ادل سومرو
نئون نصاب
سبق يارهون
ج – جُتي
(جُتيءَ جي آتم ڪهاڻي)
آئون اڄ جنهن زبون حالت ۾، وچ رستي تي، اوهان جي پيرن ۾ لتاڙجي
رهي آهيان، سدائين انهيءَ حال ۾ ڪين هئس. آئون
اوهان سان پنهنجي زندگي جو احوال مختصر نموني
اوريان ٿي. جيتريقدر منهنجي يادگيري آهي ته مون سڀ
کان پهريائين پاڻ کي مور موچيءَ جي دڪان جي ڀت تي
ٽنگيل ڏٺو. مون سان گڏ منهنجي جاڙي ڀيڻ به ٽنگيل
هئي. ان کان اڳ جون ڳالهيون مون کان وسري ويون
آهن. دڪان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جُتيون هيون. پر
اسان ٻنهي ڀينرن جي سونهن سڀني کان سرس هئي. جيڪو
به گراهڪ دڪان تي ايندو هو، ته اسان کي ڏسي سندس
واڇ گودو هڻي ويندي هئي ۽ پوءِ اسان ڏي اشارو ڪري
مور کان پڇندو هو ته هيءَ جتي ڪنهن جي آهي؟ مور
وڏي فخر سان کيس چوندو هو ته رئيس سڪيلڌي خان لاءِ
فرمائش تي اهو جوڙو جتين جو ٺاهيو اٿم. پوءِ هرڪو
اهڙي سهڻي جتي ٺاهڻ تي مور موچيءَ جي ساراهه ڪندو
هو ۽ مور موچي پنهنجي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو
هو. پوءِ اسين ٻئي ڀينرون پنهنجي مالڪ رئيس سڪيلڌي
خان جو انتظار ڪنديون هيوسين.
هڪ ڏينهن رئيس سڪيلڌي خان پنهنجي جيپ، مور موچيءَ جي دڪان جي
آڏو اچي جهلي. مور موچي پري کان ئي مرحبا ڪري سندس
آجيان لاءِ اٿي بيٺو. ان وقت منهنجي ڀيڻ ننڊ پئي
هئي. مون کيس جاڳايو، اسان ٻئي ڀينرون رئيس جي
خوفناڪ شڪل ڏسي دهلجي ويوسين. رئيس جي چچريل منهن
تي وکريل اڇيون ڪاريون مڇون ۽ سندس هيڊا بي ڊولا
ڏند ڏسي منهنجيءَ ڀيڻ کي ذري گهٽ اُلٽي اچڻ لڳي.
منهنجي ڀيڻ روئڻ لڳي ته مون کيس سمجهايو ته گهٻراءِ نه، رئيس
اسان کي تڪليف نه ڏيندو پر هو ته اسان کي جيپ تي
گهمائيندو. پوءِ رئيس مور موچيءَ کي پئسا ڏنا.
اسين کيس ڏاڍو پسند آيوسين. رئيس جي پيرن ۾ هڪ
اڌوراڻو بوٽ پيو هو، جيڪو اسان ٻنهي ڀينرن کي
گهوري رهيو هو. اسان ٻنهي ڀينرن کي ڏاڍي کل ٿي
آئي. رئيس ان بوٽ کي پيرن مان لاهي پري اڇليو،
ويچارو بوٽ ٿڙندو وڃي پري ڪريو، کيس ڌڪ به ڏاڍو
لڳو. بوٽ جي ان حال تي اسان ٻنهي ڀينرن کي ڏاڍو
رحم آيو.
رئيس اسان کي جڏهن پنهنجن بي ڊولن پيرن ۾ پاتو، تڏهن اسان ٻنهي
ڀينرن جي جسم مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا.
جڏهن رئيس گهر پهتو تڏهن اسان کي پنهنجن پيرن کان آجو ڪيائين.
رئيس وڏي پلنگ تي ٺهي ويٺو ته چار عورتون به ساڻس
اچي پلنگ تي ويٺيون. پوءِ خبر پئي ته اُهي چارئي
رئيس جون زالون هيون.
پوءِ ڄڻ ته اسان لاءِ عذاب شروع ٿيو. رئيس اسان کي سارو ڏينهن
رلائي رلائي بيحال ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهن پوک تي،
ڪڏهن ميلن تي، ڪڏهن سوئر جي شڪار تي، رات جو به
آرام ڪرڻ ڪين ڏيندو. ڪڏهن ڪنهن غريب جي گهر جا
لوڙها پيو ٽپندو هو ته ڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ کاٽ پيو
هڻائيندو هو. رئيس جي افعالن تي اسان کي ڏاڍو شرم
ايندو هو. اسين ٻئي ڀينرون روز پيون دعائون
گهرنديون هيوسين ته شل هن ظالم جي ڪوجهن پيرن مان
آزاد ٿيون. رئيس پنهنجي اوطاق تي ويهندي ڪڏهن ڪنهن
ڪڙميءَ تي ڪاوڙيو هو ته اسان ٻنهي مان هڪ کي پيرن
مان لاهي، اُن ڪڙميءَ کي هڻندو هو. اسان کي تمام
گهڻو افسوس ٿيندو هو ته ڪيئن نه هڪ ظالم، هڪ غريب
جي بي عزتي ٿو ڪري. رئيس جي پيرن کي اسين گهڻو ئي
وٺ ڪنديون هيوسين، پر هن کي شايد اثر ڪين ٿيندو
هو. رئيس جي گهڻي رلڻ ڪري، اسان جو جسم به ڏينهون
ڏينهن ڏرندو ٿي ويو.
هڪڙيءَ رات رئيس شهر ۾ ڌاڙو هڻايو ڌاڙي ۾ هو پاڻ به شامل هو.
واپسيءَ تي تڪڙ ۾ جيپ ۾ چڙهڻ ڪري، آئون رئيس جي
پير مان ڪري پيس رئيس شايد ڪين سنڀاليو. پوءِ
ڏينهن ٿيڻ تي آئون ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙبي رهيس ۽
اڄ ڏينهن تائين لتاڙبي رهان ٿي. مون کي ڀيڻ جي
ڏاڍي سڪ لڳندي آهي. الائي ويچاري ڪهڙن حالن ۾
هوندي. مون کي پنهنجي هن حالت تي ڪوبه افسوس ڪونهي
ڇاڪاڻ ته ڪنهن ظالم جي پيرن ۾ رهڻ کان، رستن تي
ڌڪا کائڻ وڌيڪ بهتر آهي.
سوال:
1_ رئيس، ڪڙمين کي ڪاوڙ مان ڪڏهن ڪڏهن ڇا هڻندو هو؟
2- جُتيءَ رئيس جي پيرن ۾ رهڻ کان، رستي تي ڌڪن کائڻ کي بهتر ڇو
سمجهيو؟
3- رئيس سڪيلڌي خان جي ڪارنامن تي پنهنجي گهران جامع نوٽ لکي
اچو؟
نوان لفظ
لفظ
= معنيٰ
1- مڇون
= وات جو ڇپرو
2- غريب
= نفرت جو نشان
3- کِلَ
= ڏندن ڏيکارڻ جو ذريعو
عبدالغفور سنڌي
روشن تارا
علامه پروانو سيوهاڻي
ادو منظور، جيڪو علامه پروانو سيوهاڻي جي نالي سان مشهور آهي،
ان کي آءٌ گهڻو سڃاڻان، اوچتو ئي اوچتو خيال ٿيو
ته ڇو نه هن ادي جو سنڌ جي ٻارڙن سان تعارف
ڪرايان. سو آئون صبح جو جيئن گهران نڪتس تيئن ئي
پرواني جي گهر جو رستو ورتم. اڃا مان اتي پهتو ئي
نه هوس ته ادو رستي ۾ ملي ويو. ملاقات کان پوءِ
پڇيائين ته ادل اڄ ڪيئن اچڻ ٿيو آهي، سو به صبح
جو. مون دير ڪئي ڪانه، يڪدم چيومانس ته مون کي
سنڌي ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل لاءِ اوهان جو
انٽرويو کپي. جواب ۾ پاڻ هاڪار ڪندي چيائين ته
هينئر ته مان ڪم سان وڃي رهيو آهيان ۽ ٻارهين بجي
منهنجي دڪان تي اچجو. هاڻي ته آئون گهڙيءَ ۾ ڏسڻ
لڳس ته ڪڏهن ٿا ٻارهن ٿين- انهيءَ مهل ساڍا نَوَ
ٿيا هئا. آخر انتظار ڪندي ڪندي ساڍا يارهن ٿي ويا.
بس پوءِ ته سڌو دڪان تي ويس اتي چيائون ته اڃا
پروانو نه پهتو آهي. پوءِ مان ٿورو دڪان تان لهي
اڳتي وڌيس ته سامهون شهر جي ”جيئي سنڌ“ چونڪ وٽ
منظور پرواني تي وڃي نظر پئي. مان تڪڙيون تڪڙيون
وکون کڻندو اتي پهتس ۽ عبدالغفور سنڌي، منظور
پروانو منظور سان مليس- چيومانس ادا دير ٿي ويئي
آهي هاڻي هلو ته ڪا ڳالهه ٻولهه ڪريون.
پاڻ جواب ۾ چيائين ته مان حاضر آهيان. مون به دير ڪئي ڪانه
سامهون هوٽل ۾ هليا وياسين- اڃا اسان کي پنج منٽ
به ڪونه ٿيا ته مون ادي پرواني کان پهريون سوال
ڪيو:
عبدالغفور سنڌي ـــــ منظور پروانو
س: ادا پهرين ته اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟
ج: ادل منهنجو نالو منظور علي آهي ۽ تخلص علامه پروانو سيوهاڻي
آهي، تعليم مئٽرڪ آهي. مان اڪثر ڪري شاعريءَ سان
گهڻو شوق رکان ٿو ان کان سواءِ شاعري به ڪندو
آهيان. ڪافي اخبارن ۽ رسالن ۾ منهنجا شعر ڇپجي چڪا
آهن.
س: اوهان جي دل ۾ شاعري ڪرڻ جو شوق ڪڏهن کان پيدا ٿيو؟
ج: ڀاءُ سن 1971ع ۾ آئون پهرين شاعرن جا شعر پڙهندو هوس ۽ پوءِ
آهستي آهستي مون کي به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو.
اٿندي آئون بي بنيادي شعر لکڻ لڳس ۽ اهڙن شعرن جي
لکڻ تي ڪافي دوست به مون کي ٽوڪيندا هئا. ان هوندي
به آئون پنهنجي ارادي تي مضبوط رهيس ۽ کين جواب
ڏيندو هوس ته دوستو! مان هينئر ته شاعر ناهيان پر
هڪ ڏينهن شاعر ضرور ٿيندس، ۽ آخر منهنجي دل جي
مراد پوري ٿي ۽ آئون ڪامياب ويس.
س: ادا، ڀلا اوهان جو شاعريءَ ۾ استاد ڪهڙو آهي؟
ج: ادا، منهنجو استاد احمد شاهه ”استاد بخاري“ آهي. جيڪو دادو
سرڪاري ڪاليج جو ليڪچرار آهي.
س: ادا، اوهان پنهنجي استاد ’استاد بخاري‘ جي اخلاق تي ڪجهه
روشني وجهندا؟
ج: ڀاءُ منهنجو استاد ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. مون سان بيحد پيار
اٿس. منهنجا شعر شوق سان ٻڌندو آهي ۽ وري شوق سان
انهن جي اصلاح پڻ ڪندو آهي.
سوال: توهان رڳو شاعري سان دلچسپي رکندا آهيون يا ڪڏهن ڪهاڻي يا
مضمون سان به دل اٽڪائيندا آهيو؟
جواب: شاعري سان گڏ ڪهاڻيون به لکندو آهيان ۽ هاڻي ڪجهه اسٽيج
جا ڊراما به لکيا اٿم- منهنجي ڪهاڻي مان هڪ ڪهاڻي
”دشمن“ نالي 1973ع ۾ عبرت جي سنڊي ايڊيشن ۾ شايع
ٿي هئي.
س: اوهان ڪڏهن ريڊيو- ٽي- وي جي مشاعرن ۾ حصو ورتو آهي؟
جواب: ادا مان ريڊيو ۽ ٽي- وي تي هڪ ڀيرو ويل آهيان- ريڊيو ۾
ساڻيهه جا سينگار ۽ ٽي- وي ۾ مخزن پروگرامن ۾ شرڪت
ڪئي اٿم.
س: اوهان ڪڏهن ڪنهن ڊرامي يا ڪنهن تقريب ۾ حصو ورتو آهي؟
جواب: ادا مون اڄ تائين ڪنهن به ڊرامي ۾ حصو نه ورتو آهي- باقي
لطيف ڊي ۾ حصو ضرور ورتو هوندو مون کي ياد آهي ته
هڪ ڀيري ڀان سعيد آباد ۾ لطيف ڊي ملهايو پئي ويو
جنهن ۾ مون حصو ورتو ۽ شعر پڙهيو هوم.
سوال: ادا ڀلا توهان کي اسان جي سنڌ ديس جا ڪهڙا ڪهڙا شاعر ۽
اديب پسند آهن؟
جواب: ادل مون کي وڏن شاعرن مان ابراهيم منشي- عبدالواحد آريسر
امداد حسيني- استاد بخاري، انور هالائي ۽ سيد
منظور نقوي پسند آهن ۽ اديبن مان طارق اشرف- امر
جليل، پيرل پرديسي ۽ غلام حيدر سولنگي وڻن ٿا.
س: ادل اوهان پنهنجي زندگي جو ڪوبه دلپسند واقعو ٻڌائيندو؟
جواب: ٻيو ته ڪوبه واقعو ياد نه آهي- هڪ ڏينهن آئون جيئن پنهنجي
روم ۾ ويٺي ڪو شعر لکيو ته اچانڪ، منهنجي ننڍي
ڀاءُ پنهنجي راند واري پستول سان ٺڪاءُ ڪڍرايو ته
مان ڇرڪجي وڃي پٽ تي ڪريس ۽ پين ۽ پنو جيڪي منهنجي
هٿ ۾ هئا سي خبر ناهي ته ڪاڏي ويا. سجاڳي تڏهن ٿي
جڏهن ڀاءُ اچي سڏ ڪيو مان آواز سڃاڻي ڏسان ته پين
۽ پنو هڪ هٿ ۾ ۽ پستول ٻئي هٿ ۾ هئس.
ٽائيم به گهڻو ٿي ويو هو تنهن ڪري مون پڇاڙي وارو سوال ڪيو.
سوال: ادل اوهان گل ڦل جي معصوم گلڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو
ٿا.
جواب: منهنجو سنڌي گلڙن لاءِ اهو پيغام آهي ته هو محنت ڪري پڙهن
هي وقت قيمتي آهي- اهو نه وڃائين هي معصوم ٻارڙا
ته هن وطن سنڌ جا معمار آهن. وڏائي ڪري پنهنجي وطن
جي خدمت ڪن ۽ ان سان مرڻ گهڙي تائين وفادار رهن.
تمنائون
انسان جي دل ۾ هميشه ڪيئي تمنائون جنم وٺنديون آهن، ڪڏهن ڪهڙيون
ته ڪڏهن ڪهڙيون. ڪي تمنائون اڃا مس پوريون ٿيون ته
انهن جي جاءِ تي وري ٻيون اڀرن ٿيون. اهڙي طرح
انسان جي زندگي تمنائن جي سهاري تي اڳتي وڌندي رهي
ٿي.
موڪليندڙ:
غلام مصطفيٰ ڪنڀر- دڙو |