مولائي شيدائي
سڪندر جي ڪاهه وقت، سنڌ جا رهاڪو
[هن مضمون جو احوال محترم رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب
”تاريخ تمدن سنڌ“ تان شڪريي سان ورتل آهي. اهو
ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ شايع ڪيو آهي.]
سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه وقت (حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 332 ورهيه اڳ)
جيڪي يوناني ساڻس گڏ سنڌ ۾ آيا هئا، تن سنڌ جي
رهاڪن جي تعريف ڪئي آهي. سندن بيان آهي ته سنڌي
ماڻهو سنها ۽ قد ۾ ڊگها آهن. ڊائڊورس يوناني لکي
ٿو ته سنڌي ڊگها ۽ بدن ۾ جانٺا آهن. اتر سنڌ يعني
سري وارا مصرين سان مشابهت رکن ٿا ۽ لاڙ جا رهاڪو
حبشين جهڙا آهن، مگر سندن مٿي جا وار حبشين جهڙا
گهنڊيدار ڪونه آهن. سنڌي تندرست آهن ۽ وڏي عمر
ماڻين ٿا. اونيسيو ڪريٽيوس، سنڌين جي عمر هڪ سؤ
ٽيهه ورهيه ڏيکاري ٿو ۽ سندن هنرن ۽ ڪاريگريءَ جي
تعريف ڪري ٿو: سندن کاڌو سادو هو ۽ شراب کان پرهيز
ڪندڙ هئا. شوَ کي فتحمنديءَ جو ديوتا ڪري پوڄيندا
هئا ۽ ان جي بت اڳيان نقارا ۽ گهڙيال وڄائيندا
هئا. اها رسم منجهن صدين لاڪر رائج هئي.
نيرڪوس نالي ٻيو يوناني سنڌين جي پوشاڪ بابت لکي ٿو ته ”اُهي
اَڇا سوٽي ڪپڙا پائيندا هئا. سندن ڳچين ۾ سفيد
انگوڇا ويڙهيل هئا، جن جا پلوَ ڪلهن تي لڙڪائيندا
هئا. کين ڪنن ۾ عاج جا موڪرا والا پيل هئا، جي کين
ڏاڍو ٺهندا هئا. پنهنجن ڏاڙهين کي قسمين قسين رنگن
سان رڱيندا هوا. ڪن جون ڏاڙهيون نِيرَ ۾ ٻُڏل هيون
ته ڪن تي ڪارو ڪيس چڙهيل هو. ڪي اڇين ڏاڙهين وارا
هئا. ڪن ڏاڙهين کي سائو رنگ لڳل هو. اونهاري جو
ٻاهر نڪرڻ وقت ڇٽيون کڻندا هئا. سندن جُتيون سفيد
چمڙي جون هيون، جن تي ريشمي ڪم ڪيل هو. جُتين جي
کُڙين کي نال هڻائيندا هئا. سندن ڪمانون سندن قد
جيتريون ڊگهيون هيون، جن کي کٻي پير سان موڙيندا
هئا. سندن ڍالون ننڍيون چمڙي جون جڙيل هيون. ڪي
پاڻ سان بڙڇيون کڻندا هئا. ڪن وٽ ڪشادي ڦَر سان ٻه
منهيون تراريون هيون. سوارن وٽ به بڙڇيون هيون.
انهن جون ڍالون پيادن کان ننڍيون هيون.“
هو ڪن خاص موقعن تي شراب به واپرائيندا هئا. چانورن مان هڪڙي
قسم جو شراب تيار ڪندا هئا. گهڻو ڪري اٻاريل چانور
کائيندا هئا. سندن کائڻ جا مقرر وقت ڪونه هئا.
جڏهن مرضي پوندي هين ته کائڻ ويهندا هئا. سونين
ٿالهين ۾ چانور، ڀاڄي يا گوشت سان گڏي کائيندا
هئا. مگدرن سان ورزش ڪندا هئا، ته جيئن سندن بدن
مضبوط رهي.
سنڌين وٽ علم هو، پر ڪتابن بدران سمورو کين ياد هو. هنن جو عام
پيشو کيتي هو. ڪٽنب جا سڀ ڀاتي گڏجي هارپ جو ڪم
ڪندا هئا. اهي فقط هڪ سال لاءِ انّ پاڻ وٽ رکندا
هئا، وڌيڪ بچيل اَنّ ناس ڪندا هئا. سندن چوڻ هو ته
گهڻي انّ رکڻ سان ماڻهو سست ٿي پوي ٿو. منجهن
گهڻين زالن سان شادي ڪرڻ جو رواج هو. ڏاندن جي
جوڙي ڏيڻ سان ڪنوار ملي ويندي هئي. مرد، زالن سان
سختيون ڪندا هئا. اونيسيڪريٽيوس لکي ٿو ته
”ٽئڪسيلا ۾ غريب لوڪ پنهنجين ڌيئرن کي بازار ۾
کليءَ طرح وڪڻندا هئا.“ نيرڪوس جو بيان آهي ته
”ملهه وڙهڻ وقت سنڌي ڇوڪرين تي شرطون هڻندا هئا.
جيڪو ملهه کٽندو هو، تنهن کي انعام ۾ ڇوڪري ملندي
هئي. اهڙيون ملهون سوئيمبر طور وڙهندا هئا. بيواهن
کي مردن جي لاشن سان چکيا تي چڙهڻو پوندو هو.
انهيءَ رسم کي ”ستي“ چوندا هئا. مگر اها رسم فقط
”ڪاٺي“ قوم جي کترين ۾ رائج هئي. جيڪي بيواهون سڙڻ
کان انڪار ڪنديون هيون، تن کي ٻيا ڀاتي حقارت
واريءَ نظر سان ڏسندا هئا.
حضرت عيسيٰ کان 316ع سال اڳ، هڪڙو سنڌي سورمو ايران ۾ جنگ ڪرڻ
ويو ۽ اتفاق سان مارجي ويو. کيس ٻه زالون هيون، جن
چکيا تي چڙهڻ جي دعوا ڪئي. منجهانئن ننڍيءَ زال کي
اجازت ڏني ويئي، ڇاڪاڻ ته وڏيءَ کي ڪڇ تي ٻار هو.
ڊائوڊورس جيڪو اکين ڏٺو حال بيان ڪيو آهي، سو
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏيون ٿا:
”چِکيا تي چڙهڻ واري هنڌ تي زالن ۽ مردن جو هجوم لڳل هو، گويا
ڪنهن شاديءَ جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا هئا. چکيا تي
چڙهڻ واري ستيءَ جا مٽ مائٽ سندس ساراهه جا گيت
ڳائي رهيا هئا. چکيا تي چڙهڻ کان اڳ، هن پنهنجا
زيور جهڙوڪ جواهرن سان مڙهيل منڊيون پنهنجن مائٽن
کي وراهي ڏنيون. سندس مٿي تي سونا ٽِڪا هئا، جن ۾
جواهر مڙهيل هئا ۽ ڳلي ۾ هارن جو حلقو پيل هو. اهي
سڀ وراهي ڏيڻ کان پوءِ، ستيءَ سڀني کان موڪلايو.
بعد ۾ سندس ڀاءُ هن کي چکيا ڏانهن وٺي هليو. باهه
دکائڻ کان اڳ حاضرين چکيا جي چوگرد گيت ڳائيندي ٽي
دفعا ڦيرا ڏنا. پوءِ هوءَ مڙس جي لاش جي ڀر ۾ وڃي
اطمينان سان ليٽي پئي. پوءِ باهه ڏني ويئي. هن وات
مان ڀڻڪو به ڪونه ڪڍيو ۽ صبر سان سڙي مئي. يوناني
اها روبڪار ڏسي چوڻ لڳا ته ”هي فعل انسانيت جي
خلاف آهي.“
چون ٿا ته اڳ زالون مڙس جي مئي کان پوءِ زهر کائي مرنديون هيون،
تنهن کان پوءِ ”ستي“ جي رسم ايجاد ٿي. اهو بيان
ميگسٿنيز به ڏنو آهي پر ڪيتريقدر سچ آهي، سو چئي
نٿو سگهجي. ڪن ڪن هنڌن تي، خاص طرح سنڌ جي سرحدي
علائقن، جهڙوڪ ٽئڪسيلا ۽ بلوچستان جي ايران واريءَ
سرحد تي، مڙدن کي ميدانن ۾ ڦٽو ڪندا هئا، جن جو
ماس ڳجهون پٽينديون هيون. اها رسم ايرانين وٽان
سنڌ ۾ آئي هئي. سنڌ ۾ غلاميءَ جو به رواج هو.
ايراني پنهنجن شهنشاهن کي سجدو ڪندا هئا، پر سنڌي
پنهنجن راجائن اڳيان فقط ٻيئي هٿ اُڀا ڪندا هئا:
اها سلام جي نشاني هئي. خوشيءَ جي موقعن تي سنڌي
راجائن جي هاٿين کي سون ۽ چانديءَ جي پالڪين سان
سينگاريو ويندو هو. رَٿ ۽ بيل گاڏين کي جهنڊين سان
سينگاربو هو. لشڪر صفون ٻڌي بيهندو هو. قسمين
قسمين جانور ۽ چيتا ۽ شينهن به صفن ۾ بيهاربا هئا.
وڏا وڏا پاڙؤن پٽي گاڏين تي کڻي آڻيندا هئا، جن تي
طرحين طرحين پکي خوشنما کنڀن وارا لاتيون لوندا
هئا. ماڻهو ڪنگ، بدڪون ۽ ڪبوتر هڪٻئي کي تحفي طور
پيش ڪندا هئا. راجائون، غريبن ۽ شاهوڪارن جا هر
قسم جا تحفا منظور ڪندا هئا. هرڻ ۽ گينڊا به تحفن
۾ شامل هوندا هئا. ڍڳا، دنبا ۽ گينڊا ويڙهائيندا
هئا. بعضي هاٿين جو به مقابلو ٿيندو هو. گهوڙن جي
رَٿن کي ڍڳي گاڏين سان شرطون ٻڌي ڊوڙائيندا هئا.
ڪي راجائون ۽ امير به اهڙين راندين ۾ حصو وٺندا
هئا، ۽ وڏيون شرطون لڳنديون هيون، جتي حڪمران طبقي
کان سواءِ عوام به قسمت آزمائيندو هو. اهڙيءَ طرح
غريب ماڻهن جون جدا شرطون لڳنديون هيون.
جوڳين جا ٻه قسم هئا: هڪڙا مٿو ڪوڙائيندا هئا، ٻين کي جَٽائون
هيون. وٽن شاگردن جون ٽوليون هيون. سڄو ڏينهن شهرن
۽ ڳوٺن ۾ ڀِٽڪندا هئا. ماڻهن کي منترن ۽ جنترن جون
ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. ڪنهن به دڪان تان ڪا شيءِ
کڻندا هئا ته کين جهلڻ وارو ڪوبه نه هو، بلڪ
دڪاندار اهڙيءَ ڳالهه کي سٺو سمجهندا هئا. ڪنهن به
گهر يا دڪان تي پهچندا هئا ته شهري لوڪ سندن مٿن
تي تيل هاريندا هئا. اهڙا سنياسي ڪنهن جي به هٿ جي
پڪل روٽي ڪونه کائيندا هئا. سڪندر هڪڙي ڀيري کين
کاڌي جي دعوت تي گهرايو، مگر هو ميدان ۾ ويهي
رهيا. سندن ساڄي ۽ کاٻي سندن مريد پلٿي هڻي ويٺا.
منجهانئن هڪڙو ڄڻو ڇهه فوٽ ڊگهي لٺ هٿن ۾ نشان
وانگي جهلي بيٺو رهيو. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن گذري
ويو، مگر ان هنڌ تان چُريا پريا به ڪونه. سنياسن
کانسواءِ هڪڙو گروهه ”پرناما“ نجومين جو هو، جيڪي
ستاري شناسيءَ جا ماهر هئا. اهي اهڙن برهمڻن جي
خلاف هئا، جيڪي ويدن تي اعتقاد رکندڙ هئا. برهمڻ
ٽن قسمن جا هئا: (1) جيڪي جبلن ۽ ٽڪرن تي رهندا
هئا، ۽ (2) جيڪي بلڪل اگهاڙا هئا، ۽ (3) جيڪي شهرن
۽ ڳوٺن ۾ رهندا هئا. جابلو برهمڻ، هرڻ جو کل جي
لنگوٽي ٻڌندا هئا. وٽن هڪڙي ننڍڙي گودڙي ڪلهي ۾
لڙڪيل هئي، جنهن ۾ ٻُوٽيون کڻي گهمندا هئا ۽ جهاڙ
ڦيڻ سان بيمارن کي سَگهو ڪندا هئا، نانگا ستٽيهن
ورهين جي عمر تائين يوگ پچائيندا هئا ۽ کليءَ هوا
۾ رهندا هئا ۽ پاڻ ڍوڍا پچائي ماکيءَ سان کائيندا
هئا. زالن کي ڪن شرطن تي ساڻ کڻندا هئا. شهرن ۽
ڳوٺن ۾ رهندڙ برهمڻ سوٽي ڪپڙي جي پوشاڪ پائيندا
هئا ۽ ڪلهي تي هرڻ جي کل رکي نڪرندا هئا. سندن مٿن
تي ڊگهيون جَٽائون، پَٽڪن وانگر ٻڌل هيون. اهي
ڊگهيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. ڪي قديم قومون جهنگن
۾ رهنديون هيون. اهي پنهنجي تمدن تي محڪم هيون.
شاهه جي رسالي مان
”وائي“ سُر مارئيءَ منجهان
کَٿِيءَ منجهه کٽيائين، مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
پَرچِي پَهنوارَنِ سين لوئِي ڏيجُ لَڌائين،
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
سِيلُ نِباهي سومرا، پَنهِنجو پِي پُڇيائين،
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
جهُوپو جهانگيڙَن جو، ماڙِيءَ سان نه مَٽيائين،
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
سڱر ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌائين،
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
ماروءَ پاسِ ملير ۾، چسا سَڀُ چکيائين،
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
اتي عبداللطيف چئي، شرم رکين ربّ سائين!
مارُو ڄامُ مَليرَ جو.
سچ
سچ سڃاتو جن، سي ڪوهه ڪريندا ڪوڙ کي،
مورت محبوبن جي، سڀ صورت منجهه ڏسن،
اَٺئي پهر عجيب سان، ملي مؤجان ڪن،
مَنجهي راڄ رهن، ڪيول[1]
ڪنول جان سدا.
سچ سڃاتو جن، سي ڪوهه ڪريندا ڪوڙ کي،
مرگهه ترشنا[2]
جي جَل ۾، سامي ڪين وَهن.
رَتا رنگ رهن، سامي سپرين جي.
ڏٺي جن چکي، سامي سُرڪي سچ جي،
اَوديا پنـڊ
[3] مٿي تؤن، لاهي تن
رکي،
لُنءَ لُنءَ منجهه لَکي، سَتا[4]
سڀ ساکيءَ[5]
جي.
سچ سي سڃاڻن، جن کي سچ سَل[6]
ڪيا،
پاڻُ ڏٺائون پاڻَ ۾، نرکي
[7] نماڻن،
مورک ڇا ڄاڻن، دردوندن جي دم کي!
ــــ سامي
مظهر يوسف
پنهنجي مدد پاڻ ڪريو
دنيا ۾ بدنصيب ماڻهو ٻن نمونن جا هوندا آهن: هڪڙا اُهي جن ۾
ترقيءَ ڪرڻ جو ڪوبه احساس نه هوندو آهي، ۽ ٻيا
اُهي، جن ۾ احساس ته هوندو آهي، پر هو اڳتي وڌڻ ۽
ترقيءَ ڪرڻ لاءِ ڪنهن غيبي مدد جا منتظر هوندا
آهن.
انهن ٻنهي نمونن جي ماڻهن مان پهريان جيڪڏهن همدردي ڪرڻ جي لائق
آهن، ته ٻيا ملامت ڪرڻ جي لائق آهن. اهڙا ماڻهو
ميڊيڪل ڪاليجن ۾ رکيل مٽيءَ جي بتن وانگر آهن، جن
کي دل ۽ دماغ ته هوندا آهن، پر منجهن حرڪت ڪرڻ جي
طاقت نه هوندي آهي.
اڄ اسان جي نوجوانن ۾ به زياده تعداد اهڙن ئي ماڻهن جو آهي، جن
کي حياتيءَ ۾ هروقت ٻين جي مدد ۽ سهاري جي ضروت
ٿئي ٿي. اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو انهيءَ
ارمان ۾ گذري ٿو ته کين ڪٿان ڪا سفارش حاصل ٿئي،
يا وري ڪو وڏو ماڻهو مٿن مهربان ٿئي. حقيقت ۾
جيڪڏهن هو انهيءَ بيڪاريءَ واري عرصي جو فقط چوٿون
حصو پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ خرچ ڪن، ۽ مغرور ۽
بد دماغ وڏن ماڻهن جي خوشامد ۽ ”جي حضوري“ ڪرڻ
بدران پنهنجي مدد پاڻ ڪن، ته ڪاميابي ازخود ئي
سندن قدمن چمڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.
ڪن ٻن سست ماڻهن جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو هڪ رستي جي ڪناري تي
ڪنهن ميويدار وڻ جي هيٺان سمهيا پيا هئا. اتفاق
سان انهيءَ وڻ مان هڪ ميوو ڇڻي، هڪڙي سست جي
ڇاتيءَ تي اچي ڪِريو. ظاهر آهي ته هن نعمت حاصل
ٿيڻ تي هن کي ضرور خوشي ٿي هوندي؛ پر هن کي خوشيءَ
کان وڌيڪ هيءُ ارمان ٿيو ته ڇونه اهو ميوو سڌو
سنئون سندس وات ۾ اچي پوي ها، ۽ هُن کي هٿ سان کڻي
وات ۾ وجهڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوي ها.
هن کي ڪجهه دير انهيءَ فڪر ۾ گذري ته هڪ شخص هن جي ڀر وٽان اچي
لنگهيو. اُن کي ڏسي، سڏ ڪري چيائين ته ”او ادا،
ويندڙ! ڀلائي ڪري هي ميوو کڻي، منهنجي وات ۾ نه
وجهندو وڃين!“ واٽهڙوءَ اڃا ان جي آواز ڏانهن ڌيان
ئي مس ڏنو، ته ٻئي سست رڙ ڪري چيس، ”نه ڀاءُ، وات
۾ کڻي نه وجهجئينس- توکان ٿوري دير اڳ هڪ ڪتو
ڪيترن منٽن تائين منهنجو منهن چٽيندو رهيو، پر هن
نڀاڳي ان کي رڳو هڪل به ڪانه ڪئي!“
اوهان هنن سُستن جي ڳالهه تي ضرور کِلندا، پر ذرا غور ته ڪريو
ته اسان مان ڪيترن جو ٿوري فرق هوندي ساڳيو حال
آهي! نه معلوم ڪيترا ترقيءَ جا ميوا، فطرت خودبخود
اوهان جي ويجهو اُڇليا، پر اوهان پاڻ انهن کي کڻي
کائڻ بجاءِ، ڪنهن ٻئي جي هٿ جو انتظار ڪندا رهيا،
جو کڻي اوهان جي وات تائين پهچائي.
اهڙا معمولي معمولي ڪم جي اوهان چاهيو ته هوند اکڇنڀ ۾ ڪري
سگهو، تن لاءِ اوهان نه رڳو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پر
ڪيترن ڏينهنِ ۽ هفتن تائين ٻين جي مدد جا محتاج
رهو ٿا، ۽ انهيءَ عرصي ۾ اُن ڪم کي بهتر نموني سان
پوري ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا پنهنجي هٿن مان وڃائي
ڇڏيو ٿا.
آءٌ اوهان کي هڪ ٻي آکاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو:
هڪ جهرڪيءَ ڪنهن پوک ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيو، ۽ اُن ۾ آنا
لاٿائين. ٿوري عرصي کان پوءِ اُهي آنا ڦُٽي ٻچا
ٿيا ۽ پوک به پچي راس ٿي. هڪ ڏينهن مالڪ ٻني تي
آيو، پوک پڪل ڏسي چيائين ته ”سڀاڻي سڀني همراهن کي
آڻي لابارو ڪرائي ڇڏيندس.“ ٻچا اها ڳالهه ٻڌي،
گهٻرائجي ويا ۽ ماءُ جي اچڻ تي کيس چيائون ته
”ٻنيءَ جو مالڪ سڀاڻي لابارو وجهندو، تنهنڪري اسان
کي هتان نڪري ٻئي پاسي هلڻ گهرجي.“ ماءُ دلداري
ڏيئي چينِ: ”يقين ڪريو، اڃا پوک ۾ لابارو ڪونه
پوندو.“
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مالڪ وري ٻنيءَ تي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته
”ڏاڍي دير ٿي ويئي، سڀاڻي سڀني پاڙيوارن کي آڻي
پوک لڻائي ڇڏبي.“
ٻچا اها ڳالهه ٻڌي اڳي کان به وڌيڪ پريشان ٿيا ۽ ماءُ جي موٽڻ
تي کيس سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائون. ماءُ وري به
کين دلداري ڏني، ۽ چيائينِ ته ”پوک ۾ اڃا لابارو
ڪونه پوندو، اوهين خاطري ڪيو ويٺا هجو.“
هڪ هفتي گذرڻ کان پوءِ. مالڪ وري ٻنيءَ تي آيو. پوک کي زيان
ٿيندو ڏسي، چوڻ لڳو، ”هاڻ دير ڪرڻ ۾ وڌيڪ نقصان جو
انديشو آهي- سڀاڻي آءٌ پاڻ اچي لابارو وجهندس.“ هن
دفعي ٻچن جڏهن ماءُ سان ڳالهه ڪئي ته هوءَ ٻُڌي
ڏاڍو دلگير ٿي، ۽ چوڻ لڳي ته ”هاڻي پوک برابرلڻجي
ويندي- هلو ته ڪنهن ٻئي هنڌ آکيرو ٺاهيون.“
ٻچا، ماءُ جو جواب ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيا ۽ ماءُ کان پڇيائون ته
”اڳي ٻه دفعا انهيءَ ساڳيءَ ڳالهه تي تو ڇو نٿي
يقين ڪيو.“ ماءُ ورندي ڏنينِ ته ”جڏهن ڪوبه
ساهوارو پنهنجي ڪم لاءِ ٻين تي ڀروسو ڪري، ته پڪ
ڄاڻو ته هُو پاڻ هٿ وٺي انهيءَ ڪم ۾ دير ڪري رهيو
آهي؛ پر، جڏهن پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
وڃي، ته پڪ ڄاڻو ته اهو ڪم جلد پورو ٿي ويندو.“
هيءُ بهترين سبق ڀل جهرڪيءَ جي ٻچن لاءِ ئي هجي، پر ساڳئي وقت
انسان جا ٻچا به هن آکاڻيءَ مان بهترين عملي سبق
حاصل ڪري سگهن ٿا.
اوهان گهڻو ڪري ڪيترن ٻارن کي ڏٺو هوندو ته هُو ڪيترن ڪمن ڪندي
گهٻرائيندا آهن، پر جيڪڏهن اهڙن موقعن تي کين هن
نموني همٿايو وڃي ته”-منهنجو ڪِڪو ته پاڻيءَ جي
ڀريل بالٽي کڻي سگهي ٿو“ ته هُو جيڪڏهن سچ پچ سڄي
بالٽي نه به کڻي سگهي، پر پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجي طاقت ۽ توقع کان ته وڌيڪ پاڻي بالٽيءَ ۾
کڻي ويندو.
هيءَ ڳالهه رڳو ٻارن تائين محدود نه آهي، پر سمجهدار ماڻهو،
وڏيءَ عمر وارن ماڻهن کان به اهڙيءَ ريت ڪم وٺن
ٿا. تجربيڪار جرنيل پنهنجي سپاهين ۾، ۽ ٺيڪيدار
پنهنجي مزدورن ۾ مقابلي جو روح پيدا ڪري، سندن
معمولي طاقت کان ڪيتروئي وڌيڪ ڪم وٺن ٿا. جيڪڏهن
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هُو انهن لفظن سان منجهن ڪا
طاقت پيدا نٿا ڪن، پر رڳو انهن جي ذاتي ۽ اندروني
طاقت کي بيدار ڪن ٿا، جنهن کان هُو بنهه بيخبر
هوندا آهن.
انسانيت جو هيءُ ڪيڏو نه وڏو معاملو آهي ته تعليم يافته نوجوان
به پنهنجي اُن جوهر کان ناواقف رهن، جو سندن
پنهنجي اندر ۾ لڪل آهي، ۽ جنهن مان ساري دنيا جا
سمجهدار ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ هي پاڻ
اُن طاقت مان ڪوبه فائدو نٿا وٺن. مون کي ائين
چوندي نهايت ئي افسوس ٿئي ٿو، ته اوهان مان ڪيترن
پنهنجي جسماني مشين جي بيپناهه طاقتن کي سڃاتو
ڪينهي، جي اوهان جي زندگيءَ کي هڪ ڪامياب ۽ مثالي
زندگيءَ ۾ بدلائي سگهن ٿيون. اچو ته اڄ آءٌ اوهان
کي هڪ وڏي راز کان واقف ڪريان، جو اوهان کي پنهنجي
هڪ تمام اَهم جوهر کان باخبر ڪري ۽ گڏوگڏ حيرت به
ڏياري.
اڄ رات بستري تي سمهڻ کان اڳ پنهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکو، ۽ پنهنجو
نالو وٺي پاڻ سان مخاطب ٿيندي چئو ته ”ڏس، اڄ مون
کي صبح جو ڇهين بجي (يا جنهن وقت اوهان جي مرضي
هجي) ننڊ مان اٿارجانءِ!“ ائين چئي سمهي پئو ۽
يقين ڪريو ته اوهان ٺيڪ انهيءَ وقت ننڊ مان سجاڳ
ٿيندا. جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو گهڙيال وغيره آهي، ته
صبح جو جڏهن ٽائيم ڏسندؤ ته اوهين حيران ٿي ويندؤ
ته واقعي جسم ۾ هڪ نامعلوم قدرتي گهڙيال لڪل آهي.
هيءَ ڳالهه پنهنجي زندگيءَ جي هرشعبي ۽ هر ڪم ۾ استعمال ڪريو.
اوهان جي پنهنجي اندروني طاقت اوهان جي رهنمائي ۽
دستگيري ڪندي، پر جيڪڏهن اوهان اُن کي پنهنجي
سُستيءَ ۽ نااهليءَ جي ڪري ڇڏي ڏنو، ته ڪونڪو ٻيو
سمجهدار ماڻهو ان جوهر کي بيدار ڪري، پنهنجي مقصد
لاءِ استعمال ڪندو.
هڪ ٻي ڪهاڻي به ٻڌي ڇڏيو:
هڪ فوجي جرنيل پنهنجي هڪ زيردست آفيسر سان گڏ جنگ جي ميدان
ڏانهن وڃي رهيو هو. اوچتو انهيءَ آفيسر جو پير
ترڪي ويو، ۽ هُو هڪ وڏيءَ ڌُٻڻ ۾ وڃي ڦاٿو.
پهريائين ته هن نڪرڻ لاءِ گهڻيئي هٿ پير هنيان، پر
جلد ئي گهٻرائجي، جرنيل کي چوڻ لڳو، ”بچايو!
مهرباني ڪري بچايو!“
جرنيل سوچيو ته هن موقعي تي منهنجي مدد ڪرڻ جي معنيٰ ٿيندي هٿ
وٺي پاڻ کي ڦاسائڻ. اهو سوچي، هن پري کان بيهي
آفيسر کي همٿايو، مگر همت هارايل آفيسر وري به مدد
لاءِ پڪاريندو رهيو. آخر جرنيل نهايت ئي اطمينان
سان پنهنجي کيسي مان پستول ڪڍيو، ۽ هن کي چوڻ لڳو:
”معلوم ٿئي ٿو ته تون هاڻي هتان نڪري نٿو سگهين،
انهيءَ ڪري توکي دشمن جي هٿن ۾ زندهه گرفتار ٿيڻ
کان ماري ڇڏڻ وڌيڪ فائدي وارو آهي! چڱو، هاڻي تيار
ٿيءُ!“ ٿورن ئي منٽن اندر اهو ساڳيو آفيسر، ڌٻڻ
مان ٻاهر نڪري آيو.
هڪ معمولي اشاري، هن جي اندرين لڪل طاقت بيدار ڪري ڇڏي هئي- اها
طاقت، جا انسان کان سڀڪجهه ڪرائي سگهي ٿي- هڪ فوجي
جرنيل ڇا، خود تقدير جو فيصلو به بدلي سگهي ٿي.
منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته هڪ بزدل ماڻهوءَ جي معمولي بيماريءَ
۾ به دل جي حرڪت بند ٿي وڃي ٿي، ۽ هڪ مضبوط ارادي
وارو سلهه جو مريض، ٽئين درجي ۾ به ڊاڪٽرن جي بنهه
مايوسيءَ جي باوجود پنهنجي لڪل طاقت جي زور تي
دنيا کي چئلينج ڏيندو هلندو وتندو آهي.
[ترجمو، از: ادارو]
|