محمد حنيف ناز
سلسلو نمبر 43
مضمون نمبر
2
ٻوڏ جا راڱا
انسان هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ جنت جهڙا گهرڙا جوڙي
پنهنجي ماڳ، ڪڙم ۽ قبيلي سان زندگيءَ بسر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو. هوڏانهن هن ڌرتي تي رهندڙ غريب ماڻهو
به پنهنجي وت آهر پنهنجا گهرڙا ۽ جهوپڙيون جوڙي
آرام سان زندگيءَ گذارڻ جي ڪوششن ڪن ٿا.
جڏهن هنن جي آستانن تي رحمت جي بوند بارش جي صورت
۾ وسندي آهي، ته اڪثر ڪري هن ملڪ جا سڀئي رهواسي ۽
خاص طرح ٿر جا ڏوٿيئڙا، ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا بي حد
خوش ٿيندا آهن ۽ پوءِ جنهن طرف نظر ڪبي آهي، ته
ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي. پر جڏهن اهائي بارش
وڌي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ٿي ته پوءِ اها رحمت
جي بجاءِ زحمت بڻجو پوي، ڇو ته هر چيز وزن سان ئي
ڀائيندي آهي. ڏٺو وڃي ته ڳوٺاڻي زندگي عجيب زندگي
آهي. اتان جي زميندارن، هارين ۽ ڪُڙمين جو گهڻو
انحصار زمين ۽ پاڻي تي هوندو آهي. هاري ويچارا سڄو
ڏينهن محنت ۽ مشقت ڪري زميندارن کي خوش ڪن ٿا ۽
سڄو ڏينهن راهڪي ڪري شام جو پنهنجي ماڳ موٽن ٿا.
سو غريب ماڻهن جي زندگي ائين ئي روان دوان رهي ٿي.
انهن غريب ماڻهن وٽ، پاڻيءَ جو قدر، وڌ ۾ وڌ هوندو
آهي. جنهن جي ذريعي، هو زمين کي آباد ڪن ٿا. جي
اهو پاڻي ضرورت کان وڌيو وڃي ته ٻوڏ ٿيو پوي ۽
نتيجي طور انهن زمينن سان گڏوگڏ غريب ماڻهن کي
پنهنجي جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن جي حفاظت ڪرڻ به مشڪل
ٿيو پوي. زمينن تي هڏ هنيل پورهيو ضايع ٿي وڃي ٿو.
محنت ۽ مشقت ۾ مٽي ۽ گاري سان اڏيل ڪچڙا گهر به
انهيءَ ٻوڏ جي نظر ٿيو وڃن. اهي غريب ماڻهو انهيءَ
آيل ٻوڏ ۾ بي يارو مددگار پڪارين ٿا ۽ پنهنجون
جهوپڙيون ۽ هٿڙن سان اڏيل ڪچڙا گهر ڇڏي قافلي جي
صورت اختيار ڪري مجبوراً ڪنهن ٻئي پاسي وڃي سڪونت
اختيار ڪن ٿا. اهو منظر هڪ دل ڏاريندڙ منظر هوندو
آهي.
هاڻي انسانيت جي ناتي، اهو اسان تي فرض عائد ٿئي
ٿو ته انهن غريب ماڻهن جي ترت مدد ڪريون ۽ ٻوڏ ۾
آيل مالي ۽ جاني نقصان کي وس آهر، گهٽائڻ جي ڪوشش
ڪريون، ڇو ته اهي زمين کي چيري فصل تيار ڪن ٿا، اس
۾ محنت مزدوري ڪن ٿا ۽ اهي غريب ماڻهو ساري عالم
لاءِ دعائون ڪن ٿا.
کل ته سهي
·
پٽ: امان، امان، هن فقيرياڻي کي ماني نه ڏجان
ماءُ: پٽ ڇو؟
پٽ: امان هيءَ گهرندي، الله جي نالي تي آهي ۽ وري
کائي پاڻ ويندي آهي.
(گلاب خان پٺاڻ قمبر علي خان)
·
ڀاءُ چيو، ڀيڻ کي: ادي اسان جي اسڪول ۾ نئي روشني
اسڪول کليو آهي.
ننڍو ڀاءُ: ها ادي مون پاڻ ڏٺو بلب ٻريا پي.
·
ٻه موالي نشي ۾ هئا ته آسمان ۾ گجگوڙ ٿي ۽ مينهن
وسڻ شروع ٿي ويو.
هڪ موالي رڙ ڪئي: آسمان ڦاٽي پيو آ، پاڻي وهي پيو،
اتي ئي کنوڻ ٿي ته ٻئي موالي رڙ ڪئي: يار دل نه
لاهه ملائڪ ويلڊنگ ڪن پيا.
(جميل احمد خلجي کهڙا)
·
هڪ بيوقوف: مان سڄي دنيا جا ڪارخانا خريد ڪندس.
ٻيو بيوقوف: مان وڪڻندس ئي ڪونه!
(ايم- رمضان سيلرو)
·
هڪ بيوقوف: صبح جو ٻلي کي وهنجاري رهيو هو، سندس
ڀاءُ جو ڏٺس، تنهن چيس ته: چريا ٻلي مري ويندي، پر
هو نه مڙيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سندس ڀاءُ واپس آيو،
ڏسي ته سندس بيوقوف ڀاءُ روئي رهيو آهي. هن روئڻ
جو سبب پڇيس.
بيوقوف ٻڌايس: ته ٻلي مري وئي آهي. ڀاڻس چيس ته:
مون توکي چيو هو ته نه وهنجارينس.
بيوقوف ڀاءُ جواب ڏنس: ادا ونهنجارڻ تي صرف ڏڪي
هئي، مون جو پاڻي سڪائڻ لاءِ نپوڙيومانس ته مري
وئي.
(محمد اسلم شيخ لاڙڪاڻو)
·
هڪ رئيس وٽ هڪ دعوت نامو آيو، ان ۾ فيملي سميت
شريڪ ٿيڻو هو، رئيس پريشان ٿي ويو ته اتي عورتن
سان ڳالهائبو ڪيئن. هڪ دوست ٻڌايس ته پهرين پڇجان
توهان، شادي شدهه آهيو ۽ پوءِ پڇجان گهڻا ٻار اٿو.
اتفاق سان رئيس کي ٻن ماين جي وچ ۾ جڳهه ملي. رئيس
هڪڙي پاسي منهن ڪري هڪ عورت کي چيو ”توهان شادي
شدهه آهيو“ هن چيو ته ”نه“
وري ٻيو لفظ چيائين: گهڻا ٻار اٿو ”عورت خار مان
منهن ٻي پاسي ڪري، ڇڏيو، رئيس سمجهيو ته سوال ابتا
ٿي ويا آهن، سو ٻي پاسي منهن ڪري، عورت کان
پڇيائين: اوهان کي گهڻا ٻار آهن. هن چيو ٽي، رئيس
وري ٻيو سوال ڪيو: اوهان شادي شدهه آهيو، ”عورت
کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ رئيس منهن هيٺ ڪري ويهي رهيو.
(غلام مرتضيٰ پتافي حيدرآباد)
قلمي دوستي
·
نالو: طارق علي ڏاهري
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي خان تعلقو جوهي
·
نالو: زاهد حسين ملڪ
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد، دادو.
·
نالو: ذوالفقار چاچڙ
ڪلاس: نائون اي
وندر: رسالو پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ
·
نالو: مڪيش ڪمار مڪواڻي
ڪلاس: ستون ڊي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: روي جنرل اسٽور امام بارگاهه سيٽلائيٽ
ٽائون ميرپورخاص
·
نالو: لڄپت سنڌو
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: سنڌ سان محبت
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول مٺي ٿرپارڪر
·
نالو: راڌا ڪرشن تلريجا
ڪلاس: ستون بي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل
·
نالو: ارشاد علي کوسو
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس پنگريو ضلع بدين.
·
نالو: انور علي ڀٽي
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: سنڌي ادب پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: ڪوارٽر نمبر بي 80 اولڊ وحدت ڪالوني
حيدرآباد.
·
نالو: راجڪمار راٺي
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيئي
·
نالو: رشيد لغاري
ڪلاس: اٺون اي
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: زيد بن سلطان هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو.
·
نالو: محمد عمر مهر
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر ڪوٽ
·
نالو: امداد علي پهنور
ڪلاس: ستون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول کاهي ضلع سانگهڙ.
·
نالو: محمد حنيف آرزو
ڪلاس: اٺون اي
وندر: انسانيت سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول محمد آباد وايا جلال خان گرگيز
·
نالو: الطاف حسين پيرزادو
ڪلاس: اٺون سي
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.
·
نالو: منير احمد نوحاڻي
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول پريالوءِ.
·
نالو: گلاب خان پٺاڻ
ڪلاس: نائون
وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول قمبر علي خان.
·
نالو: ٽيڪو ڪالاڻي
ڪلاس: ڏهون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 16 سال
ائڊريس: نزد پنج گولو چوڪ راجا ميوزڪ سينٽر خيرپور
ميرس.
·
نالو: ديوانند ڪالاڻي
ڪلاس: نائون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: راجا ميوزڪ سينٽر خيرپور ميرس.
·
نالو: محمد سليم
ڪلاس: ستون اي
وندر: علمي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: پي هاءِ اسڪول ڏيپلو.
·
نالو: محمد خالد پنهور
ڪلاس: ستون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول کاهي، ضلح سانگهڙ.
·
نالو: انور علي سهتو
ڪلاس: ستون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: مڊل اسڪول پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد.
·
نالو شيوڪ رام
ڪلاس: ستون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول پنوعاقل
·
نالو: يونس پنهور
ڪلاس: ڏهون
وندر: هاڪي کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کاهي سانگهڙ. |