ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ؛
سيپٽمبر- آڪٽوبر 1982ع جو گڏيل پرچو اوهان جي آڏو آهي. هن ڀيري
گل ڦل تمام دير سان اوهان تائين پهچي رهيو آهي جو
آئون بيمار هجڻ ڪري لاڳيتو ٽي مهينا موڪل تي هوس،
انڪري رسالو ڇپجي نه سگهيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو
جو نه رڳو رسالو اوهان تائين پهچي ڪونه سگهيو پر
آئون به اوهان سان اڌ ملاقات ڪرڻ کان محروم رهجي
ويس. هاڻي اوهان جي دعائن سان طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي
انشاءالله تعاليٰ هر مهيني اوهان سان ملاقات ٿيندي
رهندي.
جنوري 1983ع کان رسالي ۾ ڪهڙيون تبديليون آڻڻ کپن، موجوده ڪالمن
مان ڪي گهٽائي نوان آڻجن يا اوهان جي ذهنن ۾ ڪي
سٺا ڪالم هجن ته اهي به شروع ڪجن ان بنسبت اوهان
جا رايا گهربيل آهن.
اهي رايا جذباتي نه هجڻ کپن پر دليلن سان سٺا ۽ صحيح هجڻ کپن
جيئن انهن جي روشنائي ۾ اسان جي رهنمائي به ٿي
سگهي ۽ اوهان جي خواهش به پوري ٿي وڃي.
مون کي اميد آهي ته گل ڦل جا پڙهندڙ، هن سلسلي ۾ اسان سان پورو
پورو ساٿ ڏيندا.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي
لطيفي لات
اُوڳَڻَ ڪَري اُپارَ، تو درِ آيَس، داسَڙا،
جن تو رُسڻَ سنديُون روُح ۾، تِنّ مون ڀيڻي ناهِ ڀَتار،
سائينءَ لڳ سَتار! ميٽِ مَدايُون مُنِهنجيُون.
(شاهه)
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمت جي رسالي ۾ سر
ليلا چنيسر جي داستان ٽيئن جو ڇهون بيت آهي.
سمجهاڻي: هن بيت ۾ ظاهري طور ته ليلا چنيسر وٽ پنهنجي ڪيل ڏوهه
تي پڇتاءَ ظاهر ڪري کانئس معافي گهري آهي ۽ کانئس
پنهنجي گناهه جي بخشش گهري آهي پر روحاني طور هن
بيت ۾ لطيف سائين، هڪ گنهگار انسان جي حيثيت ۾
الله تعاليٰ کي ستايو آهي ته آئون سوين ڏوهه ۽
گناهه ڪري تنهنجي در آيو آهيان، جيڪڏهن تون منهنجا
گناهه ڳڻيندين ته پوءِ پڄي نه سگهندس تنهنڪري حضرت
محمد ڪريم ﷺ (جو تنهنجو پيارو آهي) جي صدقي منهنجا
سڀ گناهه بخش ڪر. شاهه صاحب هن بيت دوران، انسان
کي اهو درس ڏنو آهي ته الله تعاليٰ وڏو غفور ۽
رحيم آهي، ان جي در تي ويندين ۽ کيس ستائيندين ته
ڪڏهن به مايوس ڪونه ٿيندين.
معنيٰ: اوڳڻ
=
ڏوهه، گناهه، خراب ڪم. اپار
=
تمام گهڻا. داسڙا
=
داسين يا ٻانهين جو مالڪ مجاري طور خدا تعاليٰ.
ڀيڻي= جاءِ. ستار
= ستر ڍڪيندڙ، لڄ پال. ميٽ
= ڊاهه، ختم ڪر، پوريون ڪر. مدايون
=
گناهه، ڏوهه خرابيون.
نثار بزمي
سنڌڙي
تنهنجي سينڌ سجايان سنڌڙي، سهرا تنهنجا ڳايان سنڌڙي.
ڳالهيون تنهنجيون ڳائڻ جهڙيون، هارن وانگر پائڻ جهڙيون،
ٻين کي ڇو نه ٻڌايان سنڌڙي.
خوبين کان تون ناهين خالي، تنهنجي آهي سونهن نرالي،
ڳل سان توکي لايان سنڌڙي.
اجرو اجرو تنهنجو پاڻي، تو ۾ مرڪبي ”سنڌو“ راڻي،
هر سک ٿو مان پايان سنڌڙي.
جيجل تو تان ساهه ڇڏيندس، تنهنجي خاطر صدقي ٿيندس،
سر ڇو پيارو ڀايان سنڌڙي.
سنڌڙي! تنهنجيون پوکون سايون، ڇو نه آلا پيان ”شاهه“ جون وايون،
ڇيريون ٿو ڇمڪايان سنڌڙي.
باغن مان سرهاڻ اچي ٿي، بلبل گلڙن لاءِ نچي ٿي،
ان کي ڇو ڦاسايان سنڌڙي.
”بزمي آهي تنهنجو پياري، سون جيان آ تنهنجي واري،
ساهه هتي سرچايان سنڌڙي.
طارق بلوچ
ننڍڙا ٻار
گل ڦل گل ڦل گل گلزار،
ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار.
مرڪ تنهنجي آ موتي داڻا،
هئين منهنجي جو آهين هار.
ٻولي تنهنجي ٻاتي ٻاتي،
هرڪو ڪري ٿو تو سان پيار.
هٿڙا تنهنجا ننڍڙا ننڍڙا،
اکيون تنهنجون مينگهه ملهار.
پتڪڙا پنهنجا پير کڻي تون،
ماءُ پيءُ جي دل کي ٺار.
تو ۾ آهي آس وطن کي،
لهه ڪا جلدي سار سنڀال.
ادل سومرو
ڳوٺ گهمڻ هلو
هلو ڀينر هلو،
ڀلي گُهمڻ هلو،
ڳوٺ اسان جو ڀلو.
چاچو منهنجو راڻو،
آهي مُهاڻو،
چاچي جي چلهه تي،
روز پچي ٿو پلو،
ڳوٺ گهمڻ هلو،
کائو هلي پلو.
ڳوٺ جي هلبو،
سوڍيءَ سونيءَ سان،
پڪ اُتي ملبو.
سوڍيءَ جي باغ جا،
کٽا کٽا ٻير،
سوڍيءَ جي پيءُ جا،
ڏاگهي جيڏا پيرَ.
سوڍيءَ جا چاچا سُٺا،
وٺي ڏيندا ٻير مٺا،
ڳالهه کان نه اَلو،
هلو گهمڻ هلو،
ڳوٺ اسان جو ڀلو.
سونيءَ جو پيءُ سٺو،
سونارو آهي،
سموري ڳوٺ جا،
ڳَهَه ويٺو ٺاهي،
ٺاهي ڏيندو پاڻ کي،
جست جو ڇلو.
پنهنجي پنهنجي چيچ ۾،
پايو هلي ڇلو،
ڀينر گُهمڻ هلو.
ڳوٺ اسان جو ڀلو.
استاد غلام حسين کهڙو
آيو
آهيان
ٻارن جي هن ٻاريءَ ۾ هڪ ڳالهه ٻڌائڻ آيو هان،
جو ڪجهه مون تي گذريو آ سو سور سڻائڻ آيو هان.
علم کي شوق سان پڙهڻو آهي جاهل ڪوبه ڇڏڻو ناهي،
فيض، فضل ۽ پريل کي مان پٽي پڙهائڻ آيو هان.
وچن پنهنجا پارڻا آهن، ويڇا سڀ وسارڻا آهن،
جميل، جمال ۽ پريتم کي آءٌ پاڻ پرچائڻ آيو هان.
اڳيان ٿي اڳواڻ ٿبو، ساٿ پنهنجي جو سرواڻ ٿبو،
راهه ڀٽڪيل ساٿين کي اڄ دڳ لڳائڻ آيو هان.
همتُ ڀي اڄ هٿ ونڊائي حامدُ بيٺو ڇو چُپ آهي،
اوهان جي مدد سان سِيرَ مان ٻيڙي پار اُڪارڻ آيو هان.
حق پنهنجو وٺڻو آهي ۽ مڙسيءَ سان ڇني وٺڻو آهي،
ذهن اوهان جي ۾ اڄ اهڙي سوچ سمائڻ آيو هان.
امجد اڄ جو اُداسُ آهي نورل ٿي پيو نراس آهي،
تن لئه قربن ڪچهرين جو ڪو مچ مچائڻ آيو هان.
ڏاڍن کان نه ڏرڻو آهي ڍينگو تن جو ڍرڻو آهي،
زور ۽ ظلمت جا سڀ قهري ڪوٽ ڪنبائڻ آيو هان.
پنهنجن ۾ ويڙهاند ڏسي ۽ ڌارين ۾ هيڪاند ڏسي،
پيار محبت ۽ ايڪتا جو سڏ ٻُڌائڻ آيو هان.
’استاد‘ اسان جو مددگار آهي هر وقت قوم جو خدمتگار آهي،
مان به ان جو چڱي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ آيو هان.
مقصود ’گل‘
علم
علم سان ڪريو پيار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم سان ڪريو پيار اوٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم سکڻ لئه محنت ڪريو،
علم جي حاصل دولت ڪريو،
سينگاريو سنسار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم سڀن جو مان وڌائي،
علم عجب انسان بنائي،
علم ڪري بيدار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم جا زيور پايو ساٿي،
خلق سان پاڻ سجايو ساٿي،
علم سچو سينگار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
جهل جي رات کٽائڻ جي لئه،
علم جي جوت جلائڻ جي لئه،
ترت ٿيو تيار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم جا ’گُل‘ گلشن ۾ پوکيو،
خوشبوئن سان ڌرتي موکيو،
ديس ڪريو گلزار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
علم سان ڪريو پيار او ٻارو، علم سان ڪريو پيار.
ظفر عباسي
حليم حرڪتي
پيارا ادڙئو،
اڄ جيئن ئي بابا ٻنيءَ تان موٽيو، تيئن اچي کَلَن سان ورتائين.
اصل ٽي ڏينهن اسڪول نه وڃڻ جهڙو ڪري ڇڏيائين. پر
ڪاش! اها مار اسڪول کليل واري دور ۾ ملي ها! هاڻي
موڪلن ۾ اهڙيءَ ڀلي مار مان ڪو فائدو ڪونه رسيو.
بابي مار ڇو ڏني؟ ننڍڙيءَ ڀيڻ ”چمنيءَ“ وڃي بابي
کي چيو ته بابا هنن صلاح ڪئي هئي ته امتحان تائين
بيمار ٿيون نه ته پاس هونءَ ئي ڪونه ٿينداسين.
ڏسو! امتحان پورو ٿيڻ سان حليم به چاڪ ٿي ويو ته
اڱڻ به!“
هاڻي ڏسو نه ٻارو؛ اسان جا هئا ساليانا امتحان ڳوٺ ۾ جو هئي
بجلي ڪانه ته اسان شهر واري سائينءَ کي چيوسين ته
اسان کي هاسٽل ۾ رهڻ ڏيو! هن به ٻٽن ڏينهن لاءِ
کڻي مهرباني ڪئي.
پهرئين ئي ڏهاڙي ڪجهه وقت پڙهڻ کان پوءِ اڱڻ مون کي چيو. ”کيسي
۾ اٿئي ٽڪو پئسو؟“
”ها! چار آنه آهن!“
”ڏي ته ٻاهران انبڙيون وٺي اچان. ڳوٺ جي سڪ پوري ڪيون.“
مون کيس چار آنا ڏنا جهٽ کان پوءِ هو ڪجهه انبڙيون ۽ لوڻ کڻي
آيو. اسان گڏجي انبڙيون کاڌيون وري کٻڙ اٿيو سو
وڃي انب جي کٽاڻ وٺي آيو. شهري شيءِ جي وَٽَ ڏسڻ
لاءِ چهٽي وياسين شڪارپوري کٽاڻ کي. وري اڱڻ اٿيو
سو ڦارها وٺي آيو. ’چهر- مٿان چهر.‘ ڳوٺ گيدوڙن تي
پلجڻ وارن کي جو هَهڙيون شيون ملن ته باقي ڇا کپي.
ناني وارو پهاڪو ته ٻڌل هو ته مفت جو شراب قاضين
به حلال ڪيو آ سو اسان به کڻي ڦريءَ جي چهري کي
حلال ڪيوسين.
اڃا جهٽ ئي مس گذري ته ڪمري جو در کڙڪيو اسان تڪڙ ۾ بند ڪيل
ڪتاب کڻي کولي پڙهڻ کي لڳي وياسين اڱڻ اٿي در
کوليو ته سامهون اسان وارو دوست ’سهراب‘ بيٺو هو.
سندس هٿ ۾ وڏو گدرو هو. ٽپي آيو اندر مون چيومانس
چرچي نموني.
”اسان لاءِ آندو اٿئي ڇا؟“
هن به کڻي ”ها“ ڪئي. اڱڻ هڪدم کيسي مان ننڍڙو چاقو ڪڍيو ۽ لڳي
ويو گدري کي. پنجن منٽن ۾ تيار، ۽ شروع ٿي وياسين
کائڻ.
بک لهي چڪي هئي اڄ جي پورائي لاءِ اڱڻ اٿيو. آهستي آهستي ٻه ٻه
ٽي ٽي گلاس هڪ هڪ کي پياريندو ويو. ۽ جيڪا حالت
اسان سان ٿي اها هئي رحم جوڳي. ٽي ٽي سوڙيون مٿان
پيون هيون. شهر کان ڳوٺ ڪيئن پهتاسين سا به خبر
ڪين پئجي سگهي ۽ پوءِ اسان ايستائين بيمار رهياسين
جيستائين اسان جو امتحان هو.
جڏهن امتحان ختم ٿيو ته اسان جو بخار به ختم ٿيو وري بابي جي شڪ
کي جڏهن ’چمنيءَ‘ ثابتيءَ سان سچ ڪري ٻڌايو ته
پوءِ ته- آها- بهاريون ٿي ويون.
سنڌيڪار: سيما حفيظ ابڙو
انسان ۽ جانور
هيءَ هڪ سچي ڪهاڻي آهي، جنهن جو راوي محمد رفيق خان گيم
انسپيڪٽر آهي ۽ ان کي عبدالرشيد زائر نواءِ وقت ۾
لکيو آهي. هن دلچسپ ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش
ڪجي ٿو. اميد ته پڙهندڙ پنهنجي راءِ کان ضرور واقف
ڪندا. (ايڊيٽر)
انسان جي زندگيءَ ۾ هر روز انيڪ واقعا درپيش اچن ٿا. صبح کان
شام تائين ڪيترائي جذبا ۽
Moods
بدلجن ٿا، بي شمار نظارا پسي ۽ ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽
پوءِ وقت گذرڻ تي سڀ پراڻيون ڳالهيون، جذبا احساس،
نظارا
Moods
ماضيءَ جي کنڊرن ۾ دفن ٿيو وڃن، پر انهن ۾ ڪوبه هڪ
اڌ اهڙو به جذبو واقعو ڳالهه نظارو يا احساس ٿئي
جو انسان جي دل ۽ دماغ تي ڪافي اثر ڇڏي ٿو ۽ وقت
جون ٻرانگهون هن کي لتاڙڻ سان ڌوڙ ۾ دفن نه ٿيون
ڪري سگهن هيءَ اهڙي ئي محبت جي لازوال پاڪيزه سچي
۽ تاريخي ڪهاڻي منگلاڊيم جي تاريخ جو آئينو آهي.
منگلاڊيم جي تعمير 1960ع ۾ شروع ٿي هئي 1964ع ۾ هن
داستان جي شروعات ٿي هئي انهن ڏينهن ۾ منگلاڊيم جي
تعمير پنهنجي عروج تي هئي. ڪيترائي غير ملڪي
انجنيئر هتي آيل هئا. منگلاڊيم ضلع جهلم صوبي
پنجاب ۾ آهي. ڊيم جي پسگردائيءَ ۾ ڪي علائقا
ڊوميلي، گهڙها اتم سنگهه ۽ ڦڊيال هرڻن جي ڪري گهڻو
مشهور آهن. هتي قدرت هن ناياب ۽ قيمتي جهنگلي
جانورن جي نسل جي واڌ جا بهترين موقعا سٺي آب و
هوا ميسر ڪئي آهي. ڊيم جي تعمير ۾ ڪيترائي ماڻهو
ڪم ڪندا هئا. غير ملڪي انجنيئرن مان اڪثريت شڪار
جي گهڻي شوقين هوندي هئي. هنن کي گهڻو ڪري آچر
موڪل هوندي هئي ۽ هو ان ڏينهن تي سير سپاٽي يا
شڪار تي نڪري ويندا هئا. هڪڙي انگريز انجنيئر مسٽر
ميڪڊ انلڊ هڪڙي شڪاري پارٽي ٺاهي ۽ اها گڙها اتم
سنگهه ۽ ڦڊيال پهتي. اتي لِڪي لِڪي هنن ٽي چار هرڻ
ماريا ٻن ٽن آمريڪن اتي جي هڪڙي جبل تي هرڻن جا
لشڪر ڏٺا تڏهن بندوقون کڻي اکيون پوري فائرنگ ڪرڻ
۾ شروع ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪي هرڻ مري ويا ۽
ڪجهه شديد زخمي ٿي پيا ۽ هيڏانهن هوڏانهن تڙپڻ
لڳا. هيءَ واقعو اپريل 1964ع ۾ ٿيو هو. انهيءَ
شديد حملي ۾ هڪڙي زخميل هرڻي جنهن جي پيٽ ۾ ٻار
هو. اها به زخمي حالت ۾ ٿڙندي ٿاٻڙجندي گڙها اتم
سنگهه ۽ ڦڊيال جي وچ واري علائقي ۾ شريف گوجر جي
جهوپڙيءَ جي اڳيان پهچي وئي. هيءَ جهوپڙيءَ جبلن
جي اڳيان هئي. زخمي هرڻي سهڪندي سهڪندي شريف گوجر
جي ٻڪرين جي واڙ ۾ پهچي ساڻي ٿي ڪري پئي. گڙها اتم
سنگهه کان جهوپڙي 5-4 ميل پري هئي. ان وقت سج لهڻ
جو ٽائيم هو. شريف گوجر جي جهوپڙيءَ ۾ ان جي زال
بيگان اڪيلي هئي خدا جي قدرت ڏسو ته بيگان به پيٽ
سان هئي ۽ جنهن وقت هرڻي اُتي پهتي ته بيگان
پنهنجي کٽ تي بي چينيءَ سان پاسا پئي بدلايا ۽
هوڏانهن جهوپڙيءَ کان ٻاهر هرڻيءَ تي موت جهڙي
حالت ڇانيل هئي ۽ هن جي نڙگهٽ مان عجيب آواز پئي
نڪتا. بيگان جي ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجهو هو ۽ هوءَ
شديد تڪليف ۾ کٽ تان اٿي جهوپڙيءَ ۾ هيڏانهن
هوڏانهن نهاري جهوپڙيءَ جي دروازي تي آئي ته
سامهون پنهنجي واڙي جي ڀرسان هرڻيءَ کي پڇاڙيءَ
وارا ساهه کڻندي ڏٺائين هرڻيءَ رحم طلب نگاهن سان
بيگان ڏي ڏٺو پر هوءَ ويچاري پاڻ ئي تڪليف ۾ مبتلا
هئي. هرڻيءَ جي هيءَ حالت ڏسي بيگان جي دل ڀرجي
آئي. بيگان جو مڙس شريف گوجر فوج ۾ ملازم هو. ۽
انهن ڏينهن ۾
A-M-A
ڪورس جي سلسلي ۾ ڪراچي ويل هو بيگان وٽ هڪڙو ڇوڪرو
پاڙيسري رهندو هو جيڪو ڀاڄي وغيره وٺي ايندو هو ۽
ان مهل اهو ڇوڪر ٻئي ڳوٺ مان ڪجهه وٺڻ ويو هو،
هرڻي ته مري ويئي پر هڪ زندهه ڦر کي جنم ڏنو
هئائين ۽ اهو نا سمجهو هرڻ پنهنجي ماءُ جي لاش وٽ
ويٺو رهيو. ايتري ۾ بيگان کي به الله جي اَمر سان
نياڻي ڄائي. ڇوڪريءَ جي ڄمڻ کان پوءِ بيگان جڏهن
سامت ۾ آئي تڏهن جهوپڙيءَ جي اندر ۽ ٻاهر جائزو
وٺڻ لڳي هن ڏٺو ته ٻڪرين جي ڀر ۾ هرڻي مئي پئي هئي
۽ سندس نئون ڄاول ٻار هرڻ بيٺو آهي جيڪو پريشانيءَ
جي حالت ۾ ڪڏهن پنهنجي ماءُ جي لاش تي پيو اچي
وڃي. ايتري ۾ اندران بيگان جي ڌيءَ جي روئڻ جو
آواز آيو ۽ هوءَ وڃي پنهنجي ڌيءَ کي ٿڃ پيارڻ لڳي.
انهيءَ وچ ۾ هرڻيءَ جو ٻچو به جهوپڙيءَ جي اندر
لنگهي آيو ۽ اچي ٿانو سونگهڻ لڳو ۽ بيگان ڏي به
پئي ڏٺائين. نيٺ آهستي آهستي اچي بيگان جي اڳيان
بيٺو، بيگان جي دل ۾ ماءُ جي مامتا جاڳي، هن جي
ذهن ۾ زخميءَ هرڻيءَ جون رحم طلب نگاهن جو تصور
اکين ۾ اچي ويو، تنهن ڪري هن هرڻيءَ جي ٻار کي به
ائين کير پيارو جيئن هن پنهنجي ڌيءَ کي پياريو هو.
بيگان جو کير پي هرڻي کي زندگيءَ جو سهارو مليو. اهو عمل سڄي
رات رهيو،
هاڻي بيگان کي ٻه ٻار هئا هڪ جانور ۽ ٻيو انسان.
بيگان ٻنهي ٻارن جي پرورش خلوص ۽ همدرديءَ سان ڪندي هئي.
ڇوڪريءَ جو نالو لاڏو ۽ هرڻيءَ جي ٻار جو نالو
رحمون رکيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي هڪڙي
ٻڪريءَ ڦر ڄائو. ان کان پوءِ ٻڪريءَ جو کير ٻئي
ڀاءُ ڀيڻ گڏجي پيئندا هئا. هڪڙي ڏينهن سندس پاڙي
جو ڇوڪر ويجهي ڳوٺ جي دڪان تان شيشي ۽ نِپل وٺي
آيو جنهن جي ذريعي هرڻيءَ جو ٻار خوشيءَ سان کير
پيئندو هو ان طرح رحمون هرڻ گهر جي هڪڙي انساني
ٻار وانگر نپجڻ لڳو. هيءَ ڳالهه ته مشهور آهي ته
جانورن کي جيترو پيار ڪبو اوترو هري مري ويندا
آهن. لاڏو به سال کن جي ٿي ته هلڻ لڳي ۽ رحمون به
هوشيار ٿي ويو هو. ٻيلن ڏي ڪونه ويندو هو. البته
ٻڪرين کي گاهه کائيندو ڏسي پاڻ به آهستي آهستي
گاهه کائڻ سکي ويو هو. هاڻ هو کير کان سواءِ گهر
جي آس پاس پيل جڙي ٻوٽيون به کائيندو هو. اهڙيءَ
طرح هو سڀ هڪ ڪٽنب جا ڀاتي بنجي ويا هئا.
ٻه سال کن شريف گوجر کي موڪل نه ملي ۽ هو اچي نه سگهيو.
ان وقت محمد رفيق خان گيم انسپيڪٽر چيڪنگ جي سلسلي ۾ ڊوميلي ويو
ته ان کي گيم واچر ٻڌايو ته آمريڪن شڪاري هاڻ لڪي
لڪي شڪار ڪري رهيا آهن. ان تي انسپيڪٽر چيو ته،
فڪر نه ڪر آئون اهڙن شڪارين تي اچانڪ حملو ڪندس ۽
انهن کي پڪڙي وٺندس. اهڙي طرح هن هڪڙي پارٽي ٺاهي
جنهن ۾ واچر عدالت خان ۽ ان علائقي جو واچر محمد
يوسف ۽ علائقي جا ڪجهه ٻيا معزز شڪاري شامل هئا.
هڪڙي ڏينهن هو سڀ جيپ ۾ چڙهي اوڏانهن روانا ٿيا
جتان فائرنگ جا آواز پئي آيا. هنن جيپ کي هڪڙي
جهوپريءَ وٽ بيهاريو هو اڃا جيپ مان ٻاهر نڪتا ئي
مَسَ ته هڪڙي عورت جهوپڙي مان ٻاهر نڪتي ۽ ڊوڙندي
جيپ وٽ اچي پهتي. ان عورت هنن کي به شڪاري سمجهيو
ڇو ته هنن وٽ پنهنجي حفاظت لاءِ بندوقون موجود
هيون. عورت اٻهرائي ۽ ڪاوڙ سان چيو ته صاحب جيڪڏهن
توهان اڳتي هلي ڦڊيال جي جبلن وٽ وڃي نڪرندؤ ته،
آئون توهان جي جيپ کي باهه ڏيئي ڇڏيندس ۽ پاڻ کي
ماري ڇڏيندس هوءَ تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ ڀريل هئي ۽ غير
ملڪي شڪارين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. انسپيڪٽر
سختيانه لهجي ۾ پڇيو ته ڀيڻ، توهان ڪير آهيو ۽
ڳالهه ڇا آهي تون اسان کي اڳتي وڃڻ کان ڇو ٿي
روڪين ۽ هيتري ڪاوڙ جو سبب ڇا آهي؟“ عورت جواب
ڏنو، آئون بيگان آهيان شريف فوجيءَ جي زال! مون کي
شڪارين کان سخت نفرت آهي خاص ڪري منگلاڊيم جي گورن
کان جيڪي هرروز اچي هرڻن جو شڪار ڪندا آهن ۽ بي
گناهه جانورن کي ناس ڪندا اهن.
انسپيڪٽر چيو ته ”تون گهٻراءِ نه! اسين انهن کي وٺڻ آيا آهيون.
اسين جانورن سنڀاليندڙن جي عملي جا ماڻهو آهيون ۽
قيمتي جانورن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
انهيءَ تي بيگان جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ۽ پوءِ هن سڄي
عملي کي دعوت ڏني ۽ جهوپڙيءَ جي آس پاس کٽولا
وڇائي مهمانن جو اڌرڀاءَ ڪيائين ۽ مهمانن جي لاءِ
ٻڪرين جو کير، ماکي ۽ ٻاجهريءَ جي ماني آڻي اڳيان
رکيائين ۽ پوءِ هن پنهنجي نفرت جو سبب ٻڌايو ۽
رحمون هرڻ ۽ لاڏوءَ جو سڄو داستان ٻڌايائين پوءِ
هيءَ انهن ماڻهن سان گڏ ڦڊيال جي جبلن جي دامن
تائين آئي. جتي هن جي ڌيءَ ٻڪرين سان گڏ موجود هئي
بيگان پنهنجي وات مان عجيب آواز ڪڍيو- رحمون...
رحمون... ايتري ۾ ٻڪريون لاڏو ۽ چند هرڻن جا ٻچا
هن جي اڳيان اچي بيٺا.
رحمونءَ جڏهن پنهنجي انساني ماءُ کي ڏٺو تڏهن ڊوڙي اچي ان جا هٿ
پير ڇٽڻ لڳو جيڪو سندس محبت جو خاص اظهار هو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ رحمون پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻين ڪجهه هرڻن سان گڏجي
راند روند ۾ لڳي ويو. بيگان جي هن آتم ڪهاڻيءَ مان
۽ ماءُ جي مامتا جي تاثرات انسپيڪٽر جي دل تي گهرو
اثر ڪيو. هن بيگان کي چيو ته ”آئون جيترو عرصو هتي
ضلع جهلم ۾ انسپيڪٽر رهندس ان دوران ڊيم جي شڪارين
کي هرڻن ڏي ويجهو به نه وڃڻ ڏيندس، هيءُ منهنجو
مڙساڻو قول آهي جنهن کي آئون هر قيمت تي
نڀائيندس.“ هڪڙي رات جهنگ ۾ گذارڻ کان پوءِ
انسپيڪٽر پنهنجي عملي سان گڏ بنگلاڊيم پهتو جتي هن
کي مسٽر شيل مليو ۽ هن اهو اکين ڏٺو سچو واقعو هن
کي ٻڌايو ۽ مسٽر شيل به چيو ته آئون ڊيم جي غير
ملڪي شڪارين تي پنهنجي اثر رسوخ سان هرڻن جي شڪار
ڪرڻ تي سختي ڪندس. انسپيڪٽر پنهنجي جوابدارين کي
تيز ڪري ڇڏيو، هر جڳهه تي چيڪنگ پوسٽون ٺهرايائين
۽ ان علائقي جا ماڻهن جو تعاون حاصل ڪري شڪارين کي
هرڻ جي مارڻ ۽ هرڻ جي شڪار ڪرڻ جي بندش وجهي
ڇڏيائين هاڻ ته آمريڪن کي به هرڻن جي شڪار ڪرڻ جي
جرائت نه ٿيندي هئي.
هاڻ هرڻن جو نسل آزاديءَ سان وڌڻ لڳو. هيءَ ڊسمبر جي ڳالهه آهي
ته جڏهن جرمن انجنيئر ايم- جي شيل انسپيڪٽر کي
هڪڙي تجويز ڏني ته انهيءَ هرڻ کي زياده کان زياده
محفوط رکيو وڃي. جنهن جي جسم ۾ انساني ماءُ جو کير
آهي ۽ جيڪو هن ڌرتيءَ جي عظيم ماءُ جو انوکو مثال
آهي.
هن چيو ته رحمون هرڻ جي سڱن تي پاڻ هڪڙو چانديءَ جو پردو چاڙهي
ڇڏيو ته جيئن هو جلدئي سڃاتو وڃي ۽ ڪير به شڪاري
هن هرڻ کي نه ماري. هيءَ تجويز پسند ڪئي وئي ۽ هن
کي عملي جامو پارائڻ لاءِ آچر ڏينهن منتخب ڪيو
ويو. انسپيڪٽر شيل ۽ ان جي بيگم ڊيم مان جيپ ۾
چڙهي ڦديال جي جبلن ڏانهن بيگان جي گهر پهتا. ان
وقت بيگان جي ٻارن رحمون ۽ لاڏوءَ جي عمر اٽڪل
ساڍا چار سال کن هئي.
انهن ڏينهن ۾ شريف گوجر به موڪل تي آيل هو. شريف ۽ بيگان مهمانن
کي کاڌو کارايو. لاڌو پڻ اتي موجود هئي. مسٽر شيل
ٿوري گهڻي پنجابي ۽ اڙدو به ڄاڻندو هو. تنهن لاڏو
کي چيو ته ”ڌيءَ لاڏو اسان کي پنهنجي ڀاءُ رحمون
هرڻ سان ملاءِ ۽ ڏس ته اسين ڪيڏي حُبَ ۽ سڪ مان
ملڻ لاءِ آيا آهيون.“ لاڏو چيو ته توهان مون سان
گڏ اچو پر پاڻ سان گڏ ڪابه بندوق وغيره نه کڻجو.
آئون توهان کي رحمونءَ سان ملايان ٿي. لاڏو سڀني
کان اڳ ۾ هئي ان جي پٺيان انسپيڪٽر؛ جرمن انجنيئر
۽ ان جي زال پئي آيا- اڌ ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ هي
سڀ جبلن وٽ اچي پهتا. رحمون ان عرصي ۾ مڪمل هرڻ ٿي
ويو هو ۽ هاڻ هُو جبلن جو رهاڪو هو ۽ پنهنجي هرڻن
جي زبان سمجهندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماءُ ۽
ڀيڻ جي زبان به سمجهندو هو ۽ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اشارن ۾
ڳالهيون ڪندا هئا. اتي پهچي لاڏوءَ عجيب سريلي
آواز ۾ زور سان دانهون ڪيون ”رحمون، رحمون رحمون“
ٿوريءَ دير کان پوءِ جبلن جي مٿان چرپر ٿيڻ لڳي ڇا
ڏسن ته رحمون پنهنجي هرڻ دوستن سان گڏ آيو پر
20-15 وال پري ٿي بيهي رهيو ۽ هنن اجنبي ماڻهن
ماڻهن کي گهوري گهوري ڏسڻ لڳو، هو سڄي ماحول جو
جائزو وٺي پوءِ پنهنجي عجيب آواز ۾ امان، امان....
ڪري سڏڻ لڳو، ۽ پنهنجي پڇ کي خاص طريقي سان هلائڻ
۽ ڪنن ۽ اکين کي به عجيب طريقي سان حرڪت ڏيڻ لڳو.
لاڏو هٿ مٿي ڪري ٻچڪا ڪري رحمون کي پاڻ ڏي سڏڻ
لڳي. رحمونءَ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏٺو پوءِ پنهنجي نڪ
جي پاپڙين کي کولي بند ڪري سونگهڻ لڳو پوءِ هن ڄڻ
ته پنهنجي زبان ۾ ٻين جهنگلي جانورن کي چيو ته هلو
منهنجي ڀيڻ مون سان ملڻ آئي آهي ۽ ان سان گڏ مهمان
آهن. اسان کي ڪوبه خطرو ڪونهي. رحمون سڀني کان اڳ
۾ هلڻ لڳو ۽ اچي لاڏوءَ جي پيرن ۾ پنهنجو مٿو
رکيائين ۽ لاڏوءَ جهڪي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين ته هو
ڏس منهنجا مهمان آيا آهن.
رحمونءَ سڀني مهمانن ڏانهن هڪڙي خاص انداز ۾ نهاري پنهنجي محبت
جو اظهار ڪيو.
مسٽر شيل چانديءَ جا کَوپا پنهنجي ٿيلهي مان ڪڍيا ۽ ان جي زال
رحمونءَ جي سڱن تي چاڙهي ڇڏيا. رحمونءَ ڪابه چرپر
نه ڪئي. انهن کوپن تي انگريزي ۾ لکيل هو ”رحمون
هرڻ هڪ ناياب جانور آهي جيڪو انساني ڇوڪري لاڏوءَ
جو ڀاءُ آهي.“ جرمن ۽ ان جي زال اتي هرڻن جون ڪي
تصويرون به ڪڍيون ۽ پوءِ مهمان، لاڏوءَ سان گڏجي
واپس آيا.
ڪجهه وقت کان پوءِ چانديءَ جي سڱن وارو نوجوان هرڻ جبلن ۾ رهندي
رهندي ان ماحول کان ڪافي مايوس ٿي ويو هو. هو
ڊوميلي جي ڊگهن جبلن طرف نڪري ويو. منگلاڊيم جي
نون انجنيئرن ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو هو. تعمير آخري
مرحلن ۾ هئي ۽ نوان نوان شڪاري به پيدا ٿيا هئا ۽
انهن نون شڪارين کي شڪار کاتي جي پابندين جو ذرو
به علم نه هو.
هي 15 مئي 1968ع جي ڳالهه آهي ته ڪجهه نون شڪارين ڊوميلي جي
جبلن تي شڪارين ڊوميلي جي جبلن تي شڪار ڪرڻ شروع
ڪيو ۽ انهن وٽ جديد بندوقون به هيون. هڪڙي شڪاري
دوربينيءَ جي مدد سان هڪڙو هرڻ ڏٺو جنهن جا سڱ اُس
۾ چمڪي رهيا هئا، هو ڏاڍو حيران ٿيو ٽه هي ڪهڙا سڱ
آهن ۽ هي هرڻ ڪهڙي نسل مان آهي. هن پنهنجي ٻين
ساٿين کي به دوربينيءَ جي مدد سان اهو عجيب و غريب
هرڻ ڏيکاريو. انگريزي شڪارين کي اها خبر بلڪل ڪانه
هئي ته ڪو هتي هرڻ جي شڪار ڪرڻ جي منع آهي. ٻه
فائر ڪري چمڪندڙ سڱن وارو هرڻ ماريو ويو. شڪارين
اهو عجيب هرڻ کڻي پنهنجي گاڏيءَ ۾ منگلاڊيم هليا
ويا.
گوشت شڪارين ۾ ورهائي کاڌو ۽ چانديءَ جي سڱن واري ڪٽيل حصي کي
هڪڙي ٽرافيءَ جي صورت ۾ ٺاهيو ويو ۽ اها ٽرافيءَ
هڪ انگريز شڪاريءَ پنهنجي ڊرائينگ روم ۾ لٽڪائي
ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لاڏو معمول جي مطابق ٻڪريون چارڻ ڦڊيال جي
جبلن طرف وئي ته رستي ۾ ان کي گيم واچر مليو هن
لاڏوءَ کان رحمون هرڻ جي باري ۾ پڇيو ۽ ائين به
چيائين ته ڪافي ڏينهن کان رحمون هرڻ مون کي نظر نه
آيو آهي. آئون حيران آهيان. اهو ٻڌي لاڏو تمام
گهڻي پريشان ٿي ويئي ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ جبلن
جي وچ ۾ هيڏانهن هوڏانهن رحمون هرڻ کي ڳوليندي
رهي. ۽ چرين وانگر سڏ ڪندي رهي. پر هن کي شام
تائين رحمون نظر نه آيو. شام جو هوءَ گهر واپس
پهتي ۽ سڄي روئداد روئي روئي بيگان کي ٻڌائي ته
منهنجو ڀاءُ مون کي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي هن شڪاري
آفيسر کي نظر نٿو اچي. ان تي ماڻس ان کي تسلي
ڏيندي چيو ته هرڻ هلڻ ڪامل هرڻ بنجي چڪو آهي ڪٿي
پري نڪري ويو هوندو جلد ئي واپس ايندو. پر لاڏوءَ
جي پريشاني گهٽ نه ٿي ۽ سڄي رات فڪر ۾ گذاريائين ۽
بار بار روئندي رهي. لاڏو صبح جو سوير ماءُ گهري
ننڍ ۾ ستل ڇ ڏي پاڻ پيرين پيادو پنڌ ڪندي اچي گڙها
اتم سنگهه پهتي. هڪڙي لاري ڏينهن ۾ هڪ دفعو هتي
ايندي هئي جيڪا صبح مهل رواني ٿيندي هئي. لاڏو بنا
سوچ سمجهه جي ان ۾ چڙهي ويهي رهي. ۽ ڊيم ڪئمپ پهچي
ويئي.
هوءَ اتي پهريون دفعو آئي هئي نه ڪا خبر هئس ته ڪيڏانهن منزل
اٿس بس ائين چرين وانگر رلندي رهي هر شيءِ هن لاءِ
اجنبي هئي. هن جا وکريل وار مٽيءَ ۾ ڀريل، ڪپڙا
پير اگهاڙا لڙڪ اکين ۾ ڏسي هر ڪنهن ائين ٿي سمجهو
ته هيءَ ڪا فقيرياڻي آهي. پر ڪنهن کي ڪهڙي ڪلَ ته
هيءَ چري پنهنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ جبل جهاڳيندي
فقيرياڻي بنجي ويئي آهي.
رُلندي، رُلندي هيءَ منگلاڊيم جي جبلن وٽ اچي پهتي. آس وچان ان
طرف رواني ٿي ويئي. جابلو علائقن جي رستن تي هلندي
هلندي سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هيون پر ڀاءُ جي
ڳولا ۾ هن کي ڪنهن به قسم جي پرواهه نه هئي. هوءَ
پيادل منگلاڊيم جي گاڏين جي اڏي وٽ پهتي ته اتفاق
سان ”انسپيڪٽر شڪار“ محمد رفيق خان هن کي ڏٺو ۽
سڃاتو هوءَ بيحد پريشان هئي. اکيون روئي روئي سڄي
پيون هيس. وار وکريل ۽ پير ڦٽجي ٻيا هئس لاڏوءَ
انسپيڪٽر کي ڏٺو ته يڪدم ڊوڙي هن جي پيرن تي ڪري
پيئي ۽ ڇڙيون هڻي روئندي انسپيڪٽر کي چيو ته صاحب
جي! منهنجو رحمون رحمون ڀاءُ مون کان وڇڙي ويو آهي
آئون هن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيئي آهيان هو مون کي
ڪٿي به نظر نه ٿو اچي خدا جي واسطي صاحب جي، مون
کي ان سان ملاءِ نه ته آئون پنهنجي ڀاءُ بنا ڦٿڪي
ڦٿڪي مري ويندس لاڏوءَ جون درد ڀريون آزيون
نيزاريون انسپيڪٽر جي دل و دماغ ۾ تير وانگر چُڀي
ويون هن لاڏو کي دلاسو ڏنو ۽ ڪجهه کاڌو کارايو. پر
لاڏو کي قرار نه آيو ۽ بار بار رحمون- رحمون ڪري
روئڻ لڳي. انسپيڪٽر لاڏو کي پنهنجي جيپ ۾ ايم- جي
شيل جي گهر وٺي آيو. مسٽر شيل ان وقت گهر ۾ موجود
نه هو پر ان جي زال هئي. تنهن هڪدم لاڏو کي سڃاڻي
ورتو ۽ گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو. چئين لڳي مسٽر شيل گهر
واپس آيو ۽ اچڻ سان لاڏو جي هيءَ حالت ڏسي ماجرا
پڇيائين انسپيڪٽر چيو ”لاڏؤ جو ڀاءُ رحمون هرڻ
ڏينهن کان گُم آهي ۽ هيءَ چرين وانگر ان کي
ڳوليندي هيستائين اچي پهتي آهي.“
ايتري ۾ هڪ انگريزي انجنيئر مسٽر بيڊن جيڪو شڪاري به هو اتي
پهتو مسٽر شيل ان جو تعارف انسپيڪٽر سان ڪرايو ۽
مسٽر بيڊن انسپيڪٽر کي پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت
ڏني.
انسپيڪٽر لاڏو کي پاڻ سان گڏ مسٽر بيڊن جي گهر وٺي ويو ۽ انهن
جي گهر ۾ جڏهن ڊرائينگ روم ۾ پهتا ته ڇا ڏسن! ته
چانديءَ جي سڱن جي ٽرافي ٺهي ڀت ۾ لڳي پيئي هئي.
لاڏو ان وقت بيڊن جي زال سان گڏ ٻئي ڪمري ۾ موجود
هئي. انسپيڪٽر سان گڏ شيل ۽ بنڊن ڊرائينگ روم ۾
موجود هئا. شيل ۽ انسپيڪٽر جي چهرن تي حيرت، افسوس
۽ ڪاوڙ جا تاثرات ڇانئيل هئا. يڪدم سنجيدگي ۽
خاموشي ڇانئجي وڃڻ تي بيڊن به حيران هو. شيل
افسردگي ۽ ڪاوڙ ڀريل مليل جليل جذبات ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ
لڳو ”ظالم، بي درد... خوني... وحشي...“.
اڃا بيڊن ان ڳالهه جو سبب پڇڻ وارو هو ته ڊرائينگ روم ۾ ان جي
زال ۽ لاڏو داخل ٿيون لاڏو جي نظر يڪدم سامهون سڱن
واري ٽرافيءَ تي پئي... بس پوءِ ڇا هو چري لاڏو
اڃا به وڌيڪ چري ٿي پيئي ۽ ڊوڙندي رحمون ڀاءُ
منهنجو رحمون چوندي ان ڏي وڌندي ويئي پر ٽرافي
ايترو ته مٿي هئي جو لاڏو پهچي نه ٿي سگهي. هن
اُڇلجي اُڇلجي هن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽
ان سان گڏوگڏ ائين به پئي چيائين... رحمون ڀاءُ...
تون ڪيڏانهن هليو وئين... تون مون سان ملڻ ڇو نه
آئين... مون توکي ڪيترا سڏ ڪيا آهن... پر تون ٻڌين
ڪونه ٿو... رحمون تون هن ڀت ۾ مٿو ڦاسائي ڇا پيو
ڪرين!... توکي ڪنهن هن ڀت ۾ سبي ڇڏيو آهي... ڪير
آهي اهو ظالم؟ مون کي ٻڌاءِ... تون ڳالهائين ڇو نه
ٿو؟
هن منظر تي ڊرائينگ روم ۾ ويٺل ماڻهو سڀ بُت بنجي ۽ سڀني جون
اکيون ۽ دليون ڏک سان ڀرجي ويون، لاڏو ائين ٽپا
ڏيئي رحمون جي ٽرافيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي
۽ آخر نيٺ هڪ وڏي جهٽڪي سان هن جو هٿ وڃي سنڱن کي
لڳو ۽ ٽرافي هڪ وڏي ٺڪاءُ سان اچي پَٽ تي ڦهڪو ڪيو
سڄي ڪمري ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ عجيب فضا ڦهلجي ويئي
ڪنهن کي به همت نه پئي ٿي ڳالهائڻ جي رحمون جون
سڱن وارو ڪنل مٿو پنهنجي هٿن ۾ ڏسي لاڏؤ هڪڙي درد
ڀري دانهن ڪري مٿس ڪِري پيئي ۽ پوءِ... سڀني اچي
کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏٺائون ته لاڏو پنهنجي
ڀاءُ رحمون وٽ پهچي چڪي هئي. ۽ اهو ڏسي سڀني تي
حيرت جا ڄڻ پهاڙ ڪري پيا ته هرڻ جي بي جان اکين
منجهان لڙڪ پئي وهيا. ان کان پوءِ مسٽر شيل ۽ بيڊن
لاڏؤ جي مائٽن کي اطلاع ڏنو. ۽ انهن جي اجازت سان
رحمونءَ جي ٽرافي ۽ لاڏؤ جو لاش منگلاڊيم جي هڪڙي
ويجهي جبل جي اڳيان هڪ ئي قبر ۾ دفن ڪيو ۽ پختي
قبر تيار ڪرائي ويئي ۽ ان تي هڪڙو ڪتبو لڳل آهي
جنهن تي هيءَ لکيل آهي.
”لاڏو پنهنجي ڀاءُ رحمون هرڻ سان گڏ هتي دفن آهي هڪ انسان ۽ هڪ
جانور جي حقيقي محبت جو لازوال ۽ سچو داستان
تاقيامت تائين زنده جاويد رهندو.“
مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات،
هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيا. |