سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4- 1956ع

غلام محمد گرامي

گذارش

نئون سال

”مهراڻ“ جي هن اشاعت سان، ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال خير سان پورو ٿيو، نئين سال ۾ پير پائيندي، ”مهراڻ“ پنهنجن عزيز پڙهندڙن ۽ محترم اديبن جي خدمت ۾ سندن آئيندي جي مسرتن ۽ ڪاميابين لاءِ پنهنجون نيڪ تمنائون پيش ٿو ڪري،  ۽ پنهنجيءَ ڳڻن_ڀريءَ سونهاريءَ سنڌڙيءَ جي سالميت ۽ سڪار لاءِ ساڻن گڏجي دلي دعائون ٿو گهري، ۽ انهن دعائن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِکين مخلصانه جدوجهد جي دعوت ٿو ڏئي، خالص ادب جي ميدان ۾ ”مهراڻ“ جي معيار جو، جيئن اڳي تيئن هاڻي، وري به مٿن  ئي دارومدار آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو بي پايان بحر سنڌي عوام جي سالم نگاهه، پاڪيزه جذبات ۽ صحتمند فڪر وسيلي ئي قائم آهي ۽ تاقيامت قائم رهندو؛ هن بي بها موتين جي اکٽ ڀنڊار مان، ”مهراڻ“ پنهنجي وت ۽ وس آهر، سندن ئي ڪر مفر ماين وسيلي، هيلتائين ٻه چار موتي پئي ميڙيا آهن، ۽ آئيندي پڻ ”مهراڻ“ کي مٿن ئي ڀروسو آهي ته، مهل ڪمهل، ٿڪيءَ ٽٽيءَ، هوئي کيس هٿ هٿ ۾ ڏئي هميشه پاڻ سان گڏ، اڳتي نيندا رهندا.

”مين مٿي سمرا، کهين سڏ ڪرين،

”ساٿ نباهيو نين، اي پر سندي سڄڻين!“

ادب، ۽ ان جا ”نقاد“

ادب معرفت ماڻهو زندگيءَ جي حقيقتن کي ڄاڻڻ چاهيندا آهن، ۽ انهن متعلق جيڪي شڪ شبها ۽ سوال سندن دلين ۾ پيدا ٿيندا آهن، تن کي ادب ۾ زياده صاف ۽ اثرائتي انداز سان بيان ٿيل ڏسي، هو خوش ٿيندا آهن: ساڳئي وقت زندگيءَ جي انهن حقيقتن کي بدلائي ڪنهن بهتر صورت ۾ آڻڻ لاءِ سندن دلين ۾ جيڪي خيال، ارادا ۽ امنگ اٿندا رهندا آهن، تن جي ترجماني ۽ اظهار پڻ ادب وسيلي ئي سندن سامهون ايندو آهي. ادب جون اهي ٻه حيثيتون_هڪ تنقيدي ۽ ٻي اصلاحي_ اديبن توڙي باشعور پڙهندڙن وٽ مسلم آهن، افسوس فقط هن ڳالهه جو آهي ته جڏهن به ادب، پنهنجي تنقيد توڙي اصلاح ۾، سچ ۽ صاف_گوئيءَ جي بنهه ويجهو وڃي رسندو آهي، تڏهن ڪوڙ جي هيراڪن جي ٻيئي هٿ يڪدم ڪنن تي اچي ويندا آهن، ۽ اونداهين جي رهواسين جون اکيون سسندي سسندي بنهه بند ٿي وينديون آهن- ۽ پوءِ وٽن باقي جيڪا وڃي رهي کهي هڪڙي زبان بچندي آهي، تنهن کي وٺي کڻي مرڳو ئي ٻاهر ڪڍندا آهن، ڪير جو سندن ان ڇڙ واڳ ۽ ذهن جي ضابطي کان نڪتل نجس_پيما کي پوءِ روڪي سگهي!، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾، ننڍي وڏي جي وات، ۾ هيءَ ڳالهه عام هوندي آهي ته هن يا هن خاص هنڌ تي ناڻي جي ديڳ پوري پيئي آهي، پر واسينگ نانگ ان تي پنهنجي زهر ڀريل سسي رکيو ستو پيو آهي: جيڪو ان ديڳ جي ويجهو ويندو، ان کي هو هڪ ئي ڦوڪ سان ڀسم ڪري ڇڏيندو. ٻهراڙيءَ جي هن کل جهڙيءَ عام روايت ۾ممڪن آهي، ته سنڌ جو پورهيت عوام پنهنجي ئي روزمرهه جي مفلس زندگيءَ جو عڪس ڏسندو هجي، جنهن موجب سندس پنهنجي پگهر جي پيدا ڪيل سموري دولت ميڙجي سيڙجي وڃيو ڳوٺ جي زميندار وٽ ڍڳ ٿئي ۽ هو پاڻ ان جو پيدا ڪندڙ اک کڻي رڳو ان ڏانهن پورو نهاري به نٿو سگهي، بهرهال، سچ جي دولت ته واقعي ان روايتي ناڻي جي ديڳ وانگر زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ پوري پيئي آهي؛ پر افسوس، جو ان تي پڻ مالدارن ۽ مفاد پرستن جا زرخريد راکا ۽ پهريدار لٺ کنيو محڪم بنيا ويٺا آهن: مجال آهي، جو زندگيءَ جي تنقيد ۽ اصلاح ۾، ڪنهن اديب يا عالم جو قلم سچ جو پيرو کڻي سندن پاٿارين تائين پهچي_ هڪدم هائيد وس مچي ويندو، وٺ_ وٺان پئجي ويندي، ڀيرين تي ڏونڪا لڳي ويندا_ چي، ”گهوڙا هاڻي ڳالهيون ٿيون کلن، پت ٿي وڃي!“ ادب جو واقعي اهو هڪ قديم ۽ بنيادي مسئلو آهي ته حقيقتن جي بيان ۾ صاف_گوئيءَ ۽ رک_رکان جي هن متضاد سماجي ضرورت کي ڪيتريءَ حد تائين تسليم ڪيو وڃي. ”مهراڻ“ جي گذريل ٻن سالن جي ادارتي فرض ادائيءَ ۾، ادب جي انهيءَ نازڪ مسئلي کي نباهڻ جي، پنهنجي طرفان هيٺئين اصول تي ئي اسان ڪوشش پئي ڪئي آهي:

”سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچو رهي:

”پوءِ جيئن رات کانپوءِ ڏينهن جي اچڻ جي پڪ آهي_

”تيئن ئي پڪ آهي ته ڪٿي هو ڪوڙو  ٿي ئي نه سگهندو!“

مگرافسوس، جو هن سموري عرصي ۾، سنڌ جي ادب ۽ صحافت جي ڪن عاليجنابن کي ”مهراڻ“ مان محض ڪفر ۽ الحاد ئي پلئه پيو آهي. هي صاحب جيڪڏهن اسان کي معاف ڪرڻ فرمائين، ته کين عرض ڪري ڇڏيون ته هيتري ساري سندن ايمان سان گڏ ٿورڙو الحاد ۽ ٿورڙو ڪفر جيڪي سو کين فائدو وٺي پهچائيندو_اهڙي اسان کي اميد آهي! وڌيڪ کين گذارش هيءَ آهي ته

” يا واقعي پاڻ ڪا بهتر ڳالهه پيش ڪريون، يا انصاف کان ڪم وٺو؛

” يا علم جي دريا دلي، نمرتا ۽ سهپ ڌاريو، يا نظر جي بلندي ۽ قلب جي وسعت پيدا ڪريو؛

”ياخاموش رهو، صلاح مڃو، ۽ چپ چاپ اٿي وڃو،

بحث بند ڪريو، پنهنجو رستو وٺو، خدا حافظ!“

ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس

ڊسمبر 1956ع جي 23 کان 29 تاريخ تائين، دهليءَ ۾، ايشيا جي اديبن جي هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ٿي گذري، ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سترهن ملڪن کان آيل وفدن شرڪت ڪئي، (ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي اداري طرفان هن ئي پرچي ۾ پيش ڪئي وئي آهي.) مختلف ٻولين جي اديبن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ ٻوليءَ جي ادبي صورتحال ۽ رجحانن تي تقريرون ڪيون ۽ مقالا پڙهيا، هڪ ٻئي کي ادب جي نين راهن ۽ تقاضائن کان آگاهه ڪيو ۽ سڀني گڏجي ايشيائي ادب ۽ ثقافت جي ڦهلاءَ جو وسيع پروگرام ٺاهيو. اها ڪيتري نه ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته ههڙيءَ بين القوامي ڪانفرنس ۾ اسان جي وطن سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه نمائندو شريڪ نه ٿيو_جنهن ڪري سنڌ اندر سنڌي زبان جي صورتحال ۽ ادب بنسبت ڪانفرنس ۾ ڪجهه به پيش ٿي نه سگهيو! اها به غنيمت آهي ته هندستان مان سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي اسان جي لائق بزرگ، پروفيسر ايم يو ملڪاڻيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ وڏي وفد ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي اهميت ۽ سنڌي ادب جي مجموعي صورتحال تي تقريرون ڪيون ۽ هندستان ۾ سنڌي زبان کي تسليم ڪرائڻ، ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اٿن، تن کان ايشيا جي اديبن کي واقف ڪيائون. سنڌي زبان  ۽ ان جي ادب جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ هندستان ۾ اسان جي ساٿين جي هيءَ بي مثل ڪوشش  ۽ حوصلو اسان سنڌ جي اديبن ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ کلي للڪار آهي، شل هتي اسان کي به پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهميت جو اهڙو ئي احساس ٿئي!

انعام

”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي جي شعرن، افسانن ۽ مضمونن جو جائزو وٺندي، پارکن جي ڪاميٽيءَ يڪراءِ فيصلو ڏنو ته ان پرچي لاءِ پنجاهه روپين جو پهريون انعام محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مضمون ”پارس کاڻ“ کي ڏنو وڃي. پر جيئن ته ڪاميٽيءَ طرفان اڳ ئي اهو فيصلو ٿيل آهي ته بورڊ جي ڪنهن به ميمبر يا ملازم کي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل سندس لکيتن تي انعام نه ڏنو ويندو، ۽ جيئن ته ڊاڪٽر صاحب بورڊ جو  هڪ ميمبر آهي، تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو ته اهو انعام افسانن ۾ ورهايو وڃي. ساڳيءَ طرح ڏهن روپين جو هڪ انعام سراج الحق لاءِ سندس نظم ”ڪراچي“ واسطي تجويز ڪيو ويو، پر جيئن ته هو صاحب پڻ بورڊ جو ئي ملازم آهي، تنهن ڪري اهو انعام به ٻيءَ صورت ۾ ڪم آندو ويو، انعامن جي آخري صورت هيءَ آهي_

شعر:

هري ”دلگير“           _نظم                    (ص 32) 0-0-25

رشيد احمد ”رشيد“  _ ٻولي                    (ص 49)  0-0-25

شيخ اياز               _بيت                       (ص 11) 0-0-10

لطف الله بدوي       _بيت                       (ص 11) 0-0-10

مخدوم غلام احمد ”غلام“     _ڪافي         (ص15) 0-0-10

صالح محمد سمو                 _نظم           (ص 43) 0-0-10

افسانا:

جمال ابڙو                   _”بدمعاش“         (ص 67) 0-0-10

جڳديش لڇاڻي             _لڙڪن جي لڙي    (ص 80) 0-0-10

بشير مورياڻي               _ٽڪري               (ص  85) 0-0-10

الهه رکيو پريو    _اوور ڪوٽ (ترجمو)         (ص 195) 0-0-10

 

مضمون:

عبدالقيوم ”صائب“ انسان جي تخليق (ترجمو) (ص 120) 0-0-10

 

ڏهن روپين جو هڪ خاص انعام محترم شيخ عبدالله کي ”مهراڻ“ جي ٻاهرئين ڪور ڊزائين لاءِ ڏنو ويو.

 

”مهراڻ“ جا نوان ايڊيٽر

”مهراڻ“ جي پڙهندڙن ۽ اديبن صاحبن کي اهو ٻڌي نهايت خوشي ٿيندي ته هن نئين سال کان محترم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ۽ محترم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جن ”مهراڻ“ جي ادارت جا فرض سنڀالڻ قبول ڪيا آهن. ”مهراڻ“ جو معيار بلند کان بلند تر ٿيندو ويندو، ۽ بورڊ جو هيءُ عملي ۽ ادبي رسالو سنڌ جي ادبي ۽ علمي تقاضائن کي آئيندي پڻ بهتر کان بهتر نموني ۾ پورو ڪندو رهندو.

گذارش

”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو هيءُ چوٿون پرچو پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي، هن پرچي سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال پورو ٿيو. ”مهراڻ“ جا محترم اديب  ۽ پڙهندڙ هيتري تائين ان سان جيڪا وابستگي ۽ محبت ڏيکاريندا پئي آيا آهن، اميد اٿئون ته نئين سال ۾ پڻ ان ۾ پوئتي ڪين پوندا ۽ هميشه وانگر ان کي پنهنجو رسالو سمجهي، اسان سان پنهنجو دلي تعاون ڪندا ايندا.

”مهراڻ“ جي خريدارن کي گذارش آهي ته گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ هو پاڻ، پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سميت، نئين سال جو چندو ڀري، ”مهراڻ“ کي سندن ادبي خدمت جو موقعو ڏيندا.

”سچل“ رحه

ڪافي

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

برهي جي اک ببيني، ڪائي مثال چيني،

توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي.

گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،

عاشق ڏسڻ کنئون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.

صورت ۾ جاءِ دم جي، دم ريءَ نه صورت ڪم جي،

دم ۾ جا لذت غم جي، وهه واهه ڳالهه خاصي.

ابليس جي وڏائي، هر سانس تي سوائي،

جيوڻ ته دم ڀلائي، نه ته تهت نحس ناسي.

ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري،

وحدت جنين وساري، تن تن_مٽي اڻاسي.

بيت

مارڳو مٿاهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪير،

سا پڇي ساٿ سوير، جائي مارڳ تي مري.

جي تون مارڳ تي مرين، وڏا طالع تو،

سانول ساڳي سو، مٿان تو هٿ ڏئي.

ملهي مارڳ مر، تان تون تنين جي ٿئين،

جبل هار نه جر، ارتو اکڙين مون.

مارڳ جي مئينءَ، ”ويچاريءَ وس ڪيو“.

مارڳ مرن جي، ورن تنين کي ويجهڙو،

هي هي هوتن کي، ٿئي ارمان انهن جو.

مارڳ مرڻ آهه، گهوريو جيڻ جيڏيون،

پير نه پويون پاءِ، عاشق مر اڳي ٿئين.

مارڳ آهي مرڻ، جيڏيون هن جيڻ کون،

وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ،

ٻاروچا ٻرڻ، ٿيو ڪم ڪوهيار جو.

مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون،

هوت ههڙي حال، مان مٿان مون هٿ ڏئي!

_سچل

بيت

محمد خان”غني“، شيخ” اياز“، عارف الموليٰ، عبدالجبار ”شام“، ”حافظ“ حسيني.

 

دوها: شيخ ”اياز“، ”بشير“ مورياڻي.

 

سي حرفي

ڌڻي بخش ”مشتاق“.

ڪافيون

فقير خير محمد؛ محمد خان”غني“ منٺار فقير؛ حافظ محمد ”احسن“، هري درياني ”دلگير“، محمد صالح سپيو“ همايون مرزا ”فائق“.

وائي؛ شيخ ”اياز“

گيت:

گوورڌن محبوباڻي؛ شيخ ”اياز“ ، ”تنوير“ عباسي، ”بشير“ مورياڻي؛ احمد خان

”آصف“

لوڪ گيت؛

رائچند هريجن؛ منگهارام ”اوجها“ ۽ ڏيپلائي.

نظم؛

گوورڌن محبوباڻي؛ ”نياز“ همايوني؛ ”تنوير“ عباسي؛ عبدالله ”عبد“؛ خواجه غلام احمد ”همدم“ هري درياني ”دلگير“، شيخ ”اياز“، نارائڻ ”شيام“؛ ”بشير“ مورياڻي؛ سڳن آهوجا؛ رشيد احمد ”رشيد“.

آزاد نظم

شيخ ”اياز“؛ شمشير الحيدري؛ ”بشير“ مورياڻي؛ ”برده“ سنڌي.

نيون طرزون

سانيٽ: نارائڻ ”شيام“

موزون بيت: ”تنوير“ عباسي.

غزل

”تنوير“ عباسي، شيخ” اياز“؛ هري ”دلگير“؛ ”بشير“ مورياڻي؛ عبدالحليم ”جوش“ شمشير الحيدري“ سڳن آهوجا؛ ”حافظ“ حسيني.

رباعيون

موتي ”پرڪاش“؛ هري ”دلگير“.

ادب لطيف

محمد خان جمالي ”آواره“.

”آءُ اها ئي انساني دل آهيان، جيڪا هن سادي دنيا جي قيد ۾ رهي، ۽ هن مٽيءَ جي پتلي، انسان، جي بنايل قانون هٿان قتل ٿي ويئي، حسن  جي کيتيءَ ۾، زندگي جي چشمن جي ڪنارن تي، مون کي انساني قانونن جي پڃري ۾ گرفتار ڪيو ويو، آءُ محبت جي هنج ۾، خدا جي خلقيل زمين تي، بيوس ۽ ويچاري ٿي مري ويس_ڇاڪاڻ ته هن زمين جي ميوي ۽ محبت جي حسين نعمت کان مون کي محروم ڪيو ويو. جيڪي مون چاهيو ٿي، سو دنيا جي نظرن ۾ ”عار“ هو، ۽ جنهن جي مون خواهش ٿي ڪئي، انهيءَ کي هنن ”ذلت“ ٿي ليکيو.

”آءُ انساني دل آهيان_دنيا جي اونداهين ۾ ڦاسي بيجان ٿي ويئي آهيان؛ بي معنيٰ وهمن ۽ وسوسن جي قيدڻ بنجي، مجبور ۽ ويچاري ٿي ويس؛ رسم و رواج جي گورک ڌنڌي ۾ وٺجي، منهنجو اصلي احساس ويندو رهيو: پر هيتري ساري هاڃي کانپوءِ به اڃان انسان جي زبان گونگي آهي، ۽ هن جون اکيون لڙڪن هارڻ بجاءِ مون کي ڏسي الٽو پييون کلن ۽ خوش ٿين!“

خليل جبران

بيت

محمد خان ”غني“

پڪي پوري ڪانه ڪئي، پر ڪچي ڪيو ڪم،

وريو ورق وصال جو، دير نه وڌئين دم،

هاڻي ڏسان ڏم، ٿو ڪاوڙ مون تي ڪيئن ڪري!

 

موڳي! هن ميهار، ڪيئي وڌيون ڪن ۾،

پاڻ به ملي تن کي پييون جي پاتار،

انهيءَ جي آڌار، ڪاهي پئج ڪنن ۾.

 

موڳي!هن ميهار، تاريون گهڻيون تک مان،

سگهي پو سمونڊ ۾، وير نه وجهه تون وار،

آهن ٿيڻا ات ئي، دوست جا ديدار،

پڇ نه پريان پار، ساهڙ ملند ئي سير ۾.

 

ڪني ڏٺم ڪن ۾، پر ڪن ۾ ڪانه هياس،

سيڻهه ثابت سان هيم، جو ساهڙ جو سڏياس،

انهيءَ سڪ سندياس، مون کي تاريو آهي تار مان.

 

ڪني ڏٺم ڪن ۾، پر ڪن ۾ وينديس ڪوه،

ساهڙ سندي سار ٿي، منهنجو تڳا توه،

اٿڻ آڌيءَ رات جو، ڏم وٽ آهي ڏوه،

ڪچو رکي ڪانهه ۾، پنهنجو ڇنڊيئون ڇوه،

هن ته ڪيو ڊوهه، پر ٿي سا واٽ وصال جي.

 

ڏسي ڏسڻ واريون، ڪنن ڪنبايون،

ساهڙ ڪين سڏ، پر اوڏيون نا آيون،

آين هول هنئين ۾، سي هيبت هٽايون،

جي گهرءَ گهرايون، سي ڪنبيون ڪين ڪنن کان.

 

ڏٺم عام ائين ته ٿي لهرين ۾ لڙهياس،

ڪوڙيون ڪهڻ واريون، هندورن هياس،

ٻيليءَ سندي ٻانهن تي، سولي آءُ ستياس،

وڃي ات ٿياس، جت ساهڙ سوا ڪونه ٻيو.

 

ڪنڌيءَ ڀر ٿيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،

ساهڙ سڏي تن کي، پر اوڏيون ڪين اچن،

ڪنن آهي قهر ڪو، ٿيون انهيءَ ڀو ڀڄن،

منهنجي ساهڙ ساڻ جي، رکي سينڌ ڏسن،

ته ڪنڌيءَ تان ئي ڪرن، ڪنبن ڪين ڪنن کان.

شيخ  ”اياز“

آئي سار سڄڻ جي، سڙهه پکيڙيا ساهه،

دکن جا درياهه، جهاڳڻ لڳس جيءَ ۾!

 

دکي پيو دونهون، ويڳاڻن جي واٽ تي،

شايد ڪو سونهون، پيو پنڌ پرينءَ ڏي!

 

ڪنهن جي ڪوجهائي؟ سڄڻ آ هر ساهه ۾!

چانڊوڪي چائي، اسان اوندهه اوٽ مان.

 

پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،

پکي پرڏيهي پرڙا پتوڙڻ لڳا.

 

ڳڻن ڳاڻاٽو، ڪري ڪير پرين جو،

گهڻو ئي گهاٽو، پر سڦرو سودو سڪ جو.

 

آئي رت رابيل جي، پيا پرين جا پور،

نينهن سندا ناسور، اندر ۾ اکلي پيا.

عارف الموليٰ

سنڌي ٿيءُ سجاڳ، آرس جيون ڇڏ عادتون،

سکيا ڇڏ سمهڻ جي، جانب اٿي جاڳ،

ساٿي سنبري هليا، توکي ننڊ نڀاڳ،

وري چور وجود ۾، ڪو رمزن ڀريو راڳ،

ڏوري ڏس ڏونگر ۾، محبت سندو ماڳ،

سمهي وڃايو سسيءَ، سندو سيج سهاڳ،

ويٺي ورندو ڪينڪي، اٿي جبل جهاڳ،

مري جيءُ ته ماڻئين، لاحد وارو لاڳ،

مئي متي مهراڻ جو، اٿي عشق اجهاڳ،

لڏي لهرين وچ ۾، ڀائو تنهنجو ڀاڳ،

سندو برهه بهاڳ، ”عارف“ اور عجيب سان.

عبدالجبار ”شام“

ڪهي ويو قافلو، ڪاهيو ٿي ڪاهيان،

وهان ور وساري، نانگي سان ناهيان،

اوکي ٿي آهيان، توکان ڇڄي ڇٽ ڌڻي.

 

ڪهي ويو قافلو، اڳيان رڳي رڃ،

الله اٿم اڃ، پرديسيءَ جي پيار جي.

”حافظ“ حسيني

راتوڪي رات، رندن رهاڻيون ڪيون،

وجودان ويڇو ويو، ذرو رهي نه ذات،

ڏاتر سندي ڏات، ملي محبتين کي.

 

الا ڪو وڃي، سنيهو ڏي سڃڻين،

مٺڙا مون مٺيءَ تي، ڀيرو ڇڏيئي ڀڃي،

دردن ڇڏيو دل کي، پڃاري جيان پڃي،

منٿ ميڙ مڃي، اڱڻ آ عجيب تون.

 

الا ڪو هجي، جو سنيهو ڏي سڄڻين:

”جانب جدائي ۾، اکيان آب اچي،

”لڇي ۽ پچي، دلڙي درد فراق  ۾“.

دوها

”شيخ“ اياز

ڪهي ڪتين تان آئين سائين، پهتين منهنجي ديس،

ڏس ته سهين ڪهڙو سونهي ٿو، توکي منهنجو ديس!

 

ويجهو آهين، وس ۾ ناهين، پري نه آهين پاڻان،

رنگ رنگ ۾، روپ روپ ۾، توکي آءُ سڃاڻان.

 

چوريءَ چوريءَ پهچي من ۾، لڪي ليئا پائين،

آءُ هلي هي گهر تنهنجو آ، منهنجا مٺڙا سائين!

 

مان ئي آهيان حسن ازل جو، مان ئي هان بد صورتي،

مان پوڄاري، مان ئي مندر، مان ئي پنهنجي مورتي.

 

بن بن ڀٽڪي، تن من تڙڦي، هٺ هاري انسان،

دور دور ۾ پهتو آخر، تنهنجي در نادان.

 

بشير مورياڻي

ڌنوان

منهنجو ڪم آهي ڌن ميڙڻ، مان آهيان ڌنوان،

منهنجو ان سان ڇا مطلب، ڇا ٿيندو آ انسان!

 

اٺ پهر

رات وڇوڙي جي چادر تي، گذري رئندي رئندي،

صبح ٿيو، پر ڪوئي نه آيو، شام ٿي ڏسندي ڏسندي.

 

شڪار

دل جو پکيئڙو ڦاسائي ويو، آيو هڪڙو ماري،

روح ۽ رڳ رڳ سان ڳنڍيل آ، جنهن جي سندر ڄاري.

سي حرفي

ڌڻي بخش ”مشتاق“

الف_ اساڏي ويڙهي آيا، دلبر ناز دهر دا،

جڳ مبارڪ ڏيوڻ آيا، ڏيک ڪرم دلبر دا،

سينا اکيان فرش ڪيتم،، او ٽرن تي مين ٺردا،

گهر ”مشتاق“ دا پاڪ قدم دي برڪت پاڪ نظر دا.

 

ب_ بسم الله هزار ڪران، جند جان ڏوهين قربان ڪران،

پيران والي پاڪ مٽي مين، ڄاڻ شفاهان نال ڌران،

سهڻا سائين هر دم جيوين، اهدي اهدي ٺران،

ڪرم هزار ”مشتاق“ تي ڪيتو، دعائين ڪردي ڦران.

 

ت_ تار هميشه نانءَ تيڏي، دي، جي ميڏي دي، تاري،

تار اها دلدار ميڏا هي رهندي تاران تاري،

اين تار ڪيتا غم تار ميڪون، هن شاهد رات دي تاري،

لڄ ”مشتاق“ دا ڪڄ ٿيوين تون، ڪرم اهو درڪاري.

 

ث_ ثواب هي حج اڪبر دا، تيڏي منهن دا ڏيکڻ،

ميڏا هي ايمان اهو، طواف تيڏا هر وار ڪرڻ،

مين شهادت عظميٰ ڄاتي، قدمين تيڏي، مرڻ،

”مشتاق“ نعمت ڄاڻي تيڏي، نال ڪنيز دي ٻولڻ.

 

ج_ جهان دا مالڪ هو وان، جي تيڏي تون گهولان،

خاطر ڳولڻ فقرا دي، مين ساري دنيا ڦولان،

تيڏي سرو قد دا سايا، نال طوبيٰ دي تولان،

سچا بڻ ”مشتاق“ تيڏا، ڪل وعدي پال ڏکاوان.

 

ح_ حجاب مين نال ڪيهان، مين ٻانهي تيڏي دردي،

نان تيڏي دا ورد ڪريندي، ساعت ساعت سردي،

ڏي جاه حويلي در تي، مين هان ازلون در دي بردي،

مين ”مشتاق“ دي تين بن، دلبر ڏاڍي ڏکي نڀدي.

 

خ_ خواب خيال وچ تون وسدا، ٻيا جڳ انڌا رهي ڏسدا،

تسبيح نان دلڌير تيڏا، تي ورد گيا رڳ رڳ دا،

تيڏي سهڻي سڏ ڪيتي هي، دل سڌرايا سڪدا،

راز تيڏي ڪون روح ”مشتاق“ دا دم دم ڪردا سجدا.

 

د_ دلبر دل ميڏي دا مالڪ، مين دلبر دي گولي،

گولي ڪر جي سڏن ميڪون، مين ٿيوان صدقي گهولي،

ڪرم سياندا ٿيوي توڙي عزت نهين اها ٿولي،

”مشتاق“ هزاران بخت کلي، جان منزل گولي ڳولي.

 

ذ_ ذڪر نان دلبر دا هي، هان ميڏي دي ٽيڪي،

نان دلبر دا ڳڌم، اپنا سڀ ڪجهه ترڪا ڏيڪي،

عام ڪيا ڄاڻن ڳالهه اها، تان ڪيا بد ڪيا نيڪي،

”مشتاق“ ڪيا بي ذوق ڄاڻن، ها غم دلبر دا سيڪي.

 

ر_ روشن اکيان ماه ميڏي ديان، تيز وانگون تلواران،

ميڏي زخمي هان تي چلديان، دم دم دي وچ ڌاران،

وانگ پتنگ دي لڙن نسنگ، تي مات ڪرينديان زو ران،

سمجهه وسيلا تيڪون هر دم ڪري ”مشتاق“ پڪاران.

 

ز_ زهر هي و الله با لله تين بن جيوڻ ماهي،

نظر ڪرم دي ڀال، ذرا نهين غم ڏيندا دم ساهي،

خيرات وصل دي ڏي چا ميڪون صدقي اپني شاهي،

هان ”مشتاق“ مشهور تيڏا مين، ماه ڪنون تا ماهي.

 

س_ سراپا عشق تيڏا هي، مثل شراب طهورا،

اکيان رڌيان رهن هميشه، ڄاڻڪي روز عاشورا،

روندي روندي بس نه ڪرديان، ڄاڻڪي وزن اڌورا،

دل ”مشتاق“ دا بن تين، ماهي هر دم ٻلدا کورا.

 

ش_ شريعت عشق ميڏي وچ، رو وڻ عين عبادت،

ساري رات خدا دي وچ، آرام حرام سعادت،

هولي هولي سڏڻ تيڏي وچ ملي آرام نهايت،

وچ پيري ”مشتاق“ ڪون مليا نسخا نينهن نيابت.

 

ص_ صحيفا عشق تيڏي دا ٿيا نازل نوراني،

نال پڙهڻ بسم الله دي هي وڌ گئي صحت ايماني،

دست ڪرم دلبر دي ڪيتا هر غم هر شڪ فاني،

مهرون چا”مشتاق“ سڏيا اونيوسف ماهه ڪنعاني.

 

ض_ ضمانت لک ڏتي هي، ميڪون يوسف ثاني،

ڪول نه آس غم تيڏي، هي جيتئين دنيا فاني،

ٿيسي اينوين جيوين اکيا ميڏي ماهه ڪنعاني،

ڏيک ڀال ڪي چڻيا هي  ”مشتاق“ مهر نوراني.

 

ط_ طبيب  هي حال ميڏي دا طاهر اطهر ظاهر،

هر ويلي هر حال دي وچ هي پرسان حال برابر،

ميڏي غم ڪون اپنا غم هي ڄاڻدا صورت خاور،

هي ”مشتاق“ نصيب تيڏا بس لاثاني فاني.

 

ع_ عبادت ڄاڻداهان مين تيڏا عبد سڏاوڻ،

تيڏا عبد سڏاڪي عبد يت ڪون توڙ نڀاوڻ،

محلا تيڏا ڳلي ڪوچي اکيان نال ٻهارڻ،

بعد اوندي هي حق مناسب، نان ”مشتاق“ سڏاوڻ.

 

و_ وصل دي وڻجاران چا وطن ڪيتا هي اٿان،

سياه سفيد دي مالڪ جو ٿئي جنت بڻاون جٿان،

لحظي دي وچ ٽالڻ چاهن صديان ديان جي وٿان،

هي ”مشتاق“ يقين مڪمل دير نهين هي اٿان.

 

هه_ هلال نو ماه وانگون، هن ابرو چن دلبر دي،

مڙ گان جماعت، تيران دي هن وانگ شيران دي لڙدي،

اکيان ڪجليان شور مچاون، ڀول پون محشر دي،

لعل لبان ”مشتاق“ آتي چار قرب ڪيتي ڪوثر دي.

 

لا_ لاحد وصفان تيڏيان، ڍولڻ ڪيڙهيان ڪيڙهيان لکان،

لکدي لکدي ساري عمران قيامت ٻنان رکان،

تان ڀي تيڏي قدمان دي نه وصف ادا ڪر سگهان،

ما لقا” مشتاق“ دا مين تان ڏيک نه تيڪون رچان!

 

ء_ الف اساڏي ويڙهي وس تون هر دم دلبر جيوين،

ڏهدا پيا هين، جهوڪ فنادي لڏ دي پئي هي ڪيوين،

ساٿ نه ڇوڙين بيواهان دا شال لکان ٿيوين،

مين ”مشتاق“ دا حال اينوين بن پاڻي ماهي جيوين.

 

ي_ يگانا دلبر ميڏا، مين دلبر دا بردا،

قيامت تائين رهسي دلبر، مالڪ ميڏي سر دا،

خالق رکسي قائم اون ڪون، جيتئين دور دهر دا،

هي ”مشتاق“ دي لاڄ تيڪون، اي والي روز حشر دا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com