سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

رخسانه انجم

بنا عنوان جي ...................

هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اسان ڏانهن اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ 20- ڊسمبر کان اڳ پهچي وڃي. جنهن ٻار جو عنوان سٺو هوندو، ان کي ويهن روپين جا ڪتابن انعام طور ڏنا ويندا.  - ايڊيٽر

احمد نالي هڪ سلڇڻو ڇوڪرو هوندو هو. هيءُ ڏاڍو محنتي ۽ فرمانبردار هوندو هيو. احمد کي پڙهائي جو ڏڌاڍو شوق هوندو هيو. هن جي خواهش هئي ته مان به علم حاصل ڪري وڏو ماڻهو ٿيان. ان ڪري ئي هو ڏاڍي چاهه سان ۽ محنت ڪري هر سال امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هيو. احمد جو پيءُ ان ئي ڳوٺ ۾ رئيس جو هاري هو. هو ڏينهن رات محنت ڪري، پنهنجو رت ولوڙي پنهنجي پٽ احمد جي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس  خواهش هئي ته منهنجو احمد پڙهي ڪنهن قابل ٿئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري.

رئيس جو سڪيلڌو پٽ عامر به احمد سان گڏ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندو هيو. هو ڏاڍو حاسدي هو. سڀن کي پنهنجو تعبدار سمجهي ڪنهن به قسم جي حڪم هلائڻ کان ڪڏهن به ڪين ڪيٻائيندو هيو ۽ خاص ڪري احمد سان ڏاڍو سڙندو هيو. ڇو جو احمد سندس ڪاڻ نه ڪڍندو هيو. ٻين ڇوڪرن وانگر احمد به عامر کي لفٽ نه ڏيندو هيو. هو سوچيندو هيو ته جهڙو مان تهڙو عامر ڇا ٿيو جي عامر شاهوڪار آ! پيدا ته اسان ٻنهي کي هڪ ئي الله ڪيو آ نه! انڪري هو ٻي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ صرف پنهنجي علم حاصل ڪرڻ ۾ مگن رهندو هيو ۽ هر سال پهريون نمبر کڻندو هيو ۽ اهائي ڳالهه ويتر عامر کي احمد سان حسد ڪرڻ تي اڀاريندي هئي. هو موقعي جي تلاش ۾ هوندو هيو ۽ سوچيندو رهندو هو ته ڪهڙي طرح احمد کي پنهنجي رستي تان هٽايان ۽ آخر هو ان سازش ۾ ڪامياب ويو. عامر هڪ ترڪيب سوچي، هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته! ”احمد منهنجو نوڪر بيهي.“

پر! احمد جو پيءَ اهو ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيو.

هن پنهنجن خواهشن ۽ امنگن جو گلو گهٽيو هيو. صرف پنهنجي سڪيلڌي احمد لاءِ هن رئيس ۽ سندس پٽ جي ڪاٽ ڪڍي هئي. ليڪن هن نٿي چاهيو ته مون وانگر منهنجو پٽ ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي، ”ڪنهن جو نه نوڪر ٿئي“ ۽ سندس خواب اَڌورا ئي سندس هن اندر رهجي وڃن ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو!

سندس انڪار رئيس جي رڳ رڳ ۾ باهه جا ڀڀڙ مچائي ڇڏيا ۽ هو ان ئي موقعي جي تلاش ۾ آهي.

آخرڪار رئيس هن کي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو!

هي ويچارا مجبور ٿي اتان لڏي وڃي هڪ ننڍڙي شهر ۾ آباد ٿيا! ڏکن جا ڏينهن ٿورا هوندا آهن.

احمد ائين ئي هوشياريءَ سان پڙهندو رهيو! هو اسڪول کان پوءِ جي ٽائيم ۾ هڪ مل ۾ مزدوري ڪندو هيو. احمد جي ماءُ پيءُ جي دعائن رنگ لاٿو ۽ احمد هوشياريءَ سان پڙهندو، ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهندو منزل جي ماڳ رهيو: ”هو هاڻي صوبيدار هيو“! ۽ احمد علي صوبيدار سڏجڻ لڳو!

احمد جهڙي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پڙهي ان منزل تي پهتو هيو! تهڙيءَ ئي وفاداريءَ سان هو نوڪري ڪرڻ لڳو! ٿوري ئي عرصي ۾ هو پنهنجي سهڻي سڀاءَ ۽ ايمانداريءَ ڪري مقبول ٿي ويو.

هڪ ڏينهن هنن کي اطلاع مليو ته پير جي ڳوٺ ۾ هڪ ڌاڙيلن جي ٽولي ڳوٺاڻن کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي! جيئن ئي احمد اهو نالو ٻڌو ته سندس اکين اڳيان پنهنجي ڳوٺ جو تصور اچي ويو!

”جتان پنجويهه سال اڳ کين ڪڍيو ويو هيو! احمد دل ۾ عهد ڪيو ته مان پنهنجي ڳوٺ جي ضرور خدمت ڪندس! احمد پنهنجا ڪجهه سپاهي گڏ وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو! اتي جي ماڻهن هن کي بلڪل به نه سڃاتو! جڏهن احمد کين ٻڌايو ته مان علڻ هاريءَ جو پٽ آهيان! ته ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ ڏاڍو خوش به ٿيا! جڏهن احمد کي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اهو ڪمو ڌاڙيل ساڳي ئي رئيس جو پٽ آهي ته احمد ڏاڍو حيران ٿيو. چيائين ”پر عموءَ جو پيءُ ته وڏو رئيس هو“ ها! هو وڏو رئيس هيو! ليڪن ان جي مرڻ کان پوءِ عموءَ دولت ٻنهي هٿن سان لٽائي! چوندا آهن ته ”کائيندي خرار کٽيو وڃن.“ سو آخر هنن جي دولت به کٽي وئي، ۽ هو پئسن جي لالچ ۾ هڪ وڏو ڌاڙيل ٿي ويو!

هاڻي ته هو اسان غريبن کي ڏاڍو تنگ ٿو ڪري! احمد هنن کي دلداري ڏني ته: ”اوهان ڪوبه فڪر نه ڪيو!“ جنهن وقت مون کي هن ڳوٺ مان ڪڍيو ويو! ان وقت هو رئيس عامر هيو! ۽  آءٌ هڪ غريب احمد! ۽ هن وقت ”هو عمو آهي“! ۽ ”مان احمد علي“! احمد دل ۾ پڪو عزم ڪيو ته مان هن ڳوٺ کي عموءَ جي لچاين کان ضرور پاڪ ڪندس!

احمد ڏاڍي هوشياري ۽ بهادريءَ سان سپاهين کي ساڻ ڪري اوچتو وڃي عموءَ جي ٽولي ۾ ڪڙڪيو! ڏاڍو زبردست مقابلو ٿيو! عموءَ جا ٻه ساٿي مارجي ويا! ۽ هيڏانهن هڪ سپاهي به مارجي ويو. جيت هميشہ حق ۽ سچ جي ٿيندي آ. ۽ اهڙيءَ ريت آخرڪار احمد ۽ سپاهين عموءَ ۽ سندس ساٿين کي جهلي ورتو.

هو ڏاڍو خوش هيو! ۽ سوچي رهيو هيو ته منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو هاڻي ڪنهن به رئيس جا غلام نه هوندا. ۽ نه ڪنهن عمو ڌاڙيل جا تابعدار هوندا.

 

دادا سنڌي                         سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

بهادر شهزادو

1843ع جي ڳالهه آهي. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم مير نصير خان هو، جيڪو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ مير نور محمد جو ڀاءُ هو. جڏهن مير نور محمد وفات ڪئي، تڏهن مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو. ان وقت مير نور محمد جو هڪ ننڍڙو پُٽ مير حسن علي خان چاچي وٽ رهندڙ هو. هو 1829ع ۾ ڄائو هو ۽ ان وقت سندس عمر صرف 14 سال هئي.

انگريزن جون ڇوليون ماريندڙ لشڪر، نيپئر جهڙي مڪار، چالباز ۽ ٺڳ سپهه سالار جي سرڪردگي هيٺ سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. مير نصيرخان، سنڌين جي فوج ساڻ ڪري، جنم ڀومي جي سالميت ۽ ساڻيهه جي سلامتي لاءِ مياڻيءَ ڏانهن روانو ٿيو. اها مهل سج پچ قرباني جي هئي. جهاد جو وقت هو. وطن جي بقاءَ ۽ آزادي لاءِ سرن جا سؤدا ڪرڻا هئا. هر ننڍو ۽ وڏو، سَر بڪفن هو ۽ پنهنجي وطن تان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. ننڍڙو حسين گهر ۾ موجود هو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيو هو ته سندس ڪَن تي ماءُ جي سڏ جو آواز پيو. اها امڙ، جيڪا پنهنجي لخت جگر تي ڪک به نه سهندي آهي، ڪوسو واءُ لڳڻ به برداشت نه ڪندي آهي، سنڌڙيءَ جي اها عظيم هستي ۽ ناتوان ذات عورت چئي رهي آهي ته ”پٽ حسين، تنهنجو چاچو ۽ ڀاءُ (مير حسن علي ولي عهد) دشمنن سان وڙهڻ لاءِ، وطن جي حفاظت لاءِ، ميدان جنگ ڏانهن وڃي رهيا آهن، تنهنجو به فرض آهي ته تون به اوڏانهن وڃي، هن راهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر. هڪ شهزادي جو مَرڪ آهي ته هو پنهنجي ديس لاءِ، سڀ ڪجهه قربان ڪري، ويندي جان جي نذراني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائي.“ ننڍڙي مير حسين علي پنهنجي بهادر ماءُ جا لفظ ٻڌي چيو ته ”امڙ تنهنجي حڪم مڃڻ لاءِ مان هر طرح تيار آهيان. جنم ڀومي لاءِ، پنهنجي سڀ کان عزيز پونجي ساهه ۽ سرير، صدقي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندس. تون مون کي ميدان جنگ ۾ سڀ کان اڳرو ڏسندينءَ.“ سندس والده اهو جواب ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هٿيار کڻي، پاڻ ئي پنهنجي هانءَ جي ٺار کي پهرائي، جنگ جي ميدان ڏانهن مَرڪندي موڪليو. ٻارو، سوچيو ته سهي! ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس ننڍو ٻچڙو توبن، بندوقن ۽ تلوارن جي منهن ۾ وڃي! پر مير جي هن بهادر ۽ غيور والده، پنهنجي وطن دوستي جو ايڏو ته عظيم ۽ بهترين مثال پيش ڪيو آهي، جو سنڌ جي تاريخ ۾ عورت جي ڪردار لاءِ واضح ڪري ٿو ته هنن ۾ پنهنجي وطن لاءِ قرباني جو انگ موجود هو ۽ وطن جي سلامت وٽن زندگي ۽ اولاد کان به وڌيڪ عزيز هئي. اهڙيون ئي مائرون ديس جو سينگار آهن.

ننڍڙو مير، هٿيار پنهوار ڪري، جڏهن ميدان جنگ ۾ آيو، تڏهن مير نصير خان، پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني سمجهي کيس موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني، پر هن سورهيه شهزادي چيو ته ”چاچا! وطن جي راهه ۾ وڙهڻ صرف وڏن جو شيوو نه آهي. هن راهه ۾ لڙڻ کان مونکي نه روڪ. دشمن کي پٺي ڏيڻ ڪانئرن جو ڪم آهي. بهادرن ۽ سرويچن جو اهو دستور نه هوندو آهي ته هو سڄڻ ۽ ساڻيهه کي وساري، انهن کي ٻوهي ۾ ڏسي، پاڻ گهرن ۾ ويهي عيش ڪن. زندگي گلن جي سيج نه آهي، پر ديس جي سالميت لاءِ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي آهي.“ سندس جذبي ۽ حب الوطنيءَ کي ڏسي وڏي مير کيس ڳراٽڙي پائي پيار ڪيو. جنگ ۾ سنڌ جي هن ننڍڙي شهزادي پاڻ ملهايو. جڏهن جنگ بند ٿي، تڏهن فاتح حاڪمن، ننڍي مير کي به ٻين سان گڏي، بمبئي موڪليو ويو ۽ اتي هو هزاري باغ جهڙي ويران ڳوٺ ۾، پنهنجي ملڪ کان هزارين ميل، پري نظر بند رهيو. لارڊ ڊلهائوزي جي هڪ اعلان موجب هو 1859ع ۾ پنهنجي وطن موٽي آيو، اهڙيءَ طرح مير صاحب پورا سورهن سال سنڌ کان ٻاهر رهيو.

مير حسن علي خان هڪ محب وطن سپاهيءَ سان گڏ اعليٰ درجي جو شاعر به هو. ايام اسيريءَ ۾ هن بهترين غزل لکيا. سنڌيءَ ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ جو شاهنامو“ ۽ ”سنڌ جي منظوم تاريخ“ مشهور آهي. سنڌ جو هيءُ سرويچ ۽ بهادر شهزادو 1878ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مزار مير ڪرم علي خان جي قبرستان ۾ آهي.

 

امتياز ابڙو                                                 سائنس

اڏامندڙ ڦوڪڻو (بيلون)

هزارن سالن کان انسان پکيءَ وانگر اڏامڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. يوناني آکاڻين ۾ هڪ شخص ڊي ڊالس جو ذڪر ملي ٿو جيڪو ڪنهن ڏوهه جي سزا ۾ جيل موڪليو ويو. ان اتي ڪيترائي پکين جا پر جمع ڪيا ۽ ميڻ جي وسيلي انهن کي گڏي وڏا پکين جهڙا کنڀ ٺاهي جيل مان اڏامي ڀڄي ويو. ان کان نو سال پوءِ هڪ انگريز پادريءَ به پکين وانگر ڦڙڪائڻ واريون ٻانهون (کنڀ) ٺاهيون پر اهو ان ۾ ڪامياب نه ويو ۽ اڏامي ڪونه سگهيو.

ڦوڪڻو ته اوهان ڏٺو هوندو. بيلون به عام ڦوڪڻي جي شڪل جهڙو ٿئي ٿو. هي هوا ۾ تمام گهڻو مٿي ٿي وڃي سگهي ٿو ۽ واپس زمين تي پڻ اچي سگهي ٿو. ان ڪري هن کي ”اڏامندڙ ڦوڪڻو“ به چيو وڃي ٿو.

بيلون يعني اڏامندڙ ڦوڪڻو ڪاغذ ريشم يا رٻڙ ۽ ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ان جي اندر گرم هوا هائڊروجن، گئس يا هيليم گئس پڻ ڀري ويندي آهي. هي ٽيئي گئسون عام هوا کان هلڪيون ٿين ٿيون ان ڪري ڦوڪڻو هوا ۾ مٿي آسانيءَ سان اڏامي سگهندو آهي، عام هوائي ڦوڪڻن ۾ گرم هوا ڀري ويندي آهي اهي زياده بلنديءَ تي نه ويندا آهن پر جن ۾ هئڊروجن يا هيليم گئس ڀري ويندي آهي اهي ڦوڪڻا پهرئين جي مقابلي ۾ تمام گهڻو مٿي پرواز ڪندا آهن.

بيلون مختلف قسمن جا ٿين ٿا. گهڻو ڪري هڪ گول ٿيلهو هوندو آهي. جنهن ۾ هئڊروجن يا هيليم گئس ڀريل هوندي آهي. ان جي هيٺئين حصي ۾ هڪ هُڪُ ٿيندو آهي جنهن سان ڪا ٽوڪري يا ڪا ٻي شيءِ لٽڪائي ويندي آهي ته جيئن ماڻهن جي ويهڻ جي ڪم اچي. ان کانسواءِ ڦوڪڻي کي هيٺ زمين تي لهرائڻ لاءِ هڪ ڏور لٽڪائي ويندي آهي.

19 سيپٽمبر 1983ع اهو تاريخي ڏينهن هو.، جڏهن فرانس جي رهاڪن حيرت مان مونٽ گول فيئر برادران کي هوائي ڦوڪڻو اڏائيندي ڏٺو. ان کان اڳ به هو اهو تجربو ڪيترا دفعا ڪري چڪا هئا، پر اڄ جو ڏينهن انهن لاءِ اهم هو ڇاڪاڻ ته فرانس جي بادشاهه جي سامهون هو پنهنجي ان ايجاد جو مظاهرو ڪرڻ وارا هئا. ان ئي زماني ۾ هڪ انگريز سائنسدان هينري ڪيونڊش هائڊروجن گئس تيار ڪئي هئي. ان ڪري بيلون ۾ اهائي گيس ڀري ويئي. هن جي هڪ سان هڪ وڏي ٽوڪري لٽڪائي ويئي جنهن ۾ ٽي مسافر ڪڪڙ، رڍ ۽ بدڪ سوار ڪيا ويا ڇاڪاڻ ته تجربي فيل هئڻ ڪري ماڻهوءَ جو سوار ٿيڻ خطري کان خالي ڪونه هو.

ان ڪامياب تجربي کان پوءِ ٻيو شايدار تجربو 21 نومبر تي ٿيو. جيڪو جان فرتمنڪس مارڪوئس نالي سائنسدانن ڪيو. انهن به هڪ هوائي ڦوڪڻو اڏايو. فرق صرف اهو هو ته هي ٻئي خود ان ۾ سوار ٿيا هئا. هي ڦوڪڻو 23 منٽن تائين هوا ۾ اڏامندو رهيو.

هوائي ڦوڪڻي جي ذريعي تمام اُتاهين پرواز (جيڪا 1895 ميل هئي) ڪرڻ جو اعزاز جرمنيءَ کي حاصل آهي. پهرئين عالمي جنگ جي وچ ڌاري انهن ڦوڪڻن جي ذريعي دشمن جون رهائش گاهون. ۽ فوج جي نقل و حرڪت جو پتو لڳايو ويندو هو. اوڻويهين صدي ۾ به بيلون جا ڪيترائي تجربا ٿيا البت ويهين صدي ۾ هوائي جهاز جي ايجاد بيلون جي اهميت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته هوائي جهاز جو پهريون مرحلو بيلون ئي هو. بهرحال بيلون جي پنهنجي الڳ اهميت آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به انهن جي وسيلي موسم جي تحقيق لاءِ کين فضا ۾ اڏايو وڃي ٿو. جن کي هاڻي هٿراڌو گرهه به چيو وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com