شاعري
ڪتاب
ڪتاب سٺو ساٿي ٻارو
سبق هرڪو سون سارو
ڳالهيون سٺڙيون سٺڙيون هن ۾
ٻوليون مٺڙيون مٺڙيون هن ۾
ننڍي وڏي کي هي وندرائي
هرڪو ان مان ڄاڻ پرائي
هرڪو هن کي ٿو ڀانئي ۽ چاهي
سڪ مان پاڻ پڙهي ۽ ٻئي کي پڙهائي
اوندهه ۾ ٿو جوت جلائي
سمجهو سياڻو ڏاهو بڻائي
قريشي خورشيد سلطانه نوابشاهه
اوهان جو امتحان
ماهه جولاءِ جي پرچي ۾ ڏنل سوال جو جواب آهي: 132 چورس انچ- جن
ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن
ٿا:
ڏيپلو: ميمڻ صلاح الدين فاروقي، فضل الاهي جانواڻي، جئه پرڪاش
موراڻي، امير محمد ميمڻ، جهان آرا ميمڻ، غلام الله
مٺواڻي، الهورايو ميمڻ، خالد حسين سيف، ڪمال
مصطفيٰ ميمڻ، زاهد حسين اسد، ڀڳوانداس، سريش ڪمار
۽ فضل الرحمان صديقاڻي. سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو:
اعجاز علي پنهور ۽ طارق ابڙو. ميرپور ماٿيلو:
عبدالغفار مگسي بلوچ ۽ راجا جي- ڪي بجاج. ڪوٽ ڏيجي
فارم: نعمت الله کوسو. جهڏو: فاروق اعظم ميمڻ.
ٽنڊو محمد خان: محمد صالح ميمڻ، شوڪت علي ڀٽو ۽
قادر بخش ڀٽو. سجاول: پرمانند گل. شهدادڪوٽ: شيخ
شاهنواز علي. چوهڙ جمالي: نور علي ميمڻ ۽ احمد
راهي. ٽنڊو آدم: غازي خان چانگ. هالا: حبيب الله
شيخ، ريشمان ميمڻ ۽ فياض احمد ابڙو. ميرپورخاص:
رفيق احمد ميمڻ ۽ ڀڳوانداس نانڪاڻي. ڳوٺ شير محمد
سولنگي: منظور علي شينو. سڪرنڊ: غلام حسين سومرو
ٺري ميرواهه: رحمت علي بلوچ. داد لغاري: عبدالغفور
لغاري، شوڪت علي پنجابي، الطاف احمد سومرو،
عبدالجبار احمداڻي ۽ عاشق حسين سومرو.شڪارپور:
غلام فاروق سومرو، عمران عطا سومرو، راج پال
خوبچند ۽ نظير احمد ارمان، نوابشاهه: منوهر لعل
تنواڻي، امان الله پنهور ۽ ذوالفقار علي چنڙ. ڳوٺ
ڀليڏنو ڪاڪا: محمد قاسم ڪاڪا، ۽ امام بخش ڪاڪا.
ڳوٺ حاجي ڪمال خان لغاري: ممتاز حسين لغاري ۽
عبدالرزاق بلوچ. رتوديرو: مير احمد ڀٽو، لڇمڻداس،
الهداد بروهي، هريش ڪمار ۽ لياقت علي گهانگهرو.
ڳوٺ نوان جتوئي: نثار احمد ميمڻ ۽ عاجز عبدالقيوم
جتوئي. ڳوٺ ماٿيلي: سراج احمد. شادي پلي: علي اڪبر
عظيم پنهور. ڳوٺ خدا آباد: صلاح الدين قريشي ۽
شجاع الدين قريشي. ڪراچي: نازش اسماعيل. جيمس
آباد: ڄيٺانند. نصرپور: خليل الله ابڙو. گمبٽ:
ڪشور ڪنول ۽ ڪشور ڪمار ناز سنڌي. اسلام ڪوٽ: وريجي
اڻنداڻي. ٽنڊوباگو: تهمينه پروين، فرزانه پروين ۽
امتياز احمد سمون. خيرپورميرس: غلام مستوئي. دادو:
لکيمچند هريراماڻي. لاڙڪاڻو: لالا نثار احمد
سومرو، الهوسايو ڀٽي، عاشق علي گوپانگ، سلطان احمد
کوکر، امر لعل ۽ رضوان احمد ڀٽو، عاشق علي گوپانگ،
سلطان احمد کوکر، امر لعل ۽ رضوان احمد ڀٽو. دڙو:
عبدالله سومرو. حيات پتافي: اوم پرڪاش، ڀون ڪمار
تلريجا، اوم پرڪاش پرياڻي، موتيرام ڪڪڙيجا،
عبدالجبار ميراڻي، نثار احمد ميراڻي، ۽ نرنجن لعل
ماکيجاڻي. مٺي: اشوڪ ڪمار، سريش ڪمار ۽ دليپ ڪمار.
بنگل ديرو: ذوالفقار علي ڀٽو. ڳوٺ چاڪياڻي: احمد
علي بلوچ. پير جو ڳوٺ: حامد علي سومرو. ڳوٺ رشيد
وڳڻ: رجب علي سومرو. ڳوٺ ٿوهي: حيدر علي لغاري،
ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري: منظور مرتضيٰ لغاري،
عنايت الله لغاري، ۽ خالد حسين انصاري. ڳوٺ غلام
حيدر سولنگي: محمد ايوب سولنگي. ڳوٺ قادرپور:
ذوالفقار علي شاهه. ڳوٺ خانواهڻ: آفتاب ڦرڙو. ڳوٺ
ڪرڙ کوسو: غضنفر علي لغاري. کپرو: عبدالجليل
لغاري. پيارو ڳوٺ: غلام نبي ملاح.
خاص انعام: ڇهين آگسٽ تي قلندر شهباز جي ميلي جي موڪل هجڻ ڪري
سنڌي ادبي بورڊ جون سڀ آفيسون بند رهيون، ان ڪري 7
آگسٽ صبح جو 10 بجي پکا وڌا ويا جن ۾ هيٺيان ٽي
ٻار انعام جي حقدار بڻيا آهن، جن مان پهرين نمبر
کي هڪ سال لاءِ پوين ٻنهي نمبرن کي ڇهن مهينن لاءِ
گل ڦل موڪليون ويندو. 1- ڪشور ڪمار ناز سنڌي گمبٽ،
2- اوم پرڪاش وي شداڻي ڳوٺ حيات پتافي، 3- منظور
لغاري ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري تعلقو ٽنڊوباگو.
مٿين ٽنهي ٻارن کي گهرجي ته پوريون ائڊريسون موڪلي، پنهنجا
انعام گهرائي وٺن.
امتحان نمبر-27
هڪ ماڻهو ڪنهن مرڪز کان اتر اوڀر ڏانهن 6 ميل پنڌ ڪري ٿو ۽ ٻيو
ماڻهو ان ساڳئي مرڪز کان ڏکڻ اوڀر ڏانهن 8 ميل پنڌ
ڪري ٿو. ٻڌايو ته انهن ٻنهي ماڻهن جي وچ ۾ سڌو
ٿوري ۾ ٿورو مفاصلو ڪيترو آهي. صحيح جواب
موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب
موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 29 سيپٽمبر
آهي. ان تاريخ کان پوءِ پهچندڙ جواب رد ڪيا ويندا.
جواب سان گڏ، هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 27 ڀري موڪلڻ ضروري
آهي هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪم آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي
لفافي ۾ ڪيترا به ڪوپن گڏ موڪلي سگهجن ٿا. پنهنجا
نالا مختصر ۽ با مطلب لکو.
موڪليندڙ: واشديو سنڌو
اڪبر جسڪاڻي
روح رهاڻ
* فدا حسين شاهه، مٽياري
س: نيوزيلئنڊ جي سڪي جو نالو ڇا آهي؟
ج: فلورن.
* محمد رمضان، ڳڙهي حسن
س: دنيا ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪهڙي اخبار شايع ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي ٻولي
۾؟
ج: نيوز آف دي ورلڊ انگريزي ٻولي ۾.
* علي گل خان، داد لغاري
س: سائيڪل ڪنهن ايجاد ڪئي ۽ ڪڏهن.
ج: اڪرڪ پيٽرڪ- ميڪملن، ملڪ اسڪاٽ لئنڊ، 1839ع ۾.
* شهزانا شوڪت ابڙو، هالا
س: ايران جي سڪي جو نالو ڇا آهي؟
ج: ريال
* راجا رام، لاڙڪاڻو
س: پاڪستان جو نالو ڪنهن رٿيو هو؟
ج: چوڌري رحمت علي.
* خواجه نوار علي، ٽنڊو محمد خان
س: پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو درياءُ ڪهڙو آهي؟
ج: سنڌو درياءُ.
* غلام رسول ڪيريو، ٽنڊو محمد خان
س: ٽي- وي وارن پروگرام روشن تارا ڇو بند ڪيو؟
ج: مرڪزي وزارت بند ڪيو، جنهن جو ان وقت وزير مولانا ڪوثر نيازي
هو ان بند ڪرايو ۽ مرڪزي ڪابينه جي گڏجاڻين ۾ سنڌ
جي ڪنهن به وزير ۽ وزيراعظم به ان تي ڪو اعتراض نه
ڪيو.
* محمد قاسم آزاد
س: دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي ڪهڙي آهي؟
ج: آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن.
* علي گوهر شاهه، باڊهه
س: ٽائيپ رائٽر ڪنهن ايجاد ڪيو ۽ ڪڏهن؟
ج: شول- گڊن 1668ع آمريڪا ۾.
* مسرت عبيدالله ميمڻ، سکر
س: وڏي ۾ وڏو وڻ ڪهڙو آهي ۽ ڪٿي آهي؟
ج: جنرل شرمان وڻ، ڪئيلفورنيا ۾ آهي.
* ديدار علي سومرو
س: الجزائر جي گاديءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟
ج: الجزيريهه.
* منظور علي ٿهيم، جوهي
س: ساهه وارن ۾ وڏي ۾ وڏي عمر ڪنهنجي آهي؟
ج: نانگ جي.
* ڪنيا لعل، چوهڙ جمالي
س: بئراميٽر (هوا جي داب جو اوزار) ڪنهن ايجاد ڪيو،
ج: ٽوني مسيلي 1643ع اٽلي ۾ ايجاد ڪيو.
* منظور شينو، دادو
س: گل ڦل ۾ مواد موڪلڻ جي آخري تاريخ ڪهڙي آهي؟
ج: تاريخ جي ڪابه پابندي نه آهي.
* الهڏتو سولنگي، داد لغاري
س: اسلام ڪڏهن کان شروع ٿيو.
ج: 610ع ۾ جڏهن حضور جن تي وحي نازل ٿي هئي ۽ ان کان پوءِ حضور
جن اسلام جي باقاعده تبليغ شروع ڪئي.
* نور احمد شيخ، باڊهه
س: ڪرسي ڪنهن ايجاد ڪئي.
ج: نمرود.
* غلام فاروق اوٺو، سيوهڻ
س: ڌرتي جي پکيڙ ڪيتري آهي.
ج: 19 ڪروڙ، 85 لک، 50 هزار چورس ميل.
* محمد عيسيٰ ملاح، ٽنڊوباگو
س: پهرين پولاري جو نالو ۽ ان جي ملڪ جو نالو ٻڌايو؟
ج: ميجر گيگارين، ملڪ سويت يونين (روس).
* ڌرم داس، سامارو روڊ
س: عورت ۽ مرد جي اکرن ۾ فرق رهي ٿو ڇا؟
ج: نه ادا، پر مرد جو لکپڙهه سان گهڻو واسطو آهي انڪري ان جا
اکر عورت جي اکرن کان پڪا هوندا آهن.
ترتيب نياز پنهور
سهڻا سخن
علم سکڻ، عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ هو مڙني خوبين جو مجموعو آهي.
(حضرت غوث الاعظم رح)
محمد معروف گاد، لاڙڪاڻو.
غرور عقل لاءِ آفت آهي. (نامعلوم)
اک انسان جي دل جو دروازو. (حضرت ابوبڪر رضه)
مولا بخش ڪاڪا ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪا.
حرام جي ڪمائي کان غريبي سٺي آهي. (نامعلوم)
ڪشمور ڪمار ناز سنڌي. گمبٽ.
سياڻو ماڻهو سڀ ڪم سوچي سمجهي ڪري ٿو. ڇو ته ڪمان مان نڪتل تير
وري موٽي منجهس نٿو اچي. (نامعلوم)
نيڪي اهو ميوو آهي، جيڪو حياتي جي وڻ کي امر ڪري ٿو. (حضرت
ابوبڪر صديق)
سروج ڪماري، لاڙڪاڻو.
عمل بنا علم ائين آهي ڄڻ انڌي اڳيان عينڪ.
(مولانا محمد علي جوهر)
جو ٻئي کي مدد يا سک پهچائي ٿو، سو پاڻ کي ڄڻ سک پهچائي ٿو.
(مولانا عبيدالله
سنڌي)
گريل لال پريسي، جيڪب آباد.
تون ان دوست سان نه ڳالهاءِ جيڪو تنهنجي دشمن سان ڳالهائيندو
هجي. (نامعلوم)
مسڪين غلام مصطفيٰ اوٺو، سيوهڻ.
نعمت جي حفاظت شڪر سان ڪريو. (نامعلوم)
ميمڻ زاهد حسين ”اسد“، ڏيپلو.
محنت ۽ مشقت ماڻهوءَ کي سندس زندگي جي منزل مقصود تي پهچائيندي
رهندي آهي. (حيدر بخش جتوئي).
سچ ڳالهائڻ اخلاق ۽ بهادري جي نشاني آهي (سقراط)
هن دنيا ۾ هر ڪاميابي جي ڪنجي قوت ارادگي آهي. (نامعلوم)
سليم رضا ڀٽي، دڙو.
علم جي تڪميل کان پوءِ عمل جو بندوبست ڪر. (امام ابو حنيفه رضه)
موسيقي انسانن جي عالمگير زبان آهي. (لانگ فيلو)
ڪينو رکڻ سان پنهنجي دل جا زخم ساوا رهندا آهن (بيڪن)
مصيبت ۾ گهٻرائڻ حد کان وڌيڪ مصيبت آهي. (حضرت علي)
عزيز الله مهيسر، ڳوٺ پپري
ان ڳالهه کان هر وقت ڊڄو جو ماءُ نفرت يا بدعا جي لاءِ هٿ کڻي.
(بو علي سينا)
جيڪڏهن مون کان ماءُ ڇڄي وڃي ته مان چريو ٿي پوندس. (فردوسي)
سيد مسعود رضا احمد شاهه دروازي.
دولت سان اسين ڪتاب خريد ڪري سگهون ٿا پر علم نٿا خريد ڪري
سگهون. (علامه آءِ. آءِ قاضي)
صبر هڪ اهڙي سواري آهي جيڪا سوار کي ڪرڻ نٿي ڏئي- (مولانا
عبدالحق)
سهتو مستجاب نفيس، شڪارپور.
آزادي گهرڻ سان نه ملندي آهي. پر اها حاصل ڪبي آهي.
(سائين جي. ايم. سيد).
سچائيءَ جي خاطر پنهنجو گهر ٻار مال ۽ دولت سڀڪجهه لٽائي ڇڏيو
ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي.
(حضرت امام حسين رضه)
ڪانئر ۽ گيدين لاءِ آزادي نه آهي. پر اها انهن دليرن ۽ سرويچن
لاءِ آهي جيڪي سوريءَ کي سيج سمجهي ان ڏانهن وک
وڌائين ٿا. ۽ اکين تي پٽي ٻڌڻ کان انڪار ٿا ڪن.
(جواهر لال نهرو)
عبدالغني ”امر“ پنهور، ميرپور پراڻي.
جيڪڏهن ماڪوڙيون متحد ٿين ته شينهن جي کل لاهي سگهن ٿيون. (شيخ
سعدي)
جيڪو حق جي ڳالهه چوڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ ان کي لڪائي ٿو، اهو
گونگو آهي. (ابو علي آفات)
جنهن تسليم ڪيو ته هن کان غلطي ٿي آهي. پر ان کي درست نٿو ڪري
ته هو هڪ ٻي غلطي ڪري رهيو آهي. (ڪنفيوشس)
مان دراصل غلام بنجڻ پسند نٿو ڪريان، ان ڪري آقا به نه بڻبس.
خاڪي کيٽوي، پنو عاقل.
ٻارن جي اخبار
ٻارن جي مطالبن کي سنڌي اديبن جي حمايت
حيدرآباد ۾ سنڌي ٻارن پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ شهر ۾ مختلف
هنڌن تي مظاهرا ڪيا، سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن
۾ مطالبن مڃرائڻ جو مطالبو هو، ۽ انهن تقريرون پڻ
ڪيون.
هنن جي مطالبن ۾ هيٺيان مطالبا شامل آهن:
18 جولاءِ تي ماسڪو ۾ ٿيندڙ ٻارن جي عالمي ميلي ۾ ويندڙ وفد ۾
سنڌي ٻارن کي به جائز نمائندگي ڏني وڃي.
سنڌي ٻارن کي صدارتي ايوارڊ ڏنا وڃن، ۽ سنڌي ٻولي ۾ مضمون لکڻ
جي اجازت ڏني وڃي، ”روشن تارا“ ٻيهر شروع ڪيو وڃي.
ٻارن جي مطالبن جي حمايت سنڌي اديبن به ڪئي آهي جنهن ۾ بيان تي
هيٺين اديبن جون صحيحون آهن:
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم
جويو، نياز همايوني، امداد حسيني، ظفر حسن، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، آغا سليم، شوڪت شورو، عبدالقادر
جوڻيجو، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، تنوير عباسي، غلام
عباس ڀنڀرو، نجم عباسي، نعيم دريشاڻي، الطاف
عباسي، اعجاز قريشي، مراد علي مرزا، پروانو ڀٽي،
پرڀو ناشاد، شِخ عزيز، جمال رند، ميرمحمد پيرزادو،
ولي رام ولڀ، ع-ق- شيخ، عنايت الله عباسي، ڊاڪٽر
محمد يوسف پنهور، قاضي خادم شرجيل، نثار حسيني،
نصيرمرزا، سارنگ ابڙو، انور هالائي، عابد بلوچ،
سيف ٻنوي، نياز عاقلاڻي، قاسم ٻگهيو، اياز عالم
ابڙو، دارا ابڙو، قيس ابڙو، منصور عالم، طارق
نفيس، قاسم حيدر، حڪيم عاقلاڻي، ناز سنائي، زاهد
مخدوم، تنوير جوڻيجو، ليليٰ بانا، خيرالنساء
جعفري، سحر امداد، سوسن مرزا، نسرين جوڻيجو، نسيم
ٿيٻو، ثميره زرين، غفران عاقلاڻي، غالب مراد شاهه،
اسلم لغاري، الهورايو اداسي، نذرحسين بلوچ، محمد
علي ٽالپر، سهيل سانگي، هدايت مهيسر، نظير شورو،
ماٺيڻو اوٺو، الطاف منگسي، اياز گل، ادل سومرو،
رسول ميمڻ، امداد چانڊيو، منظور بيدار، ابراهيم
سارنگ، مختيار ملڪ، حاجي خان ڪيريو، حبيب الله
مرزا، ناز ڀٽو، محب بلوچ، بلبل کورواهي، سراج
جوکيو، اخلاق انصاري، اسلم سنديلو، سرور جوڻيجو،
روپ جهولاڻي، اطهر قريشي، نثار رضوي، جاويد عقيلي،
سرور نواز ٻگهيو، اي- ايم ٻگهيو، محمد علي رياض،
اسلم پرويز، عبدالله جيسر، علي نواز عالماڻي،
شمشير سامي، نورل، الهجڙيو، شاد، اڪبر جسڪاڻي،
رحيم بخش برق، تاج جويو، خاڪي جويو، رشيد صابر ۽
عبدالحڪيم ارشد.
اسي هزار پراڻا هڏا
ڪوهه مري جي ويجهو، تحصيل ڪوهاٽا لڳ هڪ ڳوٺڙي مان اسي هزار
پراڻا هاٿيءَ جا هڏا، ٻن شاگردن ڳولي لڌا آهن.
محمد اقبال ۽ راحت علي اصغر مال گورنمينٽ ڪاليج جا
شاگرد آهن انهن ٻڌايو ته انهن هڏن مان اها ڄاڻ پوي
ٿي ته هي علائقو گرم ۽ گهميل ٽڪرو هو، هي وڏا جهنگ
هئا. هنن ٻنهي شاگردن فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي
ڳوليل هڏن جي جاچ پڙتال لاءِ هو انهن کي ماهرن
ڏانهن موڪليندا.
عجائب گهر ۾ برفيلو چيتو
لاهور جو عجائب گهر، دنيا جي انهن مکيه عجائب گهرن مان هڪ آهي،
جتي هڪ برفيلو چيتو موجود آهي جنهن کي ايئر
ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ رکيو ويو آهي. اٽڪل ٻه مهينا اڳي
هڪ برفيلو چيتو هڪ ريڍار جي گهر ۾ گهڙيو ۽ اتي
بيٺل سڀني رڍن کي ماري ڇڏيو ان کان پوءِ هن جي ڀت
تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو هڪ وڏو پٿر مٿانس
ڪري پيو جنهن سان هو ڦٽجي پيو، ان کان پوءِ ان
برفيلي چيتي کي لاهور جي عجائب خاني ۾ آندو ويو.
ڪٿ ڪئي ويئي آهي ته ان جي قيمت اٽڪل اسي لک رپيا
ٿئي ٿي ۽ سندس ڳاڻيٽو سهڻن جانورن ۾ ڪيو وڃي ٿو.
هنن سان ملو
1123 نالو: عبدالعزيز ميمڻ آزاد
عمر: 15 سال
پڙهندڙ: ڏهون
وندر: قلمي دوستي، شرارت، وڏن جي عزت رکڻ ۽ نماز پڙهڻ
ائڊريس: معرفت ڪئپٽن محمد انور ميمڻ 136- آءِ- فيلڊ ايمبولنس
معرفت ايس بي پي او نمبر 17، آزاد ڪشمير.
1124 نالو: گنگارام ميهشوري
پڙهندڙ: ڪلاس نائون
عمر: 15 سال
وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ مضمون نويسي ڪرڻ
ائڊريس: گل محمد پان هائوس درساڻو ڇنو ملير ڪراچي نمبر 23.
1125 نالو: محمد سليم بلوچ
پڙهندڙ: نائون
عمر: 12 سال
وندر: گل ڦل لاءِ آکاڻيون لکڻ
ائڊريس: موسيٰ پان هائوس در محمد وليج درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
نمبر 23.
1126 نالو: عبدالرزاق بلوچ
پڙهندڙ: ڪلاس نائون
عمر: 12 سال
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
ائڊريس: الحاج در محمد وليج درساڻو ڇنو ملير ڪراچي نمبر 31.
1127 نالو: شاهد حسين عرف عبدالجبار بلوچ
پڙهندڙ: نائون
عمر: 11 سال
وندر: گل ڦل جا خريدار وڌائڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ
ائڊريس: رحيم دلساز اسٽائيل هوٽل درساڻو ڇنو ڪراچي نمبر 25
1128 نالو: محمد سبحان محمد يوسف سولنگي
پڙهندڙ: درجو ڇهون
عمر: 11 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ سائيڪل هلائڻ
ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول داد لغاري پوسٽ آفيس داد لغاري وايا
ڏهرڪي ضلعو سکر.
1129 نالو: غلام حسين وساڻ
عمر: 14 سال
پڙهندڙ: ڏهون ڪلاس
وندر: شرارتون ڪرڻ ۽ رسالا پڙهڻ
ائڊريس: ڳوٺ محمد صادق وساڻ پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ.
1130 نالو: غلام رسول وساڻ
عمر: 16 سال
پڙهندڙ: فرسٽ ايئر
وندر: خاموش رهڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ
ائڊريس: ڳوٺ محمد صادق وساڻ پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ.
1131 نالو: راجو مل پي ڏونگراڻي
عمر: 13 سال
پڙهندڙ: ستون ڪلاس
وندر: گل ڦل رسالا وڪڻڻ
ائڊريس: پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ
1132 نالو: محمد حسن مڱريو
عمر: 18 سال
پڙهندڙ: ڏهون ڪلاس
وندر: قلمي دوستي رکڻ
ائڊريس: مڱريو پان هائوس نئون آباد ضلع سانگهڙ.
1133 نالو: دلاور خان ڀٽي
عمر: 13 سال
پڙهندڙ: ستون ڪلاس
وندر: رسالا پڙهڻ
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون آباد ضلع سانگهڙ.
1134 نالو: پرويز احمد ولد خان محمد سيهڙ
پڙهندڙ: ڇهون
عمر: 10 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
ائڊريس: معرفت عبدالحڪيم سيهڙ ڪريانه مرچنٽ مورو.
1135 نالو: انيس الرحمان ولد خير محمد سيهڙ
پڙهندڙ: ڇهون
عمر: 10 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
ائڊريس: معرفت عبدالحڪيم سيهڙ ڪريانه مرچنٽ مورو.
1136 نالو: غلام مصطفيٰ ڪنڀر ولد محمد خان.
پڙهندڙ: ڪلاس ستون
عمر: 12 سال
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد از جلد ڏيڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ضلع ٺٽو سنڌ.
1137 نالو: غلام قادر ڪنڀر ولد محمد خان ڪنڀر
پڙهندڙ: ڪلاس اٺون
عمر: 13 سال
وندر: بچت ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ضلع ٺٽو سنڌ. |