سنڌيڪار: محمد جويو ’سنائي‘ (جپاني
ڪهاڻي)
سڄاڻ پوڙُهو
ڳالهه ٿا ڪن ته، اڄ کان صديون اڳ، جپان جي هڪ علائقي ۾ جڏهن ڪو
ماڻهو سٺ سالن جي عمر کي پهچندو هو ته، سندس مائٽ
هن کي هڪ جابلو ماٿريءَ ۾ اڇلائي ايندا هئا. ساڳي
علائقي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ هاري رهندو هو. جنهن جي
عمر سٺ سال ٿي وئي. ان ڪري اُتي جي حاڪم حڪم ڏنو
ته: ”هاري پنهنجي عمر تي پهچي ويو آهي، ان ڪري هن
کي وڃي جبلن ۾ اڇلائي اچو.“ هاريءَ جي پٽ جي دل ته
نٿي چاهيو ته پيءُ کي اڇلائجي. پر حاڪم جي آڏو،
مجبور هو. سو هن پيءُ کي ڪلهن تي کنيو ۽ جبلن ڏي
روانو ٿيو. نوجوان پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڪلهن تي
رکي جبلن ڏي وڃي رهيو هو ته، رستي تي ايندڙ وڻن
مان پوڙهو پيءُ ٽاريون پٽي هيٺ اڇلائيندو ويو.
جڏهن نوجوان هن کي ان ريت وڻن جون ٽاريون پٽي
اڇلائيندو ڏٺو ته پڇڻ لڳو: ”بابا! اهو تون ڇا پيو
ڪرين؟ وڻن جون ٽاريون پٽي هيٺ اڇلائيندو وڃين؟“
جواب ۾ هن جي پيءُ وراڻيو: ”آءٌ رستي تي ٽاريون ان ڪري
اڇلائيندو اچان ته جيئن جڏهن تون مون کي اڇلائي
موٽين ته گهر جو رستو سولائيءَ سان ڳولهي سگهين.“
پُٽ جڏهن پنهنجي پوڙهي پيءُ جي اها ڳالهه ٻڌي ته دل ۾ سوچڻ لڳو:
’منهنجو پيءُ ڪيترو ته رحمدل آهي. هن کي مون سان
ڪيتري نه محبت آهي. آءٌ هن کي ڪيئن جبلن ۾
ڇڏيان-؟‘ سو هن پيءُ کي جابلو ماٿريءَ ۾ اڇلائڻ جو
ارادو لاهي ڇڏيو، ۽ ماٺ ڪري گهر موٽي اچي پنهنجي
پيءُ کي گهر جي پڇٽيءَ تي لڪائي ويهاريو، جيئن
ڪنهن ٻئي کي ان ڳالهه جي خبر نه پوي.
ان ڳالهه کي ٿوروئي عرصو ٿيو هوندو جو اتي جي حاڪم ڳوٺ جي سڀني
هارين کي گهرايو. جڏهن سڀ اچي گڏ ٿيا ته حاڪم چوڻ
لڳو:
”توهان مان هرهڪ کي اهو حڪم ٿو ڏنو وڃي ته، هڪ اهڙو رسو آڻيو،
جيڪو رَکَ مان ٺهيل هجي.“
حاڪم جي اها عجيب ڳالهه ٻڌي سڀ ماڻهو پريشان ٿي ويا. سڀ اهو
سوچڻ لڳا ته، ’ڪڏهن رَکَ مان به رسو ٺهيو آهي؟‘ پر
حڪم حاڪم جو هو. ان ڪري ويچارا حيران پريشان
پنهنجن گهرن ڏي روانا ٿيا. نوجوان هاريءَ، جنهن
پنهنجي پوڙهي پيءُ کي گهر ۾ لڪائي ويهاريو هو. سو
به پنهنجي گهر پهتو، ۽ پيءُ کي چوڻ لڳو:
”اڄ حاڪم حڪم ڏنو آهي ته، سڀ رَکَ مان رسو ٺاهي اچن، ڀلا رَکَ
جو به رسو ٺهيو؟“ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟!“
هن جو پيءُ جيتوڻيڪ پوڙهو هو، پر تمام ذهين ۽ تجربيڪار هو. هن
پنهنجي پٽ کي چيو: ”تون هڪ مضبوط وٽيل رسو کڻ ۽ ان
کي باهه ڏيئي ساڙ ته اهو رَکَ جو رسو ٿي پوندو.
پوءِ هن کي خيال سان کڻي حاڪم کي وڃي ڏي.“ نوجوان،
پنهنجي پيءُ جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هن
ائين ئي ڪيو. ۽ سڙيل رسي کي وڏي خبرداريءَ سان کڻي
حاڪم وٽ پهچي عرض ڪيو ته: ”سائين رَکَ جو رسو حاضر
آهي.“ جيئن ته ڪو ٻيو ان قسم جو رسو آڻي نه سگهيو
هو. ان ڪري حاڪم، نوجوان جي ڏاڍي تعريف ڪئي، سندس
ذهن جو داد ڏنو. ڪجهه ڏينهن بعد حاڪم وري ڳوٺ جي
هارين کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ حڪم ڏنو: ”توهان مان
هرهڪ اهڙو ڪوڏ آڻي، جنهن جي اندران ڌاڳو لنگهيل
هجي.“
اهو ٻڌي وري سڀ حيران پريشان ٿي ويا. نوجوان هاري گهر پهچي،
پنهنجي پوڙهي پيءُ سان اچي ڳالهه ڪئي.
”اڄ حاڪم سڀني کي حڪم ڏنو آهي ته، هرهڪ اهڙو سامونڊي ڪوڏ آڻي،
جنهن مان ڌاڳو لنگهيل هجي. اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي
سگهي!.“ جواب ۾ هن جي پوڙهي پيءُ چيس:
”هڪ سامونڊي ڪوڏ کڻ، پوءِ هڪ ڌاڳو کڻي ان جي ڪنڊ تي چانور جو
ڪڻو هڻ. هاڻ اهو چانور لڳل ڌاڳي وارو پاسو، ڪنهن
ماڪوڙيءَ جي وات ۾ وجهي، ماڪوڙيءَ کي ڪوڏ ۾ کڻي
وِجهه، ته هو پاڻهي ٻئي پاسي کان ڌاڳي سميت نڪري
ايندي.“
نوجوان، ترڪيب ٻڌي ته خوشي مان ٽپ ڏيڻ لڳو. هن پنهنجي پيءُ جي
صلاح موجب ڪم ڪيو، ۽ ڪوڏ مان ڌاڳو لنگهائي اچي
حاڪم اڳيان حاضر ڪيو. هن دفعي حاڪم، پهرين کان به
گهڻو خوش ٿيو ۽ هن کي داد ڏيندي چوڻ لڳو:
”اي نوجوان! تو هي ٻئي ڏکيا ڪم ڪيئن ڪري ورتا!؟“
جواب ۾ نوجوان هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو:
”جيڪڏهن مون کي معاف ڪري ڇڏيو ته اوهان کي حقيقت کان آگاهه
ڪريان؟“
حاڪم جي وعدي ڪرڻ تي نوجوان عرض ڪيو:
”مهربان سائين! منهنجو پيءُ سٺ سالن جي ڄمار کي پهچي ويو هو. سو
هن کي آءٌ جبلن ۾ اڇلائڻ لاءِ کڻي ويو هوس. پر مون
کان، منهنجي پياري پيءُ کي اڇلايو نه ٿيو. آءٌ کيس
گهر موٽائي کڻي آيس، ۽ اچي گهر ۾ لڪائي ڇڏيم. هاڻ
جڏهن اوهان ٻه ڪم چيا، ته اهي مون کي تمام ڏکيا
لڳا. مون پنهنجي پوڙهي پي کان پڇيو ته هن مون کي
اٽڪل ٻڌائي. ۽ آءٌ اهڙي طرح اهي ٻئي شيون کڻي اچي
اوهان جي خدمت ۾ حاضر ڪيون.“ اها ڳالهه چئي نوجوان
بيحد عاجزي مان عرض ڪيو:
”سائين! مون اوهان کي سڄي ڳالهه سچ پچ ٻڌائي آهي.“ بادشاهه،
نوجوان جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو. هُو پنهنجي
منهن ڀڻڪيو، ”پُوڙها ماڻهو بيحد ڏاها ۽ تجربيڪار
ٿين ٿا، کين جبلن ۾ اڇلائڻ بدران، هنن جي چڱيءَ
طرح حفاظت ڪرڻ کپي.“ پوءِ انهيءَ ڏينهن حاڪم اعلان
ڪيو ته: اڄ کان پوءِ سَٺِ سالن جي پوڙهن کي جبلن ۾
نه اڇلايو وڃي. سندن چڱيءَ طرح سار سنڀال لڌي وڃي،
جيئن سندن ڏاهپ ۽ تجربي مان ماڻهو فائدو حاصل ڪري
سگهن.
ڊاڪٽر رخسانا سمون
پيارو پکي ڪانءُ
”اَبا هن کي ڀِت تان ته اڏائي، ڪان ڪان ڪري مٿي ۾ سور ڪري ڇڏيو
اٿس، صبح ٿئي ٿو ته اچي ڀت تي ويهي رهي ٿو. ۽ ويٺو
ڪان ڪان ڪري. مهينا ٿي ويا آهن، جو گهر ۾ هڪ نم جو
وڻ هو. ان کي به وڍائي ڇڏيو اٿؤن. پوءِ به هن مُئي
پچر ڪانه ڇڏي آهي. جيستائين ماني ڳڀو نٿو مليس،
ايستائين ويٺو ڏسندو آهي. ۽ ڪان ڪان ڪندو رهندو
آهي. اچي هي ماني ٽڪر ڀت تي رکينس ته کائي پوءِ
متان هلو وڃي.“ ننڍڙي نديم ماني ٽڪر کڻي ڀت تي
رکيو. ڪانءُ به جهٽ هڻي ماني ٽڪر کڻي ٿورو پرتي
وڃي کائڻ لڳو، ۽ پوءِ اُڏامي ويو.
منجهند جو وري پاڙي وارن جي گهر جي ڀِت تي ويٺل نظر آيو. ڪجهه
مليس يا نه، خبر ناهي. پر وري اتان به ڪجهه دير
کان پوءِ اُڏامي هليو ويو. ڇا ڪري، جڏهن کان ماڻهن
پنهنجن گهرن جا وڻ وڍرائي ڇڏيا آهن. تڏهن کان
ويچارن جا آکيرا ئي ڊهي پيا آهن. نه ته سندن ٻچا
به انهن آکيرن ۾ ويٺل هوندا هئا. ۽ اتان ئي اڏامڻ
سکندا هئا. سندن ٻچن سان گڏ ڪوئل جا ٻچا به پيا
پلجندا هئا. ڪوئل وري سانوڻ جي مهيني ۾ ڪانءُ جي
آکيرن ۾ آنا لاهي ويندي آهي. ۽ سندس ٻچا ڪانءُ جي
ٻچن سان گڏ رانديون ڪري وڏا ٿي اُڏامي هليا ويندا
آهن. پر هاڻي ته ڪي ڪانگ ويچارا لڏي، پنهنجا
پنهنجا گهر ۽ شهر ڇڏي پرتي پرتي ڳوٺن ۾ هليا ويا
آهن. ڇا ڪن، شهرن ۾ ماڻهن پنهنجن گهرن جا وڻ
وڍرائي ڇڏيا آهن. ۽ جيڪي ڪچي مٽي جون جهڳيون
هونديون هيون. انهن جي ڀتين جي ڪنڊن ڪڙڇن ۾ اچي
آکيرا ٺاهيندا هئا. سي به ماڻهن هاڻي ڊاهي پڪيون
ٺهرائي ڇڏيون آهن. سو هاڻي ويچارا ڪٿي آکيرا
ٺاهين. ڪٿي رهڻ جو بندوبست ڪن؟ سخت پريشان آهن. ڪي
ته ويچارا دلگير ٿي. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ هليا ويا،
ته ڪي وري جهنگ منهن ڪري ويا.
۽ اُهي ڪانوءُ جن کي وري پنهنجن پاڙن ۽ شهرن جي گهرن سان پيار
آهي، اهي ڪيڏانهن به ڪونه ويا بلڪه وڏن گهرن،
فليٽن ۽ بنگلن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهي ويهي رهيا آهن.
پر انهن پنهنجي لاءِ گهرن جو بندوبست، فليٽن ۽
بنگلن ۾ هن ڪمپيوٽر جي زماني ۾ وري گهرن جي ڇتن تي
لڳل اينٽينائن ۽ ڊش ۾ ڪري ڇڏيو آهي. رات جو وڃي
اتي آرام ڪندا آهن. ۽ صبح جو وري اٿيو هيڏانهن
هوڏانهن پيٽ گذر لاءِ هوائن ۾ کنڀڙاٽيون هڻن.
ويچارا ڏاڍي پريشانين ۾ پيا گذر ڪن. بس ڇا ڪن؟ جيڪي ڪانءُ وڏن
شهرن ۾ رهن ٿا، سي وري سمارٽ ۽ ائڪٽوَ نظر ايندا
آهن. ائين لڳندو آهي ته انهن کي پنهنجي لائيف کي
مينٽين ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي. هو وڏن
شهرن ۾ ٽريفڪ جي زور ۽ شور کان پاسو ڪري هڪ هنڌ
ويهڻ پسند ڪندا آهن ۽ کين خبر آهي ته وڏن شهرن جا
ماڻهو ڏاڍا ڪفايت پسند هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو انهن
جون ضرورتون به وڌيڪ هونديون آهن، ان ڪري هو کاڌو
به پورو پنو پچائيندا آهين ۽ جيڪو اچي پوندو آهي،
سو ٻئي ڏينهن لاءِ فرج ۾ رکي ڇڏيندا آهن. ان ڪري
شهري ڪانءُ هيڏانهن هوڏانهن پيا لوڻا هڻندا آهن،
ڪي وري ماٺ ڪيو، بکي پيٽ وڃي ڪنهن فليٽ جي ٽي. وي.
اينٽينا يا ڊش جي ڇٽيءَ تي ويهو رهن. يا وري ڪنهن
ڪنڊ ۾ ڪنهن پراڻي جڳهه جي پاسي ۾ ڀڳل ڀت تي ويهو
رهن. مناسب کاڌو نه ملڻ ڪري سنها ۽ سمارٽ نظر
ايندا آهن.
خير، اسان کي انهن سان دلي همدردي آهي. پر اسين ڇا ڪريون، زمانو
بدلجي ويو آهي. ۽ هاڻي گذري ويل دور واپس نٿو اچي
سگهي. جيڪي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪانوَ رهن ٿا، سي
ڏاڍا خوش آهن. ڇا شاندار زندگي پيا گذارين، انهن
کي نڪو ماني جو فڪر نڪا رهڻ جي پريشاني، ڇاڪاڻ جو
اتي سوين وڻ موجود آهن. ۽ کائڻ لاءِ ٻنين ۾ اناج
پوکيل آهي. ٻهراڙين جا غريب، پر مهمانواز مارو،
مسڪين هوندي به سکيا ستابا آهن. کاڌو انهن وٽ اڪثر
بچيو پوي، جيڪو هو پکين کي ڏين. صرف ڪانءُ ئي نه
پر ٻيا پکي پکڻ به اتي پيا پلجن.
سو ڳوٺن ۾ ڪانؤن لاءِ هر موسم، خوشيءَ جي موسم هوندي آهي. برسات
۾ ساون وڻن ۾ خوشي مان ٽارين تي ويهي جهوليندا
آهن. ۽ ڪي ڪانؤ ته وري ڏاڍا شرير هوندا آهن. اهي
وري ڇا ڪندا آهن، جو ڏسندا آهن ته ننڍن ٻارن جي
هٿن ۾ ڪو ماني جو ٽڪر يا ڪا کائڻ جي شيءِ هوندي
آهي، ته جهٽ هڻي ڦري اُڏامي ويندا آهن. ۽ اهو
ننڍڙو ٻار ويچارو روئڻ شروع ڪندو آهي. ماڻس اچي
چوندي آهي ته، ”مئو ڪانءُ منهنجي ٻچڙي کان ماني
کسي ويو. هاڻي اچي ته گليل ٿي هڻانس.“ مطلب ته
ٻهراڙين ۾ ڪانءُ سُکَ سان رهندا آهن. بي فڪر، بي
خوف. ڪانءُ کي سڀني پکين جو سردار ڪري سمجهيو
ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو هو هڪ چالاڪ پکي آهي. ۽ ٻئي
طرف سوچ ويچار رکڻ وارو سمجهدار ۽ سلڇڻو پکي به
آهي. کيس الله تعاليٰ جي طرفان هن کي پيغام
پهچائيندڙ جي خاصيت سان به نوازيو ويو آهي. جو هو
جنهن به گهر جي ڀت، ڇت يا اڱڻ تي لهي مٺي لات
لنوندو آهي، ته ان گهر ۾ ڪونه ڪو مهمان ضرور ايندو
آهي.
يعني هي خوشخبري رسائيندڙ پکي به آهي. تنهنڪري سڀاڳو پکي به
سمجهيو ويندو آهي. شايد ان ڪري به اسان سڀني کي
ڏاڍو وڻندو آهي. جيتوڻيڪ هي ڪاري رنگ جو آهي، ته
به اسان کي سهڻُو ۽ پيارو لڳندو آهي. سندس سريلو
آواز وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهي. هي پکي اسان جي دنيا
۾ اسان سان گڏ گڏ رهڻ پسند ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو
ڪانءُ گهر جي ڀت تي ويهي جڏهن ڪان ڪان ڪندو آهي،
ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڳائيندو هجي: ”اسين ڇو
وساريون، اوهين ٿا وساريو.“ پر شايد کيس اها خبر
نه آهي ته اسين هن سهڻي پکي کي هميشہ پاڻ سان گڏ
زندگيءَ تائين ڏسڻ چاهيون ٿا.
آسڪر وائيلڊ (سلسليوار آکاڻي)
محمد حبيب
خوشدل شهزادو
يورپ کنڊ جي هڪڙي شهر ۾، وڏن ٿنبن تي بيهاريل خوشدل شهزادي جو
مجسمو پري کان ئي پيو نظر ايندو هو. مجسمي جي هر
ٻاهرين حصي کي عمدي سونَ سان سينگاريو ويو هو. هن
جي اکين ۾ ٻه انتهائي وڻندڙ نيلم هنيا ويا هئا.
سندس مُٺِ ۾ جهليل تلوار جي مٺئي ۾ ڳاڙهو يا قوت
به چمڪ دمڪ وارو هو.
شهر جو هر رهواسي مجسمي کي ڏِسيو پيو ٺرندو هو. ميونسپالٽي جو
ڪائونسلر، جيڪو پاڻ کي فنڪارانه ذهانت رکندڙ طور
مڃرائڻ لاءِ هٿ پير پيو هڻندو هو. اڪثر اهو چوندو
هو ته:
”هي ايترو خوبصورت آهي، جيترو اهو (مرغ باد نما) واءِ پرکڻو
ڪڪڙ.“ متان ماڻهو کيس بي عمل (جيڪو هو نه هو) هئڻ
جو طعنو هڻن، انهيءَ ڪري هو، هوا جو رخ ٻڌائيندڙ
ڪڪڙ سان مجسمي جي ڀيٽ ڪندي چوندو هو؛ ”پر هي مجسمو
ايترو سو ڪارائتو ڪونهي.“
”بابلا هو ڏس خوشدل شهزادو توکي نٿو وڻي!؟“
چنڊ لاءِ روئندڙ ٻار کي پنهنجي ماءُ ريجهائيندي چئي ٿي، ”ڏسين
نٿو، ته هيءُ ڪنهن شيءِ لاءِ روڄ راڙو نٿو ڪري؟“
”اهو به چڱو جو ڪوئي ته هن دنيا ۾ خوش خرم آهي.“ هڪڙو مايوس شخص
شهزادي جي مجسمي کي تڪيندي ڀڻڪندو وڃي ٿو.
”هي ته ڪنهن فرشتي جهڙو ٿو لڳي.“ ڀر ۾ ٺهيل وڏي گرجا گهر مان
نڪرندڙ ٻار، جيڪي تکو رتول جُبو ۽ سفيد پيشبند
پهريل هوندا هئا. هڪٻئي کي چوندا هئا.
”توهان کي ڪيئن خبر پئي ته هي فرشتن جهڙو آهي؟ اوهان ڪو فرشتو
ڏٺو آهي ڇا؟“ سندن ڀر مان مٽيندڙ حسابن جو ماستر
ٻارن جو رايو ٻڌي اهو سوال ضرور ڪندو هو.
”نه، پر فرشتا اسان جي خوابن ۾ ايندا رهندا آهن.“ ٻار ماستر کي
جواب ۾ چوندا هئا. اهو جواب ٻُڌي ماستر ٻُوٿ کڻي
خراب ڪندو هو. هن کي ٻارن جو خواب ڏسڻ به پسند
ڪونه هو.
قصو ڪوتاهه، هڪڙي رات جو انهيءَ شهر مٿان هڪ ننڍڙي ابابيل جو،
ملڪ مصر ڏي ويندي ئي گذر ٿيو. سندس ٻيا سمورا ساٿي
ڇهه هفتا اڳ ئي مصر ڏي اُسهي چڪا هئا. پر، هي اڃا
پوئتي رهيل هو. اصل ۾ هن کي هڪڙيءَ خوبصورت ڳاڙهي
پکياڻيءَ سان پيار ٿي ويو هو. جيڪا کيس گذريل بهار
۾، جڏهن هو هڪ پيلي پتنگ جو پيڇو ڪندي درياءُ ۾
لهي رهيو هو، ته نظر آئي هئي. هن جي سنهي چيلهه
همراهه کي ايترو ته ڀلايو، جو ان لمحي ئي هيءُ
مائيءَ تي موهت ٿي پيو. هن کان رهيو نه ٿيو.
پکياڻيءَ کي ٺهه پهه چيائين:
”ڇا آئون توکي پيار ڪري ٿو سگهان.“ همراهه، اصل مقصد تي اچڻ
لاءِ اتاولو هو. مائي پکياڻي به ڪنڌ لوڏي پنهنجي
راضپي جو اظهار ڪيو. همراهه بود ۾ ڀرجي پکياڻيءَ
جي چوڏس ڦيرا پائيندو رهيو ۽ گد گد ٿي پاڻي ۾ پرڙا
ڦڙڪائي هلڪيون لهرون پيدا ڪرڻ لڳو. اهوئي هن جي
پيار جو ڍنگ هو، جيڪو پورو اونهارو هلندو رهيو.
”اهو ته خراب عشق آهي.“ ٻِيا ابابيل پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا، ”هڪڙو
ته مائيءَ وٽ ڪا رقم ئي ڪانهي، ۽ ٻيو ته سندس مٽ
مائٽ به ڳچ آهن. اصل پوري ندي هن جي عزيزن سان ڀري
پئي آهي.“ آخر سرءَ جو پڙلاءَ پيو، ته ٻيا ابابيل
دور ديس ڏي رمندا رهيا.
جڏهن ٻيا وڃي چڪا ته، همراهه کي اڪيلائپ اچي ستايو. ۽ ان کان
علاوه هو پنهنجي پيار مان به اچي ٿڪو هو. ”مائي
محترمه ڳالهائي ٻولهائي ٺپ ڪانه ٿي.“ هن سوچيو:
”آئون سمجهان ٿو ته هوءَ نخريلڻ آهي، ۽ سدائين ڏس
ته پئي هوا جي تيز جهونڪي لڳڻ تي گد گد ٿئي ۽ ٺينگ
ٽپا ڏئي. شايد گهريلو قسم جي به آهي... پر مون کي
ته سفر سان چاهه آهي، سو منهنجي زال به اهڙي هجي،
جيڪا سفر سان لڳاءُ رکندي هجي.“
”پياري! مون ساڻ سفر تي اسهين ٿي يا نه؟“ سوچي سوچي نيٺ همراهه
مائي پکياڻي کان پڇي ورتو.
اهو ٻڌي پکياڻي پريشان ٿي پئي. هن کي پنهنجي گهر سان عجيب قسم
جو قرب هو.
”چئبو ته تو ٺلهو پئي مون سان اجائي ڏند ٽيڙ ڪئي؟ چڱو آئون ته
وڃان پيو مصرجي اهرامن ڏي. الله واهي.“ اهو چئي
ابابيل اڳيان نڪري آيو.
سڄو ڏينهن هو اڏرندو رهيو ۽ سومهڻيءَ مهل اچي انهيءَ خوشدل
شهزادي واري شهر ۾ پهتو.
”آئون ڪٿي آرام ڪريان. شهر وارن ضرور منهنجو ڪو بندوبست ڪيو
هوندو.“ هن دل ۾ سوچيو.
آسپاس نهاريندي، کيس اهو مجسمو نظر آيو. ’مون کي اُتي ئي آرام
ڪرڻ گهرجي.‘ خوشيءَ مان کانئس رڙ نڪري ويئي. ”اها
جاءِ چڱي ٿي لڳي. اُتي هوا به تازي پئي لڳندي.“
ابابيل، خوشدل شهزادي جي پيرن ۾ اچي ويٺو.
”اڄ ته مون کي سونو ڪمرو سمهڻ لاءِ نصيب ٿيو آهي.“ دل ۾ چئي هو
چؤڦير جانچڻ لڳو ۽ سمهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. هن
پنهنجو مٿو پرن ۾ اڃا لڪايوئي ڪونه هو، ته مٿائنس
پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڦڙو اچي ڪريو. همراهه حيران ٿي
ويو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ته: ”هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي!“
آسمان به صفا صاف لڳو پيو آهي، ۽ ڪوئي ڪڪر به نظر
نٿو اچي، تارا به چِٽا ٽمڪي رهيا آهن. پوءِ به
برسات پئي پوي!! اتر يورپ جي موسم واقعي به
هيبتناڪ آهي. هُن مائي کي ته رڳو مِينهن جي مند
وڻندي هئي. پر ان ۾ ته سندس خودغرضي شامل هئي.“
اوچتو وري هڪ ٻيو ڦڙو به اچي مٿانئس ڪريو.
”هن مجسمي جو ڪهڙو فائدو، جيڪو مينهن کي به روڪي نٿو سگهي!“ هن
ويچاريو. ”مون کي ڪا ٻي جاءِ ڳولڻي پوندي.“ ائين
هن هتان اڏرڻ جو پهه ڪيو.
پر، جيئن ئي هو اڏرڻ تي هو ته هڪ ٽيون ڦڙو به اچي مٿس ڪڙڪيو.
ابابيل ترت ئي مٿي نهاريو ۽ ڏٺو- ٻڌايو ته هِن ڇا
ڏٺو؟
جِي ها، هن ڏٺو، خوشدل شهزادي جون اکيون لُڙڪن سان ڀريل هيون ۽
سندس سونن ڳِلن تان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا.
چانڊوڪيءَ ۾ هن جو چهرو ايترو ته دلپذير ٿي نظر
آيو، جو ابابيل انهيءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو.
”تون ڪير آهين!؟“ ابابيل حيران ٿي پڇيو.
”آئون خوشدل شهزادو آهيان.“
”پوءِ تون روئين ڇاجي لاءِ پيو؟“ ابابيل وائڙو ٿي چيو: ”مون کي
ته تو پورو پسائي ڇڏيو آهي.“
”جڏهن، آئون جيئرو هئس ۽ منهنجي دل واقعي به انساني دل هئي.“
مجسمو جواب ۾ چوڻ لڳو، ”ته مون کي خبر ئي نه هوندي
هئي، ته ڳوڙها ڇا ٿيندا آهن. ڇو ته آئون جنهن شاهي
محل ۾ رهائش پذير هئس، اُتي ڏکن ۽ تڪليفن کي اچڻ
جي منع ٿيل هئي. سارو ڏينهن آئون پنهنجي سنگتين
ساٿين سان باغن ۾ پيو کيڏندو هئس، ۽ جيئن شام
ٿيندي هئي، ته اسان محل جي وڏي هال ڀيڙا ٿيندا
هئاسين، ۽ پيا نچندا ۽ ٽپنداسين هئاسين. باغن جي
چوڌاري هڪ وڏي ديوار ڏنل هئي. پر مون ڪڏهن به اها
پڇا ئي ڪانه ڪئي ته انهيءَ ديوار پويان ڇا آهي؟،
ڇو ته مون سان واسطيدار هر شيءِ خوبصورت ۽ وڻندڙ
هئي. منهنجا درٻاري مون کي ڪوٺيندا ئي هئا، خوشدل
شهزادو. ۽ واقعي به آئون هئس به خوش خرم ۽ خوشدل.
ائين خوش زندگي گذاريندي آئون انهيءَ دنيا مان مري
نڪتس. جڏهن هاڻ آئون مري چڪو آهيان، ته مون کي شهر
جي اُتاهين جاءِ تي لڳائي ڇڏيو اٿن، ته جيئن آئون
شهر جي هر ڪرڀ ۽ بڇڙائي کي ڏسي سگهان. جيتوڻيڪ
منهنجي هاڻوڪي دل شِيهي مان جڙيل آهي، پر پوءِ به
آئون روئڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.“
”ته ڇا تون سڄي جو سڄو سون مان ٺهيل ڪين آهين؟“ ابابيل پنهنجي
من ۾ اڀريل اهو سوال زبان حوالي ڪري نه سگهيو.
”تمام دور“ مجسمو پنهنجي دلگداز آواز ۾ چوڻ لڳو:
”تمام دؤر هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ هڪ ننڍڙو گهر آهي، ان جي هڪ دري
کليل آهي، ان مان مون کي نظر پيو اچي ته هڪ عورت،
ميز وٽ ويٺي آهي. سندس منهن سنهو ۽ سڪل آهي. سندس
هٿ سخت ۽ ڳاڙها آهن ۽ سندن آڱرين تي سئي جا نشان
هر جاءِ پيا ڏسڻ ۾ اچن.“ هوءَ درزڻ آهي. ها اڄڪلهه
هوءَ راڻي صاحبه جي خاص حاضري واري نوڪرياڻي جو
وڳو ڀرڻ ۾ رڌل آهي. اهو وڳو خاص طور تي ڪنهن
’درٻاري جشن‘ ۾ اوڍڻ لاءِ تيار پيو ڪرايو وڃي.
ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بستري تي ستل ٻار سخت بيمار آهي.
هو بخار ۾ ڪڙهي رهيو آهي ۽ بار بار ماءُ کان
نارنگيون طلبي رهيو آهي. پر ماءُ کيس رڳو درياءَ
جو پاڻيءَ پياري رهي آهي، ۽ هو ريهو رڙ مچايو ويٺو
آهي. اي ننڍڙا ابابيل، ڇا تون منهنجي تلوار جي
مُٺيي ۾ لڳل ياقوت ڪڍي ان مائي کي پهچائي ايندين!
منهنجا پير تون ڏسين پيو ته جڪڙيل آهن. ۽ آئون
چُري پري نٿو سگهان.“
”يار ڳالهه ٻڌي اٿئي، مون کي وڃڻو آهي ملڪ مصر ڏي. اتي منهنجا
ساٿي منهنجو انتظار پيا ڪن. هو اُتي پيا نيل ندي
تي لهندا ۽ اُڏامندا هوندا، ۽ ڪنول جي گلن سان
ڪچهريون ڪندا هوندا. رات ٿيندي ئي هو وڃي فرعون جي
مقبري ۾ سمهي پوندا هوندا. فرعون جي ممي کي دوائون
۽ مصالحا لڳائي محفوظ ڪري اُتي رکيو ويو آهي. کيس
زرد رنگ جا ڪپڙا پهريل هوندا آهن. ۽ سندس ڳچيءَ ۾
زرد سنگريشم جي چين
(Chain) پيل هوندي آهي. ۽ همراهه جا هٿ سڪل پنن
جهڙا بنجي ويا آهن.“
”او ابابيل- ننڍڙا ابابيل.“ ڇا تون مون سان هڪ رات وڌيڪ ترسي نه
سگهندين؟ ۽ منهنجو پيغامبر نه ٿيندين؟ هو ٻار ڏاڍو
اڃايل آهي ۽ سندس ماءُ به بيحد غمگين آهي.“
”پر، مون کي ته اهي ڇورا وڻن ئي ڪين؟“ ابابيل چيو.
”گذريل اونهاري جي ئي ڳالهه ٿو ٻڌايانءِ. آئون ندي تي رهيل هوس.
اتي مون کي ٻن ڇورن ڏاڍو ستايو ۽ تنگ ڪيو. جيڏي
مهل مون تي نظر پوين، مون تي پٿرن جو وسڪارو لايو
ڏين. اهو به شڪر جو اسان زمين کان ڪافي مٿي پيا
اڏرندا آهيون. ۽ خانداني طرح به اسان ڪافي ڦڙت
آهيون. ان هوندي به سندن اها ڪار مناسب ته ڪانه
ڪوٺبي.“
اهو ٻڌي خوشدل شهزادو ايترو ته غمگين ٿي پيو، جو ابابيل کي
پنهنجي چئي تي اچي پشيماني ٿي. ”چڱو ڀلا، ٿڌ به
ڪافي زور آهي. پر آئون توسان گڏ رهي ٿو پوان ۽
تنهنجي تلوار جي مٺيئي ۾ لڳل ياقوت ڪڍي، هن پورهيت
عورت کي پهچائي ٿو اچان.“
”وڏا وڙ تنهنجا او- ننڍڙا بابيل“ خوشدل شهزادي خوشي مان چيو.
(هلندڙ) |