ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو......!
استاد بخاري
(سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر)
اسان جو روشن آئيندو
اَريج شيخ
گذارش
بَديءَ جي طاقتن کي ڪمزور ڪرڻ جو مهينو!
ساٿيو:
سال جي سمورن مهينن ۾ رمضان شريف جي مهيني کي وڏي اهميت حاصل
آهي. الله تعاليٰ جو ڪلام يعني قرآن شريف، هن
مبارڪ مهيني ۾ لٿو. رسول ڪريم ﷺ جن کي رسالت ۽
نبوت به هن ئي ڀلاري مهيني ۾ عطا ٿي ۽ انهيءَ
مهيني ۾ اسلام جي بنيادي فريضن مان هڪ فريضو
’روزو‘، به مقرر ڪيو ويو.
ساٿيو! هن مهيني ۾ اسان کي ’تقويٰ‘ يعني ’پرهيزگاري‘ جو سبق ملي
ٿو، جنهن سان اسان جي اندر ۾ بڇڙائي ۽ بدي جون
ناپاڪ طاقتون ڪمزور ٿي نابود ٿي وڃن ٿيون ۽ نيڪيءَ
جون پاڪ قوتون زور وٺن ٿيون. ’روزو‘ اسان جي اندر
موجود نيڪي جي سرسبز ٻوٽي جي لاڳيتو آبياري ڪندو
رهي ٿو ۽ اسان پنهنجي نفس تي ضابطو ڪرڻ جي سُهڻي
سکيا وٺون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان پنهنجي نفس تي حاڪم
ٿي ان کي اُتم درجي تي پهچائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي
حيواني خواهشن تي قابو رکڻ جو عملي طريقو سکون ٿا.
پيارا ساٿيو! ذهني طرح اوهان اڃا گلن جيئن سُرها ۽ نازڪ آهيو،
تنهنڪري دنيا ۾ وڇايل دوکن ۽ دولابن جي نظر نه
ايندڙ ڄار کان اڻ واقف آهيو. پر جڏهن اوهان پنهنجي
تعليم مڪمل ڪري عملي دنيا ۾ قدم رکندا ته اوهان کي
ڪيترن ئي منافق، فتني باز شيطان صفت ماڻهن سان نه
چاهيندي به رابطي ۾ اچڻو پوندو ۽ اهوئي اهڙو وقت
هوندو، جنهن ۾ اوهان کي ’روزي‘ مان حاصل ٿيل اوهان
جي اندر موجود حيواني خواهشن تي ضابطي جو مظهر نظر
ايندو. ڇاڪاڻ ته ’روزو‘ انسان ۾ سهپ، سمجهه ۽ تدبر
پيدا ڪري ٿو، تنهنڪري اسان کي ”تقوى يعنى
پرهيزگاري تي باقائدگيءَ سان عمل ڪري پنهنجي اندر
موجود بڇڙائي ۽ بدي جي غليظ قوتن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ
جي شروعات ڪري ڇڏڻ گهرجي. ۽ هر سال رمضان شريف جي
مهيني ۾ نيڪيءَ جي ٻوٽي جي آبياري ڪري قدآوار وڻ
جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي.
اوهان جو
طارق عالم
لطيفي لات
هُو پِڻُ ڪونهي هِنِ ري، هِيءُ نه هُنَهان ڌارَ،
”اَلانِسَانُ سِرّيِ و اَناسِرّهُ“ پَروُڙِج پَچارَ،
ڪندا وِيا تَنوارَ، عالمَ عارِفَ اَهڙي.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سُر
’آسا‘ جي داستان پهرئين جو چوٿون نمبر بيت آهي.
سمجهاڻي: هُو يعني ڌڻي، هِن يعني انسان يا سندس وجود کان جدا
ناهي ۽ هيءُ يعني انسان، هُن يعني ڌڻيءَ کان اَلڳ
ناهي، ”انسان منهنجو ڳُجهه آهي ۽ مان سندس ڳُجهه
آهيان.“ (ڌڻي ٿو فرمائي): اِها وائي سمجهج. سچي
ڄاڻ وارا درويش اِها لات لنوندا ويا.
ڪلياڻ آڏواڻي
عاصم عباسي
ٻالڪ جي دُعا
حمد سمورن جي تون لائق، منهنجا پاڪَ ڌڻي؛
خالق مالڪ، تون ئي داتا، توکي سگهه گهڻي.
توکي سڏن ٿا، جن ۽ ماڻهو سارا جيت چرند،
بلبل، ڪوئل، ڪڻڇي، طوط ۽ ٻيا کوڙ پرند.
مان هان ننڍڙو ٻالڪ سائين، تو در هٿ کڻي،
توکي ٿو مان عرض ڪيان او پرور هٿ کڻي.
دين سچي جي مون کي مولا، ڏي تون ڪا سمڪ،
منهنجي دل ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي وجهه ڪا ته چمڪ.
علم عطا ڪر، علم عطا ڪر، منهنجو علم وڌاءِ!
علم سان اُلفت، چاهه عطا ڪر، مون کي اهڙو بڻاءِ!
مسڪينن سان محبت مالڪ، منهنجي من ۾ پئي،
هر ڏکيءَ سان اُلفت مالڪ، منهنجي من ۾ پئي.
وڏڙن جي پڻ عزت، عظمت، مون ۾ رب سماءِ!
هڪ جيڏن سان پيار ۽ شفقت، مون ۾ رب سماءِ!
جيون سارو حق سچ جو ٿيان، مون کي ساڃهه ڏي،
ڪوڙ، حسد کان ڏور ڀڄان مان، مون کي ساڃهه ڏي.
پنهنجي ڌرتيءَ جو مان مالڪ، جوڌو جيالو ٿيان،
جيڪو ميري اک کڻي ٿو، تنهن سان خوب لڙان.
”عاصم“ کي توفيق عطا ڪر، سهڻي عادت جي،
نيڪين جي ۽ ٻيو او سائين، پنهنجي عبادت جي.
مشتاق بخاري
سوال؟
ڇولن جو هڪ ٿالهه کڻي ٿو،
مستقبل جو خيال کڻي ٿو.
پنهنجي گهر کان گهٽين تائين،
هيڻو پنهنجو حال کڻي ٿو.
پنهنجي گهر جي آڳرُ تان هو،
مايوسين جو مال کڻي ٿو.
ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي مٿي تي،
گهر جو سڀ جنجال کڻي ٿو.
ڪين ڪري هُو بُر سگهي ٿو،
جيڪو گهر مال خال کڻي ٿو.
بک تي بابا ڪونه سُتو اڄ،
کٽ تان هڪڙو سوال کڻي ٿو.
لڙڪَ اگهڻ لئه چوريءَ ڪنهن جو،
ننڍڙو هڪ رومال کڻي ٿو.
غلام محمد ”غازي“
گيت
سورج نڪتو آيو ڦيرو،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڳائي ڳيرو.
راتُ کٽي پئي ويو انڌيرو،
جاڳو جاڳو ٿيو سويرو.
ماڪ مٿان مکڙين تي پيئي،
ڌوئي ٿي تن جو منهن ميرو.
پکي پکڻ سڀ رزق جي خاطر،
ڳولهن ٿا پيا ديرو ديرو.
کٽڙيءَ تي ويٺو آ پوڙهو،
پوءِ به ڪَتَي ٿو ڏاسَ جو ڍيرو.
ڌرتيءَ سائي ساڙهي پاتي،
گُل گُل تي آ ڀنورن پيرو.
سوچيان ويٺو پکي وڻن ۾،
ڪيئن ته ٺاهن ٿا آکيرو.
آءٌ ته ”غازي“ گڏجي کائون،
جوئر جي ماني مکڻ جو پيڙو.
ملهار سنڌي
بجلي
منهنجو نالو بجلي ٻارو!
مون سان روشن جڳ آ سارو.
مون بِن ڪير گذاري سگهندو،
پنهنجي پگهر ۾ هرڪو ٻُڏندو.
بلب ۽ راڊون ٻاريندي هان،
پَکا خوب هلائيندي هان.
جَڳَ جو چرخو عَجَب چلايان،
ٻارن جون دِلڙيون وندرايان.
آءٌ هلايان هيٽر ٻارو!
ٽي. وي. ٽيپ ۽ موٽر ٻآرو!‘
کوڙ هلايان ٿي ڪارخانا،
ٿورا ڪيئن لاهيندين زمانا.
اي سِي. فرجون آءٌ هلايان،
ڪيڏا ٿي مان رنگ رَچايان.
گهڙي کَنُ جي رُسندي آهيان،
جَڳُ پريشان ڏسندي آهيان.
ملڪ جو بار ڪُلهن تي آهي،
ڄَڻُ سنسار ڪُلهن تي آهي.
لوڪ تڏهن ناراض ٿئي ٿو،
بِلُ جڏهن ”ملهارَ“ ڀَري ٿو.
گل ٽکڙائي
هي چنڊ ۽ ستارا....
گُلڙن جيان پيارا ڌرتيءَ جا ٻار سارا،
چمڪن سدائين ويٺا هي چنڊ ۽ ستارا.
روشن ضمير آهن ڏاڍا امير آهن،
پارس ۽ پِير آهن، سڀنين اکين جا تارا.
چاهي هنن کي هرڪو سيني سان ٿو لڳائي،
سينگار محفلن جا محبوب مانَ وارا.
ننڍڙا نماڻا آهن، ڪيڏا سياڻا آهن،
موتين جا داڻا آهن، نوري سندن نظارا.
ننڍڙا نفيس هوندي فولاد پڻ لڳن ٿا،
تن من گلاب تن جو سنڌڙيءَ جي سونهن سارا.
همت ۽ حوصلي ۾ مَٽ پنهنجو ڪين ڄاڻن،
دلبر دلير آهن، هوشوءَ ۽ دودي پارا.
لاٽون وفا جون ٻاري هرجاءِ تي اچن ٿا،
توڙي انهن جي آڏو سانوڻ هجن سيارا.
”گل“ ساک خوب ڏيندو ايندڙ زمانو تن جي،
ٿيا شانَ مانَ وارا، هر جيءَ جا جيارا.
تابش بخاري
منهنجي ديس جا ٻار....
جي ٻاتا ٻول ٻڌائن ٿا،
من مکڙين جيان مهڪائن ٿا.
سي ديس منهنجي جا آهن ٻآر،
سي ساڻيهه جا آهن سينگار.
ڪيئن تن کان ڌار رهان جڳ ۾،
ريءَ ٻارن ڪيئن جيان جڳ ۾.
هي ٻار سدا آباد رهن،
خوشحال رهن ۽ شاد رهن.
هي ملڪ جو مانُ وڌايندا.
بر ٿر کي باغ بنائيندا.
هي علم جي مشعل ٻاريندا،
جهر جهنگ ۾ جوت جلائيندا.
ڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ٿيندا،
هن ملڪ جو اوچو ڳاٽ ڪندا.
ڪي عالم سائنسدان ٿيندا،
ڪي ’سچا سياستدان‘ ٿيندا.
ڪي ليکڪ ٿي لکندا رهندا،
۽ قوم ستل بيدار ڪندا.
پو ”تابش“ ڇو نه لکان تن لئه،
هي صدقي جان ڪيان تن لئه.
ذوالفقار شيخ
مالهي
گُلڙن سان دل وندرائي،
هر هر پيو تن کي ٺاهي.
ڏسو ڏسو هُو مالهي آ،
ٻوٽا هُن لئه ٻارن جهڙا.
اُڀ جي سُهِڻن تارن جهڙا،
سيني سان تن کي لائي.
ٻوٽو، جيڪو مُرجهائي،
تنهن کي ٿو هو ڳر لائي.
روز ڪري ٿو صاف پنن کي،
گونچن کي هٿڙا لائي.
باغيچي ۾ گاهه ڪَٽي،
ٻوٽن لاءِ ٿو ٻنڙا ٺاهي.
پابنديءَ سان پاڻي ڏِئي ٿو،
ڏِسي گلن کي خوش ٿئي ٿو.
ڪيڏي محبت وارو آهي،
ڏسو ڏسو هُو مالهي آهي.
ثناءُ الله عتيق چنجڻي
آکيرو
گهٽيءَ ۾ گڏ ٿيا هن کوڙ پکي،
ڪک پن ميڙين پيا رکي رکي.
هيءُ جي کنياٿن چهنب ۾ سَر،
ٻچڙن لاءِ ٺاهيندا گهر.
چُهنب ۾ کنيو اٿن پلال،
پَرَ هڻن ٿا ڏسو ڪمال.
اٿن آکيري جي ڳڻتي،
جهرڪ- جهرڪي ڪن پيا ڦڙتي.
شور نه مچايو ٻالڪ پيارا،
اُڏري ويندا سڀ ويچارا.
ڀل ته بڻائن واهيرا،
پنهنجن ٻچن لئه آکيرا.
سِکو توهان به ٻار مِڙئي،
تلاءُ ڪندي آ، ڦُڙي- ڦُڙي.
شمسي
منهنجي ٻڪري
منهنجي آ پياري ٻڪري،
شوق مان مون ڌاري ٻڪري.
گاهه ٿي کائي ڀاڪر کَن،
ڪڏهن ڪڏهن ڏيانس ٿو اَنُ.
رنگ جي آ ڪاري ٻڪري،
ويندو آهيانس ڇوڙي جهنگ.
وڏو اٿس چرڻ جو ڍنگ.
ڳانين سان مون سينگاري.
مون کي نه ڏسِي ٻيڪي پياري،
وڙهي انهن سان ڇوڙنس جيڪي.
آ ڏاڍي ڀاڳن واري،
ڀائر ڀينر رکنس خيال.
ڪري نه هرو ڀرو تال،
شوق سان کائي ٿي ساري.
گهر سڄي کي آ پياري،
ننڍو وڏو هرڪو چاهيس،
صورت جي آ موچاري.
”شمسي“ جو آ تنهن ۾ ساهه،
کُٽي نه تنهن وٽان اصل گاهه.
قلب سومرو
سنڌي ٽوپي
ٻالڪ آيو ٽوپي پائي،
ٽوپيءَ سان پيو پاڻ پَڏائي.
هڪ جيڏن کي هر هر چَئي،
ٽوپيءَ کي ڪو هَٿُ نه لائي.
ٽوپي منهنجي سُهڻي سُٺي،
سِنڌڙيءَ جي نشاني مِٺي،
توهان به پنهنجي بابل کان،
ٽوپي پايو پاڻ گهرائي- ٻالڪ آيو....
ڏسو ته ڪيڏي چمڪي ٿي پئي،
ڀَرت ڪاوَن ۾ جرڪي ٿي پئي،
ڏاڍي سِرَ تي سونهي ٿي پئي،
پائي هلون سڀ هٿ ملائي- ٻالڪ آيو....
ڏسو ته هن جي ڀلي بناوت،
رنگن گلن جي ڪيڏي سجاوٽ،
ڪيئن پوپٽ ڀُلجي ويٺو آهي،
يَرَ ڪوئي اُن کي ڪينَ اُڏائي- ٻالڪ آيو....
هيءَ ٽوپي اسان جو شان آهي،
هيءَ ٽوپي اسان جو مانُ آهي،
پايون سدا ۽ ڳايو اُن کي،
ويهون ڪڏهن شل ڪين ڀُلائي- ٻالڪ آيو....
ميري اُن ڏي اک کڻي جو،
ويري پنهنجو سمجهون سَو،
ٽوپي ثقافت آهي اسان جي،
ڇڏيون اُن کي خوب سمجهائي- ٻالڪ آيو....
محمد اسحاق
صوم
اسلامي ڪيلينڊر ۾ رمضان جي مهيني کي وڏي اهميت حاصل آهي. الله
تعاليٰ جي ڪلام مبارڪ ۽ رسول الله ﷺ جي حديث پاڪ ۾
هن مهيني کي برڪتن وارو مهينو قرار ڏنو ويو آهي.
الله تعاليٰ جو ڪلام، يعني قرآن ڪريم هن مهيني ۾
لٿو. رسول الله ﷺ کي رسالت ۽ نبوت به هن مهيني ۾
عطا ٿي. انهيءَ مهيني ۾ هڪ اهڙي رات آهي جنهن ۾
عبادت جو ثواب هزار مهينن جي عبادت کان به وڌيڪ
ملي ٿو. ۽ انهيءَ مهيني ۾ اسلام جي بنيادي فريضن
مان هڪ فريضو ”صوم“ به مقرر ڪيو ويو آهي.
صوم کي اسين ”روزو“ چوندا آهيون. ”صوم جي معنيٰ آهي. روڪڻ،
بيهجِي وڃڻ- هڪڙيئي حالت ۾ رهڻ، چپ رهڻ. ۽ اسلامي
شريعت جي حڪم ۾ صوم جي معنيٰ آهي فجر کان وٺي سج
لهڻ تائين کائڻ پيئڻ، صحبت ڪرڻ ۽ انهن ڳالهين کان
پاسيرو رهڻ جن سان روزو ڀڄي پوي ٿو. ۽ ان ۾ نيت
ڪرڻ به شرط آهي. ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته روزو
صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ثواب جو ذريعو ٿيندو، جڏهن ڪوڙ
ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ ۽ اهڙين ٻين حرڪتن
کان به پاسيرو رهجي.“
قرآن ڪريم ۽ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين امتن تي به روزا
فرض هئا. ۽ مسلمانن لاءِ هن عبادت کي خاص طور مقرر
ڪيو ويو ۽ ان عبادت جا وڏا مقصد رکيا ويا. قرآن
ڪريم ۾ روزي جو حڪم ڏيندي الله تعاليٰ فرمايو آهي:
ترجمو: ”اي مؤمنو جيئن اوهان کان اڳين تي روزا فرض ڪيا ويا هئا.
تيئن اوهان تي به روزا فرض ڪيا ويا آهن. تان ته
اوهان پرهيزگاري ڪريو.“ (سورة البقره آيت نمبر
183).
ٻي آيت ۾ فرمايو ويو آهي:
ترجمو:- ”رمضان جو مهينو اهڙو (ڀلو) آهي، جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو
جو ماڻهن جي لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آهي ۽ (ان ۾)
هدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) فرق ڪرڻ جون
چِٽيون ڳالهيون آهن. پوءِ اوهان مان جيڪو انهيءَ
مهيني ۾ (گهر ۾) حاضر هجي، تنهن کي ان ۾ روزو رکڻ
گهرجي ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر تي (هجي) تنهن کي
ٻين ڏينهن مان (اوتري) ڳڻپ (قضا رکڻ لازم) آهي.
الله تعاليٰ اوهان تي آساني ڪرڻ گهرندو آهي ۽
اوهان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گهرندو آهي. ۽
(گهرندو آهي) ته اوهين ڳڻپ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوهان
کي هدايت ڪيائين تنهن تي الله کي وڏائيندا رهو ۽
تان ته اوهين شڪرانو ڪريو.“ (سورة البقره آيت
185).
اسلام اهڙو دين آهي، جنهن هرهڪ شيءِ کي هڪ قاعدي ۽ ضابطي جي
ماتحت رکيو آهي. وقت تي کاڌو کائڻ عين اسلامي
تعليم جي مطابق آهي. ۽ روزي ۾ هن ضابطي کي ڀڃڻو
ڪونهي. پر انسان جي اندر هيءَ قوت ۽ طاقت پيدا ڪرڻ
جو مقصد آهي، جنهن سان اهي حيواني خواهشون خود
انسان جي پنهنجي ’پاڻ‘ جي قبضي ۾ هجن. انسان انهن
خواهشن جي قبضي ۾ نه هجي، ۽ انهن حيواني خواهشن جو
غلام نه ٿئي. اهڙي طرح روزي ۾ انهن حيواني خواهشن
تي قابو رکڻ جو عملي طريقو سيکاريو ويو آهي. ته
جيئن انسان تقويٰ (يعني هر نقصان ڏيندڙ عادت، شيءِ
يا طاقت کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهڻ) واري راهه لڀي
سگهي.
روزي جو ثواب به الله تعاليٰ زبردست رکيو آهي. روزي کان سواءِ
ٻيون جيڪي عبادتون آهن، انهن ۾ ڪونه ڪو ظاهري
نمونو ۽ طريقو ضرور هوندو آهي. جيئن نماز، زڪواة،
حج وغيره، اِنهن عبادتن جي ماڻهن کي ضرور خبر پئجي
وڃي ٿي. پر روزي جي خبر الله تعاليٰ کان سواءِ
ڪنهن کي به نٿي پئجي سگهي. مثلاً هڪڙو شخص سڀني جي
سامهون سحري کائي ٿو ۽ سانجهي تائين ڪنهن جي
سامهون نه کائي پر، جيڪڏهن لڪي کائي پئي ته ڪنهن
کي به خبر نه پوي. سڀ ڪو اهو سمجهندو ته روزي سان
آهي. هاڻي اهو روزي دار سخت گرمي ۾ اڃ کان ساهه
نڪرندو هجيس ته، لڪي پاڻي پئي ته ڪنهن کي به خبر
نه پوي. پر هُو الله تعاليٰ جي حڪم تي هلندي اها
اڃ ۽ بُک برداشت ڪري ٿو. ان لاءِ ان ۾ ڪابه نمائش
ڪانهي. تڏهن سڀني عبادتن جو ثواب الله تعاليٰ مقرر
ڪري ڇڏيو آهي، سواءِ روزي جي.
روزي ۾ انهن روحاني فائدن کان سواءِ ٻيا بدني فائدا به گهڻائي
آهن. سال ۾ هڪ مهينو بدپرهيزي ۽ فضول کائڻ پيئڻ
کان بچڻ جي ڪري دماغ ۽ معدي جي صفائي به ٿي وڃي
ٿي. (پر هاڻي ابتو عمل ٿي رهيو آهي، اسين بجاءِ ان
جي رمضان ۾ گهٽ کائون، پاڻ ٻين مهينن جي مقابلي ۾
رمضان ۾ وڌيڪ کائون پيون ٿا. ان جي ڪري رمضان ۾
جيڪي فائدا حاصل ٿيڻ گهرجن، ان جي بجاءِ جسماني
نقصان ٿيو پوي. پر ان جا ذميدار فقط اسين پاڻ خود
آهيون).
زبان جي چسڪي، سگريٽ ۽ ٻين فضول کائڻ پيئڻ جي عادتن تي ڪنٽرول
ڪري وري نئين سر سادي نموني سان هلڻ تي پاڻ کي
هيرائي سگهجي ٿو.
اڃ بک برداشت ڪرڻ سبب، آرام طلبي ۽ سستي کي پاڻ مان ڪڍي سگهجي
ٿو. جڏهن انسان بک ۽ اڃ محسوس ڪندو ته کيس تجربو
ٿيندو ته معاشري جا اهي فرد، جيڪي ڪنهن سبب ڪري
کاڌو پيتو حاصل نٿا ڪري سگهن، يا وري پوريءَ طرح
پنهنجون ضرورتون پوريون نٿا ڪري سگهن. انهن کي
ڪيتري تڪليف ۽ ڏک پهچي ٿو. اهڙيءَ طرح انهن محرومن
لاءِ کيس همدردي پيدا ٿيندي ۽ هو ازخود اُنهن جي
مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. اهڙي طرح سڄو معاشرو
هڪ ٻئي جي همدردي ۽ تعاون تي ٺهي ويندو.
الله تعاليٰ، انسان لاءِ جيڪي به احڪامات ۽ هدايتون ڏنيون آهن.
اهي سڀ انسان جي پنهنجي فائدي لاءِ آهن. انهن مان
جيڪڏهن اسان فائدو نه وٺي سگهون ته، ان ۾ فقط اسان
جي طرفان گهٽتائي آهي.
چونڊ: ارشد لغاري
اڪبر جسڪاڻي
ماکيءَ کان وڌ مِٺڙو ماڻهو
استاد بخاري، ٻارن جو شاعر
استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاهه بخاري هو، پاڻ 16- جنوري
1930ع تي دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو.
پاڻ پهرين، تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت
سان ملازم ٿيو.
شاعري ان دؤر ۾ ئي ڪندو هو. ايم. اي. سنڌي ادب ۽ بي ايڊ، ڪيل
هئس. ان کان پوءِ کيس ليڪچرار جي حيثيت ۾ نوڪري
ملي. جتان پروفيسر ٿي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو
مان رٽائر ٿيو.
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعري هو، جنهن شاعريءَ جي هر
صنف تي لکيو آهي. پاڻ قومي شاعري به ڪيائين ته
مجازي به. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي مشهور
فنڪارن ڳايا آهن. استاد بخاري موسيقي جو به ڄاڻو
هو. اڪثر مشاعرن ۾ جڏهن ترنم سان شعر پڙهندو هو
ته، ماڻهو جهومي اٿندا هئا. جڏهن قومي شاعري
جذباتي انداز ۾ پڙهندو هو ته، لونءَ ڪانڊارجي
ويندي هئي.
استاد بخاري طبيعت جو سادو، ملڻ جلڻ ۾ وڏي ننڍي سان هڪ جهڙو
سڀاءُ رکندو هو. پاڻ جڏهن دادو ڪاليج ۾ استاد هو،
تڏهن گهر کان ڪاليج تائين، سائيڪل تي ايندو ويندو
هو. ائين کڻي چئجي ته استاد سائين، سڄي ڄمار دادو
شهر ۾ سائيڪل تي هلندي عوامي انداز ۾ گذاري.
شوڪت سنڌي جي مٺائي جي دڪان تي ويهبو هو ۽ کانئس استاد جو پڇبو
هو، ته چوندو هو: ”بس، ڄاڻ استاد، سائيڪل تي هِتان
هُتان نروار ٿيندو.“ واقعي ٿيندو به ائين هو.
’جوهيءَ‘ جي هڪ مشاعري ۾ ڪيترائي شاعر آيل هئا، استاد جڏهن قومي
شاعري پڙهڻ شروع ڪئي، ته ماڻهن هر هر استاد کي چيو
پئي: ”سائين ٻيو شعر ٻڌايو.“ استاد کان پوءِ، جڏهن
فيض بخشاپوري فارسي زده شاعري پڙهي ته ماڻهو گوڙ
ڪندي چوڻ لڳا، ”سائين، ان جو سنڌي ۾ ترجمو به
ٻڌايو.“
جنهن تي فيض صاحب ڪاوڙجي استاد کي چيو، ”چند وات ڳاڙهن ڇورن جي
واهه واهه تي پنهنجي مقام تان ڪري پئين!“ ته استاد
کلندي چيو هوس: ”سائين! اهي ئي اسان جو مستقبل
آهن.“
استاد بخاري، جڏهن ترنم سان ٻي، ڀي، پي، ڀي، ٻاتي ٻولي، سنڌي
ٻولي قومي ٻولي جهونگاريندو هو ته، چؤطرف ويٺلن ۾
ماٺ ڇانئجي ويندي هئي.
استاد بخاري ٻارن لاءِ به ڪيترائي گيت ۽ نظم لکيا. جيڪي درسي
ڪتابن ۾ به شامل آهن.
استاد جا هيٺيان شاعري جا مجموعا شايع ٿيل آهن:
(1) گيت اسان جا جيت اسان جي. (2) لهر لهر درياء، (3) اوتون
جوتون، (4) ڪاري ڪڪر هيٺ، (5) گيت گلابي ٻارن جا،
(6) ڌرتي سرتي، (7) ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ، (8) ٻاراڻا
ٻول (ترتيب ڏنل).
استاد کي ڪينسر جي موذي مرض نهوڙي وڌو. پاڻ لنڊن مان علاج ڪرائي
به آيو ۽ کيس ٻيهر تپاس لاءِ لنڊن وڃڻو هو. پر
افسوس....
استاد، هڪ سال تائين موت کي اکين سان ڏسندو رهيو. ۽ چپن تي
ڌرتيءَ جا گيت جهونگاريندو رهيو.
استاد، ادبي سنگت جي وفد کي چيو هو: ”مان، موت کي اکين سان ڏسان
پيو، بس آخري خواهش اٿم ته منهنجا سڀ ڪتاب شايع
ٿين.“ پر افسوس جو اڃا تائين استاد بخاريءَ جا
ڪافي مجموعا اڻ ڇپيل ئي آهن.“
استاد بخاري کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو. جتي 9- آڪٽوبر
جمعي جي رات 8 بجي دم ڏنائين.
انالله وانا اليہ راجعون.
ائين اسان جو ماکيءَ کان وڌ مٺڙو ماڻهو موڪلائي ويو. سندس آخري
خواهش هئي ته، مخدوم بلاول جي ڀرسان کيس دفن ڪيو
وڃي، پر اتي ڪو ڦڏو ٿي پيو ۽ استاد کي دادوءَ ۾ ئي
دفن ڪيو ويو.
|