سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

 

حال احوال

پيارا ٻارو،

 اڄ ڪلهه اوهين روزانو ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ ڏسندا ۽ پڙهندا هوندا ته ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ گهڻي مان گهڻا وڻ پوکيو، ۽ پنهنجي پاڙي کي صاف سٿرو رکو، پر ٻار، جنهن جي ذهن ۾ اڃا ايتري ذميواري نه آهي، سي روڊ، رستن تي پوکيل ٻوٽن کي پٽي ٿا ڇڏين، حالانڪه انهن کي پاڻ انهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، توهين جيڪي سمجهه ڀريا ٻار آهيو، اُهي اهڙين حرڪتن کان انهن ٻارن کي روڪيو ۽ سمجهايو ته وڻ جا ٻوٽا نه پٽين، ڇو ته اهي وڏا ٿي، اسان جي ماحول مان گدلاڻ کي ختم ڪندا.

گهڻا ٻار پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به گٽرن ۽ نالين ۾ اڇلائي ٿا ڇڏن، ۽ گٽر بند ٿيڻ سان ڪنو پاڻي بيهجو وڃي، ۽ ڪني پاڻي بيهڻ سان مکيون، مڇر ۽ گند ڪچرو ٿئي ٿو، جنهن مان ڪيتريون ئي وبائي بيماريون پکڙجڻ ٿيون. ٻارو صفائي صحت جي لاءِ تمام ضروري آهي، ان لاءِ اسان جي نبي ڪرم صلعم پڻ چيو آهي ته صفائي ايمان جو اهم جزو آهي. اسان کي اميد آهي ته اوهين  اسان جون، هي ڳالهيون پڙهي ان تي عمل ڪندا، ۽ پنهنجي پاڙي / شهر کي صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪندا.

اوهان جو ادا: اڪبر جسڪاڻي


 

 

لطيفي لات

سُورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان

سک جي سيد چئي، پُکي نه پياس،

جيڪس آئون هياس، گُري گوندر وَلِ جي.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سر حسيني جي داستان ڏهين، جو چوٿون نبر بيت آهي.

سمجهاڻي: مان سورن جي سانڍيل ۽ پورن (فڪرن) جي  پاليل آهيان، سُک منهنجي تقدير ۾ ئي لکيا نه ويا. ڄڻ ته مان ڏکن جي ول جي گُري هيس.

معنى: پُکي = قسمت. پالي = پاليل=  گوندر = ڏُک.

 

ڪلياڻ آڏواڻي

”اعجاز“ اسد ٻگهيو ٻلهڙيجي

”مهان شاعر استاد بخاري“

پيارا ٻارو سمورن درسي ڪتابن ۾ استاد بخاري جو نانءُ ته ضرور پڙهيو هوندو، استاد بخاري سٻاجهو استاد پيارو ماڻهو ۽ سنڌڙي جو سوچ عاشق هو. سندس گيت اسان جي کيتن، ٻنين ٻارن، جهوپڙن، ڇپرن، واهن، ڍنڍن، وستين، واهڻن مطلب ته هر جاءِ تي ڦهليل آهن، سندس شعرن ۾ سرنهن جهڙي پيلاڻ ۽ جوئر جي ڳنن جهڙي مٺاڻ به آهي، ڌرتيءَ جي خوبصورتي جو هي عاشق ٻارڙن جهڙو من موهيندڙ هو، سندس اصل نالو احمد شاهه بخاري هو ۽ وڏا کيس پيار مان پنهل شاهه سڏيندا هئا. پاڻ 30 جنوري 1930ع ۾ ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه بخاري جي اڱڻ تي پئدا ٿيا، سندن وڏا اُچ شريف مان لڏي اچي سنڌ ۾ ورسيا هئا. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1944ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون ۽ 1947ع ۾ استاد بڻيا ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. سندن جي زندگي مان خبر پوي ٿي ته پاڻ هرگز به سخت مزاج، چڙ کائيندڙ نه هئا، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هر هڪ سان سندن رويو هڪ شفقت ۽ پاٻوهه ڀريو هيو.

پڙهائڻ سان گڏ سندن تعليم به جاري رهي. پاڻ  63- 1962ع 1961ع ۾ ميٽرڪ انٽر - بي اي پاس ڪيائين، ان کانسواءِ 65- 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين، پاڻ اديب فاضل، اديب عالم جو به امتحان پاس ڪيائين. 1967ع ۾ لاڙڪاي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا، جڏهن ته ان کان پوءِ سانگهڙ ۽ سيوهڻ ڪاليجن ۾ به ليڪچرار ٿي رهيا، جڏهن ته آخر ۾ پنهنجي اصل شهر دادو ۾ پروفيسر بڻجي آيا،  ۽ 1990ع ۾ رٽائر ٿيا.

ٻارو! استاد بخاري نه صرف وڏن جو شاعر هيو، پر هن اسان ۽ توهان لاءِ به خوبصورت گيت لکيا آهن.

سندن شاعري جي ڇپيل مجموعن جا نالا هي آهن.

گيت اسان جا، جيت اسان جي، لهر لهر درياءَ، اوتون ۽ جوتون، ڪاري ڪڪر هيٺ،  ڌرتي سرتي، کيت گلابي ٻارن جا، ڪوڪڻ ڪلياڻ ٻاراڻا ٻول، ترتيب ڏنل سوچون ڀڻڪا واڪا ۽ زندگي زندگي.

سندس ڪتاب گيت گلابي ٻارن جا سنڌي ٻاراڻي ادب جو هڪ انول سرمايو رهندو، انهن گيتن ۾ ڏنل استاد جو پيغام، محنت ڪوشش، همت، جذبو، جوش، جاکوڙ، لڳاءُ ۽ سچيءُ دل سان عمل آهي، استاد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ڪابه ڳالهه چئون ۽ ان تي عمل نه ڪريو، اهو انتهائي اڻ وڻندڙ ٿيندو.

سندس گيتن ۽ زندگي جو اصل مقصد جڳ کي جيئارڻ هو. پاڻ چوندو هو ته، اسان کي پاڻ سان گڏ سمورن اٻوجهه ڦاٽل گوڏين ۽ ميرين ٽوپين وارن لاءِ به سوچڻ گهرجي. استاد بخاري جا گيت اسان سمورن کي زندگي کي جڪڙيندڙ زنجيرن کي ٽوڙڻ جو درس ٿا ڏين، هو هميشه سمورن ڌرتي واسين لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو. سندس دل اٿاهه محبت سان ڀريل هئي. ٻارڙن کان ٻڍن تائين سڀني سان بيحد پريت هيس، استاد کي هر وقت هو فڪر رهندو هو ته اسانجا ايندڙ نسل هنن سمورن مونجهارن کان آزاد هجن. هو جڏهن وڏا ٿي ڦوهه جواني ۾ پهچن ته کين بک، بيروزگاري جهالت جهڙن موذي مرضن سان منهن ڏيڻو نه پيو، هو جڏهن ڪا تخليق ڪن ته سندن پيٽ بکايل نه هجن، سندس  شروعاتي شاعري ۾ سنڌي موسيقيت جو ڀرپور عڪس چٽيائين، شروع ۾ ڪجهه سرائڪي ۾ به شاعري ڪيائين. استاد اوتارن ۾ وڃي ڳايو، کين ڪلام سان گهڻي نسبت هئي، ڪي ڌنون پاڻ به ترتيب ڏنائين.

شاعري ۽ موسيقي جو پاڻ ۾ گهرو ڳانڍاپو آهي ۽ ائين استاد موسيقي کي سکيو کيس موسيقي ۾ به گهڻي ڄاڻ هوندي هئي، پاڻ پنهنجي ڪلام جون ٻه سئو ڌنون به ترتيب ڏنائين.

زماني ڀر جا درد پنهنجي سيني ۾ سانڍيندڙ اسان جي هن مهان شاعر تي هڪ زهريلي بيماري، ڪينسر جو حملو ٿي پيو ۽ پاڻ ڪيترائي مهينا لوڙڻ کان پوءِ نائين آڪٽوبر 1992ع ۾ جمع جي رات جو اٺين وڳي ڪراچي جي هڪ اسپتال ميڊيڪيئر ۾ هزارين چاهيندڙ کان ڌار ٿي ويو، انالله واناليہ راجعونَ ۽ اسان کي هميشه هميشه لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندو ڇڏي ويو، اسان جي دعا آهي ته رب تعالى کيس جنت الفرودس عطا فرمائي. (آمين)

 

رشيد ارشد

اسڪول ۾

چهچٽائي چهچٽا اسڪول ۾!

سوين ئي آهن، مزا اسڪول ۾!

هوشيارن کي ملن ٿيون ساباسون،

موڳو کائي موچڙا اسڪول ۾!

ڪوڙ غيبت، چغليون ۽ مارڪُٽَ!

رنگ دنيا جا ڏٺا اسڪول ۾!

موڪلون ئي موڪلون موڪلون!

هيترا سار، مزا اسڪول ۾!

سڀني مضمونن ۾ ٻيڙو پار آ!

پر حسابن ۾ ڌُڪا اسڪول ۾!

هيترو وسارو ڪيون ٿا هوم ورڪ!

مار پوءِ ڀي کائون ٿا اسڪول ۾!

گهر ۾ موڪل جا مزا آهن، مگر

ٿا ملن جيڪي مزا اسڪول ۾!!

عمر جو ڪونهي ڪو ارشد مسئلو!

ٿا پڙهون ننڍڙا وڏا اسڪول ۾.

 

جوهر بروهي

گيت ڳايو

وطن واسين لئه نوان گيت ڳايو

ڪري خوب محنت پڙهو ۽ پرايو،

صبح ويلي ساجهر سجاڳي چڱي آ،

ته الله ڪندو سدا ساب سايو،

فضيلت سان جيئڻ سکو جڳ ۾ جاني،

ابي ۽ امان جو سدا مڃجي رايو.

صفائي سان انسان، انسان ٿيندو،

جو ڏاهن چيو آهي لايو سجايو،

الف، بي جي ڦرهي وڏي فڪر واري

محبت ڏيو ۽ محبت ڪمايو،

نصيحت جي اُگري هجي پوءِ به مڃجي.

عمل صلح سان پنهنجو جيون ملهايو،

ادب آدمي لاءِ اتساهه آهي،

ادب منجهه سک آ، ڀلي آزمايو.

اي جوهر اکر سان اکر لفظ ٿيندو،

وڏي حوصلي سان وڌي وک وڌايو.

 

الطاف شيخ

مينهن ۽ ڍڳيءَ جي ڳالهه

هڪ اونهاري جي ٽپهريءَ جو هڪ مينهن جي هڪ ڍڳيءَ سان ملاقات ٿي.

هيلو ڍڳي مينهن چيو. اڄ جو ڏينهن ڪيترو ته گرم آهي، هل ته ڪٿي پاڻيءَ منجهه سنان ڪري اچون.

صلاح ته واهه جي آهي. ڍڳيءَ وراڻيو.

سو مينهن ۽ ڍڳي آهستي آهستي هلنديون پاڻيءَ جي هڪ تلاءُ وٽ پهتيون.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان پراڻي زماني ۾ مڙيئي جانور پنهنجي بدن جونکلون ائين لاهي سگهند اهئا، جيئن اسين ڪپڙا لاهيون ٿا.

مينهن ۽ ڍڳيءَ پنهنجي پنهنجي کل لاٿي ۽ ان تلاءُ جي ڪپ تي پاڻيءَ منجهه گهڙيون.

هو ڪا دير پاڻيءَ ۾ وهجنديون راند کيڏنديون رهيون ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڪ ٻئي کي هڻنديون رهيون ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو وڏ ڦڙو مينهن اچي وسيو. مينهن ۽ ڍڳيءَ کي اچي ڊپ لڳو ته سندن کلون مينهن ۾ نه پسي وڃن. سو هو تڪڙ ۾ تلاءُ مان نڪري پنهنجين کلن ڏي ڊوڙڻ لڳيون.

جلدي جلدي ۾ ڍڳي مينهن جي کل پاڻتي چاڙهي ويئي ۽ مينهن ڍڳيءَ جي کل.

توهان کي اها ته خبر آهي ته مينهن ڍڳيءَ کان تمام وڏي ۽ ڳري ٿئي ٿي، سو مينهن جي کل جڏهن ڍڳيءَ چاڙهي ته اها کل هن تي بلڪل ڍري ڍري لڙڪڻ لڳي ۽ هوڏانهن ڍڳيءَ جي کل مينهن تي سوڙهي هجڻ ڪري ڇڪجي بيٺي.

اهوئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين، مينهن جي جسم تي ڇڪيل کل آهي ۽ ڍڳيءَ جي جسم تي چڙهيل کل بلڪل ڍري آهي.

 

خاموش خانائي

نور ۽ نانگ جو مقابلو

اونهارو پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن پورا ڪري وڃن وارو هو ۽ سياري جي آمد شروع ٿي چُڪي هئي.

انور ۽ امين پاڻ ۾ ڏاڍا گهاٽا دوست هئا. هڪ ڏينهن انور امين کي چيو ته سڀاڻي اسڪول کان موڪل آهي، هل ته هلون سير ڪرڻ، پوءِ ٻئي ڄڻا گهمڻ لاءِ ٻار روانا ٿيا. گهمندي گهمندي هڪ اهڙي هنڌ پهتا، جتي هڪ ڇٻر سان سائو ميدان هو، اُتي انور، امين کي چيو ته ٿورو وقت آرام ڪَرِ ته پوءِ وري اڳتي هلون ٿا، اُنهيءَ سوچ ۾ هئا ته هڪ نانگ لوڙهي مان نڪري وڃي رهيو هو ته اوچتو نور به اُن لوڙهي جي ڀرسان گهمي رهيو هو، نور جي نگاهه نانگ تي پئجي ويئي ۽ هڪدم ڊوڙندو ڊوڙندو اچي نانگ جي اڳيان چنبا مٿي ڪري نانگ کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. نانگ نور کي ڏٺو ته دل ۾ سوچيائين ته هيءُ مون کي ماري ضرور کائيندو، نانگ جان ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ نور کي ڦَڻِ ڪڍي ڦوڪون ڏيڻ ۽ چَڪَ هڻڻ لاءِ ڏاڍا وَجهه ڳوليا، مگر نور کيس کي وڌڻ نه ڏنو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي مقابلو ڪرڻ لڳو، انور ۽ امين کي اهو مقابلو ڏاڍو دلچسپ ۽ مزيدار لڳو جو ويهي ڏسڻ لڳا، جڏهن نانگ ڦوڪون ۽ ڦڻ ڪڍي نور کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ته نور ڇا ڪري جو سُڪي مٽيءَ مان پُڇُ ڀري کيس هڻڻ جي ڪر ته نانگ ڊپن جي ٻُوڙي ۾ هيٺ ٿيو وڃي، يا نانگ لڪڻ جي ڪوشش ڪري ته نور پٺيان کيس کي وڃي چڪ پائي. آخر ايئن ڪافي دفعا نانگ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، آخرڪار نانگ به ٿڪجي پيو ۽ هن ڏٺو ته هاڻي نانگ ٿڪجي پيو آي، هن وجهه وٺي نانگ جي ويجهو وڃي سُڪي مٽي واو ڀريل پُڇُ نانگ جي اکين ۾ اهڙو ته زوردار هنيائين، جو نانگ جون ٻئي اکيون مٽيءَ سان ڀرجي ويون، ۽ نور کي نانگ مارڻ جو موقعو ملي ويو ۽ جو ٽپ ڏيئي نانگ کي ڳچيءَ ۾ ڏاڍيان چڪ وجهي ڌَڙُ مُنڍي کان ڌار ڪري ڇڏيائين، اهو سخت مقابلو ڏسي انور ۽ امين ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٻئي واپس ڳوٺ ورڻ لڳا، رستي ۾ هي ڳالهيون ٻولهيون ڪندا آيا ته خُدا جي زمين ۾ هزارين جيت، پکي ۽ جانور رهنٿا، مگر انهن جو کاڌو خدا جدا جدا خلقيو آهي. جهڙي طرح وڏي مڇي ننڍيون مڇيون کائي ٿي. سانڊو جيت کائي ٿو، شينهن جانور ماري ان جو گوشت کائيندو آهي، مگر هيءَ هڪ عجيب ۽ کليل حقيقت آهي ته جي جانور هڪ ٻئي جا ماريندڙ نه هجن ته سڄو ملڪ جانور ٿي وڃي. جيئن مثال آهي ته باَزَ پکي نه ماري ته ڪافي ٿي وڃن يا ٻيو مثال هيءُ آهي ته جيڪڏهن نور، ڄاهو ۽ چڪور نه هجي ته سڄو مُلڪُ بلائون ئي بلائون ٿي وڃن، ماڻهو حيران، پريشان ۽ آزار ۾ اچي وڃن. مگر خدا هر ڪنهن کي ناس ڪرڻ ۽ ان جي کاڌي پيدا ڪرڻ ۾ وڏي حڪمت عملي رکي آهي. خدا هر ڪنهن جاندار کي رزاق روزي عطا ڪري ٿو.

 

روشن گهانگهرو

ڌرتيءَ جا گل

اڀ تي چمڪن چنڊ ستارا،

ڌرتيءَ جا گل ٻار پيارا،

مُرڪن ۽ مُرڪائن ويٺا،

هرڪا دل بهائن ويٺا،

ننڍڙا مٺڙا کير پتاشا،

ٻاتيون ٻوليون ٻولين ڇاڇا،

ماءُ ۽ پيءُ جا جيءُ جيارا،

منهنجي دل کي واهه وڻن ٿا،

جڏهين مڪتب ڏانهن وڃن ٿا،

گڏجي سڏجي ٻالڪ سارا،

رنگ برنگي ڪپڙا پائي،

هَٿُ هٿَ ۾ ڏئي حلقا ٺاهي،

اڏرن ٿا ڄڻ پوپٽ پيارا،

محنت سڀ جو مانُ وڌائي،

عظمت سان انسان بڻائي،

منزل ماڻن محنت وارا،

تن کي سڀ ڪو دل سان چاهي،

پيار پڙهڻ سان جن کي آهي،

ٿيندا تن جا ڀاڳ ڀلارا،

چنڊ جي وچ ۾ چمڪي تارو،

ديس ڪندا هي روشن سارو،

سنڌڙي جا سڀ ساهه سهارا.

 

نثار بزمي

ٻول

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول ٻارڙا!

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

البيلايون جڏهن ڪرين ٿو،

نيڻن ۾ ڄڻ نور ڀرين ٿو

رڳ رڳ تنهنجيءَ ۾ ڪي آهن راڻا! رنگ رتول.

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

وڏڀرڙو تون ٿيندو ويندين.

کوڙ خوشيون تون ڏيندو وينديون.

او نرمل! او نازڪ نينگر! عجيب جهڙا انمول.

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

بزمي جي اکڙين جا تارا،

راڄ ڪندين شل راڄ دلارا.

کائيندين اوٻاريندين شل، مٺڙا مٺڙا ٽول.

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

 


 

غلام محمد غازي

مڇي

استاد صاحبان پڙهائڻ دوران اسانکي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جا پورا ٻاونجاهه اکر پڙهائي ياد ڪرائيندا آهن، سي اسان سڀني پڙهيا ۽ سکيا آهن ۽ انهن ئي اکرن تي عمل کي وڌائڻ جو دارو مدار هوندو آهي، انهيءَ الفيابيٽ ۾ ڪي اکر حرف علت ۽ ڪي وري صحيح هوندا آهن. انهن ئي اکرن مان جنهن حرف کي اسين ياد ڪيون ٿا سو ” م“  آهي، م اکر صحيح آهي، جهڙي طرح ڪي به ٻه ٽي اکر پاڻ ۾ ملائڻ سان لفظ ٺهي پوندو آهي، اهڙي طرح م سان ٻيا اکر پاڻ ۾ ملائڻ سان ڪيترائي لفظ ٺهي پون ٿا. مثال: م ۽ س ملايو ته مس جو لفظ ٺهي پوندو آهي. اهائي مس جنهن سان پٽي لکبي آهي، يا ڪتاب وغيره اهڙي نموني ٻيا ڪيترائي لفظ جڙي پون ٿا، مسجد، مدرسو، مجاهد، ماڪڙ وغيره پر اسين هزارها لفظن مان هڪ لفظ چونڊيو آ، جيڪو نالو آهي، ڪنهن ساهه واري شيءِ جو، سا آهي مڇي، هي نالو ڪو ايڏو ڏکيو نه آهي، جنهن کي هر هر ورجائي ياد ڪجي يا ڊڪشنري کولي ڏسڻي پوي، عام نالو آهي. ڪنهن کان به پڇا ڪبي ته هو يڪدم ٻڌائيندو، هن کان نه صرف وڏڙا واقف آهن، بلڪ ٻارڙا به باخبر آهن ۽ ماڻهن هن کي شوق سان کائيندا آهن، مڇي اڪثر ڪري دريائن، ڍنڍن، ڍورن ۽ واهن ۾ ملي ٿي. هن کي ڦاسائڻ جو طريقو ڪار، ڄار، ڪڙهي، ۽ ڪنڍي آهي، سمنڊ ۾ جهاز يا ٻيڙن ۾ چڙهي مڇي ڦاسائبي آهي. ڳوٺن جي آسپاس مان وهندڙ واهن يا کڏن کوٻن جي پٺيان ننڍڙا وڏڙا ڪپڙن جون جهوليون ٺاهي، مڇي ڦاسائيندا آهن، گهڻو ڪري اونهاري جي موسم ۾ جڏهن ڌرتي تپي ٽامڻي هڻندي آهي ته اهو سال جو جون جولاءِ ۽ آگسٽ مهينو هوندو آهي، ۽ انهن مهينن ۾ چانورن جو فصل ساريون پوکيو وينديون آهن. زمين کي ريج ڏيڻ وقت درياءَ يا نديءَ جو پاڻي واهن جي رستي زمين ۾ ڇڏيو ويندو آهي، جنهن پاڻيءَ سان گڏ ننڍي مڇيءَ به لڙهي ايندي آهي، جا پوکن واري زمين ۾ وڌي ويجهي وڏي ٿيندي آهي، جنهن کي مهاڻا خواه هاري ڦاسائي خوب کائيندا آهن. مڇي عموماً مٺي پاڻي يا کاري پاڻيءَ ۾ ملندي آهي.

اڄ ڪلهه ماڻهو مڇيءَ جا فارم تيار ڪرائي، ان ۾ مڇيءَ جو هٿراڌو ٻج وجهي انکي پاليندا آهن، مڇيءَ جي وڏي ٿيڻ بعد ان کي مٿي ذڪر ڪيل طريقي ڪار ذريعي ڦاسائي مارڪيٽ ۾ آڻي ججهو ناڻو ڪمائيندا آهن. مڇيءَ جي کاڌ خوراڪ جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي. دنيا اندر مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. ڪجهه قسم هيٺ ڏجن ٿا، ڪرڙو، گندڻ، سينگاري، پلو، شاڪر، ڄرڪو، سهڻي، ٿيلهي، مُڪر، موڳي، رڙو، پوپري، پوئڪي، گوج موريو، موراکڙيون، ڏاهي، ٽري، لوهڙ، ڦندڻي، ڏنڀرو، وعيره، پلو خاص ڪري حيدرآباد، ڪوٽڙيءَ وٽ عام جام ملندو آهي. مڇي ڪلين جي مدد سان جيئڻ لاءِ آڪسيجن کڻندي آهي. آڪسيجن نڪري وڃڻ کان پوءِ منهن جي ذريعي ٻاهر نڪري ايندي آهي. مڇي پنهنجي پڇ کي حرڪت ۾ آڻي ترندي آهي، ۽ پنهنجي پرن جي مدد سان پنهنجو توازن قائم رکندي آهي. هن جا پر سنهڙين هڏڙين وانگر ٿيندا آهن. جن تي کل چڙهيل هوندي آهي. هن ي هٿ ۽ پيرن جي بدران پرن جا جوڙا هوندا آهن ۽ جسم هڪ ٻئي مٿان چڙهيل ڇلرن سان ڍڪيل هوندو آهي. رهو مڇيءَ جا ڇلر وڏا ٿيندا آهن، هيءُ مڇي پنهنجي منهن کي ساهه کڻڻ بدران سنگهڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي، هن جا ڪن اندرين طرف ٿيندا آهن. مڇيءَ جا ڏند مهارن جي وڌيل حصي ۾ هوندا آهن. مڇي پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ گاهه ۽ ننڍڙيون مڇيون کائيندي آهي. وڏي ۾ وڏي وهيل مڇي ۽ ننڍي ۾ ننڍي جهينگا مڇي آهي. مڇي بهترين غزا تسليم ڪئي وئي آهي. مڇيءَ جو تيل به نڪرندو آهي، جيڪو دوا طور استعمال ٿيندو آهي، تيل مان گوريون ٺاهي زڪام وغيره لاءِ ڪم آنديون وينديون آهن.

اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته مڇيون نه صرف ترنديون نه آهن، پر انهن مان ڪي اڏامي به سگهنديون آهن. ڪي ٽپا ڏيئي سگهنديون آهن، ۽ ڪي مٿي چڙهي سگهنديون آهن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ هڪ مڇي گرنڊ (Gurnard) نالي ٿيندي آهي، جن جي پرن آڏو ٽي آڱريون نڪتل هونديون آهن، جن جي سهاري سان هوءَ عجيب طريقي سان رڙهندي آهي. اهڙيءَ طرح پرچ (Perch) نالي هڪ مڇي وڻن تي چڙهي ويندي آهي، ويهن کان 30 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سوين والن تائين اڏامي سگهندي آهي. ڪيتريون ئي مڇيون بجليءَ جي لهر به پيدا ڪنديون آهن.

ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا ۾ ملندڙ شش مڇي، انهن مڇين جي نسل مان آهي، جيڪي اڄ کان 20 ڪروڙ سال اڳ زمين تي موجود هيون. سندس منهن نانگ جهڙو ٿيندو آهي. هن مڇيءَ کي ڪلين سان گڏ ڦڦڙ به هوندا آهن، جن جي مدد سان هوءَ آڪسيجن اندر کڻندي آهي، هيءُ مڇي پنهنجو وات مان ٻليءَ جهڙو آواز به ڪڍندي آهي.

ائٽلانٽڪ سمنڊ جي مئڪريل مڇي چوويهه ئي ڪلاڪ ترندي آهي، ايئن نه ڪري ته دم گهٽجي وڃيس، مئڪريل لاءِ ساهه کڻڻ لاءِ ضروري آهي ته هن جي نڪ مٿان پاڻيءَ جي تيز ڌار وهندي رهي.

 

گل حسن ساگر ڪوري                                تبصرو

مهڪار

سنڌي ادب جي کيت کي سربسز رکڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پنهنجو ڪردار تمام سٺو ۽ بهترين نڀائيندو پيو اچي، ۽ ٻاراني ادب جي اوسر ۾ ڪافي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. تازو ئي سنڌي ادبي بورڊ ٻارڙن جي شاعري جو شاهڪار ڪتاب مهڪار شايع ڪيو آهي. ٻارراڻي ادب ۾ جيڪا کوٽ هئي سا مهڪار ڀري ڇڏي آهي، هي ڪتاب نوجوان خوبصورت شاعر محترم خليل عارف سومري جي ذهني ولوڙ ۽ قلمي پورهيي جو نتيجو آهي. 89 صفحن تي مشتقمل قيمتي ڪتاب جي قيمت صرف 25 رپيا  آهي. هن خوبصورت ۽ قميتي ڪتاب اندر سُندر سٽاءُ ۾ نظم جا عنوان ڏنل آهن؛ نظمن ۽ گيتن جي ترتيب تمام بهترين ۽ وڻندڙ آهي. هن ڪتاب جي پورهيت جو تعارف سُندر شاعر محترم اشرف امر لاشاري ڏاڍو سٺو لکيو آهي. ڪتاب جي پورهيت پنهنجو پورهيو پنهنجي ڏاهي ڏاڏي شغلي کي ارپيو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ جو فوٽو ڏنل آهي، سندس قلمي زباني پنهنجي پاران محترم خليل عارف سومري لکيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن مُنهنجي هن سڄي ڪتاب مان ڪو هڪ به نظم يا گيت ڪنهن کي وڻيو ۽ ان نظم يا گيت تي ان ٻار عمل ڪيو ۽ عملي زندگي ۾ ڪامياب ٿيو يا منهنجي ڪنهن به هڪ نظم يا گيت مان ڪنهن کي هميشه لاءِ معلومات ملي ته مان ڪامياب آهيان.

ڪتاب ۾ شاعري سادڙن سچن، سهڻن ۽ سولن لفظن سان سرجيل آهي، ۽ شاعري ڏاڍي سٺي نموني سان سٺي، سادي ۽ سولي ٻولي ۾ ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ جو هر ٻار سولائي سان چئي ۽ ٻولي سگهي ٿو. پڙهڻ بعد ٻولچپن تي هري وڃن ٿا، ٻار مزي ۽ شوق ذوق سان جهُوميَ ڳائي سگهي ٿو، سوچ ته سنڌي ادبي بورڊ جو سمورو عملو جس ۽ لک کيرون لهڻي، ۽ آئنده به اهڙا سُندر ڪارائتا لاڀائتا ۽ سُهڻا ڪتاب شايع ڪري سنڌي ادب جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو.

 

ملهار سنڌي

نظم

ٽهڪ جڏهن ڀي ڏيندا آهن،

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

ڪڻڪ سندو جيئن سنگ نرالو

تيئن ٻارن جو ڍنگ نرالو

مونسان مرڪي ملندا آهن.

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

ٻارن سان مان پيار ڪيان ٿو

ساهه سندو سينگار ڪيان ٿو

جيڪي مور نه وڙهندا آهن.

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

سچ سان ٻار محبت ڄاڻن

ڪلفت ڪينو ڪين سُڃاڻن

ڪين اَجائي رُلندا آهن.

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

منهنجي مَنَ جا راڻا آهن،

سي ئي ٻالڪ سياڻا آهن.

جيڪي پڙهندا لکندا آهن.

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

ڪيڏا وڻندڙ ٻار ٿين ٿا

گلشن ۾ گلزار ٿين ٿا

وَهنجي سِهنجي ٽڙندا آهن،

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

ٻارن جو ملهار آ شاعر

تڏهن ته آهي سنڌ ۾ ظاهر

منهنجا نغما پڙهندا آهن.

مون کي ٻالڪ وڻندا آهن.

 

مشتاق بخاري

بَابَو

بابَو منهنجو سياڻو آهي،

مون لئه موتيءَ داڻو آهي،

مون کي ٿو اسڪول پڙهائي،

سهڻا سهڻا قول ٻڌائي،

خرچي مون کي خوب ڏئي ٿو،

روَل نه ٿي تون، ايئن چئي ٿو.

جهڙا ڪپڙا پاڻ ٿو پائي،

تهڙا مون لئه ٿو سبرائي،

گل ڦل، گلڙا، مرڪ، گلستان،

مون لئه آڻيندو آ دل سان،

شعر لکي ٿو شاعر آهي،

آکاڻين جو ماهر آهي،

هڪ چاهه منجهان هي چاهي ٿو،

ٻيو هر هر ڀاڪر پائي ٿو.

جيئن چوان مان، تيئن ڪري ٿو،

خيال ڪري ٿو، ڌيان ڌرتي ٿو،

مشتاق اَبي جي عزت ڪيان ٿو،

هن سان مان ڀي محبت ڪيان ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com