سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :2

ڪافيون

فقير خير محمد مرحوم

پسي صورت جو سلطان، همه حيران لڳي!

1. ديو ملائڪ جن حوران پريان،    هر هڪ ٿيو حيران_ پڙهڻ سبحان لڳي!

2. سر سونهي پوشاڪ سونهاري،   موهيو مسيءُ پان_‎ مٿس مرجان لڳي!

3. کليا حسن چو طرف چوڌاري،     بلبل ٿي مستان_ بره بستان لڳي!

4. سهسين رنگ سرود تماشا،       سازن جا سامان_ جتي ڪٿي تان لڳي!

5. ”خير محمد“ چوي خبر انهيءَ جي،   بيحد ڪيان بيان_ جنهن جي جند جان لڳي!

”منٺار“ فقير مرحوم

 

آءُ ته ڪريو ڪاڪ تي راڻا رهاڻيون،

ڏک جا ڏينهن ويا لنگهي راتيون وهاڻيون!

ڪوٽ قصر ڪاڪ جا محل ۽ ماڙيون،

اچي نواز، ٿين نيون جايون پراڻيون!

تو لاءِ سوڍا سيج تي رکيم سرهاڻيون،

گادين مٿان گلن جون ڪليون ڪوماڻيون!

روشن ڪيم رات جو ڏيا ڏهاڙيون،

بتيون تيل ڦليل جون ٻري اجهاڻيون!

ميڙ مجان ”منٺار“ چئي، ست ئي نياڻيون،

معاف ڪج مون مينڌرا ڪروڙين ڪاڻيون!

محمد خان ”غني“

سر کي سڄڻ تان گهور، ڙي سڌڙيا، سر کي سڄڻ تان گهور!

سڪ ڌاران سڀ سڌون اجايون،

ڪوهه ڪرين تون وره جون وايون_

ڏور ڏکن جي ڏور، ڙي سڌڙيا، ڏور ڏکن جي ڏور!

ويٺي  ڇا  لئي وقت وڃائين،

ڇو نٿو پنهنجي تند تپائين؟

اٿ ۽ چرخو چور، ڙي سڌڙيا، اٿ ۽ چرخو چور !

ٻئي کي ڪين تون حال ٻڌائين،

هڪڙي سڄڻ سان تون لنئون لائين_

حال انهيءَ سان اور، ڙي سڌڙيا، حال انهيءَ سان اور!

تون به ”غني“ ڪا منزل ماڻين،

پاڻ کي پرين ڏانهن جي تاڻين:

ڪنڌ ڪلهن تان ڪور، ڙي سڌڙيا، ڪنڌ ڪلهن تان ڪور!

 

حافظ محمد ”احسن“

تنهنجا يار مڃان احسان،       ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

 

1. سهڻل تنهنجو ڪونهي ثاني،              ڏيهه سڄو ئي تنهنجو ڏاني،

تون ته سهڻن جو سلطان_                      ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

2. يار رکي مون تو سان ياري،                    ساه صدق تو تان سو سو واري،

جان ڪيان قربان_                                  ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

3. نيڻ کڻي جڏهن مون ڏي نهاريئي،    دام وجهي دل دوست ڌ تاريئي،

محب ڪيئي مستان_                            ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

4. نازڪ تنهنجا ناز نرالا،                           پنبڻيون ابرو نيزا ڀلا،

قربئون هڻي ٿو ڪان_                                ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

5. ڏندن سان ڪيئن موتي توريان،          لعل يمن جا لب تان گهوريان،

مٽ نه ٿئي مرجان

ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

6. آءُ ته اصل کان گولي آهيان،                 سينو سڄڻ توسان ڪهڙو ساهيان،

شاهي سڄڻ تنهنجو شان_                       ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

7. صحن سڄڻ مون تو لئه سينگاريو،   گهوٽ اچي اوهين ان ۾ گهاريو،

ٿي محب اچي مهمان_                             ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

8. لالن لائق ڪر تون پنهنجا،                   عيب نه ڏس تون اوگڻ منهنجا،

ڪر ”احسن“ تي احسان_                          ساه سسي سر گهوريون گهوريان!

هري درياني ”دلگير“

 

ولر کان جو وڇڙيو اڪيلو پکيئڙو،

اچانڪ اڻانگو اچي پيد پيڙو!

 

1. نه ڪو ڏوهه ڪنهن جو، نه قسمت ڪميڻي،  جو قسمت جي واڳ آهه تنهنجي وهيڻي،

ڪچو ڪين ڪوٺيان، جو خود ڪانڌ ڪيڙو!

2. ڪنو ڪنهن کي ڪوٺيان؟ ڪرڻ وارو تون ئي،  قلم تنهنجي هٿ ۾، لکڻ وارو تون ئي،

سو وهه وهه، قلم کان وهي جيڪو ويڙو!

3. هي ڏکڙا، سکن جي ڦري سونهن ٿيندا، هي ڏولاوا آخر اچي ڏاڻ ڏيندا،

چمي چايان چشمين، اوهان جيڪي چيڙو!

محمد صالح سپيو” صالح“

 

رهجي اچي شل رس، ”قالو بليٰ“ جو قول نه وسري!

1. ڪالهه ڪالهوڻي قرب ڪوازي، اڄ بني آهي ڪهڙي بازي،

رڳو حرص هوائي هوس، رات ڏکن ۾ ڏينهن ٿو گذري.

2. سوکو آهي يار سڏائڻ، اوکو آهي نينهن نڀائڻ،

ڪسر نه ڏسجي ڪس_ ري ڪس کائڻ نينهن نه نبري.

3. پيچ پرت جو پهرين پائي،پوءِ نه وڃجي پاڻ ڇڏائي،

ڏاهن جو آهي ڏس_ نيهن نسنگ ڀلي سنگ ٿي نسري.

4.ڄاڻ هوندي ڀي مون نه ڄاتو، پاڻ کي مون نه پاڻ سڃاتو،

نيٺ اڳي پوءِ اوس_دل مان اها ئي دانهن ٿي نڪري.

5. ”صالح“ ڪر تون پنهنجا پورا، قول سڄڻ سان ڪيل سمورا،

پوءِ تون ويٺو پس_ سورج سونهن جو ڪيئن ٿو اڀري.

 

همايون قليچ بيگ ميرزا ”فائق“

 

مون هو ڪيو اقرار، آيل، نينهن نڀائينديس......

نينهن نڀائينديس، ور نه وڃائينديس!

 

عشق اندر منجهه اڌما ڏئي ٿو،

سينو نهائينءَ وانگي سڙي ٿو،

 

ڪين ڪنديس نروار، سرتيون پاڻ پچائيندس…..

پاڻ پچائيندس، جان جلائينديس!

 

ڪيچ وڃڻ کان ڇو ٿيون جهليو مون؟

باهه ڀنڀور کي ڏيئي سرتيون،

 

آءُ ته وڃي هڪوار، جيڏيون پنهون پرچائينديس……..

پنهون پرچائينديس، هوت ريجهائينديس!

 

پٻ جا پهڻ ڪن پير پٿون هي،

ماس مرون مر کائن جهنگلي،

 

سور ٻيا به هزار، ڀينر، سر سهسائينديس………

سر سهسائينديس، ڀاڳ کان ڀائينديس!

 

ذات ٻروچ جي ٻانهي آهيان،

”فائق“ سينو ڪونه ٿي ساهيان،

 

ڄام پنهون سردار! تنهنجي ٻانهي چوائينديس………

ٻانهي چوائينديس، گولي سڏائينديس!

 

شيخ ”اياز“

 

ڳل تي ڳوڙها، گل تي شبنم_

ياد اوهان جيٰ ياد اوهان جي!

 

چڻنگو پاڻيءَ جي چوليءَ ۾_ هاءِ ستارن جو هي عالم!

سير سنڌوءَ جي پرخم پرخم!

ياد اوهان جي! ياد اوهان جي!

 

هير گهلي ٿي، نير ڇلي ٿو_ ڌير اچي ٿو، وسري ٿو غم!

نيٺ ته سڪندي چشم پرنم!

ياد اوهان جي! ياد اوهان جي!

 

پيار اوهان جا وار اوهان جا_ گهاو اسان جا ٿيندا ويا ڪم!

وقت لڳائي پل پل مرهم!

ياد اوهان جي! ياد اوهان جي!

 

مرڪ به ايندي سرڪ به ايندي_ چپ تي چپ رهندي ته نه پيهم!

مٺڙا سائين آهي ڪو دم،

ياد اوهان جي! ياد اوهان جي!

 

گيت

 

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

 

نئون گيت

اچ، پيار ڪريون!

دل ساڻ ملايون دل ۽ اکڙيون چار ڪريون“

اچ، پيار ڪريون!

شبنم لي گل واجهائي، گل تي ڀونرو ديوانو،

سورج لي تارا وياڪل، ديپڪ خاطر پروانو،

پاڻيءَ لي مڇلي ماندي، موجن تي مست ڪنارو،

قدرت ۾ هر وستوءَ کي آ پنهنجو پنهنجو پيارو،

پوءِ تون مان ڇو گهٻرايون،

ڇو دنيا جو ويچار ڪريون؟

اچ، پيار ڪريون!

پنهنجي پياسي پلڪن ۾، قربن جو ڪاجل پاڻي،

سک جي لالي چورائي، سڪ جي سرهاڻ لڳائي،

چاهت جو چندن ٻاري، آشا جا ديپ جلائي،

آنند جو فرض وڇائي، سپنن جي سيج سجائي،

پنهنجي تن، پنهنجي من جو،

پنهنجي گهر جو سينگار ڪريون_

اچ، پيار ڪريون!

ٻن چئن ڏينهن جو جوڀن، روئي ڇا لاءِ گذاريون؟

ڇو اوسيڙن ۽ آهن، سڏڪن ۾ راتيون گهاريون؟

بهتر ٿيندو دنيا کي، مشڪڻ، ماڻڻ سيکاريون،

رهبر ٿي ٽٽل دلين کي ڪا راهه نئين ڏيکاريون!

هڪ ٻئي سان ڇا، دنيا سان

اڄ الفت جو اقرار ڪريون.

اچ، پيار ڪريون!

شيخ ”اياز“

 

ديهاتي گيت

ڦٽڻ لڳي آ، ميندي مٺڙا،

نمن جهليو آ ٻور_

ڪيسين رهندي دور!

پريت اسان جي نه رهي، نه رهي، سونهن سرنهن جي سرهي سرهي،

من کي ڪيو مجبور_

ڪيسين رهندي دور!

بوند اکين مان نه ڪري، نه ڪري،

اولهه کان آئي جو ڪڪري،

برسيا سي ڀرپور_

ڪيسين رهندي دور!

تو لي ساهه ائين سيڏائي،

جهونجهڪڙي جو جئن واجهائي،

ڄانڀي لاءِ تلور_

ڪيسين رهندي دور!

منهنجي آس، ڏکن جو ڏيئڙو،

منهنجو هر سانجهيءَ اوسيئڙو،

مري نه سگهندو مور_

ڪيسين رهندي دور!

ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نمن جهليو ٻور،

ڪيسين رهندي دور!

”تنوير“ عباسي

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

ڏينهن لڙئي، پاڇن جان وڌندي، اوندهه جو ٿيو دل تي گهيرو؛

سانجهيءَ آئي، پکيئڙن وانگر من ۾ مونجهه ڪيو واهيرو؛

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو!

اجرو نيرو اڀ، او مٺڙا، اوندهه ۾ گدلو ٿيندو ويو،

منهنجي من تي تارن وانگر هڪ جي پٺيان ٻيو غم ايندو ويو_

پر منهنجو من ڪين ٿيو ميرو؛

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو!

اونداهين ڪارين راتين جان ڇايا آهن دکڙا من ۾،

چمڪو ڏئي ۽ گم ٿي وئي آ، ٽانڊاڻي جان آس انهن ۾_

موٽ ته ٿئي ڪو صبح سويرو؛

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو!

پوئين پهر ۾ باک جو ڦٽندي، سونهري ڪرڻا ڪر کڻندا،

نيڻ نه ڀڄندا هير به ڀڄندي، او جنهن ويل ڪڪڙ دس هڻندا_

ڀيڄ ڀنيءَ جو ڪج ڪو ڀيرو:

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو!

نور جا تڙڪا نانگن وانگر منهنجي ساهه ۾ سرندا رهندا،

توکان سوا ڪرڻا ڪنڊن جان منهنجي هانو ۾ هرندا رهندا_

دل ۾ دکڙن جو ٿيو ديرو:

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو!

”بشير“ مورياڻي

 

دل ٿي ڳائي گيت پريت جا، دل ٿي ڳائي گيت!

ڪوئي سندر سندر مکڙو من ۾ آهي سمايو،

رنگ روپ جي رهسي من کي سندرتا للچايو!

ڳايو،

ذري ذري گيت پريت جو، هر شي کان چورايو_

آيو،

ڌيان  آ مون کي تنهنجو، آهين ڪٿ او من جا ميت! پل پل دل ٿي ڳائي گيت!

دل ٿي ڳائي گيت پريت جا، دل ٿي ڳائي گيت!

منهنجي ويچارن کي تنهنجي برهن آهي جلايو،

ڏک ڏٺا مون تنهنجي پريت ۾، ٻيو ڇا آهي پرايو_

ڀايو،

ڪجهه به نه مون کي، تو بن سجني سورن آهي ستايو_

سايو،

سک جو ڏٺو مون ڪونهي، جيون دک جو گيت ٻڌايو:

پريت جو دک ڀي سک آهي، ۽ هار به آهي جيت!

پل پل دل ٿي ڳائي گيت!

دل ٿي ڳائي گيت پريت جا، دل ٿي ڳائي گيت!

احمد خان مصراڻي” آصف“

اي سکي، ڪو سڪ سندو سهرو سڻاءِ!

من ڇنڊو ڪو هيانو منهنجي تي پوي!

اي سکي، جنهن ساڻ ڇتڙن جي پريت،

سو وساري ڪين وهنديس ڪنهن به ريت،

ان کي ساريو ڳچ ٿي ڳاريان، هاءِ هاءِ!

اي سکي.........

اي سکي، ٻن پيو جدائيءَ جو جئڻ،

آ جدائي جو جئڻ هر هر مرڻ،

ريءَ سڄڻ دنيا ٿي ڄڻ دوزخ جي جاءِ!

اي سکي.......

اي سکي، مون کي نه پاڙيچون سهن،

ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڄڻيون ڏونگها ڏين،

سڀ سهان ٿي صبر سان لالن جي لاءِ!

اي سکي........

اي سکي، منهنجي سڄڻ وٽ جي وڃين،

کيس چئجان ”ڇو وئين ڀيرا ڀڃين،

”ٻانهڙي“ پنهنجيءَ کي گهائي ڪيم گهاءِ!“

اي سکي.......

لوڪ گيت

رائچند هريجن

راهوڙو ريلان

(پرديس ۾ پرڻيل ڀيڻ جي يادگيري پوي ٿي؛ ڀاءُ پوءِ ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃي ٿو؛ ڀيڻ سان گڏ ڀيڻوئو به اچي ٿو، جنهن جي چڱي چوکي کاڌي پيتي ۽ خذمت چاڪريءَ جو ماءُ ۽ ڀيڻون، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سڀ انتظام ڪن ٿا؛ ڀيڻوئي جي خوشيءَ لاءِ دهلن وارا ۽ گويا ڳائين ٿا، ۽ انهن کي گهور ۽ پئسا ملن ٿا؛ پوءِ موٽي وڃڻ وقت پرديسياڻيءَ ڀيڻ کي ڀاڄائي، ڀيڻون، ۽ سڀ سهيليون حب سان سينگاري سنڀرائين ٿيون؛ ۽ آخر ڇوڪري رواني ٿئي ٿي، ۽ سڀني جي هن اداس موڪلاڻي تي دل ڀرجي ٿي اچي، اهو ورتانت هن گيت ۾ ڏيکاريل آهي.)

گهڙو نه ٻوڏي، گگر نه ٻوڏي،            (دلو نٿو ٻڏي، نڪا دلي ٿي ٻڏي،

هينڍوڻي هيلان کائي!   

سينهو پيو مٿي تان ٿڙڪي!)                

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com