلڪو، ڪجهه درد ۾ ٿيو لاهو،

هُئي مُرڪ مِٺي ڪيڏي، تنهنجي چپن تي مِٺڙا!

هئي مهر گهڻي ڪيڏي، تنهنجي اکين ۾ سهڻا!

ڇِڪَ روح کي آئي ڪا،

چَڪَ هانوَ کي چُهٽي پيا،

مون روئي اکيون اُگهيُون، پر ڪنهن نه ڏنو آٿت،

تصوير ڀلا ڪنهن کي،

ڏيندي ڪو دلاسو ڇا؟

اڄ ڪنهن نه ڪئي خاطر، جو تون نه هُئين جاني!

سو سچ ته نڪتو جو،

جئن ڪنهن کان ٻُڌو هو مون،

تون ڏور ويو آهين!

اِن ڳالهه جي ڳڻتيءَ ۾،

مون پاڻ پليو هو پوءِ،

آ ڳالهه گهڻي پر نه سَلڻ جي سائين!

آ پاڻ پلڻ جي سائين!

هڪ ياد سلوڻي هئي، آئي، ۽ رُئاري وَئِي،

بي موت سا، ماري وئي،

خوشين جي خزاني کي،

ڌاڙي سان ٻُهاري وئي،

ڪا ياد پُراڻي پئي، دل کي ڌونڌاڙي وئي،

هن ساهه کي ساڙي وئي،

لُڙڪن جي لَڙي لڙڪي، ڪنهن مُرڪي چيو موڳا!

مَرد نه رُئندا، هن،

بس تون ته بِنهه ڪوئي،

دل جو ڪچو آهين،

مون دانهن ڪئي، جائي مان دل جو ڪَچو آهيان،

سو سچ ته نڪتو جو،

جئن ڪنهن کان ٻُڌو هو مون.

تون ڏور ويو آهين!

ان ڳالهه جي ڳڻتيءَ ۾،

مون پاڻ پليو هو پوءِ

آ ڳالهه گهڻي پر نه سَلڻ جي سائين!

آ پاڻ پَلڻ جي سائين! ۽ دل ۾ رکڻ جي سائين!

اياز قادري

نعت

بشر آه ليڪن جو نورِ خدا آ،

اهو مصطفيٰ آ، اهو مصطفيٰ آ.

سڄو جڳ معطر معطر ويو ٿي،

در مصطفيٰ کان ڇا آئي صبا آ،

نه دنيا جي طالب نه جنت جي خواهان،

محمد تي هي دل فدا آ، فدا آ.

نه امت جي ٻيڙي کي آ لهر لوڏو،

جنهين جو رسولِ خدا، ناخدا آ.

اهو دردِ دل آه دل کان به پيارو،

محمد جنهين دردِ دل جي دوا آ.

ڪري ڪيئن سگهي ڪوئي تعريف ان جي،

ثنا خوان خدا جنهن جو صبح و مسا آ.

ڏهاڙي قيامت جي ڏسندا هو چوندو،

ڇڏيو هن کي منهنجي هي در جو گدا آ،

نڪيرين پڇندا ڇا آندءِ قبر ۾،

مان چوندس: ”محبت حبيبِ خدا آ،

”اياز“ آه بيشڪ غلامِ محمد،

نه عابد، نه زاهد، نڪي پارسا آ.

استاد بخاري

واءُ ساڄو وريو، کوليو کاٻو،

سو ته سرهاڻ کي پتو ڪهڙو؟

ڇا، ڏَهين حج جي يا محرم جي،

چنڊ، چانڊاڻ کي پتو ڪهڙو؟

ريج رڻ کي مليو، ٻُڏا ٻيڙا،

موج، مهراڻ کي پتو ڪهڙو؟

تورَ پُورِي تُري، کَرِي، کوٽي،

ساهمي، ماڻ کي پتو ڪهڙو؟

هانءُ حق جو ڦَٽيو يا ناحق جو،

رُڪ جي پاڻ کي پتو ڪهڙو؟

مڙس نوڙيون وٽيون، وٽيون وينگس،

پيش جي واڻ کي پتو ڪهڙو؟

ڪڻڪ ڪُڙمي کنئي ڪ ڪارائي،

ڀونءِ ۽ ڀاڻ کي پتو ڪهڙو؟

بڦم، بِسڪُوٽ، لوهه يا هيرا،

کوکي يا کاڻ کي پتو ڪهڙو؟

ڪشمڪش ڪالهه، حال جي وچ ۾،

ڇاهه، ڇڪتاڻ کي پتو ڪهڙو؟

هي سڄو ڄاڻ کي پتو آهي،

دوستو، پاڻ کي پتو آهي.

محمد عطيم شيدا

غزل

تنهنجي ياد دل کي دکائي رهي آ،

اندر ۾ ته آتش لڳائي رهي آ.

نه آرام دل کي نه ڪا ننڊ آهي،

ڏکن ۾ ڏکي کي ڏکائي رهي آ.

محبت ۾ يارو مزو آهي بيشڪ،

مگر هجر جيرو جلائي رهي آ.

نه ڪو وصل وعدو نٿو واڳ وارين،

تنهنجي ياد مونکي رلائي رهي آ.

جدائي ۾ جانب مري ويو آ ”شيدا“،

قبر تنهنجيون واٽون واجهائي رهي آ.

سليم ڳاڙهوي

گل ۽ گلشن رُنا کِلڻ کان پوءِ،

ابر ويندو رهيو وسڻ کان پوءِ،

حال دل جو چيم اڌورو، پر

هن چيو بس ۽ بس اُٿڻ کان پوءِ!

تنهنجو پرچڻ پرين ڪڏهن ٿيندو،

سڀڪو پرچي پيو رسڻ کان پوءِ!

غم جي سم جو اهو اثر آهي،

چاڪ چڪندا رهيا ڇُٽڻ کان پوءِ!

نام هُن جو جڏهن ٻڌم ڪنهن کان،

لڙڪ لڙندا رهيا ٻُڌڻ کان پوءِ!

سڪ تصور مان ڪيئن لهي سگهندي،

زندگي زهر ٿي سڄڻ کان پوءِ!

ڪيئي سُپنا سڙيا ڏسڻ کان پوءِ،

من جون ماڙيون ڊٺيون ٺهڻ کان پوءِ!

سُک ته ڏک جي پٺيان اچي ٿو، پر،

گل ملي ٿو ڪِٿي پهڻ کان پوءِ!

تنهنجي پيرن جا رند روپ چُمين،

واٽ سُڏڪِي سندءِ وڃڻ کان پوءِ!

تن سان ناتو نباهجي نازڪ،

جي نه ڄاڻن ڇنڻ ڳنڍڻ کان پوءِ!

سون جرڪي ويو سُهاڳي سان،

درد دارون بڻيو وڌڻ کان پوءِ!

آرزو ٻي ”سليم“ ڇا رهندي،

پيار تنهنجو پرين پسڻ کان پوءِ!

نواز علي شوق

گيت

هردم تنهنجي تات تنوار او سائين...

هردم تنهنجي تات تنوار.....

تون ته سٻاجهو سهڻو آهين، ماکيءَ کان وڌ مٺڙو آهين،

ڍوليا، محب، مٺا منٺار...

هردم لب تي نالو تنهنجو، آهي اهو ئي ورد وظيفو،

سڪ سان تنهنجي سار سنڀار...

روز الست جي توکي سڃاتم، پيچ پريت جو پختو پاتم،

آهي ازل کان توسان پيار...

تنهنجي در جي گولي آهيان، تنهنجي آهيان، تنهنجي آهيان،

ڌاري ڄاڻي تون نه ڌڪار...

رحيم بخش ”قمر“

ڪونجون سلام چئجو! ڪونجون سلام چئجو!

منهنجا وري، وري اُت، جهانگين کي جام چئجو!

ڪونجون سلام چئجو!

سائينءَ رکي سلامت، سانگين جي سام، چئجو!

ڪونجون سلام چئجو!

ظاهر ڪجو حقيقت، مخفي نه مام چئجو!

ڪونجون سلام چئجو!

ڀيرو ڪري ڀٽن تي، اَحوال عام چئجو!

ڪونجون سلام چئجو!

لاکو ”قمر“ اوهان جو، گولو غلام چئجو!

ڪونجون سلام چئجو!

خواجه قلب تلهاري

وري پيو پاڻ سينگاري! خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟

وري پيو پيار جهونگاري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟

وري ڪوريون نگاهون شوخ سيني تي پيون ترڪي!

وري پيو حسن للڪاري! خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟

وٽيندي ڪنڊ ڀوتيءَ جي مٽيءَ کي نُنهن سان کوٽيندي،

پيئي ڪا رمز ويچاري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟

وري هٻڪار وارن جي وڌو مونکي خمارن ۾،

گهنڊيون ڪاريون وريون واري، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟

ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“

جام اُلفت جو مون پيتو مست آهيان سربسر،

دل کي ديوانو ڪيو آ ياد جي هڪڙي نظر.

مصحفِ رخ مان پڙهايو درس اهڙو يار ڪو،

مام ۾ مخمور آهيان ناهه ٻي ڪائي خبر.

زاهدا توکي مبارڪ باغِ جنت جو مڪان،

روح منهنجو چاهي ٿو نت يار پنهنجي جو پڌر.

نام و نيڪي تو وتي، مون آ کنئي سر تي بدي،

عشق وارن تي نه آهي ڪو ملامت جو اثر.

پاڻ ڪيو جن مات پنهنجو تن کي ڪهڙو خوف آ،

بيڪسن تي بار ناهي خوش رهن جي دربدر.

خونَ نيڻن جي سان قيمت زندگيءَ جي جو ڏنم،

ٿو رهان عيبن ثوابن کان سدائين بي خبر.

عشق جي بي وٽ ترازيءَ کي خرد جي ڪاڻ ناهه،

پاسي هڪ ۾ سڀ وجهون ۽ سڪ رکون ٻئي پُڙ اندر.

روح منهنجو ڪين چاهي عيش جا انعام ڪي،

گاهه دوزخ گاهه جنت ”سام“ صوفيءَ جو سفر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com