سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارو،

نومبر جو ”گل ڦل“ اوهان جي آڏو آهي. هن پرچي کان اسين نيوز پرنٽ جي عيوض اڇو پنو استعمال ڪري رهيا آهيون، جيئن اوهان کي وڌيڪ سٺو رسالو پيش ڪري سگهون، اميد آهي ته اوهان کي هيءَ ڦير گهير وڌيڪ وڻندي.

اسين انهن ٻارن جو ٿورائتا آهيون جن پنهنجي قلمي ساٿ سان اسان کي نوازيو آهي. اسان ڪوشش ڪندا رهندا آهيون ته سڀني سٺن لکندڙن جون سٺيون شيون ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي سگهن، پر ٿورن صفحن جي ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، ته اسين سڀني لکندڙن جو مواد ڇاپي سڀني کي راضي رکي سگهون. جن به ٻارن جو مواد نقل ٿيل يا اُتاريل نه هوندو آهي، ان مواد کي ڇنڊي ڇاڻي، صفا ڪري واري لاءِ رکيو ويو هوندو آهي، جيئن جيئن انهن جو وارو ايندو اسين انهن جو مواد شايع ڪنداسون.

ڪيترائي ڀيرا لکندڙن کي عرض ڪيو ويو آهي ته هر ڪالم لاءِ مواد جدا جدا پنن تي لکي موڪليو. پر افسوس جو انهن مان ان تي تمام ٿورا عمل ڪن ٿا. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙو سمورو مواد جيڪو گڏيل سڏيل اچي ٿو اهو اسين ”ناقابل اشاعت“ ۾ شمار ڪريو ڇڏيون. ان ڪري اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجيون لکڻيون هر ڪالم لاءِ الڳ الڳ پنن تي لکي موڪليو ته جيئن اسان کي به سولائي ٿئي ۽ اوهان کي به ڪا شڪايت نه رهي. پريس ۾ لاڳيتو ڏهه- ٻارهن ڏينهن بجلي بند رهڻ ڪري هي پرچو به ڪجهه دير سان نڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ اسين معذرت خواهه آهيون.

 

مبارڪون

هن مهيني ۾ سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن جا مبارڪ ڏينهن آهن. هندن لاءِ ڏياري ۽ مسلمانن لاءِ عيد قرباني. هنن موقعن تي اسين پنهنجي پڙهندڙن کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيون ٿا ۽ دعا گهرون ٿا ته الله تعاليٰ اسان جي ٻارن ۾ وڌيڪ ساڃاهه ۽ شعور پيدا ڪري ۽ منجهن علم ۽ عمل جو وڌيڪ شعور پيدا ڪري.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

 

پرڀو ”ناشاد“

ڏياري

چانئٺ چانئٺ ڏيئا ٽمڪن،

ڏياري آئي،

ٿي سَرهائي!

پَلٽي پَئي ڄڻ نُور جي ڌارا،

روشن ٿي ويا صحن سمورا،

مُکڙا پَسجن اُجرا اُجرا-

جوت جَلي جيون،

چانئٺ چانئٺ ڏيئا ٽمڪن،

ڏياري آئي،

ٿي سَرهائي!

هرهڪ گهر ۾ موتيو مهڪي،

چهرو چهرو چهڪي ٻهڪي،

وستي وستي سونهن ٿي واسي-

سُرهو ٿيو هَر مَن،

چانئٺ چانئٺ ڏيئا ٽمڪن،

ڏياري آئي،

ٿي سَرهائي!

 

آزاد جتوئي

لولي

لولي ڏيان توکي منهنجا لال بنان،

صدقي ٿيان توتان لک لڱان.

وڏڙو ٿي تون وارث ٿيندين،

ديس پنهنجي جي عزت رکندين.

لوڀي ٺوڳي ڪونه ڇڏيندين،

ڪندين تن کي سان هڪ وار فنا.

تون آهين ان قوم جو فرد،

جنهن ۾ آهن سڀ جانٺا مرد.

غيرت مند ۽ غيور سڀئي،

سهڻا سنڌي ڳڀرو جوان.

تنهنجا نازڪ نازڪ ڳلڙا،

سڳنڌ ڀريا هي جهڙا گُلڙا.

منهنجي توکي اهائي دعا،

شال نه اچي توتي خزان.

لولي ڏيان توکي منهنجا لال بنان،

صدقي ٿيان توتان لک لڱان.

 

سارنگ ابڙو

 

پٽڙا

پٽڙا جڏهن وڏڙو ٿئين تون:

وستي وستي واهڻ واهڻ،

چارڻ بنجي چورِجِ چنگ.

سجاڳيءَ ۾ سنيهو ڏي جو،

تصوير ۾ ڀرجان اهڙو رنگ.

انهن لئه گيت لکجان جن جو،

سدائين آهي اگهاڙو انگ.

رهجان سدائين ڪوڙ کان ڏور،

سچ جي سدائين رهجان سنگ.

جيڪي پيا ٿا لُٽين جُڳن کان،

تن پر مارن سان جو ٽِج جنگ.

وستي وستي واهڻ واهڻ،

چارڻ بنجي چورج چنگ.

 

 

 

مختيار ملڪ

 

معصوم جي چاهنا

پينگهه تي پئي نظر،

ٿڌ جي آ لهر،

دل به چاهي ٿي پر،

سيءَ ۾ ڪيئن لڏان،

هاڻ ڏس ڇا ڪريان.

گل کي ٿو ڏسان،

دل ٿي چاهي پٽيان،

مالهي آهي مٿان،

ڪيئن ان کي ڇنان،

هاڻ ڏس ڇا ڪريان.

چئو طرف ٿي ڏٺي،

ڇٻر سائي سٺي،

ماڪ آهي وٺي،

ڪيئن تنهن تي ويهان،

هاڻ ڏس ڇا ڪريان.

خوب پوپٽ گهمن،

پڻ ڀنڀوريون ڀڄن،

پر نه ٿيون وٺ ڏين.

تن جي پويان ڊڪان،

هاڻ ڏس ڇا ڪريان.

 

حاجي محمد عيدن ”ناز“ ميراڻي

مور مٺڙا

پٽڙا پيارا پرين- ننڍڙا نازڪ بدن،

مٺڙا محبت وطن- سهڻا سونهن چمن.

لولي مائر ڏين- ڏيندي لولي چون،

شال وڏڙا ٿين- ڪين ڏکڙا ڏسن،

پڙهي پرجهن ٻُجهن- اعليٰ درجي رسن،

هيئن مائر چون- اهڙا پٽڙا ڄمن.

مٺڙا محب وطن- سهڻا سونهن چمن.

حال هيرا گوهر- هي اُميد- سحر،

ٿيندا شير ببر ڪاڻ دشمن قهر،

تيز فهم و فڪر- نيٺ ٿيندا صدر،

شال ٿي حاڪم اچن. حُڪّم تن جاهلن.

مٺڙا محب وطن- سهڻا سونهن چمن.

مور مٺڙا هلن- ٽور سهڻي ٽِلن،

وات سهڻو کولن- ٻولن ٻاتا ٻولن،

ڳالهيون هر هر پُڇن سکيا سهڻي سکن،

اهڙا هيرا جيئن- کير کليو پيئن.

مٺڙا محب وطن- سهڻا سونهن چمن.

سادا سهڻا سخن- ياد هردم رکن،

روز پرچن رُسن- ڏاڍا پيارا لڳن،

اهڙا هردم هُجن- جيڪي فخر- وطن،

نالو روشن جي ڪن نازتن تي ڪجن.

مٺڙا محب وطن- سهڻا سونهن چمن.

 

حميد سنڌي

هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه

حميد سنڌي، سنڌ جو مڃيل اديب ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هو 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ ڄائو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس ۽ ايم- اي ايڪانامڪس ۾ ۽ ايل- ايل بي پاس ڪيائين. ڪيترا سال ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“ ڪڍيائين. 1960ع کان 1963ع تائين ڳوٺ سڌار جو پبلسٽي آفيسر هو. 1963ع کان 1966ع تائين جدا جدا بئنڪن ۾ نوڪري ڪيائين. 1966ع کان 1970ع تائين وڪالت ڪندو رهيو. 1970ع کان 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر ۽ ڪنٽرلر امتحانات ۽ آخر ۾ رجسٽرار ٿيو. 1976ع کان ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن آف ڪاليجز آهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ ڇپيل آهن ۽ نئون مجموعو ”ويريون“ ڇپجڻ وارو آهي. حميد جي ڪهاڻين ۾ سادگيءَ جو روپ ۽ سچائيءَ جو روح سمايل آهي. سنڌي ماحول ۽ سماج جي جاگرتا آهي.

ــــــ ايڊيٽر

هيءَ ڪنهن خاص هرڻيءَ جي ڳالهه ڪانهي هيءَ سڀني هرڻين جي ڳالهه آهي جن جون سهڻيون من موهڻيون اکيون مشهور آهن. حقيقت ۾ هيءَ ڳالهه سڀني اکين جي آهي، جيڪي ڳالهائي ڄاڻنديون آهن، ۽ هيءَ آهي به ڳالهه.

اچو ته توهان کي هرڻيءَ جي ڳالهه، اکين جي ڳالهه، ڳالهه ڳالهه ۾ ٻڌائي ڇڏيان. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

ڪجهه ڏينهن ٿيا جو مان اباڻيءَ زمين تي زمينداري ڪرڻ ويو هوس. منهنجو ننڍڙو ڏهن ورهين جو پٽ به ساڻ هيم. ڇاڪاڻ ته هيءَ به سندس اباڻي ملڪيت هئي ۽ کيس ئي سنڀالڻي آهي، پوءِ ڀلا کيس پاڻ کان، زمين کان ڇو الڳ رکان؟ زمين تي پهتس ته هارين جي گهرن جي ٻاهران ئي ديري تي هنڌ کٽولا وڇايل هئا ۽ ڏاڍو بالم ٿي وڃي ڪرت کي لڳس.

ٿوري ويرم کان ڏٺم ته مون وارو نينگر گم هو. پڇا ڪيم ته چيائون ته ”سائين علو ڪمدار کيس گهرن ڏي وٺي ويو آهي.“ دل ۾ خوش ٿيس، چيم ته هاري به سندس ۽ انهن جا ننگ به سندس، کيس ئي سنڀالڻا آهن. ڪا مهل ٿي ته ڏسان هڪ ننڍڙي ٻچٽ هرڻي نچندي اچي ۽ هو انهيءَ سان کيڏندو اچي.

”اڙي بابا، هيءَ هرڻي ڪنهن جي گهلي آيو آهين؟“

”بابا، چاچا ڪمدار وٺي ڏني آهي، غلامون هاريءَ جي پٽ جي آهي. بابا، هو وري ڏئي نه پيو، روئي پيو. چاچا ڪمدار دڙڪا ڏئي هرڻي کڻي آيو.“

الائجي ڇو مون کي ڇرڪ پئجي ويو، اٿي بيهي رهيس. ”پر پٽ، هيءَ پرائي آهي. غلاموءَ جي پٽ جي آهي توهان کي نه وٺي اچڻي هئي.“

”بابا، هرڻي مون کي وڻي ٿي، مان ته هيءَ کڻندس.“

مون سندس اکين کي ڀرجندي ڏٺو، سندس اکيون التجا سان ڀريل هيون. مون ڪمدار ڏي ڏٺو. ”سائين ڪهڙي ڳالهه آهي، هيءُ راڄ سڄو تنهنجو آهي، سڄي تنهنجي ملڪيت آهي. هرڻي ڪهڙي شيءِ آهي. غلامو جا مائٽ جبل ڏي رهندا آهن. حڪم ڪيو ٻيون هرڻيون کوڙ.“

غلامون اڳتي وڌي آيو، ”بادشاهه، ننڍڙي حاڪم تان هڪ هرڻي ڇا، سؤ هرڻيون قربان. منهنجي پٽ اها پالي آهي، تڏهن کيٽو ڪيو اٿائين. کيس ٻي گهرائي ڏيندس. هرڻي ننڍڙي حاڪم جي ملڪيت آهي منهنجا سائين!“

مان ويهي رهيس. ڪمدار، غلامو، علڻ، جانڻ، ولو، گلو ۽ رحيمو واري واري تي ڳالهائيندا رهيا. هو ڇا ڳالهائيندا رهيا، مان سمجهي نٿي سگهيس. منهنجون اکيون پنهنجي نينگر تي کتل هيون، جيڪو هرڻيءُ سان کيڏي رهيو هو. منهنجي لاءِ وقت پٺڀرو هليو ويو هو ۽ ان نينگر جي جاءِ تي مان انهيءَ هرڻيءَ سان کيڏي رهيو هيس، رڳو زمانُ مڪان جو فرق هيو. منهنجي سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل ڪارا ٽڪر هئا. انهن جبلن جي هنج ۾ لس ئي لس ميدان ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، انهن گهرن کان پرڀرو سرڪاري بنگلا هئا، ڪجهه ڪوارٽر هئا ۽ مان هيس. هڪ مون وانگر ننڍڙي هرڻي. جنهن جو نالو ڪونجڙي هو، مون سان هئي. مون به پئي ساڻس ٺينگ ڏنا مون سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس اکين کي چميو، مون کي سندس اکيون اهڙيون وڻنديون هيون جو جڏهن بابا جي آڏو انهن جي ساراهه ڪندو هيس ته بابا منهنجيءَ ماءُ کي چوندو هو ”پٽهين ته ڪو شاعر ٿيندو.“هرڻي ڇانگ ڏئي ۽ سندس اکين ۾ مستي نه ڀرجي- اڻ ٿيڻي آهي، انهي مهل سندس اکيون سندس انگ انگ جي مستيءَ کي ظاهر ڪنديون هيون. مان انهيءَ مستيءَ ۾ ئي گم هيس ته بلاول ڊوڙندو آيو ۽ هرڻيءَ کي رسي کان وٺي ڪاهڻ لڳو، ”هيءَ هرڻي منهنجي آهي، هاڻ توکي نه ڏيندس سڄو ڏينهن ٿو ڊوڙائينس. منهنجي هرڻي ٿڪجي پئي آهي.“

مون وت آهر وڌي کانئس هرڻي جي ڇنڻ جي ڪئي، پر مان آفيسري ٻار ڪاٿي، هو جابلو نينگر ڪٿي، هڪ ئي ٿيلهو ڏنائين مان پري وڃي پيس.

مون روئي اچي بابا کي دانهن ڏني ڀلا ڪاٿي بابو منهنجو ضلع جو وڏو آفيسر، ڪاٿي هڪ پٽيوالو ۽ ان جو پٽ. ان مهل هرڻيءَ اچي بنگلي تي ٺڪاءُ ڪيو بلاول جو ڪوارٽر پري نه هو سندس رڙيون سڄي رات پئي ٻڌيون. هو چوندا رهيو، ”بابا منهنجي هرڻي، بابا، منهنجي ڪونجڙي!“

هي ته ڳالهه ئي نه هئي جو پٽيوالو همٿ ڪري پنهنجي آفيسر کي چوي. بلاول ٻئي ڏينهن تپجي پيو. مان وٽس هرڻي کڻي ويس، چيومانس ته گڏجي کيڏون جيئن اڳي کيڏندا هياسين پر هو چوي ”ڪونجڙي منهنجي آهي. رڳو منهنجي آهي!“

سرڪاري ضد ۾ هرڻي منهنجي هئي ۽ مان هرڻيءَ سان وڃي کيڏڻ لڳس.

شام جو اهوئي ميدان، اهي جبل ۽ ڪونجڙي هئي، ائين ڏٺم ته بلاول ڊوڙندو آيو، ”هاڻي هيءَ هرڻي منهنجي آهي. بيگم صاحبا چيو آهي ته ڀلي وڃي تون کڻ. منهنجيءَ امان مون کي بيگم صاحبه کان هرڻي وٺي ڏني آهي.

مون سامهون نظر ڪئي. بنگلي جي ٻاهرئين ٿلهي تي منهنجي امان بيٺي هئي ۽ اشاري سان مون کي سڏي رهي هئي، مون کي ياد آيو ته بابا به ٻاهر گشت تي ويل آهي پاسو کڻڻ وارو به ڪونهي ۽ هرڻي به هلي ويندي. ڏاڍي خار مان هرڻي ڪاهيندو بنگلي ڏانهن هليس. اتي پهتس ته امان پيار مان سمجهايو ۽ مان هرڻيءَ ڏي ڏسندو رهيس، جا آرام سان ٿلهي وٽ ويٺي هئي.

الائي ڇو ايڏي بيعزتي ڀانيم جو جلد هڪ فيصلو ڪري ورتم. مون کي ان مهل نه ته هرڻيءَ جو ڇلانگون ياد آيون. نه من موهڻيون اکيون. بس چپ چاپ ٿلهي ي چڙهي ويس ۽ اک هڪ چڱي ڳري پٿر تي هنيم اک ڇنڀ ۾ کڻي هرڻي مٿان اڇلايم. جيستائين امان پهچي، بلاول ڊوڙي يا هرڻي سجاڳ ٿئي، هرڻيءَ جو مغز بنهه ڏاري وڌم منهنجي اکين آڏو هرڻيءَ جون اهي اکيون ياد آهن. جن ۾ اهڙيون التجائون، صدين جون صدائون هيون. جو ائين سمجهيم ته سڄي وادي گونجي اٿي آهي. ان سان گڏ بلاول جون دانهون اُڀ ڏاري رهيون هيون. مون بلاول جي اکين ۾ به اهي ئي صدائون پسيون، الائي ڇو سندس اکيون مون کي هرڻيءَ جي اکين کان مختلف نه لڳيون.

اڄ جڏهن منهنجو پٽ اهڙي هڪ هرڻي کڻي آيو ته سچ پچ ڏڪي اٿس ۽ جيئن ڇرڪ پريم ته ڏسان منهنجو پٽ مون کي ڪجهه چئي رهيو آهي.

”بابا هو آهي غلاموءَ جو پٽ!“ ڏٺم ته هڪ نينگر ڪنڌ هيٺ ڪيو، ٻني تان وڃي رهيو آهي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾ اٿس، جا ٻوڙن تي هڻندو نڪتو پئي ويو.

مون غلاموءَ کي چيو ته کيس سڏ ڪري، غلاموءَ جي سڏ تي هن لوڻو ورايو ۽ ڪجهه وقت اتي بيٺو رهيو ۽ پوءِ سري ويجهو آيو، سندس اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون هيون.

”پٽ اوري آ، توکي هرڻي کپي؟“ يڪدم مون واري پٽ دانهن ڪئي. ”بابا مان هرڻي ڪونه ڏيندس!“

مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ جا جوت جاڳي هئي، ات مايوسيءَ جا پاڇولا اچي ويا هيا. ”نه سائين، هرڻي ننڍڙي حاڪم جي آهي. اڙي هل ڇورا! وڃي ٻڪرين کي ڏس هلي“ غلاموءَ چهڙ ڏنس.

مون يڪدم کيس روڪيو. ”پٽ، ٻيهر اسان هرڻي کڻون ٿا، پر ائين نه. اچي هيءُ وٺ تون ٻي هرڻي وٺجانءِ“ ڏانهنس پنجاهه جو نوٽ وڌايم، ڏٺم ته سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. هن نوٽ وٺي هرڻيءَ ڏانهن ڏٺو جا پرڀرو وڻ سان ٻڌي بيٺي هئي. اوچتو سندس اکين ۾ مون هڪ عجيب چڻنگ ڏٺي. هن مون ڏانهن ڏٺو، هن جون اکيون ڳالهائي رهيون هيون اهڙي ڳالهه جنهن ۾ نه التجا هئي، نه صدا هئي، ڄڀي هئي، جنهن ڀڙڪو کاڌو هو ۽ هو اُلر ڪري هرڻيءَ ڏانهن وڌيو. مان ته پنڊ پاهڻ ٿي ويو هوس، هن جي ڊوڙ تکائي ۽ جلدائي حيرت ۾ وجهندڙ هئي.

هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪهاڙيءَ سان هرڻيءَ جي منڍي لاهي وڌي. وڄ هئي جنهن وراڪو ڏنو هو. مون ڏانهس ڏٺو، هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس اکين هڪ دفعو وري ڳالهايو. مان ڇا ٻڌايانو ته هن جي اکين ڇا ڳالهايو. شايد وقت اهڙو اچي ويو جو توهان سان ائين ئي ڪو اکيون ڳالهائين ۽ سمجهو ته هو ڇا ٿيون چون. هن نوٽ ڦاڙيو دڙها هنيا ۽ واڪا ڪندو ڊوڙندو نڪري ويو مون ڏٺو ته چوٻول پئجي ويو. مان وڌي هرڻي تائين ويس. اهي ئي اکين ۾ التجائون ۽ صدائون.

هرڻيون شايد هرڻيون آهن. سڀ ساڳيون، من موهڻيون اکيون، اهي ئي اکين ۾ التجائون ۽ صدين جون صدائون پر ماڻهو! منهنجي آڏو بلاول جون اکيون پوءِ غلاموءَ جي پٽ جون اکيون، ڦري آيون. ڪيڏيون نه مختلف هيون!

”ڪيڏو نه زمان و مڪان جون فرق آهي!“ مون سوچيو.

مون پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو هرڻيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته هو بلاول بڻجي ويو آهي.

 

 

(هالنڊ جي ڪهاڻي)

 

چانديءَ جو ٻيڙو

هيءَ ڪهاڻي هالينڊ جي آهي. اهو ملڪ، جنهن مان دٻن ۾ بند ٿيل کير ايندو آهي. هي ملڪ ڏاڍو ٿڌو ٿيندو آهي، خاص طور تي سياري ۾ جڏهن هتي برف پوندي آهي ته هر هنڌ برف جو ٿلهو تهه ڄمي ويندو آهي. تڏهن هتان جا ماڻهو برف تي ڪونه هلندا آهن، پر ڪاٺ جا سليپر پائي برف تي ترڪندا آهن.

هالينڊ کي جانڊهن جو ملڪ به چوندا آهن، ڇاڪاڻ جو هتي هرهنڌ جانڊهون هونديون آهن، جيڪي هوا جي زور تي هلنديون آهن. ڪارل به هڪ جانڊهه واري جو پٽ هو. هو پنهنجي ماءُ- پيءُ ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ جوليءَ سان گڏ رهندو هو، هن کي برف تي ترڪڻ جو شوق هوندو هو، پهرئين ڏينهن جڏهن ڪارل برف تي ترڪڻ چاهيو ته هو ڌو وڃي پٽ ۾ برف تي ڪريو. هن جي پيءُ، هن کي سهارو ڏئي اٿاريو ۽ چيائين ته ”پٽ شروع شروع ۾ سڀڪو ائين ئي ڪرندو آهي، پر پوءِ جڏهن عادت ٿي ويندي آهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ٿڪ جي  ماڻهو ڊوڙندو رهندو آهي.“ جلدئي ڪارل کي ترڪڻ اچي ويو، هن کي ترڪڻ ۾ خاص مزو ايندو هو. ڇو جو پنڌ هلڻ جي نسبت ترڪڻ آسان آهي. ۽ برف ۾ ته ماڻهو رڳو ترڪي ئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو هلڻ چاهي ته ڏاڍي تڪليف ايندس.

ڪارل هڪ فرمانبردار ڇوڪرو هو، هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي استاد جي گهر وڃي هن جي گهرو ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪندو هو. هن کي پنهنجي استاد جي خدمت ڪندي ڏاڍو لطف ايندو هو. هن کي پنهنجي استاد جي گهر ۾ رکيل چانديءَ جو ٻيڙو ڏاڍو وڻندو هو. هو دير تائين ان کي ڏسندو رهندو هو. هن جي استاد هن کي ٻڌايو هو ته هن اهو ٻيڙو اسڪيٽنگ (برف تي ترڪڻ) جي مقابلي ۾ پهرئين نمبر اچڻ تي حاصل ڪيو هو.

”ڇا توهان ان وقت مون جيتري عمر جا هئا؟“ هو پنهنجي استاد کان پڇندو هو. ”ها مان ايترو ئي هوس.“ ۽ ڪارل خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هو. هو سوچيندو هو ته ڪڏهن مان به اهو انعام حاصل ڪندس.

هو جڏهن به پنهنجي ماءُ سان ذڪر ڪندو هو ته هن جي ماءُ چوندي هئي ”ها پٽ، هڪ نه هڪ ڏينهن تون ضرور اهو انعام حاصل ڪندين.“

هو جڏهن به پنهنجي ماءُ سان ذڪر ڪندو هو ته هن جي ماءُ چوندي هئي ”ها پٽ، هڪ نه هڪ ڏينهن تون ضرور اهو انعام حاصل ڪندين.“

ٻن سالن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هن کي استاد ٻڌايو ته سڀاڻي اسڪيٽنگ جو مقابلو ٿيڻ وارو آهي. اهو مقابلو هورن ڳوٺ کان، والڪر ڳوٺ تائين ٿيندو. ڪيترائي ماڻهو شرڪت لاءِ ۽ ڪيترا ان مقابلي کي ڏسڻۡ لاءِ ايندا.

ان شام ڪارل جڏهن پنهنجي پيءُ کان مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ورتي ته هن مشڪي ڏنو. هن چيو ”ڪارل پٽ، تنهنجو مقابلو ملڪ جي مشهور اسيڪيٽرن (برف تي ترڪڻ وارن) سان ٿيندو.“ تنهن تي جوليءَ هڪدم وراڻيو ”بابا، ڪارل به ته سٺي اسڪيٽنگ ڪندو آهي. هو ته ائين هلندو آهي ڄڻ هوا ۾ پيو اڏامي.“ هن جي والد ڪارل کي چيو ته ”ٺيڪ آ پٽ، تون ڀلي قسمت آزماءِ، جيڪڏهن تون هارائي به وئين ته به پرواهه نه آهي.“

ڪارل جي استاد هن جو نالو به مقابلو ڪندڙن ۾ لکايو.

مقابلي واري ڏينهن موسم خاص سٺي ڪانه هئي. جڏهن ڪارل مقابلي لاءِ پهتو ته هن کان اڳ ئي سڀ رانديگر جمع ٿي چڪا هئا، اهو مقابلو هورن ڳوٺ کان والڪر ڳوٺ تائين هو. جتان موٽي وري هورن ڳوٺ اچڻو هو.

جڏهن مقابلو شروع ٿيو ته ڪارل سڀني کان اڳيان هو. هن کي اميد هئي ته هو سڀني کان پهرين والڪر ڳوٺ پهچندو- ۽ ٿيو به ائين ئي. هو سڀني کان پهرين پهتو- هاڻي اڌ مقابلو باقي هو، واپسي ۾ رانديگرن کي ٻئي رستي سان ”هورن ڳوٺ“ پهچڻو هو. هو جڏهن موٽيو ته هر طرف ڪوهيڙو ڄمي ويو- ڌنڌ هر طرف ڦهلجي وئي. هر شئي دونهاٽجي وئي- هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو صحيح رستو نه ڳولي سگهيو ته پڪ ڀلجي ويندو- هو احتياط سان هلڻ لڳو- ۽ اتفاق سان هن کي صحيح رستو مليو ويو ۽ هو موٽڻ لڳو- موٽندي هن جي ڪنن تي اوچتو آواز پيو- ”مدد- مدد خدا جي واسطي ڪو مدد ڪري-“ هن جڏهن اهو ٻڌو ته هو سوچڻ لڳو ته ڪاش اهو آواز منهنجي ڪنن تي نه پوي ها، پر پوءِ ان بيسودي خيال تي هن جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو- ”ڪير آهي؟ مدد لاءِ ڪير پڪاري هيو آهي.“ هن زور سان چيو. هن جو آواز ٻڌي هڪڙو مرد ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي ديوار کي ٽوڙيندو هن وٽ آيو. هو هڪ پوڙهو هو جنهن ڏڪندڙ آواز سان چيو ”منهنجا پٽ، شڪر آ خدا جو، جو تون ملي وئين- منهنجي زال ڪوهيڙي جي ڪري برف ۾ ترڪي ڪري پئي آهي- ڪرڻ ڪري هن کي چڱو ڌڪ لڳو آهي. مان پوڙهو هن کي سهارو نه ٿو ڏئي سگهان. ڇا تون هن کي کڻائي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪندين؟“

”بلڪل سائين. ڇو نه“ هن وراڻيو هن پوڙهي جي مدد سان ان ڪريل زال کي کنيو. جيڪا منڊڪائي آهستي آهستي هلي رهي هئي، جلدئي هن جي پاسي کان ڪي ڇوڪرا لنگهي ويا. هو اها ڳالهه سمجهي ويو ته اهي مقابلي وارا ڇوڪرا هئا- هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪڻ لڳي ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳيون. هن ڳيت ڏئي نڙي کي آلو ڪيو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. پوڙهي ويچاري بيمار هئي، ان ڪري هوءَ ٻه قدم هلي رهي هئي ۽ هڪ قدم بيٺي پئي- آخر خدا ڪري هو مس مس هڪڙي جانڊهه وٽ پهتا ”توهان بيهو ته مان ڪنهن کي اندران وٺي اچان.“ ائين چئي هو اندر ويو ۽ جانڊهه واري کي وٺي آيو. جنهن جي مدد سان هنن پوڙهيءَ کي کڻي اندر پهچايو.

جڏهن ڪارل هلڻ لڳو ته پوڙهي هن جا ٿورا مڃيا ۽ دعا ڪئي ”خدا تنهنجي عمر ۾ برڪت ڏئي.“ جانڊهه واري هن کان پڇيو ”شايد تون اسڪيٽگ جو مقابلو ڏسڻ پئي وئين.“ ڪارل ڪجهه ملول ٿي ويو. هن ڏکارو ٿيندي. چيو ”جي، ائين نه آهي- مان... مان دراصل ان مقابلي ۾ شريڪ هئس.“ جانڊهه وارو حيران ٿي ويو- ”ڇا، تون به مقابلي ۾ شريڪ هئين؟“

”ها، پر هاڻي شايد مقابلو ختم ٿي ويو هجي.“ هن وراڻيو جانڊهه واري چيو” آفرين آهي توتي ۽ تنهنجي نيڪدل مائٽن تي، جن توکي اها تعليم ڏني، مون کي اميد آهي ته تنهنجا مائٽ تنهنجي ان ڪارنامي تي ضرور خوش ٿيندا.“

ڪارل جڏهن ”هورن ڳوٺ“ پهتو ته هن جي استاد هن کي چيو ”مون ٻڌو آهي ته والڪر ڳوٺ تون سڀني کان پهرين پهتو هئين، مون کي افسوس آهي جو تون رستو ڀلجي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ تي پهتين.“

ڪارل ڪجهه ڪونه ڪڇيو- هو چپ رهيو.

ان کان پوءِ ڪجهه ٻيا مقابلا ٿيا- انهن ۾ ملهه، وزن کڻڻ، نيزو اڇلائڻ وغيره شامل هئا- آخر ۾ ڪمشنر صاحب انعام ورهائڻ لڳو- ان مهل سڀ رانديگر هن جي چوگرد اچي ويا- ٺيڪ ان مهل هڪڙو ماڻهو ميڙ کي چيريندو ڪمشنر صاحب وٽ پهتو- ڪارل سڃاتو اهو ساڳيو جانڊهه وارو هو- ان ڪمشنر صاحب سان ڪجهه ڳالهايو- ڪمشنر جي اشاري سان هڪڙو ماڻهو اسڪيٽنگ ڪندو ويو ۽ جلدئي موٽي آيو. هن جي هٿ ۾ سونهري دٻو هو جيڪو هن ڪمشنر صاحب کي ڏنو. جڏهن انعام ورهائڻ جي تقريب ختم ٿي وئي ته ماڻهو وڃڻ لڳا. ڪمشنر صاحب هنن کي چيو ته ”ترسو، اڃا تقريب ختم نه ٿي آهي. مان اوهان کي هڪ اهڙي جوان جو ڪارنامو ٿو ٻڌايان جنهن جي جذبي جو هميشه قدر ڪيو ويندو. اهو نوجوان ڪارل آهي. جيڪو سڀني کان پهرين والڪر ڳوٺ پهتو پر موٽيو سڀني کان پوءِ. اسان اهو سمجهيو ته هو ڪوهيڙي جي ڪري رستو ڀلجي ويو هو، پر اصل ۾ ائين نه هو، هو هڪ بيمار پوڙهي جي مدد ڪرڻ لاءِ ترسي پيو هو، هن هڪ ضعيف عورت جي مدد ڪئي ۽ پهرين نمبر اچڻ جو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. مان ان نيڪ ۽ بهادر ڇوڪري کي خاص انعام ڏيڻ گهران ٿو، اچ ڪارل پٽ، تون اسٽيج تي اچ.“

ڪارل جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو، هو آهستي آهستي اسٽيج وٽ پهتو. ڪمشنر صاحب دٻو کوليو ۽ ان مان چانديءَ جو ٻيڙو ڪڍيو ۽ تاڙين جي آواز ۾ اهو ڪارل کي انعام طور ڏنو، هن چيو ”پٽ، تون ان مدد جو عيوض سمجهجانءِ جيڪا تو پوڙهيءَ سان ڪئي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نيڪيءَ جو اجر ضايع ٿي نه ويندو، پر ائين سمجهجانءِ ته تون هڪ امتحان ۾ ڪامياب ٿيو هئين.“

ڪارل جي ماءُ پيءُ کي اهو ڪارنامو ٻڌي بيحد خوشي ٿي، ليڪن سڀ کان زياده خوشي ڪارل کي ٿي.

هن ڪمشنر صاحب جا الفاظ سدائين ياد رکيا.

 

سنڌيڪار: محمود مغل، ڄام شورو.

اخلاق ڌاريو

اخلاق ۾ سڀني ماڻهن سان کير کنڊ ٿيو. ۽ عملن ۾ سڀني کان ممتاز رهو. اخلاق جي برائي عمل کي اهڙيءَ طرح برباد ٿي ڪري، جهڙي طرح سرڪو ماکيءَ کي. هر گناهه جي توبهه آهي. مگر بد اخلاق جي توبهه ڪانهي. توهان مان سڀ کان برو اهو شخص آهي. جيڪو اخلاق ۾ برو آهي.

(حديث شريف)

 

موڪليندڙ: سليم رضا ناز ڀٽي، دڙو.

روسي ڪهاڻي

لالچي زميندار

 

 هڪ ڀيري هڪ هاريءَ پنهنجي زمين ۾ ڪدو پوکيا. جڏهن فصل تيار ٿيو ته هن ڪدو بازار ۾ وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو، ان ڏينهن جڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ تي ڪدن کي کڻي شهر وڃي رهيو هو ته هن کي رستي ۾ هڪ زميندار مليو. زميندار هن کان پڇيو ”هي تنهنجي گاڏيءَ ۾ ڇا ڀريل آهي؟“ هاريءَ وراڻيو ”ڇا توهان نٿا ڏسو، اهي آنا اٿَوَ.“

”ڇا تون سچ ٿو چئين“ زميندار حيران ٿيندي چيو ”پر مون ته اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙا وڏا آنا نه ڏٺا آهن. تون انهن کي ڇا ڪندين؟“ هاريءَ چيو ”سائين ڇا اوهان کي اها خبر نه آهي ته هي معمولي آنا ته اهن. اهي زمين جا آنا آهن. جيڪڏهن توهان هڪ سٺو آکيرو ٺاهيو ۽ ان ۾ انهن آنن کي رکو ته ان آکيري ۾ اهي آنا ڦٽندا ۽ انهن مان وڇيرا نڪري ايندا.

اهي وڇيرا وڏي هوندي اهڙا سهڻا گهوڙا ٿيندا آهن جو جڏهن اهي توهان وٽ هوندا ته تر ۾ ڪنهن وٽ به اهڙا بهترين گهوڙا نه هوندا ۽ ڪنهن به سڄي عمر اهڙا سهڻا گهوڙا نه ڏٺا هوندا.“

زميندار هڪ لالچي ماڻهو هو. هن جڏهن هاريءَ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ته هن سوچيو ته ڇو نه مان اهي آنا خريد ڪري انهن مان گهوڙا پيدا ڪريان. هن بنا ڪنهن رد ڪد جي هاريءَ کان اهي آنا هن جي گهر واري قيمت تي ورتا. هن چيو ”ادا هاري، توکي خبر آهي ته مون وٽ ڪا مناسب جاءِ نه اهي جتي آکيرو ٺاهيان. مهرباني ڪري تون ئي آکيرو ٺاهي ان ۾ آنن مان گهوڙا پيدا ڪري ڏي.

”نه سائين، ائين ڪونه ٿيندو. مان ته ائين ڪري ڪونه سگهندس. جيڪڏهن مان ائين ڪري سگهان ها ته انهن کي بازار ۾ ڇو وڪڻڻ وڃان ها. مان توکي آکيري ٺاهڻ ۾ مدد ڪندس ۽ توکي آنن جي ڦٽڻ واري ڪم ۾ ڪجهه ٻڌائيندس، پر سڄو ڪم توکي پاڻ ئي ڪرڻو پوندو.“ هاريءَ چيو.

 ”ٺيڪ آهي، بلڪل ٺيڪ آهي. مان توکي سؤ روبل ٻيا ڏيندس. تون رڳو مون کي آکيرو ٺاهڻ ۾ مدد ڪراءِ ۽ آنن جي ڦٽڻ جي ترڪيب ٻڌاءِ.“

ٻنهي هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن زميندار مقرر هنڌ تي پهتو ته هاري اڳ ۾ ئي اتي سڄي سامان سان موجود هو. زميندار تڪڙ ۾ پڇيو ”ڪٿي آهي اها جاءِ، جتي اهو آکيرو ٺهندو؟“

هاريءَ چيو ”سڀ کان پهرين تون پنهنجي گهر وارن کي چئو ته تنهنجي لاءِ مانيءَ جو انتظام ڪن، ڇاڪاڻ ته تون 3 هفتا لاڳيتو آکيري ۾ رهندين. جيڪڏهن تون هڪ ڀيرو به ان آکيري مان ٻاهر آئين ته تنهنجي سڄي محنت بيڪار ٿي ويندي.“

زميندار ٽن هفتن جي مانيءَ جو چئي هاريءَ سان گڏ هليو. هاري هن کي جهنگ ۾ وٺي ويو. جتي هن هڪ وڏي وڻ تي آکيرو ٺاهي، ڪدن ۽ ٻئي سامان کي ان ۾ رکيو ۽ زميندار کي اتي چاڙهي پاڻ هليو ويو. زميندار هڪ ڏينهن ويٺو، ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن تي به هو ويچارو اتي ويٺو رهيو. هاڻي هن جي ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ سخت سور ٿيڻ لڳو ۽ هن کي ننڊ اچڻ لڳي- هن ننڊ ۾ جڏهن پاسو ورايو ته آکيري سميت زمين تي اچي ڦهڪو ڪيائين. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو ته هن ڪيترن ئي ڪدن کي زمين تي ڪريل ڏٺو. انهن مان هڪڙو ڦاٽي پيو. هڪڙو سهو جيڪو وڻ هيٺان ويٺو هو، ڪدوءَ کي ڏسي ڊنو ۽ ڀڄي ويو. زميندار ڪا شئي ڀڄندي ته ڏٺي پر اهو ڪونه ڏٺو اهو هڪڙو سهو هو.

هن چيو ”اڙي هي مون ڇا ڪيو، اڄ اڃان چوٿون ڏينهن مس ٿيو هو ته ڪيترو نه تيز رفتار وڇيرو نڪتو. جيڪڏهن مان پورا ٽي هفتا ويهان ها  ته پڪ وڏا ۽ سهڻا گهوڙا نڪرن ها. مون کي انهيءَ هاريءَ کي ڳولڻ گهرجي ته جيئن ان کان ڪجهه ٻيا آنا وٺان.“

۽ پوءِ هو هاريءَ جي ڳولا ۾ نڪري ويو.

سنڌيڪار: علي اڪبر ابڙو، هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com