اعجاز علي
اسد
پليجو
تندرستي لاءِ
ننڊ
ضروري آهي.
موچاري صحت
۽
چڱڀلائيءَ لاءِ
پوري
پني ننڊ
ڪرڻ
تمام
ضروري آهي،
جيڪي
ماڻهو گهٽ
/
ٿورو
سمهن
/
آرام
ڪن
ٿا يا
کين
ننڊ نه
اچڻ
جي بيماري
”انسومنيا“
آهي،
اهي طبيعت
۾،
چيڙاڪ ۽ چڙ
چڙيا
ٿيو پون
۽
ڪنهن
به ڪم
۾
سندن
دل نه
لڳندي آهي،
هر ويل ٿڪل
ٿڪل
۽
ساڻا رهندا
آهن.
ننڊ
نه رڳو
صحت
لاءِ پر
جيئري رهڻ
لاءِ
به ڏاڍي
ضروري آهي.
چڱو
ڀلو ماڻهو
بنا
کاڌي پتي
جي
6
هفتا
جيئرو رهي
سگهي
ٿو، پر
سمهڻ
/
ننڊ
جي بنا
اهو
5
هفتن
کان وڌيڪ
جيئرو رهي
نه
سگهندو.
ننڊ
نه ڪرڻ
سان
ٻارن جي
جسم
۽
دماغ تي
ڏاڍو
خراب اثر
پوي
ٿو، جيڪي
ٻار
ساڍي
11
يا 12
لڳي
تائين ٽي.
وي
ڏسن ٿا
۽
پوءِ
اسڪول وڃڻ
لاءِ
صبح جو
ڇهين
لڳي اٿن
ٿا،
تن جي
جسم
۽
دماغ کي
آرام
نٿو ملي،
جنهن
سان اسڪول
۾،
اهي
پنهنجي پڙهائي
تي
پورو ڌيان
ڏيئي
نٿا سگهن،
نه
ئي وري
راند
روند ۾ چڱي
طرح
حصو وٺي
سگهن
ٿا، نتيجي
۾
اهي
هم ڪلاسين
جي
ڀيٽ ۾ ڏڏ
رهجيو وڃن.
اوهان کي
ڪيترو سمهڻ
گهرجي؟
ان
جو جواب
اهو
آهي ته
اوهان کي
پنهنجي عمر
مطابق سمهڻ
/
ننڊ
ڪرڻ گهرجي،
جيڪڏهن اوهان
جي
گهر ۾،
ٻيا ٻار
به
آهن ته
اوهان ڏٺو
هوندو ته
مختلف عمر
وارن
ٻارن جا
سمهڻ
وارا وقت
به
الڳ الڳ
هوندا آهن،
هڪ
تازو ڄاول
ٻار
24
ڪلاڪن ۾
16
ڪلاڪ
سمهي
ٿو، پر
لاڳيتو نه
پر،
وقفي وقفي
سان
سمهندو ۽ جاڳندو
رهي
ٿو، ٻار
جي
عمر جو
اهو
وقت يا
دؤر
ماءُ لاءِ ڏاڍو
ڏکيو
۽
ٿڪائيندڙ هوندو
آهي.
پاڻ
(ماءُ) رات
جو
هر هر
اٿي
ٻار جي
نهار
۽
سنڀال ڪري
ٿي،
ڪڏهن کير
لاءِ
رڙيون ڪري
ته
پيٽ ۾ هوا
ڀرجيو وڃينس،
پر
پوءِ به
اهو
ڪنهن نه
ڪنهن
نموني پنهنجي
ننڊ
پوري ڪريو
وٺي.
جڏهن
ٻار
6
مهينن
جو
ٿئي ٿو
ته
ٿوري ٿوري
وقفي
۾،
اٿڻ بدران
اهو
لاڳيتو ڇهه
ڇهه
ڪلاڪ ستل
رهندو آهي
۽
رات
جو هڪ
يا
ٻه ڀيرا
جاڳي
ٿو. ان
سان
ٻار جي
ماءُ
۽
پيءُ کي
ڪجهه
وقت آرام
لاءِ
مليو وڃي.
ٽن
سالن جي
عمر
جا ٻار
12
ڪلاڪ
سمهندا آهن،
ست
اٺ ڪلاڪ
رات
جو ۽ چار
پنج
ڪلاڪ ڏينهن
جو،
پر اهي
سمهڻ
کان لهرائيندا
يا
لنوائيندا آهن،
۽
انهن
کي سمهارڻ
ڏاڍو
ڏکيو هوندو
آهي،
پر جڏهن
سمهيو پون
ته
ڳچ پل
ستل
رهن ٿا.
جڏهن
ٻار پنجن
سالن
جا ٿي
وڃن
ٿا ته
گهڻو
ڪري ڏينهن
جو
ڪونه سمهن،
رڳو
رات جو
10
کان
11
ڪلاڪن تائين
ننڊ
ڪن ٿا.
سمهڻ
کان اهي
به
لهرائيندا آهن،
ڇو
ته ننڊ
۾
کين
ڊپ وارا
خواب
نظر اچن
ٿا،
جنهن سان
سندن
ننڊ ڦٽيو
وڃي.
ڇهن
سالن جو
ٻار
10
ڪلاڪ
سمهي ٿو.
هاڻ
ننڊ ان
لاءِ
ڪو مسئلو
نٿو
رهي، کيس
ڊيڄاريندڙ خواب
به
گهٽ نظر
اچن
ٿا، ٻار
جيڪڏهن چڱو
ڀلو
آهي ته
گهڻو
ڪري اهو
10
ڪلاڪ
ننڊ پوري
ڪري
اٿندو.
13
کان 19
سالن
جي عمر
وارن
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
۾،
ننڊ
جو عرصو
آهستي آهستي
گهٽجندو ويندو
آهي،
۽
18
سالن
جي عمر
تائين پڄندي
پڄندي اهو
عرصو
8
ڪلاڪ
تائين پهچي
وڃي
ٿو. ان
عمر
جا ڇوڪرا
۽
ڇوڪريون رات
جو
دير سان
سمهن
ٿا، ۽ باقي
رهيل
ننڊ جي
ڪسر
ڏينهن جو
سمهي
پوري ڪريو
وڃن.
پر ڏينهن
جو
سمهڻ جو
وجهه
هر ڪنهن
کي
نٿو ملي،
۽
ننڊ
پوري نه
ٿيڻ
جي ڪري
انهن
جي صحت
خراب
ٿيو پوي.
جيڪڏهن اوهان
10
سالن
جا آهيو
ته
رات جو
9
لڳي
سمهو ۽ صبح
6
بجي
اٿي وڃو،
مطلب
9
ڪلاڪ
ضروري ننڊ
ڪري،
جيڪڏهن اوهان
جي
عمر
13
سال
ان
کان مٿي
آهي
ته پوءِ
اوهان رات
جو
10
لڳي
سمهي سگهو
ٿا،
يعني روزانو
8
ڪلاڪ
ضرور سمهو،
ان
سان اوهان
چاڪ
۽
چڱا ڀلا
رهندا.
رات
جو ماني
سمهڻ
کان
3
ڪلاڪ
اڳ
کائو، کاڌو
کائي
15، 20
منٽ
ترسي، پوٽ
گهٽ
۾
گهٽ اڌ
ڪلاڪ
هلو يا
گمو
ڦرو، ۽ پوءِ
سمهي
رهو، سمهڻ
وقت
اهڙي شيءِ
(پاڻي
چانهه وغيره)
پيئڻ
نهگ هرجي
جنهن
ڪري رات
جو
پيشاب لاءِ
اٿڻو
پوي، اهڙي
طرح
اوهان
6
وڳي
تائين آرام
سان
ستل رهندا.
ججهو
سمهڻ خراب
آهي.
جتي
گهٽ سمهڻ
صحت
لاءِ خراب
آهي،
اتي ججهو
سمهڻ
يا هنڌ
تي
ليٽيو رهڻ
به
چڱڀلائي لاءِ
سٺو
ڪونه آهي،
ان
سان ماهو
سست،۽ ڍلو
۽
بيڪار ٿيو
وڃي.
سٺائي ان
۾
آهي
ته اوهان
پنهنجي عمر
مطابق پوري
پُني
ننڊ ڪريو
۽
وڏڙن
ي انهي
چوڻي
تي عمل
ڪريو
سوير سمهو
۽
سوير
اٿو.
اشرف
زمان پير
چنڊامي
مان
ڊاڪٽر ٿيندس
الطاف اٺون
ڪلاس
پاس ڪري
نائين ڪلاس
۾
ڇا
پهتو ڄڻ
هو
اڌ ڊاڪٽر
ٿي
ويو هو،
هن
هوش سنڀالڻ
کان
ڊاڪٽر ٿيڻ
ا
خواب لهڻ
شروع
ڪيا هئا،
نائين ڪلاس
۾
پهچڻ
شرط سائنس
گروپ
۾
شامل ٿي،
هن
هر سبجيڪٽ
کان
وڌيڪ بائلاجيءَ
تي
پڙهڻ جي
مشق
جاري ڪئي،۽
پاڻ
کي ڪتابن
تي
ڊاڪٽر الطاف
ابڙو
لکڻ شروع
ڪيو.
بلڪ هن
پنهنجي ڊيسڪ
تي
گول پلڪار
سان
چٽو نالو
ڊاڪٽر الطاف
ابڙو
لکي ڇڏيو.
هوريان هوريان
جڏهن
هن جي
ان
اڌ چريائپ
جي
خبر ۽ ڊاڪٽري
جنون
جو چرچو
سندس
هم ڪلاسين
تائين پهتو
ته
اهي هن
تي
کلڻ لڳا
۽
هر
آئي وئي
استاد کي
ڪلاس
۾
هن جي
ڊاڪٽريءَ جو
لطيفو ٻڌائڻ
لڳا،
هڪ ڏينهن
ما
به جيئن
ئي
هنن جي
ڪلاس
۾
سنڌي
پڙهائڻ
ويس ته
هنن
اول ئي
مون
کي هن
جو
لطيفو ٻڌايو،
مان
کليس ته
ڪونه
البت ڇوڪرن
کي
چيم ته
هي
ائڊوانس ڊاڪٽر
آهي،
بس پوءِ
ته
ٻار رهندو
گهڻو
کلڻ لڳا
۽
ان
کان پوءِ
هو
مسٽر ائڊوانس
ڊاڪٽر مشهور
ٿي
ويو، پوءِ
ته
سڀ استاد
۽
شاگرد ۽ ٻاهر
جا
مٽ مائٽ
۽
دوست
هن کي
ڊاڪٽر ۽ ائڊوانس
ڊاڪٽر سڏڻ
لڳا،
۽
اهو سڀ
ڪجهه
ٽوڪ يا
مذاق
۾
هيو، مگر
الطاف کي
انهن
ٻنهي ڳالهين
جي
پرواهه نه
هئي،
رهندو هو
خوش
ٿيندو هو.
وڏي
مزي جي
ڳالهه اها
ٿي
جو هو
نائين ڪلاس
۾ 345
مارڪون
کڻي پوري
سينٽر ۾ پهريون
نمبر
آيو. بس
پوءِ
ته هو
منو
ڊاڪٽر ٿي
ويو
۽
هن جي
ايترين مارڪن
کڻڻ
ڪري هم
ڪلاسين تي
به
هن جو
وڏو
اثر پيو
۽
اهي
هن جي
مذاق
۾
ڪجهه سنجيده
ٿي
ويا، ايتري
هوشياري ۽ ڊاڪٽريءَ
جي
شوق ڪري
سندس
ئي اسڪول
جي
استاد مشتاق
بخاريءَ هن
کان
ٻاراڻي رسالي
گلڙا
۽
گل ڦل
لاءِ
انٽرويو ڪيو.
جنهن
۾
الطاف چيو
ته
مان ڊاڪٽر
ٿي
پنهنجي ڳوٺ
۾
ڪلينڪ کوليندس
ڇو
ته اسان
جي
ڳوٺ ۾ ڪابه
اسپتال يا
ڊاڪٽر ڪونهي.
غريب
مريضن جي
سوال
بابت هن
چيو
ته مان
غريبن جو
وس
آهر علاج
مفت
۾
ڪندس. سرڪاري
نوڪريءَ جي
سوال
بابت هن
چيو
ته جيڪڏهن
سرڪاري نوڪري
ملي
ته سرڪاري
اسپتال ۾ رهي
ويتر
گهڻي سهوليت
۽
فراخدليءَ سان
غريبن جو
علاج
ڪندس، ڇو
ته
اتي دوائون
به
سرڪاري هونديون.
ان انٽرويوءَ کان
پوءِ
گهٽ ۾ گهٽ
اسڪول ۽ ڪلاس
جا
شاگرد مذاق
۽
کل
ڀوڳ ڇڏي
ويا.
اگر ڪو
کيس
ڊاڪٽر چوندو
به
هو ته
ان
جو لهجو
حقيقت جي
قريب
هوندو هو
۽
هاڻي
هن ۾ به
وڌيڪ
خود اعتمادي
اچي
وئي هئي،
حالانڪه ڊاڪٽريءَ
جي
در ڳليءَ
تائين ته
ٺهيو، پر
هو
اڃا ان
شهر
۾
به نه
پهتو
هو، پر
پوءِ
به هن
جي
اٽل ارادي
۽
خود
اعتماديءَ جو
ڪمال
هو.
هيڏانهن الطاف
ڊاڪٽريءَ جي
حاصل
ڪرڻ قلم
هلائي رهيو.
هوڏانهن مقدر
جو
قلم هن
جي
قسمت کي
بگيڙڻ ۾ هلي
رهيو
هو، جو
اوچتو هن
جي
پيءَ کي
چيلهه ۾ سور
ٿي
پيو. هن
هلڪن
ڦلڪن حڪيمن
وٽ
هيلو هلايو،
تيل
سيڪيا، سنڱيون،
ڏنڀيون آخر
باهه
جو ڏنڀ
ڏياريو، مگر
سور
بدستور قائم
رهيو. آخر
هو
ڦڪين ڦيڻن
مان
تنگ ٿي
ماڻهن جي
چؤچوا سان
هن
کي لاڙڪاڻي
جي
مشهور ڊاڪٽر
ڏانهن کڻائي
ويا،
جنهن گهڻي
چڪاس
۽
ايڪسري ڪرائڻ
کان
پوءِ کين
چيو
ته هن
کي
ڪينسر آهي،
جنهن
جو آپريشن
ٿيندو، پوءِ
هي
لاڙڪاڻي ۾ ڪيئي
ڏينهن رهيا،
گهڻو
تڻو پئسو
ته
ي انڌن
منڊن
حڪيمن ۽ ڦڪين
ڦيڻن
۾
هلائي ويٺا
هئا.
ويتر سول
اسپتال ۾ جتي
نالو
ته سرڪاري
اسپتال جو
آ،
باقي پاڻي
به
بها جو،
دوا
دارون ته
ٺهيو، پر
ڊاڪٽرن جي
به
صحيح سنڀال
ڪونه. ڊاڪٽر
رائونڊ تي
نڪرندا ته
وڏا
وڏا ٽهڪ
ڏيندا هلندا
ڄڻ
اسپتال ۽ مريض
نه
بلڪ ڪنهن
مزاحيه ڊرامي
۾
يا
ٿئٽر ۾ ويٺا
هجن،
ڪو غريب
غربو
مرض ڪي
ٻه
چار سوال
ڪندو
يا دوا
ورجائي پڇندن
ته
اڻ پوري
ورندي ڏيون
هليا
ويندا يا
نه
ته ڪنهن
ڪمپائونڊر ۽ نرس
کي
سمجهائڻ لاءِ
چوندا، اهي
وري
ڏاچي هڻي
ڏهه
ته توڏو
هڻي
تيرنهن جي
مثال
وانگر مٺ
گرم
ڪرڻ بنا
رهندو مريض
کي
مصيبت ۾ مبتلا
ڪريو
ڇڏين. الطاف
انهن
سڀني ڳالهين
کي
غور سان
ڏٺو
۽
ٻڌو پئي،
ڇو
ته هن
کي
به ڊاڪٽر
ٿيڻو
هو.
هن
ڊاڪٽري پيشي
بابت
جيئن ٻڌو
هو
ته ڊاڪٽر
رحمدل ۽ سدائين
مريضن کي
دلاسن ۽ دلجاءِ
ڏيڻ،
مٺي زبان
۽
خوش
ڪرڻ لاءِ
چپن
تي مرڪ
رکندا آهن،
سٻاجهو
ڳالهائيندا ۽ سهڻو
سلوڪ
ڪندا آهن.
هن
ته سڀ
ڪجهه
ان جي
ابتڙ
ڏٺو ۽ محسوس
ڪيو،
اڳ ته
ڪڏهن
هو هلڪي
ڦلڪي
ڪلينڪ يا
ڳوٺاڻي اسپتال
ي
ڊاڪٽر وٽ
بخار
وغيره جي
صورت
۾
ويو هو
ته
هن ڊاڪٽرن
جي
رويي ۽ سلوڪ
طرف
توجهه ڪونه
ڏنو
هو. هن
ڀيري
ته هي
مهينو پورو
اسپتال ۾ رهيو
ته
هن جو
سٺو
تجربو به
ٿيو
ته مشاهدو
به.
اهو
سڀ ڪجهه
ڏسي
هن جي
دل
۾
ڊاڪٽرن خلاف
نفرت
پيدا ٿي
پئي
هن ڏٺو
پئي
ته ڪيترائي
مريض
ڊاڪٽرن جي
پوري
سنڀال ۽ مڪمل
دوائن نه
ڏيڻ
ڪري اسپتال
مان
خوش ٿي
گهرن
ڏانهن وڃڻ
بجاءِ قبرستان
طرف
ٿي ويا،
۽
ڪيترا آهون
ڪوڪون ڪندا
ٿي
رهيا، جن
کي
هو دٻائي
رهندو خاموش
رهڻ
لاءِ چوندا
هئا
ته جيئن
ٻين
ته خراب
اثر
نه پوي،
هن
گهري نظر
سان
ڏٺو ته
اسپتال جي
ڏيڍ
ٻن سون
عملي
مان ڪوبه
هڪ
ذميوار، رحمدل
مريضن
لاءِ
نه هو،
الطاف عام
عمر
کان ڪجهه
وڏ
ٿي پڙهيو
هو
ان ڪري
هن
کي مئٽرڪ
جي
دؤرا به
سٺي
سمجهه هئي
۽
هن
هر شيءِ
کي
چڱيءَ طرح
پئي
جاچيو ۽ سمجهيو.
سو
هن
اسپتال
جي ماحول
کي
ان لحاظ
کان
به دلچسپيءَ
سان
ڏٺو پئي
ته
هن کي
به
ڊاڪٽر ٿيڻو
هو،
هن ڏٺو
اسپتال جي
عملي
لاءِ هر
ڏينهن عيد
جو
۽
هوليءَ جو
ڏڻ
هو اسپتال
۾
هي
هڪ ته
ڪونه
هو سوين
مريض
ته هزارين
انهن
جا وارث
۽
روزڪي ويچارا
انهن
جا رشتيدار
به
انهن کان
پڇڻ
ايند اهئا.
سو
جتي پنج
ماڻهو مڙن
اتي
زماني جون
اوڀاريون لهرايون
ڳالهيون هلن.
الطاف انهن
ماڻهن واتان
اهو
به ٻڌو
ته
هي سڀ
ڊاڪٽر ۽ ڪيترائي
ڊسپينسري ڪمپائونڊر
به
پنهنجي ڳوٺن
۽
مختلف جاين
تي
ڪلينڪون هلائن
ٿا
۽
اتي دوائون
کڻي
پيا هلائين
يا
ڪي ته
اسٽورن تي
ڳري
رقم واريون
دوائون اڌ
رقم
۾
پيا وڪڻن
انڪري هو
ڏوڪڙ
اتان ڪمائن
ٿا،
باقي هيڏي
توجهه ڪرڻ
جو
ڪهڙو ڪم،
هتي
به ڪو
ڏڪڙ
ڏيندو ته
ان
جو مڙئي
الهو
بلو ٿيندو،
باقي
مريض ڄاڻ
۽
ان
جي قسمت.
اهي
ڳالهيون نه
رڳو
هن ڏٺيون
۽
ٻڌيون پر
اهڙيون جُٺيون
هن
جي پيءُ
سان
به ٿيون،پورو
مهينو گذرڻ
بعد
ڏهه دفعا
ايڪسرو ڪرائڻ
بعد
به ڊاڪٽرکين
اهو
چيو ته
اڃا
ته توهان
جون
رپورٽون ڪراچيءَ
ويل
آهن اهي
واپس
اچن ته
انهن
جي روشنيءَ
۾
آپريشن يا
ڪو
ٻيو علاج
ڪنداسون.
الطاف وارا
اچي
ڦاٿا، هن
جي
پڙهائي رڪجي
تباهه ٿيڻ
لڳي،
ٻني ٻاري
جو
ڪم خت،
مال
متاع نيلام
گهر
تباهه سڀ
پريشان، توڙي
جو
هو غريب
هئا،
هنن جا
ايترا عزيز
۽
دوست
ڪونه هئا.
ان
هوندي به
هڪ
نه ٻئي
ڏينهن ڪو
ڳوٺائي، پاڙيسري
آيو
ٿي ته
ان
کي اسپتال
۾
چانهه پاڻي
پيارڻي ٿي
پئي.
ڀلا ڇا
ڪجي
دنيا جي
رسم
آ. دنيا
جو
چڪر الٽو.
هن
ننڍڙي عمر
۾
ئي
اسپتال ۾ رهي
گهڻو
ڪجهه سوچيو
محسوس ڪيو
۽
پرايو.
اسپتال ۾ رهي
هي
ڏاڍو تنگ
ٿيا
۽
ڳوٺ موٽي
آيا،
الطاف جي
پيءُ
جي حالت
بدستور ڳڻتيءَ
جوڳي
رهي، مگر
ڇا
ڪن في
الحال ته
وري
گهر چپ
ڪري
ويهي رهيا،
الطاف به
وري
هڪ مهيني
بعد
اسڪول وڃڻ
لڳو.
هڪ مهيني
جي
وڇوٽيءَ هن
جي
تعليم تي
ايڏو
اثر نه
وڌو
هو. هو
هوشيار هو
۽
سمورو ڪرايل
ڪم
هڪ هفتي
اندر
سنڀالي ويو.
استاد
ته
هن مان
راضي
هئا، ويتر
جي
هن جو
پيءُ
جي بيماريءَ
جو
ٻڌائون سو
هن
کي ڪجهه
نه
چيائون، گهڻا
ڇوڪرا شرارتي
هن
کي ٽوڪ
طور
چوڻ لڳا
ته
تون ڊاڪٽر
آهين
ته پاڻ
پيءَ
جو علاج
ڪر
نه!
ان
جملي
تي هو
چپ
رهندو هو
۽
هن
جو خيال
اسپتال جهڙي
عذاب
گاهه ڏانهن
کڄي
ويندو هو،
جتي
هن جي
خوابن جي
تعبير ابتي
۽
ايذائيندڙ هئي.
پر
هو دل
۾
سوچيندو هو
ته
مان ڊاڪٽر
ٿي
مٺي زبان،
رحم
واري دل
۽
پاڻ
وٽ احساس
رکندس، ۽ دوائن
سان
گڏ مريضن
جو
مرڪ سان
به
علان ڪندس
۽
هڪ
مثال قائم
ڪندس
ته ڊاڪٽر
ڪيئن
ٿيڻ گهرجي،
ان
ڏينهن کان
وٺي
هن وري
محنت
شروع ڪئي،
۽
پنهنجي اُٿ
ويهه
۽
ڳالهائڻ ملڻ
۾
اڃا
به مٺائپ
۽
نرمي
آندي، جنهن
سان
هن جي
اخلاق ۽ سڀاءُ
۾
وڏو
اضافو آيو.
ان
سان گڏ
هو
عام ماڻهن
شاگردن سان
۽
دوستن سان
ڊاڪٽرن جي
بي
رحميءَ ۽ لُٽ
مار
جو ذڪر
ڪندو
رهيو، هن
جي
واتان ئي
ڊاڪٽرن جي
عجيب
ظالميت جون
ڳالهيون ٻڌي
چوندا هئس،
يار
تون بي
ائين
ٿي ويندين.
تو جهڙا کوڙ
حوالي پيدا
ٿيا
۽
ڊاڪٽر ٿي
ظالم
۽
پوليس آفيسرن
وانگر هميشه
خراب
منهن ڪري
ٻيو
ته ٺهيو
پنهنجي پيءُ،
ماءُ
کان ئي
منهن
ڦيري ويا.
اهڙين ڳالهين
تي
دوست کيس
ڪيترن ئي
نوجوانن جا
مثال
ڏيندا هئس،
جيڪي
هنن ج
ئي
اکين اڳيان
پڙهي
اهڙائي احوال
ڪندي
ٿيا به
ڊاڪٽر پوءِ
ڳوٺ
۾
ڪا اسپتال
۽
ڪلينڪ ته
ٺهيو، محض
مائٽن کي
ساڳين سڪن
ٽڪرن
۽
ميرن حالن
۾
ڇڏي
ڪنهن چشمن
واري
ڇوڪريءَ سان
شادي
ڪري اڳ
پوءِ
وساري ويٺا،
اهي
ڳالهيون ٻڌي
هي
سنگت کي
چوندو هو
الله
ائين ڪندو
ڪونه، باقي
اوهان ڏسجو
ته
مان مثالي
ڊاڪٽر ٿيندس.
افسوس اهو
جو
ٻه هفتا
مس
گذريا ته
هن
جي پيءُ
جي
حالت اڃا
وڌيڪ
خراب ٿي
وئي،
جنهن ڪري
ڪن
ماڻهن هنن
کي
ڪراچيءَ وڃڻ
جي
صلاح ڏني،
چوندا آهن
ته
جيءُ خوش
ته
جهان خوش
يا
ماڻهوءَ کي
سر
ساهه کان
وڌيڪ
مال ملڪيت
مٺي
ڪونهي، سو
الطاف جي
پيءُ
به رهيا
کهيا
زيور کپائي
پٽي
سٽي ڪجهه
چار
ڏوڪڙ هٿ
ڪري
ڪراچي ڀيو
ٿيو.
۽
الطاف به
پيءُ
سان گڏ
آيو.
پڻس کيس
گهڻو
روڪيو ته
تون
پڙهائي خراب
نه
ڪر مون
سان
چاچاهين ساڻ
آهي،
الطاف چيو،
بابا
پڙهائي به
اوهان سان
آهي،
توهان کان
سواءِ پڙهائي
ڪهڙي
رهندي.
هي
شام جناح
اسپتال ڪراچيءَ
پهتا، ڪراچيءَ
جهڙو
شهر جنهن
کي
اسين ٻهراڙيءَ
جا
ماڻهوءَ ماڻن
جو
ٻيلو يا
سمنڊ
چوندا آهيون،
الطاف جي
پيءُ
۽
چاچي به
هي
شهر نه
ڏٺو
هو. اسپتال
۾
ته
هو ٽيڪسيءَ
جي
مدد سان
پهتا، پر
هاڻ
داخلا ڪيئن
وٺن.
هنن کي
ڪجهه
به سمجهه
۾
نه
پئي آيو.
آخر
رات ته
هنن
جيئن تيئن
ٻاهر
باغيچي ۾ گذاري،
سابه
جاڳي ڳڻتيءَ
۾
صبح
ٿيو ته
وري
هيڏي هوڏي
واجهائڻ لڳا،
ڏينهن ٿيو
ته
رات کان
وڌيڪ
ماڻهو اچڻ
لڳا،
هتي رات
ڏينهن جو
حساب
ڪونهي، چوويهه
ڪلاڪ
ئي پيا
ماڻهو اچن.
صبح
جا نوَ
ٿيا
ته اوچتو
الطاف جي
نظر
ڳاڙهي ڪار
مان
لهندڙ هڪ
سڃاتل ماڻهوءَ
تي
پئي، الطاف
پنهنجي چاچيءَ
کي
چيو
”بابا ننڍا
هو
ڏس پنهنجي
ڀر
واري ڳوٺ
نبي
آباد وارو
ڊاڪٽر سلطان
ان
کي چئون
ته
داخلا ڏياري.“
هنن
کي ڄڻ
ساهه
پئجي ويو.
چاچهنس اٿيو
۽
تڪڙيون ٻرانهگون
ڀري
ڊاڪٽر سلطان
جو
اڳ ڏئي
هن
سان مليو
۽
تڪڙ
تڪڙ ۾ سمورو
قصو
کيس ڪيو،
پر
ڊاڪٽر سلطان
کي
نه ته
هنن
جي ڳوٺائي
هجڻ
جو ۽ نه
ته
ڪراچيءَ ۾ بيمار
کڻي
ايترو پريشان
هجڻ
جو ڪو
احساس ٿيس،
بس
ٻڌو اڻ
ٻڌو
ڪري چيائين،
اڇا
ڪوشش ڪريون
ٿا،
ائين چئي
ٽپ
ٽپ ڪندو
اندر
هليو ويو.
الطاف ۽ سندس
چاچي
جا ٺپ
ئي
ٺري ويا.
الطاف کي
ڊاڪٽر سلطان
جو
ننڍپڻ ياد
اچ
ويو، جيڪو
هن
ٿوروئي سهي
پر
ڏٺو ضرور
هو.
۽
هن جي
چاچي
۽
پيءُ کي
ته
ڊاڪٽر سلطان
جي
پيءُ، ڏاڏيءَ
جي
به خبر
هئي،
ڊاڪٽر سلطان
هڪ
غريب ڪنڀر
جو
پٽ هو،
هن
جو پيءُ
اڳ
۾
به ڪنڀارڪو
ڪم
ڪندو هو
۽
اڄ
به، هو
الطاف جن
جي
گهر ۾ ٿانو
کڻي
ايندو هو، انهن
سان
هن جي
”آهت“ هوندي
هئي،
هنن کي
ٿانوَ ڏئي
لاپي
طور اَن
وٺندو هو،
ڪڏهن
ڪڏهن سلطان
به
گڏهه تي
چڙهي
پيءُ سان
هنن
وٽ ايندو
هو
۽
هنن وٽ
ماني
به کائيندو
هو.
ڊاڪٽر سلطان
جو
پيءُ ڏکيو
سکيو
وقت ڪڍي
سمورو پئسو
پٽ
جي پڙهائيءَ
تي
لاتو ۽ سلطان
به
واقعي محنت
جذبي
سان پڙهيو
۽
نيٺ
ڊاڪٽر ٿيو.
اڄ
هو ڊاڪٽر
سلطان ته
بڻيو، پر
هو
ڳوٺ ۽ پيءُ
ماءُ
به وساري
ويٺو
آهي ۽ ڪراچيءَ
۾
اها
انڌائپ ۽ ڏيهه
جي
ڏنگي واءُ
لڳل
جو هو
ڳوٺ
وارن بلڪ
جن
وٽ مانيون
کاڌيون ۽ ان
وٺي
کائي پليو
هو،
انهن کي
عزت
ته ٺهيو،
پر
همدردي ۽ ساٿ
به
ڪونه ڏنو
۽
ان
کان وڌيڪ
اچرج
جي ڳالهه
اها
ته هن
کي
پنهنجي سنڌي
ٻوليءَ ۾ به
جواب
ڪونه ڏنو.
الطاف ۽ سندس
چاچو
هن جي
حيرت
جوڳي پچار
۾
پئجي
ويا. هنن
هنن
جي ننڍپڻ
۽
اڄ
جي حالت
کي
ڏسي وڏو
عجب
کاڌو رکي
رکي
الطاف چيو
بابا
ننڍا جيڪو
شهر
۾
ڪجهه سال
رهي
پنهنجي جيجل
ماءُ
جي جهوليءَ
جي
سنڌي ٻولي
به
وساري ويٺو
آهي،
ته باقي
هن
گهر ڳوٺ
وساريو ۽ اسان
کي
نه سڃاتو
ته
اهڙي نمڪ
حرام
ماڻهوءَ جو
افسوس ڪهڙو،
يڪ
آه، اسان
جي
الله سائين
مدد
ڪندو.“
سانوڻ جا
ڏينهن منجهند
ٿي
وئي، هنن
کي
داخلا جو
در
نه مليو،
آخر
هڪ ماڻهو
الطاف کي
چيو
ته ”آپ ڪي
ساٿ
مريض هي
آپ
ڪو داخلا
چاهيي.“ الطاف
چيو
ته ”ها اسين
رات
کان پريشان
آهيون.“ پوءِ
ان
هنن سان
ٻه
سئو رپيا
داخلا جو
ڳالهايو ۽ اهو
به
ڀئو ڏنو
ته
هت ائين
داخلا نه
ملندي ”آخر تو
يه
ڪراچي هي
اور
انٽر نيشنل
شهر.“ ائين
چئي
پاسيرو منهن
ڪري
بيهي رهيو،
الطاف جو
چاچو
سادو، الطاف
اڃا
ٻار پڻس
بيمار رات
کان
پريشان سو
هنيانءَ جي
باه
کان هنن
ٻه
سئو روپيا
ڏيڻ
لاءِ چيو،
پوءِ
پندرنهن منٽن
اندر، ان
هنن
کي داخلا
ڏياري ۽
19
وارڊ
۾
هنن
کي پنجون
نمبر
بيڊ مليو.
الطاف جي
پيءُ
کي اتي
سمهاريو ويو
۽
هو
ٻه سئو
روپيا وٺي
رفو
چڪر ٿي
ويو.
هاڻي
هو اندر
بستري داخل
ته
ٿيا، پر
علاج
ڪيئن ٿئي،
ڪنهن
کي چون،
هو
اڃا ان
ئي
ويچار ۾ هئا،
ته
پوليس لباس
۾
هڪ
شخص آيو
۽
هنن
کي اٿارڻ
لڳو
ته فالتو
ماڻهو ٻاهر
وڃن
صاحب مريضن
جو
معائنو ڪندو،
اهو
ٻڌي هي
رهندو پريشان
ٿيا.
آخر الطاف
کي
چاهنس چيو
ته
تون ننڍو
به
آهين هت
پيءُ
سان ويهه
ته
مان جهٽ
ٻاهر
وڃانٿو ۽ پوءِ
هنڌ
ٽپڙ به
اندر
کڻي اچان
جيڪو
هو ٻاهر
باغيچي ۾ ئي
هڪ
ٻئي مسافر
کي
سنڀال لاءِ
چئي
رکي آيا
هئا.
اڌ
ڪلاڪ اندر
هڪ
سئو شرٽ
۾
هڪ
صاحب اندر
داخل
ٿيو ٻه
چار
اڇي لباس
۾
عورتون پويان،
ڊاڪٽرن جو
لشڪر، پويان
لڳل
مريض خوش
ته
وڏو صاحب
ٿو
اچي ته
کيس
ڪا دانهن
ڏيون
۽
ڪو عرض
ڪيون
پر هو
ته
ڄڻ بازار
گهمڻ
آيو هجي
۽
ائين
گهمندو نڪري
ويو.
مريض ڏسندائي
رهجي
ويا. ڪنهن
چيو
ته صاحب
وري
هڪ مهيني
کان
پوءِ چڪر
تي
ايندو، اهو
ٻڌي
تڪليف وارن
سيرس
مريضن جو
ته
ان مهل
سان
ساهه نڪري
ويو
۽
ڪن جو
اچي
اڌ ڌڙ
۾
ساهه
بيٺو.
بهرحال الطاف
وارا
ته نوان
آيا
هئا ۽ ڪجهه
ڏينهن صبر
سان
رهيا ۽ ماحول
کي
ڏسندا رهيا
آخر
ڪجهه ڏيڻ
وٺن
سان هنن
جو
هيٺين عملي
سان
رابطو ٿيو
۽
لاڙڪاڻي مان
ڪڍايل ڦوٽو
۽
ڪجهه
رپورٽون کين
ڏنيون جن
کي
ڏسي ڊاڪٽرن
چيو
ته واقعي
ڪينسر آهي،
ڪجهه
ڏينهن ترسو
آپريشن ٿيندو
۽
بجليءَ جا
شاڪ
وغيره لڳندا.
الطاف جن
ان
آسري ۾ هتي
به
هڪ مهينو
رهيا، هنن
لاڙڪاڻي ۾ به
ڊاڪٽرن جو
حشر
۽
حالت ڏٺي
هئي
هتي ته
ڪراچي هئي،
الطاف ڏٺو
ته
هت عملو
پٿر
جو ۽ مريض
اڪثر
غريب ۽ بي
پهچ،
جيڪي روز
بروز
پٿرن هٿان
چور
چور ٿي
رهيا
آهن، هت
رهي
هن کي
ڊاڪٽرن کان
صفا
بڇان اچڻ
لڳي.
هن دل
۾
چيو
ته هنن
ڊاڪٽرن کان
پوليس وارا
ڀلا
جيڪي گاريون
گند
ڏئي ٻٽي
ڌڪ
هڻي چار
پئسه
وٺي هٿ
ڪڙيون ته
لاهيندا آهن
۽
جان
ڇڏائيندا آهن.
هن
دل ۾ چيو
ڇا
هي مسلمان
آهن.
ڇا هنن
وٽ
اسلام جو
تصور
اهو آهي،
مسلمان ته
ٺهيو
هي ته
انسان به
ناهن، بلڪ
انسانن جي
روپ
۾
بگهڙ ۽ رت
پياڪ
سفاڪ جانور
آهن،
هي ائين
ئي
سوچي رهيو
هو
ته هنن
جي
ڪمري ۾ اهوئي
ڳوٺائي ڊاڪٽر
هڪ
نرس سان
اندر
ٽهڪ ڏيندو
داخل
ٿيو ۽ هڪ
مريض
کي دوائون
ڏئي
هليو ويو.
الطاف ڄاڻي
واڻي
هن کي
ڪجهه
نه چيو
بلڪ
هڪ گهري
سوچ
۾
لهي ويو،
ڇا
هي اهو
سلطان آهي،
جيڪو
اسان وٽ
گڏهه
تي چڙهي
ايندو هو،
جنهن
جي پڙهڻ
۽
اخلاق جي
اڄ
به ڳوٺ
۾
ماڻهو نيڪي
ڪندا
آهن، پر
هي
ته اڄ
اهو
ناهي رهيو،
هي
پنهنجي ادب
اخلاق ته
ٺهيو
پر مزهب
۽
اصل
نسل کان
به
ڦري ويو
آهي.
هن
کي اتي
پنهنجي ڊاڪٽري
مگر
هڪ سٺي
کلمک
ڊاڪٽر بڻجڻ
جو
خيال آيو،
ٻي
مهل کيس
دوستن ۽ هم
ڪلاسين جو
احوال ياد
آيو
ته جهڙي
مهل
نه نوڪري
ملندي ته
اهي
غريبن جا
احوال ڪٽڻ
ئي
وسري ويندئي.
هن
پاڻ ڏي
ڏٺو،
اسپتال جي
تمام
عملي کي
ڏٺو،
هن دانهون
ڪندڙ
مريضن ۽ روز
مرندڙ لاشن
کي
ڏٺو. هن
وري
ڊاڪٽر سلطان
ڪنڀر
جي غربت،
ننڍپڻ، محنت
ماڻهن جي
ڪيل
نيڪي، اڄ
جي
وري سندس
حالت
کي ڏٺو
ته
هي منجهي
پيو
هڪ اونهي
سوچ
۾
ٻڏي ويو.
الائي ڪيئن
هن
جي وات
مان
آواز نڪتو،
جيڪو
هي پاڻ
به
محسوس نه
ڪري
سگهيو ته
اهو
آواز ڪٿان
آيو،
جيڪو هنجي
پي
۽
چاچي به
ٻڌي
ورتو، اهو
آواز
هو ته
مان
ڊاڪٽر نه
ٿيندس. ۽ ائين
بنا
علاج پيءُ
کي
واپس ڳوٺ
کڻائي آيا.
محمد
اقبال کوسو
جادو
ته مون
سکيو
پراڻي زماني
جي
ڳالهه آهي
ته
ڪنهن ملڪ
۾
ٻه
دوست اختر
۽
آچر
رهندا هئا،
ٻئي
دوست پيار
محبت
سان رهندا
هئا.
هڪ ڏينهن
ان
شهر ۾ هڪ
جادوگر پنهنجا
ڪرتب
ڏيکارڻ آيو،
سڄي
شهر جا
ماڻهو جادوگر
جا
حيرت انگريز
ڪرتب
ڏسڻ آيا،
اختر
۽
آچر به
اهي
ڪرتب ڏسڻ
آيا،
جادوگر حيرت
۾
وجهندڙ ڪرتب
ڏيکاري رهيو
هو.
سڀئي ماڻهو
هن
جا حيرت
انگيز ڪرتب
ڏسي
حيرت ۾ پئجي
ويا،
اختر ۽ آچر
جڏهن
اهڙا حيرت
انگيز ڪرتب
ڏٺا
ته هنن
کي
به جادو
سکڻ
جو شوق
پيدا
ٿيو، هنن
ٻنهي
پاڻ ۾ فيصلو
ڪيو
ته ٻئي
ڄڻا
جادوگر جو
پيڇو
ڪندي، سندس
گهر
ڏسي اينداسين
۽
پوءِ
ٻئي ڏينهن
سوير
هلي هن
کي
پنهنجي خواهس
ٻڌائينداسين.
ڪرتب
ختم ٿيڻ
کان
پوءِ هنن
ٻنهي
جادوگر جو
پيڇو
ڪيو، جيڏانهن
جادوگر ٿي
ويو،
اوڏانهن هي
به
ٿي ويا،
جادوگر مختلف
هنڌن
تي پنهنجا
ڪرتب
ڏيکارڻ کان
پوءِ
شام جو
پنهنجي گهر
طرف
هلڻ لڳو،
اختر
۽
آچر به
هن
جو پيڇو
ڪندا
ويا، آخر
جادوگر هلندي
هلندي، هڪ
پهاڙي علائقي
وٽ
پهتو ۽ انهن
پهاڙن ۾ هو
هڪ
غار ۾ داخل
ٿي
ويو. اختر
۽
آچر
هن جي
ٺڪاڻو ڏسڻ
کان
پوءِ تمام
گهڻو
خوش ٿيا
۽
ٻئي
ڏينهن اُتي
اچڻ
جو پروگرام
ٺاهيو.
ٻئي
ڏينهن صبح
جو
سوير ٻئي
دوست
جادوگر جي
غار
۾
پهچي ويا،
غار
اندر تمام
گهڻي
وڏي ۽ ڪشادي
هئي
۽
قيمتي شين
سان
سجايل هئي.
سامهون هڪ
وڏي
ڪرسي تي
جادوگر ويٺو
هو.
جادوگر هنن
ٻنهي
کي ڏسي
حيرت
۾
پئجي ويو
۽
اچڻ
جو سبب
پڇيو. ان
کان
پوءِ هنن
پنهنجي خواهش
ظاهر
ڪئي، جنهن
کي
ٻڌي جادوگر
چيو
ته، ٺيڪ
آهي،
آءُ اوهان
کي
جادو سيکاريندس،
پر
ان لاءِ
ڪجهه
شرط آهن،
جيڪي
هي آهن.
جادو
جو اوهين
ناجائز استعمال
نه
ڪندا ۽ منهنجي
غار
جي باري
۾
ڪنهن
کي به
نه
ٻڌائيندا. ٺيڪ
آهي،
اسان کي
اوهان جا
شرط
منظور آهن.
ٻنهي
هڪ آواز
ٿي
چيو. ان
کان
پوءِ جادوگر
هنن
کي ٻئي
ڏينهن اچڻ
لاءِ
چيو، ٻئي
ڏينهن ٻئي
دوست
سويري گهر
کان
غار طرف
روانا ٿي
ويا،
جڏهن هي
غار
اندر داخل
ٿيا،
ان وقت
هو
آرام ڪري
رهيو
هو، ان
کان
پوءِ جادوگر
ٻنهي
کي چيو
ته
توهان کي
هاڻ
چاليهه ڏينهن
هتي
مون وٽ
رهڻو
پوندو، چاليهه
ڏينهن کانپوءِ
اوهين جادو
سکي
ويندا. انهن
چاليهه ڏينهن
اندر
جادوگر هنن
کي
مختلف قسم
جا
انتر منتر
سيکاريندو رهيو،
ٺيڪ
چاليهه ڏينهن
کان
پوءِ هي
ٻئي
مڪمل جادوگر
ٿي
ويا، ان
کان
پوءِ جادوگر
هنن
کي چيو
ته
هڻ اوهين
جيڪا
به شيءِ
گهرندا اوهان
کي
جادو جي
زور
تي ملي
ويندي، ان
کان
پوءِ هي
ٻئي
دوست جادوگر
کان
موڪلائي هليا
ويا.
اڄ
هي ٻئي
تمام
گهڻو خوش
هئا،
ان کان
پوءِ
هنن ٻنهي
فيصلو ڪيو
ته
پاڻ هاڻي
الڳ
الڳ پنهنجو
گهر
ٺاهي رهنداسين،
آچر
چيو ته
اختر
تون هي
گهر
ڊاهي جادو
جي
زور سان
اُتي
ٻيو گهر
ٺاهي
رهج. آءٌ
ڪنهن
غار ۾ وڃي
رهندس. اختر
چيو
ڍيڪ آهي،
پر
توکان ڌار
ٿيندي تمام
گهڻو
ڏک ٿيندو،
ڏک
ته مون
کي
به گهڻو
آهي،
توکان ڌار
ٿيڻ
جو پر
ڇا
ڪريون مون
کي
ته هاڻي
اڪيلي ۾ جادو
ڪرڻ
۾
مزو ايندو.
ٻنهي
دوستن روڊ
تي
هڪ ٻئي
کان
موڪلايو، اختر
اتر
ئي پنهنجو
هڪ
عاليشان گهر
ٺاهي
رهڻ لڳو،
۽
آچر
هڪ ٻئي
شهر
۾
هڪ غار
۾
رهڻ
لڳو، هڪ
ڏينهن غريب
پوڙهو ماڻهو
نظر
آيو، جيڪو
پني
رهيو هو.
اختر
کي ان
وقت
ذهن ۾ خيال
آهي
ته جيڪڏهن
خدا
مون کي
ايڏي
وڏي طاقت
ڏني
آهي ته
پوءِ
ڇو نه
ان
سان غريب
۽
مسڪينن جي
مدد
ڪريان، انهي
سان
الله سائين
به
خوش ٿيندو
۽
ثواب
به ملندو،
اهو
خيال ايندئي
اختر
جادو سان
ايتريون اشرفيون
ٺاهيون جو
انهن
سان پوڙهي
جي
سڄي حياتي
آرام
سان ٿي
گذري
سگهي، ان
کان
پوءِ اهي
اشرفيون هن
وڃي
ان غريب
پوڙهي کي
ڏنيون، پوڙهو
ايتريون اشرفيون
ڏسي
تمام گهڻو
خوش
ٿيو ۽ اختر
کي
دعائون ڏيندو
رهيو، ان
ڏينهن کان
وٺي
اختر غريبن
جي
مدد ڪندو
رهيو، ۽ غريبن
جون
دائون کٽيندو
رهيو.
هوڏانهن آچر
جيڪو
هڪ غار
۾
وڃي
پنهنجوٺڪاڻو ٺاهيو
هو
۽
هو اُٿي
رهڻ
لڳو هو،
هڪ
ڏينهن آچر
کي
خيال آيو
ته
آءٌ تمام
گهڻو
امير ماڻهو
آهيان، مون
کي
جادو امير
ماڻهو ڪري
ڇڏيندو آهي،
ڇو
نه آءُ
دنيا
جو امير
ترين
ماڻهو ٿيان،
اهو
خيال ايندئي
هن
جي نيت
خراب
ٿيڻ لڳي
۽
ذهن
۾
خيال آيس
ته
ڇو نه
جادو
جي زور
سان
ماڻهن جي
گهرن
جي چوري
ڪريان ۽ جادو
سان
به پيسا
ٺاهيان، ائين
آءُ
دنيا جو
امير
ترين ماڻهوءَ
ٿي
ويندس، اهو
سوچي
هو روز
جادو
جي چادر
ويڙهي، جنهن
جي
ويڙهڻ سان
ٻيا
ماڻهو هن
کي
ڏسي نه
سگهن، اها
چادر
ويڙهي روزانو
ماڻهن جي
گهرن
۾
چوري ڪري
ايندو هو
۽
اها
دولت اچي
پنهنجي غار
۾
گڏ
ڪندو هو.
آچر
دولت مند
ٿيڻ
لاءِ غريبن
جي
به پرواهه
نه
ڪندو هو،
مسڪين ۽ غريب
ماڻهن جا
گهر
خالي ڪري
ڇڏيندو هو.
شهر
جا ماڻهو
چوري
ٿيڻ جي
ڊپ
کانر ات
جا
جاڳندا رهندا
هئا،
پر تنهن
هوندي به
هنن
جي چوري
ٿي
ويندي هئي.
اختر
پنهنجي نيڪين
جي
ڪري پوري
ملڪ
۾
مشهور ٿي
ويو،
هن پنهنجي
ملڪ
۾
ڪوبه غريب
ماڻهو نه
ڇڏيو، آخر
هڪ
ڏينهن ان
ملڪ
جي بادشاهه
ماڻهن جي
واتان اختر
کي
پنهنجي محل
۾
گهرايو. اختر
مهل
۾
داخل ٿيندئي
پهرين بادشاهه
سلامت کي
جهڪي
سلام ڪيو.
انکان پوءِ
بادشاهه اختر
جي
ايڏي تعريف
ٻڌي،
هڪ ڏينهن
بادشاهه اختر
کان
حال احوال
ورتا
۽
اختر کان
پڇيائين ته،
تون
اسان جي
ملڪ
۾
هڪ به
غريب
ناهي ڇڏيو،
آخر
تو وٽ
ايتري دولت
ڪٿان
آئي آهي.
تنهن
تي اختر
پوري
ڳالهه ڪري
ٻڌائي، بادشاهه
اهو
ٻڌي چيو
ته
سين تنهنجن
نيڪين مان
بيحد
متاثر ٿيا
آهيون، مون
کي
ڪوبه پٽ
نه
آهي، فقط
هڪ
ڌيءَ آهي،
انهيءَ ڪري
اسان
کي تو
جهڙي
نيڪدل نوجوان
جي
ڳولا هئي،
جيڪو
منهنجي مرڻ
کان
پوءِ هي
حڪومت سنڀالي
سگهي، اهو
ٻڌي
اختر کي
يقين
نه پئي
آيو
ته بادشاهه
جي
مرڻ کان
پوءِ
هن ملڪ
جو
بادشاهه ٿيندو،
آخرڪار ڪجهه
مهينن کان
پوءِ
بادشاهه گذاري
ويو،
بادشاهه مرڻ
کان
اڳ وصيت
لکائي
ڇڏي
هئي ته
منهنجي ڌيءَ
جي
شادي اختر
سان
ڪئي وڃي
۽
هن
ملڪ جو
بادشاهه به
هاڻ
ختر ئي
ٿيندو، ملڪ
جي
عوام جڏهن
اها
خبر ٻڌي
ته
ڏاڍو خوش
ٿيو،
ڇو ته
هنن
کي هڪ
نيڪدل بادشاهه
ملي
ويو هو،
شهزاديءَ به
خوش
هئي ته
هن
کي اختر
جهڙو
نيڪ دل
مڙس
مليو آهي.
هوڏانهن آچر
هڪ
ڏينهن چوري
ڪرڻ
لاءِ پنهنجي
غار
مان نڪري
رهيو
هو ته
اوچتو هن
کي
ان جادوگر
ڏسي
ورتو، جنهن
اختر
۽
آچر کي
جادو
سيکاريو هو.
جادوگر جڏهن
ڏٺو
ته آچر
جادو
جو نائاز
استعمال پيو
ڪري
ته هن
کي
ڏاڍي ڪاوڙ
آئي
ان وقت
آچر
وٽ ويو
۽
چيائينس ته
توکي
مون چيو
هو
نه ته
منهنجي جادو
جو
ناجائز استعمال
نه
ڪج، اهو
ٻڌي
آچر پريشان
ٿي
ويو، جادوگر
کي
اچر مارڻ
لاءِ
وڌيو ئي
هو
ته اوچتو
جادوگر کي
جادو
جي زور
سان
اُتي ئي
ٻڌي
ڇڏيو، ۽ آچر
جو
جادو ختم
ڪري
ڇڏيو، ان
کان
پوءِ جادوگر
آچر
کي شهر
وٺي
آيو۽ پوري
شهر
وارن کي
گڏ
ڪري چيائين
ته
اوهان جي
سامان جو
چور
هي آهي،
جادوگر جو
ايترو چوڻ
۽
پورو
شهر آچر
تي
مڙي آيو
هڻي
آچرجا لاهه
ئي
ڪڍي ڇڏيائونس،
ان
ميڙ ۾ جادوگر
۽
ڪجهه
ٻيا ماڻهو
به
دٻڄي مري
ويا.
آچر جو
لاش
ماڻهوءَ
بيدردي
سان لتاڙي
رهيا
هئا، اتفاق
سان
ان وقت
بادشاهه سلامت
يعني
اختر هن
شهر
جي دوري
تي
آيل هو،
جنهن
جو ايترو
ماڻهن جو
ميڙ
ڏٺو، سو
پنهنجن سپاهين
کي
حڪم ڏنائين
ته
هن ميڙ
وچ
۾
هليو ويو،
جتي
ڇا ڏسي
ته
سندس سڀ
کان
پياري دوست
جو
لاش ڏسي
ڏاڍو
رنو ۽ سڀني
کي
چيائين ته
هن
کي ڪنهن
ماريو آهي،
تنهن
تي پوري
شهر
جي ماڻهن
هٿ
مٿي ڪري
چيو
ته اسان
سڀني
هن کي
ماريو آهي،تنهن
تي
اختر چيو،
آخر
ڇو تنهن
تي
هڪ پوڙهي
مائي
بادشاهه وٽ
ائي
۽
چيائنيس ته
هي
شخص ڏڍو
ظالم
هو هن
پوري
شهر جي
ماڻهن تي
ڏاڍا
ظلم ڪيا،
تنهن
تي اسان
سڀني
ملي اڄ
هن
جو خاتمو
آندو
آهي، بادشاهه
يعني
اختر کي
پنهنجي دوست
جي
اهڙي ڪهاڻي
ٻڌي
ڏاڍو
افسوس ٿيو
۽
خوشي
به ٿي،
افسوس انهي
ڪري
جوهو ظالم
ماڻهو هو
۽
ڏک
انهي ڪري
ٿيس
ته هو
هن
جو پڪو
دوست
هو، ان
کان
پوءِ بادشاهه
سڀني
کي چيو
ته،
اوهان هڪ
ظالم
ماڻهو کي
ماري
چڱو
ڪم
ڪيو آهي،
اوهان جو
هن
جيترو به
نقصان ڪيو
آهي،
اهو سڀ
آءُ
هن وقت
تي
اوهان کي
موٽائي ڏيندس.
ان
کان پوءِ
هن
وزير کي
حڪم
ڏنو ته
جنهن
جو جيترو
به
نقصان ٿيو
آهي،
اهو هنن
کي
پنهنجي خزاني
مان
ڀري ڏي،
ان
کان پوءِ
اختر
محل ۾ واپس
آيو،
پاڻ جادو
جي
زور تي
ان
وقت ايتري
دولت
ٺاهي جو
هن
جو پورو
خزانو ٻيڻو
ٿي
ويو، ان
کان
پوءِ اختر
جادوگري ڪرڻ
ڇڏي
ڏني ۽ هميشه
پنهنجي ملڪ
جي
ماڻهن جي
مدد
ان جادو
سان
حاصل ڪيل
دولت
سان ڪندو
رهيو، اختر
پنهنجي دوست
آچر
جي باري
۾
اڪثر
سوچيندو رهندو
هو
ته هن
کي
اها طاقت
سٺي
ڪمن ۾ استعمال
ڪرڻ
کپي ها.
هن
ته رڳو
ظلم
ڪرڻ لاءِ
جادو
سکيو هن
جادو
نه پر
ظلم
ڪرڻ سکيو
پر
جادو ته
مون
سکيو.
تحرير: عبدالستار خان
طاهر
سنڌيڪار
:
لطيف
مهراڻ
ڪُوههِ نور
هيري
جي ڪهاڻي
حيدرآباد دکن
کان
پنج ميل
اوڀر
۾
گول ڪنڊ
جا
ويران ۽ ٽٽل
ڦٽل
کنڊر هڪ
عظيم
سلطنت جي
ياد
تازي ڪن
ٿا؛
ليڪن گول
ڪنڊ
جي تاريخي
اهميت اصل
۾
انهن
مشهور ۽ روايتي
هيرن
جي ڪري
آهي،
جيڪي آسپاس
جي
کاڻين مان
ڪڍيا
ويندا هئا.
۽
گول
ڪنڊ شهر
جي
بزارن ۾ وڪري
لاءِ
ايندا هئا،
جن
کي گول
ڪنڊ
جي نالي
سان
ارپيو ويندو
هو.
گول
ڪنڊجي هيرن
جي
ڪهاڻي بادشاهن
جي
عروج ۽ زوال
جي
ڪهاڻي آهي،
۽
هڪ
قتل ۽ غارتگري
۽
لٽ
مار جو
داستان آهي،
سلطنتن جي
ٺهڻ
۽
ڊهڻ ۾ گول
ڪنڊ
جي جن
هيرن
گهڻو اهم
ڪردار ادا
ڪيو
آهي، تن
۾
ڪجهه
نالا ڏاڍا
مشهور آهن.
مثلاً ريجنٽ،
ارلاف، شاهه،
هوپ،
اڪبر شاهه
۽
سانسي وغيره
پر
انهن سڀني
هيرن
کان مختلف،
سڀني
کان اڳ
۽
سڀني
کان ممتاز
هيرن
جو سرتاج
۽
هڪ
بي بها
هيرو
آهي، جنهن
جو
نالو هيرن
جي
تاريخ ۾ هڪ
زندهه روايت
بڻجي
ويو آهي.
اهو
آهي ڪوهه
نور.
مهذب
زماني ۾ هيرن
کي
خزاني جي
ساک
سمجهيو ويندو
هو.
۽
ضرورت جي
وقت
انهن جي
ضمانت تي
روڪ
رقم مهيا
ڪئي
ويندي هئي،
جهڙي
طرح نيپولين
بونا
پارٽ ريجنٽ
هيري
جي ضمانت
تي
روڪ رقم
حاصل
ڪري ان
کي
جنگي تيارين
تي
خرچ ڪيو
هو.
هيرن
جي سرتاج
ڪوهه
نور جي
تاريخ چار
هزار
سالن کان
به
وڌَيڪ پراڻي
چئي
وڃي ٿي
۽
هن
جي هاڻوڪي
قيمت
جو اندازو
ڪروڙن ۾ لڳايو
وڃي
ٿو، خيال
آهي
ته جيڪڏهن
اڄ
ڪوهه نور
کي
نيلام ڪيو
وڃي
ته ٿورا
ماڻهو ئي
دنيا
۾
اهڙا خوش
نصيب
هوندا، جيڪي
هن
ملهائتي پٿر
لاءِ
ٻولي ڏيڻ
جي
همت ڪندا.
ڪوهه
نور جو
سڀ
کان دلچسپ
پهلو
هي آهي
ته
هن کي
ڪڏهن
به وڪري
جي
لاءِ پيش
نه
ڪيو ويو
آهي
۽
نه ڪنهن
رقم
ادا ڪري
هن
کي خريد
ڪيو
آهي، بلڪ
هي
پٿر راجائن
کان
بادشاهن ۽ بادشاهن
کان
شهنشاهن تائين
هٿو
هٿ پهچندو
رهيو، ڪوهه
نور
جي تاريخي
اهميت ڏاڍي
دلچسپ به
آهي
۽
عبرتناڪ به،
ڪوهه
نور ڪڏهن
به
پنهنجي مالڪ
جي
لاءِ ڪاميابي
جو
پيغام کڻي
نه
آيو. بلڪ
هميشه تباهي
۽
بربادي جو
ذريعو رهيو
آهي.
ڪوهه
نور جي
ابتدائي تاريخ
جي
متعلق ڪوبه
پت
نه ٿو
ملي،
ليڪن سڀئي
ماهر
ان ڳالهه
جي
ابتدائي تاريخ
تي
متفق آهن
ته
ههي هيرو
گول
ڪنڊ جي
آسپاس مان
ڪنهن
هنڌان حاصل
ڪيو
ويو هو،
۽
ڳچ
عرصي تائين
هي
مختلف ماڻهن
وٽ
رهيو، سڀ
کان
آڳاٽي سراغ
مطابق ڪوهه
نور1304ع
کان ماڻهن
جي
توجهه جو
مرڪز
بڻجي ويو،
۽
اهو
چوڻ غلط
نه
ٿيندو ته
هي
روايتي پٿر
اصل
۾1304ع
۾
ئي عوام
جي
نظرن جي
سامهون آيو.
شروع
۾
ان جو
وزن
اٺ سئو
قيراط هو.
تذڪرن مان
پتو
پوي ٿو
ته
ته
هي
هيرو مهاراجه
گواليار، پاڻي
پٽ
جي جنگ
کان
پوءِ نصير
الدين محمد
همايون کي
تحفي
طور پيش
ڪيو
هو. هڪ
ٻي
روايت جو
اعتبار کان
هي
هيرو سلطان
علاؤ
الدين، مهاراجه
بالوهه کان
حاصل
ڪيو هو.
مهاراجه جي
خاندان ۾ هي
هيرو
نسل در
نسل
هليو پئي
آيو.
1656ع
۾
مير جمله،
هي
مشهور زمان
پٿر
شهنشاهه شاهجهان
ان
کي ڪوهه
نور
يعني نور
جو
پهاڙ جو
نالو
ڏنو، ۽ ان
کي
پنهنجي قيمتي
تخت
۾
لڳرائي ڇڏيو.
هي
اهو ئي
تخت
هو، جنهن
کي
دنيا جو
ٻار
ٻچو تخت
طائوس جي
نالي
سان ڄاڻي
ٿو.
هي تخت
پنهنجي وقت
۾
بي
مثال سمجهيو
ويندو هو.
تخت
طائوس جي
ظاهري شڪل
مور
سان ڀيٽ
رکندي هئي،
۽
سموري جو
سمورو ناياب
پٿرن
سان جڙيل
هو.
تخت جي
ڪرسي
هڪ مٿاهين
پليٽ
فارم تي
ٺاهي
وئي هئي،
جنهن
۾
چاندي سان
جڙيل
پائيدان لڳل
هئا،
ليڪن شاهجهان
کي
تخت طائوس
راس
نه آيو،
سو1739ع
۾
نادر شاهه
دهلي
تي قبضو
ڪيو،
۽
غنيمت جي
مالڪ
۽
تختِ طائوس
به
پاڻ سان
گڏ
کنيو ويو.
چون
ٿا هيري
کي
حاصل ڪرڻ
کان
پوءِ نادر
شاهه
ان کي
دُر
دوران جو
نالو
ڏنو. ۽ ان
جي
مناسبت سان
پاڻ
دراني سڏيو
ويو،
هن تخت
۾
ڪوهه
نور کان
علاوه ٻيا
به
ڪيترائي قيمتي
۽
نادر
پٿر هئا،
جنهن
۾ ”لعل
بدخشاني“ (لعل تيموري) به ذڪر جوڳو آهي.
ڪوهه
نور نادر
شاهه
دراني جهڙي
جابر
فاتح جو
به
ساٿ نه
ڏئي
سگهيو، ۽ پڻ
1747ع
۾
قتل ٿي
ويو.
ڪوهه نور
احمد
شاهه ابدالي
سان
گڏ فتح
۽
سوڀ
جا شادمانا
وڄائيندو. قنڌار
۾
سڪونت پذير
ٿيو،
ليڪن اهو
ساٿ
به عارضي
ثابت
ٿيو، ڪجهه
ئي
عرصي کان
پوءِ
احمد شاهه
ابدالي فوت
ٿي
ويو۽ پوءِ
سلطنت جي
تخت
تي خان
اعظم
امير تيمور
ويٺو
۽
ائين ڪوهه
نور
پنهنجي نئين
مالڪ
جي توشاخانه (سامان رکڻ جي جاءِ) جي سونهن بڻجي ويو. 1793ع ۾ امير
تيمور پنهنجي پويان ملڪ
۾
اندروني جنگ
۽
سياسي طور
بد
نظمي جو
هڪ
ڊگهو دور
ڇڏي
هليو ويو.
امير
تيمور جي
32
پٽن
۾
تخت حاصل
ڪرڻ
جي لاءِ
زبردست ڇڪتاڻ
ٿيڻ
لڳي، آخرڪار
ڪنهن
طرح ان
جو
پنجون پٽ
زمان
مرزا تخت
تي
قبضي ڪرڻ
۾
ڪامياب ٿي
ويو.
زمان مرزا
به
ڪوهه نور
جي
روايتي نحوست
جي
پاڇي کان
محفوظ رهي
نه
سگهيو. ڪوهه
نور
1803ع
۾
زمان مرزا
جي
ٻئي ڀاءُ
محمود جي
لاءِ
به سٺو
سوڻ
کڻي نه
آيو.
محمود جي
تخت
سنڀالڻ کان
فوراً پوءِ
شهزادي شجاع
بغاوت ڪري
ڇڏي،
ليڪن شجاع
کي
به سڪون
نصيب
نه ٿيو
۽
کيس
ملڪ جي
گادي
واري شهر
مان
ڀڄڻو پيو.
پنجاب ۾ ان
وقت
سک حڪمران
راجا
رنجيت سنگهه
جي
حڪومت هئي.
شجاع
مهاراجه کان
پناهه ورتي،
پناهه تي
مليس
ليڪن کيس
ڪوهه
نور تان
هٿ
ڌوئڻا پيا،
۽
مهاراجه شهزادي
جا
سڀئي قيمتي
پٿر
ڦري ورتا،
جيڪي
هو قنڌار
کان
کڻي ڀڳو
هو،
1849ع
تائين ڪوهه
نور
مهاراجه رنجيت
سنگهه جي
توشه
خانه ۾ رهيو،
ليڪن
ان زماني
۾
سر
زمين هند
۾
انگريزن جون
جڙون
ڏاڍيون مضبوط
ٿي
چڪيون هيون.
انگريزن پنجاب
۾
سکن
جي حڪومت
ختم
ڪئي ته
هي
هيرو انهن
جي
هٿ لڳو.
3
جون
1850ع
۾
ايسٽ انڊيا
ڪمپني جي
گورنر جنرل
لارڊ
ڊلهوزي ڪوهه
نور
کي ملڪ
معظمه وڪٽوريه
جي
خدمت ۾ نذراني
طور
لنڊن ۾ موڪلي
ڏنو.
جنهن کي
جلدئي پوءِ
لنڊن
۾
ٿيڻ واري
عظيم
نمائش ۾ رکيو
ويو،
جتي ڪوهه
نور
ڏورانهين ۽ قريبي
قدردانن کان
خراج
تحسين حاصل
ڪيو.
1852ع
۾
ملڪ معظمه
جي
حڪم سان
ملڪ
جي خاص
نجي
ماهر معدنيات
۽
جوهر
جيمس ٽيننٽ
ان
کي خاص
طور
تي تراشيو
۽
تراشڻ جي
سبب
ان جو
وزن
191
ميٽرڪ قيراط
مان
گهتجي صرف
108.9
قيراط رهجي
ويو.
ملڪه وڪٽوريه
ان
هيري کي
هڪ
بروچ ۾ جڙائي
پنهنجي ذاتي
استعمال لاءِ
محفوظ رکيو.
ملڪه
جي انتقال
کان
پوءِ ان
کي
شاهي ماهي
و
مراتب –(بادشاهي اعليٰ اعزازت) ۾
داخل
ڪيو ويو.
ملڪه
اليگزينڊرا جي
تاجپوشي جي
رسم
وقت ان
هيري
جي ياد
وري
آئي. ۽ ان
کي
خاص تاج
۾
جيڪو
پاڻ ملڪه
معظمه سلطنت
هند
جي حيثيت
سان
استعمال ڪندي
هئي،
سامهون واري
ڪراس
پليٽ ۾ جڙيو
ويو.
ملڪه ميري
به
انهيءَ تاج
کي
پنهنجي سِرَ
جي
سونهن بڻايو.
ليڪن
مادر ملڪه
ايلزبٿ جي
دور
۾
ان کي
پراڻي تاج
مان
ڪڍي، نئين
تاج
۾
لڳايو ويو.
مشهور جوهري
گيراڊ ان
کي
کي ٻيهر
تراشيو، ۽ تاج
۾
لڳايو هي
تاج
ڪوئنز ڪراؤن
جي
نالي سان
منسوب ڪيو
ويو
آهي، ۽ ان
به
پنهنجي سموري
شان
۽
شوڪت سان
گڏ
گهري واڱڻائيرنگ
جي
مخملين وِهاڻي
تي
رکيل آهي.
هي
تاج هٿياربند
فوج
جي پهري
۾
تاريخي ٽاور
آف
لنڊن جي
شاهي
جواهر خانه
جي
ان حصي
۾
رکيل
آهي، جيڪو
پهرائين قيد
خانو
و، ۽ سنگين
جرمن
جا ڏوهاري
ان
۾
قيد ڪيا
ويندا هئا،
وقت
گذري ويو،
ليڪن
هن جڳهه
جي
اهميت اڃا
باقي
آهي، قيد
خانو
ساڳيو ئي
آهي،
پر قيدي
ضرور
بدلجي ويا
آهن،
اڄ جو
قيدي
سر زمين
هند
جو مايهءِ
ناز
هيرو ڪوهه
نور
آهي. هتي
هڪ
ٻي ڳالهه
فڪر
جوڳي آهي
ته
دنيا جي
ٻين
هيرن جيان
ڪوهه
نور جو
نالو
پنهنجي مالڪ
جي
نالي سان
مشهور نه
آهي.
ڪوهه نور
جي
سموري تاريخ
سندس
مختلف مالڪن
جي
لاءِ تباهي
۽
بربادي کان
سواءِ ڪجهه
به
نه رهي
آهي.
هن
هيري جو
برطانيه جي
تاج
۾
نصب ٿيندي
ئي
انگريزن جي
هٿان
سموريون وسايل
آباديون ۽ قبضي
هيٺ
آيل علائقا
آهستي آهستي
نڪرڻ
لڳا ۽ خود
هندستان به
ان
جي قبضي
مان
نڪري ويو،
۽
هندستان شايد
عظيم
سلطنت برطانيه
جي
سڀ کان
وڏي
رياست هئي.
خيال
ڪيو وڃي
ٿو
ته جيستائين
هي
هيرو برطانيه
جي
تاج کان
الڳ
نه ٿو
ڪيو
وڃي، برطانيه
جو
مڪمل زوال
روڪجي نه
ٿو
سگهجي. |