سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

ممتاز عباسي

سوريءَ مٿي سيڻ

امڙ جيجل! اسڪول جي ڊريس وٺي ڏي نه. سڀ ڇوڪريون منهنجن ڦاٽل ۽ پراڻن ڪپڙن تي چٿريون ٿيون ڪن.“ ڪموءَ چيو.

”هن آچر تي وٺنداسين.“ ماڻس کيس چيو.

”اجايا دلاسا نه ڏي اما. مون کي لٽا وٺي ڏي نه.“

ماڻس هڪ ڇڙٻ ڏنس. ڪموءَ جا سڏڪا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. ماءُ کيس سيني سان لاتو ۽ ٻئي روئي پيون. سڏڪن جي وچ ۾ ڪموءَ ٻيهر کيس ايلاز ڪيا پر ماڻس جو ساڳيو ئي جواب مليس، ڪموءَ جو پيءُ گذريل ڇهن سالن کان دُبئي ڪمائڻ ويو هو پر پٺيان هنن لاءِ ڪجهه نه ڇڏي ويو هو ماڻس ٻين گهرن جا ڪم ڪار ڪري کيس انگريزي اسڪول ۾ ويهاريو هو. مهيني ۾ ڪتاب وٺي ڏنا هئائين هينئر ڊريس لاءِ کيس اڃا مهينو گهرجندو هو.

ڪالهه به ڪموءَ جي ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ڪري ڪنهن به کيس پاڻ سان گڏ نه ٿي ويهاريو. تڏهن هوءَ در وٽ اچي بيٺي هئي. جڏهن سکڻين سکڻين نظرن سان ٻين کي ڏٺائين ته سندس روح ڏکي پيو ۽ دل جا زخم سمي پيس. عذاب جهڙو خيال ڪموءَ جي من ۾ بڙڇي جي گهاءُ وانگر لهي ويو. جڏهن مس ڪلاس ۾ آئي ان به پراڻن ڪپڙن جو طعنو هڻي کيس پٺيان ويهاري ڇڏيو هو. جڏهن مس هوم ورڪ جانچڻ لاءِ اٿي ته ڪلاس ۾ ڪمو ئي هئي جنهن هوم ورڪ ڪيو ۽ باقي سڀ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺيون هيون. مس ڪموءَ کي شاباس ڏني ته سندس اکين مان پاڻي وهي آيو ۽ پوءِ سر سامونڊيءَ جيان ٻيهر سڃي ۽ وياڪيل ٿي ويئي.

رسيس ٿي ويئي. ٽولن جا ٽولا راندين ڪرڻ ۾ محو ٿي ويا. ڪموءَ سان ڪابه راند ڪرڻ واري ڪونه هئي سڀني کي ڌڪا ٿي ڏنا. تڏهن هوءَ سڀني کان ڌار پٿر جي ڏاڪڻ تي اداس ويٺي هئي. آسمان ۾ ڏٺائين ڪجهه نه هو. رات جو آسمان ۾ چنڊ کي ڏٺائين ته هرکي پيئي. دل ۾ چيائين ته چنڊ جهڙو اڇو وڳو هجي ته سڀ دوستي ڪندا. ڏينهن جو آسمان ۾ ڪجهه نه هو. ڄڻ هن ڏٺل جهان جي اهڙي حال کان بي حال هئي ته اڻڏٺي جهان ۾ هن لاءِ ڇا هوندو-!؟

”ڪمو“ ڪنهن کيس سڏيو. اوڏانهن ڏٺائين. مس بيٺل هئي. ساڳئي ئي پيار مان سندس نالو ورتو هئائين. خوشيءَ مان اٿي کڙي ٿي. جذبن جي ڪيفيت لڪائڻ خاطر چيو: ”جيءُ“.

”راند نه ٿي ڪرين-؟“ مس پڇيو. ”مون کي راند نه ئي.....“ لفظ سسي ويس، ڪوڙ ڳالهائيندي چيو“ آپا، مان پاڻ نه ٿي کيڏان.“ اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ منهن موڙي ڇڏيو.

”ڪمو-؟“ مس کيس چيو: ”تون دل نه لاهه، مان توکي ڪپڙا وٺي ڏيندس، توکي ڪتاب ڏيندس، شام جو توکي ٽيوشن به ڏيندس.“

”آيا- آپا-“ ڪموءَ  جا چپ خوشي مان ڦر ڦر ڪرڻ لڳا. ڳوڙها ٻيهر اکين مان نڪري آيس.

”وري روئين ٿي.“

“نه“ ڪموءَ چيو: اسان غريب کلڻ وقت به ڳوڙها ڳاڙيندا آهيون ۽ ڏک وقت به.“

”چڱو وڃي کيڏ.“

پوءِ ڪمو مس جي ڀيڻ امينا سان گڏ نوڙي ٽپڻ راند کيڏڻ لڳي. اڄ هوءَ ايترو ته خوش هئي جو کيس اندر مان هزارين خوشين جا طوفان برپا ٿي چڪا هئا. مس هن لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا وٺي ايندي. موڪل تائين هن جي ذهن مان خوشين جا سپنا ڪونه کٽيا.

موڪلي ٿي ويئي. سڀ ڇوڪريون خوشيءَ مان پنڌ، گاڏين تي ۽ ٻين وسيلن سان گهرن ڏانهن وڃي رهيون هيون. ڪمو به اڪيلي اڳ جيان بلڪل اڪيلي گهر وڃي رهي هئي. ماءُ کي ٻڌائڻ لاءِ. روڊ جي ويڪري سيني تي اوچتو وڏو چرڙاٽ ٿيو. سوين نظرون ان طرف کڄيون، هڪ معصوم ڇوڪري بولاٽيون کائي وڃي ڪري- ڳاڙهو رت ڪاري روڊ تي پکيڙجي ويو. ڪتاب وکرجي ويا. پير ۾ پيل چپل رت ۾ ٻڏي ويو. ٽرڪ ٻيهر اسٽارٽ ٿي ۽ گم ٿي ويئي. سڀني ڏٺو ته ڪمو مري ويئي. هڪ  نئين خوشيءَ جي ماڻن لاءِ موت جي قرباني ڏني. اسڪولي ڇوڪرين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو.

ڪمو مري ويئي-!

ڪمو مري ويئي-!

ڪمو مري ويئي-!

هزارين اميدون سيني ۾ سانڍي ڪمو خاڪ ۾ ماڪ جيان گم ٿي ويئي، شام جو ڪموءَ جي ننڍڙي گهر جي اندر ۽ ٻاهر هشام اسڪولي ڇوڪرين جا هئا. سڀني جي هٿن ۾ گل هئا، ڪپڙا هئا، عقيدت جا، نفرت جا- ڪموءَ جي لاش مٿان اڻ ڳڻيا رنگ برنگي گل پيل هئا. اجرڪ ۽ ٻيا ڪپڙا بلڪل نوان ۽ صاف ڪپڙا پيل هئا. انهن گلن ۽ ڪپڙن جي وچ ۾ ڪمو ڪنهن معصوم ٻار جيان ماءُ جي هنج ۾ ستل هئي. هي سڀ ڪانڌي هوا، جيڪي ڪموءَ جي آسن جو مڙهه پورڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هوا. سڀني جي منهن تي هٿرادو ڏک جي ريکا هئي. سڀ ماٺ ۾ هوا ڄڻ ته هو چئي رهيا هوا ته ”ڪمو مري ويئي، چڱو ٿيو ڪمو قربان ٿي ويئي“ ۽ ظالم سماج ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

 

 

خوش قسمت

اوهين انهيءَ ماڻهوءَ سان ضرور مليا هوندا جيڪو ڪم چور آهي. صبح جو بستري تان اٿڻ جو نالو نٿو وٺي. جيڪڏهن ڪي حجتي دوست مليا ته رستي جي ڪناري تي صبح کان شام ڪري ڇڏيندو آهي. هر ڪم ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسندو آهي ۽ پوءِ چوندو آهي ته آءٌ آهيان ئي بدقسمت. يقين ڪريو ته اوهين پنهنجي قسمت جا معمار آهيو. جيڪڏهن اوهين محنتي آهيو، ايماندار آهيو ۽ وقت جي قيمت خوب ڄاڻو ٿا ته اوهين دنيا ۾ سڀ کان زياده خوش قسمت آهيو.

موڪليندڙ: انور الدين کتري، ڏيپلو

 

 

 

وڏي دولت

 

ملڪ خراسان جي هڪ شهر ۾ ٻه دوست هئا. هڪ وڏو عالم هو. ان جو نالو رفيق هو. ٻيو وڏو واپاري هو. ان جو نالو شوڪت هو. ٻئي پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. هڪ ڏينهن ٻئي دوست پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ته ڳالهين ڳالهين ۾ بحث شروع ٿي ويو. شوڪت رفيق کان پڇيو ته دنيا ۾ علم وڏي شيءِ آهي يا پئسو“. رفيق جواب ڏنس. ”دوست، دنيا ۾ علم وڏي دولت آهي- ان کي جيترو خرچ ڪبو ته وڌندو- ۽ پئسي جي وڏي حفاظت ڪرڻي پوي ٿي. ان کي خرچبو ته ختم ٿي ويندو“- شوڪت چيو ته ”تون غلط ٿو چوين، اگر پئسو نه هوندو ته ڪوبه آرام ميسر نه ٿيندو، علم پئسي جي برابر ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي.“

پاڻ ۾ گهڻو بحث ڪيائون- نيٺ اهو فيصلو ڪيائون ته اسان ٻئي دنيا جو سفر ڪنداسين ۽ جدا جدا تجربا ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت ڪهڙي آهي. ٻنهي دوستن سفر جو سامان تيار ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن ٻئي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿيا- ٿورن ڏينهن کان پوءِ اوچتو سمنڊ ۾ طوفان آيو. جهاز پرزا پرزا ٿي ويو- ۽ سڄو سامان به سمنڊ ۾ لڙهي ويو. خوشقسمتي سان ٻنهي دوستن جي هٿن ۾ هڪ ڪاٺ جو ٽڪر هٿ آيو- هو ٻئي دوست ان ڪاٺ جي ٽڪري تي چڙهي هڪڙي مُلڪ جي ڪناري تي پهتا- اتان لهي هڪڙي طرف روانا ٿيا- رستي ۾ سوچي رهيا هئا ته ڪيڏانهن وڃون. شوڪت کي ڏاڍو ڏک ٿيو هن جيڪو به پئسو آندو هو سو سڀ ٻڏي ويو هو، هن رفيق کي چيو ته ”اجايو سفر ڪيوسين. جيڪو ڪجهه کڻي آيا هئاسين سڀ ٻڏي ويو- هاڻي ته کائڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي. مان توکي پهريون ئي چوندو هوس ته پئسي جهڙي ٻي ڪابه شئي نه آهي، تنهنجي ضد اڄ هي ڏينهن ڏيکاريو آهي- تنهنجي علم جي دولت نه کائڻ جي ڪم اچي ٿي. نه ئي پائڻ ۽ وڇائڻ جي ڪم اچي ٿي، اهڙي علم مان فائدو ڪهڙو“ رفيق شوڪت جون ڳالهيون ٻڌي ۽ دل ۾ کلي پيو ته ”ويچاري جو پئسو ته ٻڏي ويو پر ان جي تعريف پيو ڪري.“ جڏهن شوڪت ڳالهائي بس ڪيو ته رفيق چيس ”منهنجا دوست ڪاوڙ نه ڪجانءِ دولت جو ته توکي هاڻي ئي مثال ملي ويو پئسو خرچ ڪبو ته آهي پر برباد به ٿي سگهي ٿو چور چور ڪري سگهن ٿا- ڌاڙيل ڦري سگهن ٿا. پاڻيءَ ۾ ٻڏي سگهي ٿو، پر علم جو زيور مون وٽ موجود آهي پرواهه نه ڪر.“

شوڪت رفيق جون ڳالهيون ٻڌي اڃا به ڪاوڙجي ويو ۽ چيائينس ته ”هاڻي تنهنجو علم ڪنهن به ڪم جو نه آهي- هاڻي بک ۽ اڃ ۾ مري رهيا آهيون خبر نه آهي الائي ائين ڦٿڪي ڦٿڪي مري نه وڃون. پئسو هجي ته ڪڏهن به اهڙا پريشان نه ٿيون ها. پرديس ۾ هاڻي اسان جو ڪير آ- ڪنهن کي اسان سان همدردي ٿيندي.“ ائين چئي هن جي دل ڀرجي آئي ۽ روئڻ لڳو.، رفيق چيس ”دوست صبر ڪر خدا تي ڀروس رک“ اڃا رفيق دوست کي تسلي ڏئي رهيو هو ته پريان ڪي ماڻهو نظر آين- شوڪت ڊڄي ويو چيائين هي اسان کي ماري ڇڏيندا. جڏهن هو ماڻهو ويجها آيا ته هُنن هِنن کان پڇيو ته ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪير آهيو؟ ٻنهي هُنن کي سڄو احوال ٻڌايو، اتان جي دستور موجب اهي ماڻهو شوڪت ۽ رفيق کي بادشاهه ڏي وٺي ويا. شوڪت واٽ تي ڊڄي رهيو هو ته الائي ڇا ٿيندو پر رفيق تسلي ڏئي رهيو هوس- ڪجهه به نه ٿيندو- جڏهن هو بادشاهه وٽ پهتا ته بادشاهه انهن کي جاسوس سمجهي قيد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو- شوڪت بادشاهه کي چيو ته سيٺ ۽ مالدار آهيان پر بادشاهه هڪ به نه ٻڌس. ان کان پوءِ رفيق سڄو احوال ٻڌايس ۽ پنهنجو علم جي قابليت سان ظاهر ڪيو ته اسان جاسوس هرگز نه آهيون- جڏهن رفيق پنهنجو سڄو احوال ٻڌايس ته بادشاهه جون اکيون کلي پيون ۽ خبر پيس ته هي اهو رفيق آهي جنهن جا ڪتاب هتي امير ۽ وزير پڙهي چڪا آهن. هن جي لئبريري ۾ به هن جا ڪيترا ڪتاب پيا آهن.

هاڻي ته بادشاهه هنن ٻنهي دوستن جي گهڻي ۽ سٺي خاطري ڪئي هيرا جواهر ۽ اشرفيون ڏئي ٻنهي کي روانو ڪيو. رفيق، شوڪت کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته دنيا ۾ علم جهڙي ٻي ڪا به دولت نه آهي. جنهن کي بقا هجي علم ئي آهي جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت ڦري نه ٿي سگهي- اهي لفظ ٻڌي شوڪت ٿڌو ساهه ڀري چيو، ڪاش! مان به دولت کي ڇڏي علم حاصل ڪيان ها ته هوند ڪيترو نه سٺو ٿئي ها.

سنڌيڪار: اختيار شاد شيخ، ڪراچي

 

 

وقت جي قيمت

وقت ضايع ڪرڻ وقت هي ڳالهه خيال ۾ رکو ته هو به اوهان کي ضايع ڪري ٿو.

وقت دولت کان زياده قيمتي آهي جنهن جو اسراف نقصان آهي، ياد رکو اوهان دولت ڪمائي سگهو ٿا ليڪن وقت واپس حاصل نٿا ڪري سگهو.

وقت کي پوئتان جهليو، ان کي اڳيان روڪي- ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

 

موڪليندڙ: پروانو علي بخش هنڱورو، وهاب شاهه.

 

ادل سومرو

نئون نصاب

سبق نائون

ث- ثواب

ثواب ڪنهن کائڻ پيئڻ جي شيءَ جو نالو ڪينهي، پر ثواب انهيءَ اجوري جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن نيڪيءَ جي بدلي ۾ ملي ٿو.

ثوابن کي وزن به ٿيندو آهي.

ڪي ثواب ڳورا هوندا آهن ۽ ڪي وري هلڪا.

ثواب جيئن ته نيڪين جي عيوض ملندا آهن، اُن ڪري نيڪي ڪندڙ کي نيڪ چيو ويندو آهي. ڪي فقط نيڪ هوندا آهن ۽ ڪي وري ”نيڪ بخت“ هوندا آهن. اڄوڪي زماني ۾ رڳو بخت کي ڏٺو ويندو آهي. هڪڙو ماڻهو جيڪڏهن بد آهي پر سندس بخت، نيڪ آهي ته هرڪو سندس آجيان ڪندو.

بدبخت ماڻهوءَ کي ڪوبه ڀرسان بيهڻ نه ڏيندو آهي، توڙي ڀلي هو پاڻ نيڪ هجي- اهو اڄوڪي دور جو دستور آهي، ٻارو! اوهان کي اِهو دستور ڊاهڻو آهي.

بخت کي ٻين لفظن ۾ ڀاڳ به چئبو آهي.

جنهن ماڻهوءَ کي ڀاڳ لڳندو آهي، اُهو ساڳ نه کائيندو آهي، پر هو ڪڪڙ کائي راڳ ڳائيندو آهي.

ڪي ماڻهو هرون ڀرون ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ نيڪيون ڪندا آهن، جيئن ماڻهو کين نيڪ سمجهن، سندن ناموس ٿئي ۽ کين وڏا وڏا لقب ملن، پر اصل ۾ هو وڏا مڪار هوندا آهن، هو پنهنجي مڪاريءَ تي ڍڪَ وجهڻ لاءِ اهي ڪرتب ڪندا آهن مڪاري اڄڪلهه ڪيترن ماڻهن جو مشغلو بڻجي وئي آهي. هو مختلف طريقن سان پنهنجو اهو مشغلو پورو ڪندا رهندا آهن. جن ماڻهن جو مشغلو مڪاري آهي، اُهي اوهان کي تمام گهڻو خوشحال ڏسڻ ۾ ايندا پر اوهان کي انهن کان متاثر ٿيڻ نه گهرجي.

اڄوڪي دور ۾ اشرافن ۽ نيڪن کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪ ناهي هو ڪنهن وقت به هيٺ ڪري ۽ ڊهي سگهن ٿا.

ظاهري طرح سماج ۾ ثوابن ۽ نيڪين جي ڪابه اهميت ڪانهي اٽلندو جيڪو نيڪي ڪري ٿو، اُن جي ڳچيءَ ۾ رسو پوي ٿو. ان مان ثابت ٿيو ته نيڪيون ڳچي به وٺنديون آهن. پر اوهان کي گهٻرائڻ نه گهرجي، اوهين نيڪيون ڪندا رهو اهي رسا آخر، پنهنجو پاڻ ٽٽي ويندا.

پرائمري اسڪول جو ماستر، هڪ ئي وقت معمولي پگهار تي 50 ٻارن کي سنڀاليندو، پرچائيندو ۽ پڙهائيندو آهي. هو پڙهائي دوران دماغ تي هٿوڙا کائيندو آهي- انهن هٿوڙن کائڻ جي عيوض هن کي ثواب ملندو آهي- هو نيڪ ته آهي پر ”نيڪ بخت“ نه.

ڪن ثوابن تي، خاص ماڻهن جو قبضو هوندو آهي- اُهي پنهنجيءَ مرضي مطابق انهن ثوابن کي ورهائيندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ٻڪرين ۽ رڍن وغيره جي کلن عيوض ”ثواب دارين“ ڏنو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ثواب جي آسري تي ماڻهو پنهنجون کلون به لهرائي ايندا آهن، اهڙن ثوابن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ثوابن ڪمائڻ جا هن دور ۾ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن جن جي ذريعي تمام سَستي ۽ سولي نموني بنا ڪنهن نقصان جي، ثوابن جو ذخيرو ٺاهي سگهجي ٿو.

پاڻي پيارڻ ثوابن جو ڪم آهي- اڳئين وقت جا بيوقوف همراهه سنگمرمر جون وڏيون وڏيون سبيلون ٺهرائي تمام گهڻي خرچ کان پوءِ، پاڻي پيارڻ جو ثواب حاصل ڪندا هئا. پر هن جديد دور جي هوشيار ماڻهن سبيلن جي جاين تي ڪاروباري دڪان کولي ڇڏيا آهن- هو دڪانن جي آڏو برف جو ٿڌو 10 پئسا هڪ گلاس جي حساب سان وڪرو ڪري ثواب حاصل ڪن ٿا. واٽهڙن کي هڪ ته تمام گهڻي گرمي ۾ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ملندو ۽ ٻيو ته سندن کيسي جو بار به هلڪو ٿيندو، يعني ٻيڻو ثواب!

ثواب کٽڻ ۾ ڪو حجاب نه ڪرڻ گهرجي.

 

سوال:

جنهن کي ڀاڳ لڳندو آهي، اُهو ساڳ ڇو نه کائيندو آهي؟

ٻڪرين ۽ رڍن جي کلن عيوض ملندڙ ثواب جو نالو ٻڌايو؟

ثوابن ڪمائڻ جي جديد طريقن تي روشني وجهو؟

نوان لفظ:

لفظ                            معنيٰ

1- ماستر       =              پاڻ ڳاري، جڳ سنواري.

2- گرمي       =              اونهاري جي اولاد.

3- محبت     =              جيڪو، دال کي سيرو ڪري.

 

 

 

لک جي ڳالهه

 

ماءُ کان سواءِ گهر هڪ قبرستان لڳندو آهي سخت کان سخت دل به ماءُ جون اکيون ڏسي نرم ٿي ويندي آهي. دنيا جي خوبصورت ترين چيز ماءُ آهي. ماءُ ۽ خوبصورت گل ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. آسمان جو بهترين تحفو ماءُ هوندي آهي.

ان ڳالهه کان هميشه ڊڄو ته، ماءُ جا هٿ نفرت يا بددعا لاءِ کڄن.

موڪليندڙ: محمد ايوب سولنگي،

ڳوٺ غلام حيدر سولنگي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com