سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

ٻارن جا ليک

اسان جو ڪلاس

ليکڪ: مظفر جويو

اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي ڪلاس جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائڻ چاهيان ٿو. اسان جي ڪلاس ۾ ڪل 58 ڇوڪرا آهن. سڀ کان مزيدار ڇوڪرو آهي اڪرم. هُو قد جو بندرو آهي ۽ ٿوري گُڪِ ڪڍي هلندو آهي، ۽ ٻاتو ڳالهائيندو آهي. سائين چويس، ”اُٿ!“ ته ويهي رهندو، ۽ جي چويس، ”ويهه!“ ته اُٿي بيهندو آهي. سائين چوندس ته ”في کڻي اچ!“ ته اڪرم چوندو ”تائِين، مُندو پيءُ ايندو ۽ پِي تَڻي ايندو.“ وري ٻئي ڏينهن به اڪرم جي اهائي ڳالهه- سائين چوندس ته ”وڃ ۽ وڃي في کڻي اچ“، ته پوءِ هن لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي ويئي، آهستي آهستي ماڪوڙيءَ وانگر ويندو، ۽ ٻاهران بيهي بيهي موٽي اچي چوندو ته ”تائِين، بابا ايندو ۽ پِي تَڻي ايندو.“

توهان جيڪڏهن هن جي کيسن جي تلاشي وٺندا ته سندس کيسي مان توهان کي پني جا ٽڪر، بليڊ، پينسلن جا ٽوٽا، ڀَڳل رٻڙ ۽ ڪَٽُ لڳل ڪمپاس ۽ پينن جا ڍڪ وغيره ملندا. اڪرم کي جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري ”ماسي لِڏ“ چيو، ته پوءِ ان ڇوڪري جو خير ڪونهي! يا هڻندس ڪمپاس جي چهنب، يا ته وري پينسل جي چهنب- هڻي ڦَٽي وجهندس، اڪرم منهنجو دوست آهي.

هڪڙي ڀيري منهنجي گهر جي ڪم جو نوٽبڪ وٺي گم ڪري ڇڏيائين. چيومانس ته ”اڪرم نوٽبڪ ڏي ته سائينءَ کي ڏيکاريان.“ چوي ته ”ٿوڙي، تائين مون کي مالي توتي نه مالي.“ هڪڙي ڏينهن مون هن جو نالو بورڊ تي لکيو، تنهن تي مڙس ڪاوڙجي ويو. چوي ته ”ٻاهر نِتُر ته تَبر وتانءِ“ رسيس ٿي ته منهنجي پٺيان ڀتر کڻي ڪاهي پيو- مان اڳيان ۽ هو پويان، اچي ڪلاس ۾ ساهه کنيم پويان ڏسان ته اڪرم ڀڳو اچي. مان چوان ته اڪرم سان نه وڙهان- ڪلاس ۾ ڏاڍيون گوهيون ڏنم، پر نيٺ اچي پڳو. مون به کڻي ٻانهن کان جهليومانس. خبر تڏهن پيم، جڏهن اڪرم جهٽ ڏئي کڻي منهنجي آڱونٺي ۾ چڪ هنيو. چڪ به اهڙو زور سان هنيائين جو رت وهڻ لڳو. ڇوڪرا جهلي هن کي پرنسپال وٽ وٺي ويا. پرنسپال پڇيس، ”اڪرم، تو مانيٽر کي ڇو چڪ هنيو؟“ اڪرم اهڙو جواب ڏنو جو سڀني کي اُلٽو مٿس قياس اچي ويو، چي ”تائين، هتڙي ڏينهن مانيتر تيو ته مُندو نالو لِتي.“

اسان جي ڪلاس ۾ هڪ ٻيو ڇوڪرو آهي، جنهن جو نالو حسين آهي. هن تي اڃا سائين ڪين اُلاريندو ئي ڪين ته وٺي ٽپ ڏيندو- هڪ ٽنگ تي بيٺو نچندو. هٿن کي ائين ڇنڊيندو ۽ مهٽيندو، ڄڻ ڏينڀن ڏنگيو اٿس. اهڙيءَ طرح چئن لڪڻن مان ٽي ته ائين گسائي ويندو. وري لڪڻ کائي اڃا بس ئي ڪين ڪندو ته ڏند ڪڍي کلندو. گوڙ به هي گهڻو ئي ڪندو آهي. اسان جي ڪلاس ۾ جيڪي ڇوڪرا مسخرا آهن ۽ سڄي ڪلاس کي رڳو پيا کلائيندا آهن، تن مان حسين به هڪڙو آهي. ’سوشل اسٽڊيز‘ جو پيرڊ شل نه اچي، سڀ ڇوڪرا پيا ڊڄندا آهن. پر ان پيرڊ ۾ حسين ڳوليو به ڪونه لڀندو آهي، ڇو ته سوشل اسٽڊيز جو ماستر تمام سخت آهي. هڪڙي ڏينهن جيئن ماستر پڙهائي رهيو هو ته حسين جي اُهائي کِل. ماستر ڇا ڪيو جو بلئڪ بورڊ چاڪ سان ٿڦي، حسين کي ڪنڌ کان جهلي، وٺي سندس منهن بورڊ سان گسايائينس. حسين جو چاڪَ سان ڀريل منهن ڪلاس ڏانهن ڪيو، ته سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ حسين هن پيرڊ ۾ اصل نه اچي، بلڪ سڄو ڏينهن گم. اسان جو ڪلاس گوڙ به گهڻو ڪندو آهي پر پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار آهي. راندين ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اسان جي ڪلاس ۾ ٻه- ٽي ڇوڪرا ته اهڙا آهن، جن کي اڃا ٿورو دڙڪو ملي يا آهستي ڪا چماٽ لڳي، ته بس روئي پوندا آهن. پر هوشيار به سڀني کان اُهي آهن.

اسان جي ڪلاس ۾ تمام وڏا وڏا ڇوڪرا به پڙهندا آهن ۽ تمام ننڍا ڇوڪرا به. ننڍي ۾ ننڍي ڇوڪر کي سڏيون ’نئون پئسو‘، ۽ وڏي ۾ وڏي کي سڏيون ’چاچا‘، ڇو ته هن کي ڏاڙهي مڇون به ڄمي آيون آهن. اسان جي ڪلاس ۾ ڪيترن ڇوڪرن جون چيڙون آهن جنهن تان هو چڙندا آهن: هڪڙي کي چئون ’ٽوپي‘ ڇو ته هڪڙي ڏينهن هُو هڪڙي عجيب قسم جي ٽوپي پائي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس نالو ’ٽوپي‘ پئجي ويو. هڪڙي ڇوڪري کي سڏيون ”گوريلو“ ڇو ته هُو قد ۾ سائينءَ کان به وڏو آهي. هڪڙي ڏينهن سائينءَ پنهنجي پاسي ۾ بيهاريس ته سائين هن جي ڪلهن تائين مس ٿي آيو. اهڙيءَ طرح ڪنهن کي ”ٽماٽو“ ڪوٺي چيڙايون ته ڪنهن کي ”فٽ بال“. منهنجي هڪڙي ٻئي دوست جي چيڙ آهي ”جهرڪي“. مطلب ته هڪٻئي سان اسين ڏاڍا ڀوڳ ڪندا آهيون.

اسان جو هڪ سائنس جو ماستر آهي، جيڪو ڪا ضروري ڳالهه لکائيندو ته چوندو آهي ته ”بابا، اهو ڪاغذ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي پِي ڇڏجو“، وري گهڙي کن رکي، چوندو ته ”ڇوڪرا، متان ائين ڪيو اٿوَ، متان وجهو مون کي آزار ۾؛ اها ڳالهه رڳو ياد ڪري ڇڏجو.“ جڏهن پڙهائي ٿڪبو، تڏهن چوندو (story) يعني آکاڻي وارو اچي. هلنديءَ آکاڻيءَ ۾ ڪو ڇوڪرو ڳالهائيندو آهي ته چوندو اٿس، ”بابا ٻڌ، خيال ڏئي ٻڌ! اها آکاڻي شايد بي.اي (B.A) جي امتحان ۾ اچي.“

اوهان کي مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته اسان پڙهڻ ۾ به هوشيار آهيون ته راند ۾ به. سچ پچ ته اسان جي ڪلاس کان اڃا ڪنهن به ڪرڪيٽ ۾ نه کٽيو آهي، ۽ نه ڪڏهن ڪو کٽندو. اسين ستين (VII) ۾ پڙهندا آهيون ۽ اٺين وارن کي به اسان ڪرڪيٽ ۾ شڪست ڏني آهي. اسان لاءِ سڄي ڏينهن جو مزو رسيس ۾ آهي. رسيس ۾ اسان راند به ڪندا آهيون؛ ڪي ته اسان ۾ اهڙا آهن جو رسيس ملي ته ڊوڙيو وڃيو ڇٻر تي قلابازيون پائين. ڪي وري رسيس ۾ به پيا پڙهندا ۽ لکندا. اُهي گهر جو ڪم اتي ئي رسيس ۾ پورو ڪري ڇڏين، ۽ آءٌ ۽ منهنجا دوست احمد ۽ اڪرم رسيس ۾ وري گڏجي سڀاڻي جا پروگرام ٻَڌندا آهيون.

اهو آهي اسان جي ڪلاس جو احوال. اوهان کي اميد ته وڻيو هوندو! ”گل ڦل“ ۾ ٻئي ڀيري وري اوهان پنهنجي ڪلاس جو احوال اسان کي ٻڌائجو.

 

 

بيڪار هٿن سان ڌوڙ ۽ ڇائي

 

ليکڪه: زرينه شيخ

 ڪنهن ملڪ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو، جو ڏاڍو غريب هو. تنهنڪري شهر جي بدران جهنگ ۾ جهوپڙي اڏي، اتي ئي پنهنجي زال سميت رهندو هو. هُو رڳو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻندو هو. سڄو ڏينهن اهائي ڪرت ڪندو هو، تڏهن مس دال روٽيءَ جيترو ڪمائيندو هو.

هڪ ڏينهن ڪاٺير جي زال پنهنجي مڙس کي خوشيءَ مان ٻڌايو ته کيس اميدواري آهي. ۽ خدا جي مهربانيءَ سان هاڻي کين اولاد ٿيندو. پر اهو ٻڌي ڪاٺير خوش ٿيڻ جي بدران ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. زال حيران ٿي ويئي ته مڙس کي الاجي ڪهڙيءَ ڳڻتيءَ ورتو آهي! نيٺ ڪاٺير منهن مٿي ڪري چيو ته ”اهو اولاد، خبر نه آهي شال اسان وانگر ڏکيا ڏينهن نه ڏسي، باقي آءٌ ته ڪاٺيون ڪري ڪري بيزار ٿي پيو آهيان.“ ”ميان هرڪو پنهنجي قسمت پاڻ کڻي ايندو. دل وڏي ڪر، من انهيءَ اولاد جي محابي پنهنجو ڀاڳ به سڻائو ٿئي.“ زال کيس همٿائيندي دلداري ڏني.

اهڙيءَ طرح مهينا ويا گذرندا، نيٺ جڏهن وقت ڀرجي آيو ته ڪاٺير جي زال کي ٻه جاڙيون ڌيئرون ڄائيون. جڏهن ڪاٺير کي خبر پئي ته کيس ٻه ڌيون ڄايون آهن، تڏهن ويچاري کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، ذري گهٽ ڳالهائڻ ئي نه اُڪليس. انهيءَ وقت جهوپڙيءَ ۾ اوچتو هڪ عجيب روشني پيدا ٿي، ان سان گڏ هڪ پري اڇن ڪپڙن سان ڏسڻ ۾ آئي. ڪاٺير کي ڏاڍو خوف ٿيو. اتي پريءَ مٺي آواز ۾ چيو. ”اي! رحمدل ڪاٺير وڏي دل ڪر، تون خوش نصيب آهين جو توکي ٻه نياڻيون ڄايون آهن. اهي نينگريون سڀاڳيون آهن، ۽ انهن جي ڪري توهان جو بخت هاڻي سڻائو ٿيندو. آءٌ انهن نياڻين جي گهڻگهري آهيان. آءٌ پڻ انهن کي ماءُ وانگر پيار ڪيان ٿي؛ آءٌ هڪ جو نالو دل آرا ۽ ٻيءَ جو نالو عشرت رکان ٿي. اهي جڏهن جوان ٿينديون تڏهن آءٌ وري اينديس.“ پوءِ پريءَ کلي ڪاٺير کي مبارڪون ڏيئي غائب ٿي ويئي. اتي ٻنهي زال مڙس جي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هنن جي گهر ۾برڪت ٿي پئي. دل آرا ۽ عشرت اڄ ننڍيون سڀاڻي وڏيون، آخر اچي وڏيون ٿيون. ڪاٺير ويچارو، هنن کي ڏسي پيو ٺرندو هو ۽ هنن جي ماءُ کين ڏسي پئي ٽڙندي هئي. اهي ڇوڪريون ڏاڍيون سهڻيون ٿيون. پيءُ کي ڪاٺين ڪرائڻ ۾ مدد ڏينديون هيون.

هڪ ڏينهن دستور موجب هو ڪم ڪري رهيون هيون، اتفاق سان اُن ڏينهن ڏاڍي گرمي هئي، سو ڪاٺيون ٿوريون ٿيون. ڪجهه وقت لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي پيءُ سان ٿڪ لاهڻ لاءِ ويٺيون ئي مس ته اوچتو اها ساڳي اڳوڻي روشني پيدا ٿي، ۽ اها ساڳي پري ظاهر ٿي اچي اڳيان بيٺن. دل آرا ۽ عشرت اُن پريءَ کي عجب وچان نهارڻ لڳيون، مگر ڪاٺير اُن کي ڏسڻ سان ئي کلي، خوشيءَ وچان کيڪاريو.

پري، ڪاٺير کي چوڻ لڳي، ”هاڻي تنهنجون نياڻيون جوان ٿي چڪيون آهن، منهنجو مطلب آهي ته انهن جي شاديءَ جو بندوبست به مون کي ئي ڪرڻو آهي. ڇا اوهان کي منظور آهي؟“ اهي اکر ٻڌي دل آرا ۽ عشرت، ٻنهي شرمائجي، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. پوءِ پريءَ اشارو ڪري چيو ته ”هو ٻه- نوجوان ڏسو ٿا، اهي انهن جا گهوٽ آهن.“ ڪاٺير نظر ڪئي ته سامهون ٻه هڪڙا سهڻا جوان بيٺا هئا، پر پوءِ پري وري به غائب ٿي ويئي. ڪاٺير پوءِ پنهنجي ٻنهي نياڻين جي انهن نوجوانن سان شادي ڪرائي ڇڏي. شاديءَ واري رات غريب ڪاٺير جي جهوپڙيءَ ۾ وري روشنائي وارو سوجهرو ٿيو ۽ ساڳي پري ظاهر ٿي. پريءَ سڀني کي مبارڪون ڏنيون. تنهن کان پوءِ پريءَ چيو ته ”مون پنهنجي دل آرا ۽ عشرت لاءِ تحفا آندا آهن.“ ائين چئي، پريءَ چيو ته ”هوڏانهن ڏکڻ ڏي ڏسو: ٻه جهوپڙيون ۽ انهن سان گڏ زمين جا ٽڪرا باغ لاءِ آهن. انهيءَ مان هڪ ۾ عشرت ۽ ٻيءَ ۾ دل آرا رهندي. اهي شيون توهان کي زندگيءَ ڀر ڪم اينديون؛ پر جيڪي هٿ ڪم ڪندا، سي سون ماڻيندا ۽ جيڪي هٿ ڪم نه ڪندا تن کي ڌوڙ ۽ ڇائي نصيب ٿيندي.“ پري ائين چئي وري به غائب ٿي ويئي. دل آرا ۽ عشرت پوءِ ماءُ- پيءُ کان موڪلائي پنهنجي گهوٽن سميت وڃي انهن جهوپڙين ۾ رهيون.

عشرت ته پنهنجي جهوپڙيءَ ۽ باغ واريءَ زمين کي مڙس سان گڏ ٺاهڻ ۽ سينگارڻ لڳي. باقي دل آرا کي خبر ناهي ڪهڙي نڀاڳ کنيو جو سڄو ڏينهن جهوپڙيءَ ۾ سُتي پئي ننڊون ڪندي هئي. باقي هن جو مڙس ڪجهه نه ڪجهه پورهيو ضرور ڪندو هو.

عشرت جو جهوپڙيءَ کي سينگاريو ۽ زمين جي باغ واري ٽڪري کي سنڀاليو، سو هن جو گهر ڄڻ محلات ٿي پيو. ان ۾ هرڪا شيءِ موجود هئي ۽ باغ ۾ سڀڪنهن قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو پيدا ٿيڻ لڳو.

هوڏانهن دل آرا جي جهوپڙي ويران ۽ باغ واري زمين سڪي ٺوٺ ٿي ويئي، ۽ هوءَ کاڌي پيتي لاءِ حيران هئي. هوءَ حسد ۽ ساڙ وچان پنهنجي ڀيڻ عشرت جي گهر به ڪين ويندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ بک کان بيحال ٿي ته رڙهي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ويئي ۽ اتي سينگاريل گهر ۽ باغ جا گل ڦل ۽ ميوا ڏسي حيران ٿي ويئي.

عشرت جو ڀيڻ جا بُرا حال ڏٺا سو ارمان ٿيس. پوءِ سمجهيائين ته هن کي بک آهي، سو جلدي جلدي ماني ٺاهي، ۽ باغ مان ميوا چونڊي آڻي ڀيڻ جي اڳيان رکيائين. جيئن گرهه ٿي کنيائين ته سموري ماني ۽ ٻيون شيون ڌوڙ ۽ ڇائي ٿِي ٿي پيون اتي شرم کان دل آرا کڻي ڪنڌ جهڪايو.

عشرت چيو، ”ڀيڻ، پريءَ جو قول سچو آهي. آءٌ ۽ منهنجو مڙس سڄو ڏينهن ڪم ڪريون ٿا، تڏهين ته سکيا آهيون. پر تون آهين جو سڄو ڏينهن بيڪار ويٺي آهين!“ پوءِ ته دل آرا روئي چيو، ”ادي آءٌ اڻڄاڻ ۽ بيوقوف آهيان. بس اڄ کان ئي سستي ڇڏي ڪم ڪنديس.“ پوءِ ته ٿورن ڏينهن ۾ دل آرا جي جهوپڙي ۽ باغ به ساڳيا عشرت جهڙا ٿي پيا ۽ هوءَ تمام گهڻو خوش گذارڻ لڳي.

 

 

 

پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري

 

عزيز الله دائودپوٽو، شڪارپور

ماءُ پيءُ کان زياده نعمت دنيا ۾ ٻي ڪهڙي آهي؟ جيڪا محبت هنن کي پنهنجي اولاد سان ٿئي ٿي، سا ٻئي کي ڪٿان ٿيندي؟ پاڻ تڪليف ۽ سختي سهن ٿا، پر اولاد کي سکي رکڻ لاءِ پنهنجو سک ڦٽايو ڇڏين. جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ماءُ ڪيتريقدر نه هن جي حفاظت ۽ پرگهور لهي ٿي: سارو ڏينهن ٻار کي هنج ۾ کنيو کير پياري ٿي، راتيون جاڳي ٿي ۽ جڏهن ٻار کلي ٿو ته هوءَ پاڻ جهڙو ڪنهن کي سمجهي ئي نٿي. جيڪڏهن ڏهه نوڪر کڻي رکجن ته به اهي ماءُ جيتري خدمت ڪري ڪين سگهندا.

ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته مائٽ کيس پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ اُماڻين ٿا ۽ هردم انهيءَ فڪر ۾ رهن ٿا ته شل هو نيڪ ٿي اسان جو نالو روشن ڪري ۽ ڀلجي به اهڙا ڪم نه ڪري، جنهن مان بدنامي ۽ گلا ٿئي.

مٿين سببن ڪري اولاد تي لازم آهي ته ماءُ پيءُ جي اَجهي کي، خدا جو سايو سمجهي، ۽ انهن جو حڪم سواءِ ڪنهن ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ جي بجاءِ آڻي. حديث ۾ آهي ته ”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي،“ سا ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ڪن ڇوڪرن جي عادت ٿيندي آهي ته هو مائٽن جي روبرو ميسڻا ٿي ويهندا آهن، پر اڃا انهن پُٺ ڏني نه آهي ته پاڻ کان ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن سان شرارتون ڪندا، کين ماريندا يا نوڪر جو اَنّ پاڻي حرام ڪري ڇڏيندا؛ ۽ جي راند تي ويندا ته وتندا غريب ٻارن کي آزاريندا. اسڪول ۾ به هڪ نه ٻي حرڪت مڙيئي ڪندا ئي ڪندا. ماءُ- پيءُ ڪڏهين به ائين نه چاهيندا ته هنن جو ٻار خراب لڇڻ سکي ۽ بدنام ٿئي. چڱي اولاد جو پهريون فرض آهي ته والدين جي صلاح ۽ مرضيءَ تي هلي، انهن جي نصيحت کي ڪن ڏيئي ٻڌي ۽ انهيءَ تي عمل ڪري.

 

 

ڳاڙها هندستاني ۽ امريڪي

مترجم: فدا حسين سومرو

(آمريڪا جي واشنگٽن رياست جي وچ ۾، “مئنهٽن“ نالي هڪ نهايت زرخيز ٻيٽ آهي. هتي گهڻو ڪري آمريڪا جي وڏين وڏين بئنڪن تجارتي ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن جا مرڪزي دفتر آهن. دولت جي گهڻائيءَ سببان هن ٻيٽ جي اهميت ايترو ته وڌي ويئي آهي، جو ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. هن ٻيٽ کي جيڪڏهن ”سوني ڌرتيءَ وارو ٻيٽ“ سڏجي، ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

اٽڪل ڏيڍ صديءَ جو واقعو آهي ته هتان جي هڪ ڳاڙهي- هندستاني سردار، هن سون اُپائيندڙ ٻيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، پني جي پنجن چُٽڪين تي هڪ گوري واپاريءَ کي وڪيا هئا. هاڻي هڪ آمريڪي اخبار ۾ هيءَ خبر شايع ٿي آهي ته ’ڳاڙهن هندستانين مئنهٽن ٻيٽ جي قيمت وصول ڪرڻ لاءِ، آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ ۾ مقدمي داخل ڪرڻ واسطي هڪ قابل وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.‘)

آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن يعني ”ڳاڙهن هندستانين“ ۽ نون رهاڪن يعني ”گورن“ جي وچ ۾ گهڻي عرصي کان لڙايون هلنديون ٿي رهيون، ۽ هر دفعي گورن هٿان ڳاڙهن هندستانين کي وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون هيون؛ ڇاڪاڻ ته گورن وٽ بندوقون هونديون هيون ۽ ڳاڙهن هندستانين وٽ رڳو تير ڪمانون ۽ ڪهاڙيون. انهن حالتن آخرڪار ڳاڙهن هندستانين (ريڊ انڊين) کي مجبور ڪيو ته هو به مقابلي لاءِ بندوقون وٺن ۽ پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪن. گورا واپاري ڳاڙهن هندستانين جي انهيءَ ضرورت کان واقف هئا، ان ڪري بندوقون ۽ ٻيو ساز و سامان کڻي، ڳوٺن ۽ بستين ۾ وڃي، وڏي فريب ۽ دوکيبازيءَ سان وڪڻندا هئا؛ ۽ هڪ معمولي شيءِ جي وڏي کان وڏي قيمت وٺڻ ۾، ڪوبه شرم محسوس نه ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته ڪي گورا واپاري بندوقون ۽ ٻيو ساز و سامان کڻي، گهاٽا جهنگل لتاڙي، هڪ درياءَ تي اچي پهتا. هنن مال ٻيڙين ۾ وڌو، ۽ ٻيڙن کي هاڪاري، درياءَ جي پيٽ ۾، هڪ ٻيٽ جي ڪناري تي اچي لنگر هنيائون. اوڏيءَ مهل ڪن ريڊ انڊين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مٿن نگاهه پئجي ويئي،- هو خوشيءَ ۾ ڊوڙندا، رڙيون ڪندا ڳوٺ ويا، ۽ ماڻهن کي گورن واپارين جي اچڻ جو اطلاع ڏنائون. اڃا گورن واپارين ٻيڙين مان سامان لاهي ڪناري تي ئي مس آندو، ته ايتري ۾ ڀر پاسي وارن سمورن ڳاڙهن هندستانين اتي اچي ڳاهٽ ڪيو.

گورن واپارين کي اڳيئي خبر هئي ته گذريل ٻارهن مهينن کان هن ٻيٽ ۾ ڪوبه واپاري نه آيو آهي، جنهنڪري ڳاڙها هندستاني ۽ سندن سردار واپار لاءِ ڏاڍا آتا آهن. هنن وٽ پشم جون کلون گهڻي انداز ۾ گڏ ٿي چڪيون هيون، جن جي مٽاسٽا ڪرڻ سان هو بندوقون ۽ ٻيو سامان خريد ڪندا هئا؛ ائين چئجي ته اهي کلون هن علائقي ۾ شين جي سوديبازيءَ ۾ سِڪي جو ڪم ڏينديون هيون.

مهمانن جي آڌرڀاءَ کان پوءِ، جڏهن ٻنهي ڌرين پنهنجو پنهنجو مال وڪري لاءِ ٻاهر ڪڍي رکيو، تڏهن ڳاڙهي هندستاني سردار ڪوڙن موتين جو هار ڏسي خوشيءَ وچان اُڇل کاڌي، ۽ هار کڻي، پنهنجيءَ ڀر ۾ ويٺل هڪ ريڊ انڊين شخص کان صلاح پڇي. هن جي صلاح سردار کي ايترو ته شوق ڏياريو، جو هن ٻيا به چار هار وڏن موتين وارا هٿ ڊگهيري کڻي ورتا ۽ هڪ گوري ڏانهن نهاري، اشاري سان انهن جي قيمت پڇي. گوري واپاريءَ، سردار کي اڳيئي تاڙي ورتو هو، سو کيس اشاري سا في الحال صبر ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ پوءِ هڪ ٿيلهي مان بندوق جون ناليون ڪڍي، پهريائين هِن  سودي طي ڪرڻ لاءِ اشاري سان آڇ ڪئي. سردار اهي پنج ئي هار کڻي پنهنجي گوڏي تي رکيا، ۽ پوءِ پشم وارين کلن جي عيوض ۾ هڪ بندوق ۽ ڪجهه ڪپڙو خريد ڪيو. آخر جڏهن سردار وٽ هڪ کل به ڪانه رهي، تڏهن مڪار آمريڪي واپاريءَ، سردار جي گوڏي تي رکيل هارن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو.

سردار ڏاڍو ششدر ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته هارَ موٽائي ڏيڻ دل نٿي چيس، ۽ تنهن سان گڏ وٽس هارن خريدڻ لاءِ ٻيو ڪي به ڪين بچيو هو. گوري وجهه ڏسي، زمين جي ڪنهن ٽُڪر ڏيڻ لاءِ چيس. زمين جو نالو ٻڌندي، سردار جي چهري تي خوشيءَ جي لهر ڇانجي پيئي، ۽ هُن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي انهيءَ ٻيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن ۾ هو پاڻ ۽ سندس قبيلو ان وقت عارضي طور شڪار سانگي اچي آباد ٿيو هو. جڏهن لکپڙهه ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن گوري آمريڪن پنهنجي چهري تي اهڙا آثار ظاهر ڪيا، ڄڻ ته انهيءَ سودي ۾ کيس وڏو نقصان رسيو هو، پر سردار سان دوستيءَ هئڻ ڪري هو ڏٺو وائٺو زهر جو ڍڪ ڀري رهيو هو.

سردار ڏاڍو خوش ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ خوشيءَ وچان هارن جي موتين ۽ هارن جي وچ ۾ اٽڪيل ڪاغذ جي ٽڪنڊين چُٽڪين تي (جن تي هرهڪ هار جي قيمت لکيل هئي) هر گهڙيءَ هٿ ڦيرائي رهيو هو.

دوکيبازي آمريڪي واپاريءَ، ٽيڏيءَ اک سان سردار جو جائزو ورتو ۽ جهٽ هڻي، اُهي ڪاغذ جون چٽڪيون هارن مان ڇني ورتيون. سردار هيءَ حرڪت ڏسي باهه ٿي ويو، ۽ گوري کان انهن چٽڪين ڦرڻ تي ئي هو ته گوري چيس، ”سائين، هي ڪاغذ تمام قيمتي آهن، اوهان کي هنن جي اهميت جي خبر نه آهي؛ ان ڪري آءٌ نه ڏيندس.“

سردار جي دل ۾ شڪ جاڳيو ته شايد هي دوکيباز واپاري معمولي قيمت جا هار ڏيئي، وڏيءَ قيمت واري شيءِ مون کان ڦري وڃڻ ٿو چاهي. هن پوءِ گوري واپاريءَ سان وڏي ڇڪتاڻ ڪئي، ۽ انهن ”ڪاغذ جي قيمتي چٽڪين“ وٺڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. (سردار، ڊالرن جي نوٽن جي خبر ٻڌي هئي ته دنيا ۾ ڪاغذ جا ٽڪرا سون جو ڪم ڏين ٿا!)

نيٺ جڏهن گوري واپاريءَ کي يقين ٿيو ته هينئر سردار جو رت ٽهڪڻ لڳو آهي، ۽ هو پنهنجي هوش کان ٻاهر نڪري چڪو آهي، تڏهن سردار کي نرميءَ سان چيائين، ”چڱو سائين، آءٌ اوهان کي هي قيمتي ڪاغذ دوستيءَ ۾ ٿو ڏيان.“ ائين چئي، ڪاغذ جون اهي پنج ئي چٽڪيون هٿ ڊگهيري، سردار جي حوالي ڪيائين ۽ کانئس اهي هار وٺي پاڻ وٽ رکيائين؛ ۽ جيسين هن اَنوکي سودي جي لکپڙهه ٿي، تيسين هو پنهنجي مڪروه چهري تي وڏي افسوس ۽ ڏک جا آثار ظاهر ڪندو رهيو.

ريڊ انڊين سردار، وڏي خوشيءَ ۽ فاتحانه انداز سان، دوکيباز آمريڪن کي چوٿي پني تي آڱوٺو هڻي. مئنهٽن ٻيٽن جا سمورا حق  واسطا، ڪاغذ جي بيڪار چٽڪين عيوض هميشہ لاءِ وڪڻي ڇڏيا.

 

 

ديس ديس جون خبرون

پاڪستان:

ٻارن جو عالمي ڏينهن

هن سال 7 آڪٽوبر تي، ”ٻارن جي عالمي ڏينهن“ ملهائڻ لاءِ پورو هڪ هفتو سڄي ملڪ ۾ ٻارن جا جلسا جلوس ٿيا، جن ۾ حڪومت جي سربراهن ۽ تعليم دانن شرڪت ڪئي.

حيدرآباد:

حيدرآباد ۾ 6- آڪٽوبر تي، اسٽيڊيم ۾ ٻارن جو هڪ شاندار جلسو ٿيو، جنهن ۾ اولهه پاڪستان صوبي جي وزير تعليم، بيگم محموده سليم شريڪ ٿي ۽ ٻارن جي پريڊ جي سلامي ورتائين. انهيءَ موقعي تي تقرير ڪندي هن چيو ته ”فوجي ماهرن جي صلاح سان سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي جسماني تربيت ڏيڻ لاءِ ستت اُپاءُ ورتا ويندا.“

بيگم صاحبه اميد ظاهر ڪئي ته انهيءَ پروگرام تي عمل ڪرڻ سان ٻارن جي صحت گهڻو سڌرندي، ۽ ساڳئي وقت منجهن تنظيم ۽ ضابطي هيٺ ڪم ڪرڻ جو مادو به پيدا ٿيندو.

کپرو:

تاريخ 7، 8 ۽ 9- آڪٽوبر 1963ع تي کپري شهر جي اسلاميه هاءِ اسڪول ۽ ڊي. سي. هاءِ اسڪولن گڏجي، وڏيءَ گرمجوشيءَ سان ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو. پرائمري اسڪول جي شاگردن به جلوس ۾ حصو ورتو. شهر جي ڪيترن معزز ماڻهن عالمي ڏينهن جي اهميت تي تقريرون ڪيون. ٻئي ڏينهن ٻارن کي مفت سئنيما شو ڏيکاريو ويو ۽ مٺايون ورهايون وييون. انهيءَ کان سواءِ، گرلس پرائمري اسڪول جي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين الڳ ڏينهن ملهايو ۽ سرڪار کان گهُر ڪئي ته ”هن شهر ۾ گرلس مڊل اسڪول قائم ڪيو وڃي؛ پرائمري اسڪول جي جڳهه ٺهرائي وڃي؛ گرلس اسڪول کي راند جو ميدان ڏنو وڃي، ۽ عورتن لاءِ الڳ لئبرري قائم ڪئي وڃي.“

پرائمري اسڪول دڌ، تعلقه سڪرنڊ

تاريخ 7- آڪٽوبر 1963ع، دڌ پرائمري اسڪول ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. اسڪول هيڊ ماستر صاحب هن ڏينهن جي اهميت تي تقرير ڪئي، ۽ ان بعد شاگردن هيٺيون پروگرام پيش ڪيو: شاگرد محمد ”وطن جي حب“ (نظم)؛ شاگرد ماڻڪ خان ”وطن سان ماڻهن جو پيار“ (مضمون)؛ شاگرد محمد اشرف ”پيارو پاڪستان“ (نظم)؛ شاگرد مقصود احمد ”نصيحت جا نُڪتا“ (مضمون)؛ ۽ شاگرد لياقت علي ”سمجهو ڇوڪرو“ (آکاڻي). ان بعد مقصود احمد شاگرد هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو، جو يڪراءِ بحال ڪيو ويو:

ٺهراءَ (1) ”اسين مطالبو ٿا ڪريون ته انعامي ڪتابن سان گڏ قرآن شريف به ڏنا وڃن؛ (2) انعامن ۾ پراڻي ڪورس جا ڪتاب ڏنا ويا آهن، جي شاگردن جي ڪنهن به ڪم جا نه آهن، آئيندي اهي بيڪار ڪتاب ڏيڻ بند ڪيا وڃن؛ ۽ (3) هن ڳوٺ ۾ ترت مڊل اسڪول قائم ڪيو وڃي.“

سن:

تاريخ 12- آڪٽوبر 1963ع تي، سن جي مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي شاگردن طرفان ڏينهن ملهايو ويو. هن ڏينهن جي اهميت تي ڪيترن استاد صاحبن تقريرون ڪيون، ۽ شاگردن کي سمجهاڻيون ڏنيون.

شهدادپور:

هتان جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي شاگردن اسڪائوٽس بئنڊ سان جلوس ڪڍيو، جو سڄي شهر کي چڪر لڳائڻ بعد راندين جي گرائونڊ تي پهتو. ٻارن رانديون ڪيون ۽ آخر ۾ انعام ورهايا ويا.

 

اڪبر اعظم جون يادگار شيون

پاڪستان سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ عمرڪوٽ وٽ هاڪاري مغل شهنشاهه، اڪبراعظم، جي يادگيريءَ ۾ ڳري خرچ سان هڪ عجائب- گهر جوڙايو ويندو، جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جون ڪي يادگار شيون جهڙوڪ هٿيار، لباس، سڪا، فرمان ۽ پروانا وغيره رکيا ويندا.

هندستان:

ٽيپو سلطان جون يادگار شيون

هندستان سرڪار جي سائنسي تحقيقات ۽ ثقافتي سرگرمين واريءَ وزارت، ڏکڻ هندستان ۾، سرنگاپٽم وٽ هڪ عمارت جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽيپو سلطان جون يادگار شيون جهڙوڪ سندس وڏن جون تصويرون، سڪا ۽ پوشاڪون وغيره رکيون وينديون.

تازو هندستان سرڪار بئنگلور ۽ سرنگاپٽم ۾ ٽيپو سلطان جي ٻن محلاتن جي مرمت ڪرائي آهي، ۽ ويهارو کن فوجي قلعن کي قومي يادگار قرار ڏيئي، سرڪار حفاظت هيٺ آندو آهي.

انگلنڊ:

1700 سؤ سال پراڻي ٻيڙي

هن سال ٽيمس نديءَ جي ڪناري وٽ گپ ۾ پوريل، هڪ پراڻي ٻيڙي هٿ آئي آهي، جا هينئر عجائب- گهر ۾ رکيل آهي.

انهيءَ ٻيڙيءَ کي چڱيءَ طرح جاچي معلوم ڪيو ويو آهي ته اها ٻيڙي انگلنڊ جي ٺهيل آهي ۽ اٽڪل سترهن سؤ سال پراڻي آهي. ٻيڙيءَ جي شڪل انهيءَ زماني جي رومي ٻيڙين وانگر آهي.

ڀانئجي ٿو ته اها ٻيڙي پٿر کنيو پئي ويئي، جو ڪنهن حادثي سبب ٻڏي ويئي هئي، ۽ تڏهن کان وٺي گپ ۾ پوريل رهي آهي.

 

آمريڪا:

دنيا جون ڏهه بهترين اخبارون

آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل ڇنڊڇاڻ موجب، سڄيءَ دنيا جون گهڻي کان گهڻيون خبرون ڇاپڻ، سٺي لکڻ ۽ ايمانداريءَ سان خبرن تي راءِ زني ڪرڻ جي بنيادن تي، هيٺين ڏهن اخبارن کي دنيا جون بهترين اخبارون ليکيو ويو آهي:

1. سئٽزرلئنڊ جي زيورچ شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”نؤ زوري هَرِ زيتنگ.“

2. اولهه جرمنيءَ جي فرئنڪفورٽ شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”فرئنڪفرٽر الگيمين.“

3. آمريڪا جي نيويارڪ شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”نيويارڪ ٽائيمس.“

4. آمريڪا جي بوسٽن شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”ڪرسچن سائنس مانيٽر.“

5. انگلنڊ جي شهر مئنچيسٽر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”گارڊن مئنچيسٽر.“

6. فرانس جي پئرس شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”لي مانڊ.“

7. جپان جي ٽوڪيو شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”اساهي شمبون.“

8. ڏکڻ آمريڪا جي شهر بيوناس ايئريس مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”لئپرنسا.“

9. انگلنڊ جي لنڊن شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”ٽائيمس.“

10. سئيڊن جي اسٽاڪهوم شهر مان نڪرندڙ روزانه اخبار، ”ڊئگنس نائهيٽر.“

دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به اخبار کي انهيءَ لسٽ تي نه آندو ويو آهي، البت هندستان جي ”ٽائيمس آف انڊيا“ اخبار کي چونڊڻ جي سوال تي ويچار ڪيو ويو هو.

 

 

ڀلا ٻڌايو ته...

[”گل ڦل“ جي گذريل پرچي ۾ (جنوري- فيبروري 1963ع)، هن عنوان هيٺ ٽي سوال ڇپيا هئا. انهن سوالن جا جواب هيٺين ڀائرن موڪليا آهن، جي ڪنهن حد تائين صحيح آهن:

1. ارباب علي ڀٽو (سکر)، 2. راڌا ڪرشن ”سنڌي“ (باگڙجي)، ۽ 3. الهه بچايو دايو (ٽنڊو محمد خان).

صحيح جواب هي آهن:

1. سنڌي ٻولي

سال 1958ع ۾، مارشل لا لڳڻ کان پوءِ، مرڪزي سرڪاري تعليمي سڌارن آڻڻ واسطي هڪ ڪميشن مقرر ڪئي هئي ته صورتحال کي جاچي، پنهنجي رپورٽ ڏئي.

انهيءَ ڪميشن جيڪا رپورٽ سرڪار کي ڏني، تنهن ۾ سفارش ڪيائين ته پرائمري اسڪولن ۾ فقط پهرين پنجن درجن تائين سنڌي ٻوليءَ ذريعي ٻارن کي تعليم ڏني وڃي. ان کان اڳتي مٿين درجن ۾، اردو ٻوليءَ ذريعي تعليم ڏني وڃي.

ڪميشن وڌيڪ ائين به چيو ته ٻار جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پهريان ٻه درجا پاس ڪري، ته ٽئين درجي ۾ داخل ٿيڻ شرط کيس اردو ”لازمي مضمون“ جي حيثيت ۾ سيکاري وڃي.

ڪميشن جي انهن سفارشن ڪري اِهو انديشو پيدا ٿيو ته آئيندي ٻارن کي ڇهين کان پوءِ اردوءَ ۾ تعليم وٺڻي پوندي. انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته هو چاهيندا ته اڳو پوءِ شروع کان ئي اردوءَ ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪن، ته جيئن ٻن ٻولين سکڻ جي بدران کين هڪ ٻولي سکي پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ جو موقعو ملي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو ته ٻار سنڌي ٻولي پڙهڻ ڇڏي ڏيندا، ۽ اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو.

انهيءَ تي ملڪ جي مکيه تعليمدانن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن اعتراض ڪيو ته انهن سفارشن تي عمل نه ڪيو وڃي، ڇو ته هڪ ته انهن سفارشن تي عمل ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي نقصان رسندو ۽ ٻيو ته خود ٻار کي به نقصان رسندو، ڇو ته پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ ۾ هو هرڪا ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهندو.

جڏهن اخبارن ۾ گهڻو چوٻول ٿيو ۽ هنڌ هنڌ جلسا جلوس ٿيا ته سرڪار ماڻهن جي گهر تي ويچار ڪيو ۽ آخر ان کي قبول ڪري 14 آڪٽوبر 1992ع تي، هيٺيون پريس نوٽ جاري ڪيو.

 

پريس نوٽ

”تعليمي ڪميشن اڙدو ۽ بنگاليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪي تجويزون ڏنيون هيون ته جيئن انهن کي ڏاڪي بڏاڪي ترقي ڏياري، اعليٰ تعليم جو ذريعو بنايو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾، ڪميشن اڳوڻيءَ سنڌ جي ايراضيءَ ۾، ذريعه تعليم بابت ڪي سفارشون ڪيون هيون. اهي سفارشون تعليمي سال 1964ع- 1965ع کان، ڇهينءَ جماعت ۾، عمل ۾ اچڻيون هيون ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سالن ۾، مٿين جماعتن ۾، ڏاڪي بڏاڪي عمل ۾ اچن ها.

”حڪومت هاڻي صورتحال جو نئين سر جائزو ورتو آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌيءَ جي باري ۾ اڳين حيثيت قائم رکي وڃي. سنڌي، جيئن هن کان اڳ هو، انهن ادارن ۾ ذريعه تعليم رهندي، جن ۾ اڳ هئي. ساڳيءَ ريت اردو انهن ادارن ۽ ذريعه تعليم رهندي، جن ۾ اڳ هئي. اهي شاگرد جيڪي سنڌيءَ کي ذريعه تعليم طور استعمال ڪندا هئا، تن کي پرائمري تعليم جي چوٿينءَ جماعت کان اڙدو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سيکارڻ متعلق صورتحال اڳئين وانگر قائم رهندي.

”1960ع کان وٺي عمل ۾ ايندڙ نئينءَ تعليمي اسڪيم موجب، سنڌي ڇهين کان ٻارهين درجي (انٽر) تائين، انهن ادارن ۾ لازمي مضمون رهي آهي، جن ۾ ذريعه تعليم سنڌي آهي: اها حيثيت نه بدلبي. انهيءَ اسڪيم موجب، اڙدو ڇهين کان ٻارهينءَ جماعت تائين لازمي مضمون آهي: اها حيثيت به نه بدلبي.“

 

2. قومي ۽ صوبائي اسيمبليون

هن وقت پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت جو سرشتو رائج آهي. انهيءَ سرشتي موجب حڪومت جون ڪي اختياريون ۽ جوابداريون مرڪزي حڪومت جي ذمي هونديون آهن ۽ ڪي صوبن جي حڪومتن (صوبائي حڪومتن) جي ذمي هونديون آهن. درحقيقت صوبائي حڪومت کي اهي اختياريون به مرڪزي حڪومت وٽان ئي مليل هونديون آهن، پر ملڪ جي ”جوڙجڪ“ ۾ ان جا تفصيل بيان ڪيل هوندا آهن، جيئن مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن کي پنهنجي پنهنجي حدن اندر ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

جمهوري نظام واري ملڪ ۾ سڀ مکيه قاعدا ۽ قانون ماڻهن جا چونڊيل عيوضي ٺاهيندا آهن، اهڙن چونڊيل ماڻهن جي جماعت کي ”قانون ٺاهيندڙ اسيمبلي“ سڏبو آهي. اسيمبلي جيڪو قانون ٺاهيندي، اهو حڪومت عمل ۾ آڻيندي.

اسان جي ملڪ ۾ هن وقت ٻن قسمن جون اسيمبليون آهن: قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي. قومي اسيمبلي اهڙن سوالن تي ويچار ڪري قاعدا ٺاهيندي آهي، جيڪي سڄي ملڪ سان واسطو رکندڙ هوندا؛ ۽ صوبائي اسيمبلي اهڙن سوالن تي ويچار ڪري قاعدا ٺاهيندي آهي، جيڪي صوبي جي معاملن سان واسطو رکندڙ هوندا آهن.

 

1. شاهه ڀٽائيءَ جو ميلو:

شاهه ڀٽائيءَ جو ميلو، هر سال، صفر مهيني جي پندرهينءَ تاريخ، ڀٽ شاهه ۾ لڳندو آهي.

 

نوان سوال:

پڙهندڙن وٽان. هيٺيان نوان سوال پهتا آهن، جن جا صحيح جواب، ۽ انهن جي موڪليندڙن جا نالا، ”گل ڦل“ جي ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

1. سوال موڪليندڙ: محمد يوسف ”الڪريم“ چمبڙائي

1_ هيٺيون شعر ڪنهن چيو آهي ۽ ڪهڙي سر مان آهي؟

واجهائي وطن کي، آءٌ جي هت مياس،

گور منهنجي سومرا، ڪج پهنوارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،

ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

2_ اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي غلام ڪري وڪيو ويو ۽ هو نيٺ هڪ ملڪ جو بادشاهه بنيو.

2. سوال موڪليندڙ: گلنار خاتون

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شعر دنيا جي ٻن ڪهڙين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي، ۽ اهي ترجما ڪنهن ڪنهن ڪيا آهن؟

 

 

پرولي ته ڀڃ...

موڪليندڙ: غلام شبير آگرو

1. نالو منهنجو نالي سان، منجهه ٿيو.

2. ڪاٺئون ڪاٺ نه آءٌ، پکي نه ٿي، متان حاڪماڻي ڪَنيِن!

موڪليندڙ: نثار احمد آگرو

3. رَڇن منجهه وکر، منهنجو جيت پنهل سان.

4. هندوءَ نالي ڪامڻي، عضوو ڪيچين ڪاڻ.

 

 

ڀڃڻي

1. مڱڻو منهنجو کيت سان، ڇَتڙن منجهه ٿيو.

2. هر هر نه آءٌ، چِٻ نه ٿي، متان سهي ڪَنيِن!

3. شيشن منجهه شراب، منهنجو پيئڻ پنهل سان.

4. سِک سسئي، ٿيءُ سياڻي، نه روءُ ڪيچين ڪاڻ.

 

کل ته سهي

موڪليندڙ: فدا حسين سومرو

هڪڙو ماڻهو ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ چيائينس: ”ڊاڪٽر صاحب، رات جو منهنجي حالت ڏاڍي خراب ٿئي ٿي؛ فقط هن ڪري، جو ننڊ ۾ خراب خواب ڏسان ٿو؛ پوءِ ته منهنجي حالت ڏاڍي وحشتناڪ ٿئي ٿي.“

”مار!“ ڊاڪٽر چيو، ”ڀلا، ان وقت تنهنجو ساهه به تيزيءَ سان ٿو هلي؟“

”ٺيڪ ٿا چئو، ڊاڪٽر صاحب!“

”مٿي کان وٺي پيرن تائين سڀ عضوا به ڏڪندا هوندءِ؟“

”ائين سائين.“

”ڀلا، ڏند به سڄا ڌڏندا هوندءِ؟“

اتي بيمار ڪجهه دير لاءِ مٿو کنهڻ لڳو ۽ پوءِ ڊاڪٽر کي چيائين ته ”سائين، اها خبر ڪانهيم، ڇاڪاڻ ته سمهڻ کان اڳ، آءٌ پنهنجا ڏند ڌوئي، وهاڻي هيٺان رکي سمهندو آهيان.“

*****

هڪ ڏينهن ملا نصيرالدين ڪنهن ويران علائقي مان هلندو پئي ويو ته رستي تي اُڃ ۽ بک سبب سندس حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي ۽ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو ته اوچتو سندس نظر ڪن ماڻهن تي وڃي پيئي، جيڪي ماني کائڻ ۾ مشغول هئا. هو به ٽپ ڏيئي پنهنجي وهٽ تان هيٺ لٿو ۽ بنا ڪنهن دير مدار جي، انهن جي وچ ۾ وڃي ويٺو. ويٺل ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي ڏانهس نهاري، پڇيو ته ”ميان، اسان منجهان ڪهڙي سان واقفيت اٿيئي؟“ ملا نصيرالدين کاڌي جي طرف اشارو ڪري چيو ته ”ادا، هن سان!“

*****

موڪليندڙ: سڪندر پنوهر

عيسوي 1870ع جو واقعو آهي ته هڪ پادري ڪنهن مذهبي ڪاليج ۾ ويو. اتي پرنسيپال سان ڳالهيون ڪندي، پادريءَ چيو ته ”دنيا جي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجهه ايجاد ڪرڻو ۽ ٺاهڻو هو، سو سڀ ضرورتون پوريون ٿي ويئون.“

پرنسپال جواب ڏنس ته ”اوهان ڏسندا ته اچ کان پنجاهه سالن جي عرصي ۾، ماڻهو اُڏامڻ جي ضرورت محسوس ڪندا ۽ پکين وانگر آسمان ۾ اُڏامندا.“

اهو ٻڌي پادري چڙ ۾ اچي چوڻ لڳو ته ”اوهان جي ايمان ۾ فرق اچي ويو آهي ۽ اوهان انهن ماڻهن وانگر ڳالهيون ٿا ڪريو، جن جو ڪوبه مذهب يا دين نه هوندو آهي.“

حيرت جي ڳالهه آهي ته جنهن پادريءَ هوا ۾ اُڏامڻ کي ”بي ديني ۽ ڪفر“ ڪوٺيو هو، انهيءَ ساڳئي پادريءَ جي ٻن پٽن، يعني آرول رائيٽ ۽ ولبر رائيٽ، 17 ڊسمبر 1903ع تي پهريون هوائي جهاز ٺاهي، ڪاميابيءَ سان هوا ۾ اُڏايو. انهيءَ پادريءَ جو نالو ملٽن رائيٽ هو.

 

سلام ۽ سنيها

ادا،

اسلام عليڪم،

* گهڻن ڏينهن کان پوءِ ”گل ڦل“ رسالو مليو. ايتري ته خوشي ٿي جو لکڻ کان به پري. اهو رسالو منجهند جو 3 بجي مليو ۽ بابا کڻي آيو، چوڻ لڳو ته ”هي شگفته جو رسالو آيو آهي.“ بس ادا، ڄڻ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ وڇڙيل خزانو اسان کي ملي ويو! هينئر ايڏي خوشي ٿي اٿم، جو نيٺ پنو ۽ پينسل کڻي هي خط لکڻ ويٺس. هڪ خط ڪافي ڏينهن ٿيا جو مون لکيو هو، پر اوهان جواب ڪونه ڏنو. تڏهن، مون ايترا ڏينهن وري خط ڪونه لکيو هو. گل ڦل جي موڪلڻ لاءِ مهرباني، نوازش. ادا، وڏي مهرباني توهان جي!

اوهان جنوريءَ ۽ فيبروريءَ جو پرچو تمام ٿورن صفحن ۾ ڇاپيو آهي. جيڪا تصوير اوهان مهڙ ۾ ڏني آهي، سا ڏاڍي وڻي. آکاڻي به تمام سٺي هئي. اميد ته ٻئي پرچي ۾ اڃا به سٺيون آکاڻيون ۽ تصويرون ڏيندا ۽ اهو جلد ڪڍندا.

سلام ڀيڻ مٺڙيءَ جي طرفان قبول ڪجو.

شگفته شاهين، حيدرآباد

(ڀيڻ، قربن ڀرئي خط لاءِ مهرباني. افسوس آهي جو گذريل فيبروري مهيني ۾، هن سال جي پهرئين پرچي شايع ٿيڻ کان پوءِ، هي ٻيو پرچو ايڏيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ نڪري رهيو آهي. هن پرچي جي ”گذارش“ پڙهڻ سان اوهان کي انهيءَ ڳالهه جو اصلي سبب معلوم ٿيو هوندو.

اميد ته آئينده ائين نه ٿيندو، ۽ اوهان جي دعائن سان ”گل ڦل“ اڳتي پوري وقت تي نڪرندو رهندو.  – والسلام، ايڊيٽر)

 

محترم ايڊيٽر،

اسلام عليڪم.

* ادا، گل ڦل مليو. ڏاڍو وڻيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ مس مس نڪتو آهي.

اهو پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو جو ”گل ڦل“ هاڻي هڪڙي مهيني بدران ٻن ٻن مهينن کان پوءِ نڪرندو رهندو. ڪهڙو نه برو خيال آهي! ڇا توهان کي اسان جهڙن جو احساس ڪونهي؟ جي آهي، ته پوءِ توهان ائين ڇو ڪيو آهي؟

توهان کي گهرجي ته ”گل ڦل“ ٻن مهينن جي بدران هر مهيني يعني ماهوار ڪڍندا رهو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو. اميد ته توهان انهيءَ تجويز تي ويچار ڪندا نوازش

والسلام

نياز مند

    الهبچايو دايو. ٽنڊو محمد خان

(ڀاءُ، ”گل ڦل“ جو ڇاپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ آهي ۽ ان جو اهو فيصلو آهي ته ”گل ڦل“ ٻن ٻن مهينن بعد نڪري، تنهنڪري ”گل ڦل“ تيستائين ٻن ٻن مهينن کان پوءِ نڪرندو رهندو، جيستائين بورڊ پنهنجي فيصلي تي وري ويچار ڪري ۽ اها تجويز قبول ڪري ته ”گل ڦل“ اڳي وانگر ماهوار نڪري. – ايڊيٽر)

 

جناب ايڊيٽر صاحب ”گل ڦل“ حيدرآباد.

*  مون کي تاريخ 24 مارچ تي ”گل ڦل“ جو آخرين پرچو پهتو هو. ڏسي ڄڻ ته مئي جسم ۾ ساهه پيو. سچ پچ گل ڦل کان سواءِ اسان ائين آهيون، جيئن شاگرد استاد کان سواءِ.

پرچي ۾ ”دوزخ جي باهه“ آکاڻي تمام سٺي هئي، نهايت پسند آئي. هي جملو ته ”ابا، هتي باهه ڪٿي آهي! هتي جيڪو ايندو آهي، سو پنهنجي باهه پاڻ سان کنيو ايندو آهي.“ نهايت اهميت رکي ٿو. بلاشڪ، ماڻهوءَ جا برا عمل ئي باهه آهن، جيڪي کيس جلائي خاڪ ڪري ڇڏين ٿا.

نئين پرچي لاءِ ڪجهه سنڌي پهاڪا موڪليان ٿو، اميد ته پسند ايندا ۽ شايع ڪندا.

اوهان جو ڀاءُ

ڪريم بخش سومرو داد لغاري

(ڀاءُ، قربن ڀرئي خط لاءِ مهرباني. اوهان جا موڪليل پهاڪا پهتا آهن. انهن مان ڪي ”گل ڦل“ جي ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيندا. - ايڊيٽر)

 

 

محترم ايڊيٽر صاحب.

اسلام عليڪم:

-عرض ته ماهه جنوريءَ ۽ فيبروريءَ جو ”گل ڦل“ پهتل آهي، ان تي جيڪر تفصيلوار تبصرو ڪريان ها، پر گهڻي وقت پوڻ سبب هاڻي مناسب نٿو سمجهان.

هن خط سان گڏ مختلف عنوانن تي ڪجهه معلومات موڪلي رهيو آهيان جا اُميد ته نئين پرچي ۾ شايع ڪري، شڪر گذاريءَ جو موقعو ڏيندا.

ٻيو ته اوهان کي معلوم هوندو ته ”ملا نصيرالدين، ترڪيءَ جو هڪ مزاحيه ڪردار ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ سندس ٽوٽڪا وتائي فقير جي ٽوٽڪن وانگر، نهايت مقبول ۽ مشهور آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪي ٽوٽڪا آيل آهن، پر ملا جي حياتيءَ ۽ ٽوٽڪن جو ڪو مجموعو شايع ڪونه ٿيو آهي انهيءَ ادبي ضرورت کي هن ناچيز بندي پنهنجي شفيق اُستاد، جناب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مدد سان پورو ڪيو آهي. منهنجي هت لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته ملان صاحب جي حياتيءَ ۽ ٽوٽڪن جو مجموعو اوهان کي موڪليان ته پنهنجي نامور رسالي ”گل ڦل“ ۾ قسطوار شايع ڪريو.

ميمڻ عبدالغفور ”سنڌي.“

(ڀاءُ، ملا نصيرالدين جا ڪي ٽوٽڪا ”گل ڦل“ جي اڳين پرچن ۾ ڇپيا آهن. خود هن پرچي ۾ به سندس هڪ ٽوٽڪو آهي. بهر صورت، اوهان ملا نصيرالدين جا گڏ ڪيل ٽوٽڪا ڀلي موڪلي ڏيو، اسان انهن مان چونڊ ڪري، ڪي ”گل ڦل“ ۾ شايع ڪنداسين. –ايڊيٽر.)

 

جناب ايڊيٽر صاحب

اسلام عليڪم بعد احوال ته اڄ اوچتو خيال اچي ويو ته واندڪائيءَ ۾ ويهي ڪجهه پڙهجي، سو هڪ دوست کان ”گل ڦل“ جنوري ۽ فيبروري 1963ع جو وڃي ورتم، جنهن ۾ پرولين ۽ دهلاريءَ واريءَ ڪهاڻيءَ ڏاڍو مزو ڏنو. پر افسوس، جو رسالو پنهنجو نه هو، تنهنڪري جلد واپس ڪرڻو پيو. انهيءَ تي خيال آيم ته ڇو نه پنهنجو”گل ڦل“ خريد ڪري پڙهجي. سو اوهان صاحبن ڏانهن هڪدم ٽي رپيا مني آرڊر رستي موڪليان ٿو ۽ توهان صاحبن جو ساليانه خريدار ٿيان ٿو. اهو مناسب نه ڄاتم جو ٻين کي وتان منٿون ڪندو ته ’ادا ”گل ڦل“ پڙهڻ لاءِ ڏيو ته پڙهان.‘ مهرباني فرمائي مون کي ساليانو خريدار بنائيندا، ۽ ”گل ڦل“ موڪليندا رهندا. والسلام

محمد فاروق ميمڻ

پوسٽ نوشهرو فيروز، ضلعو نوابشاهه (ڀاءُ، اوهان کي ”گل ڦل“ جو خريدار بنايو ويو آهي. اميد ته ”گل ڦل“ جا ٻيا پڙهندڙ جيڪي رسالي جا ساليانا خريدار نه آهن، سي پڻ اوهان وانگر سوچيندا ۽ ”گل ڦل“ جا ساليانا خريدار ٿيندا. –ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com