سانول اکيون کولي ماءُ ڏيءَ نهاريو، حرمت ٿڪل ٽٽل
هئي، تنهن ڪري گرميءَ هوندي به کيس ننڊ اچي وئي
هئي. سانول هوريان هوريان کٽ تان لهي هيٺ ٿيو ۽
ماءُ جي پگهريل منهن ڏي نهاريائين، جيڪا گهري ننڊ
۾ ستل هئي سندس ننڍڙي چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي. هو
هوريان هوريان پير پير ۾ ڪري گهر کان ٻاهر ٿيو ۽
دروازو ٻيڪڙي گهٽي ۾ غائب ٿي ويو.
سانول پنهنجي ننڍڙي ذهن سان سوچيو ته الله سائين
جيڪو سڀني جو مالڪ آهي سو ضرور ڪنهن وڏي عاليشان
بنگلي ۾ رهندو هوندو... غريب آباد جو جهڳن وارو
علائقو ٽپي، ريلوي لائين ڪراس ڪري شهر ڏي ويندڙ
شاهي روڊ تي اچي پهتو. روڊ ڪراس ڪري سوسائٽي جي
ايريا ۾ اچي پهتو. پريان رستي تي اڇي سونهاري ۽
اڇي پڳ سان هڪ بزرگ کي ايندو ڏٺائين، دل ۾
سوچيائين شايد اهو نيڪ مرد مون کي صحيح ڏس ڏئي.
اهو سوچي سانول پير مرد ڏي وڌي ويو ”ڪاڪا“ او ڪاڪا
پير مرد سانول جو سڏ ٻڌي بيهي رهيو. سانول ويجهو
اچي چيس: ”ڪاڪا! الله سائين جو گهر ڪهڙو آهي؟
پير مرد آڱر سان اشارو ڪندي چيو ”پٽ هو روڊ ٽپي،
پاسي کان ساڄي هٿ تي گهٽي ۾ الله سائين جو گهر
اٿئي.سانول ڪراڙي جو ڏس ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ سندس
ٻڌايل ڏس طرف تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڌڻ لڳو.
سج لهي اوير ٿي وئي ۽ سانول گهر نه پهتو، تڏهن
حرمت کي الڪو ٿيو، پهريائين سوچيائين ته سانول
ٻاهر گهٽيءَ ۾ ٻارن سان کيڏندو هوندو، پر جڏهن
گهڻي دير ٿي وئي، تڏهن پريشاني کيس ويهڻ نه ڏنو ۽
مٿي تي رئو رکي گهر جو در ٻيڪڙي سانول کي ڳولڻ
لاءِ نڪري پئي. پهريائين ته غريب آباد ۾ رهندڙ
ٻارن جي جهڳين مان پڇا ڪندي رهي. پر جڏهن کيس ڪٿان
به سانول جي سڌ نه ملي، تڏهن ريلوي لائين ڪراس ڪري
شهر ڏي رواني ٿي ۽ سوسائٽي جي علائقي ۾ اچي پهتي.
بنگلن جي اڳيان باغيچن ۾ وڏن ماڻهن جا ٻار کيڏي
رهيا هئا. حرمت ٻارن جي هرهنڌ ۾ پنهنجي سانول کي
ڳوليندي رهي. پر کيس ڪٿي به سانول نظر نه آيو.
هوءَ روڊن ۽ رستن ۾ چرين وانگر هيڏي هوڏي
واجهائيندي رهي. ڳوليندي سومهڻي ٿي ويس، سندس اکين
جي روشني جهڪي ٿيڻ ۽ دل وسامڻ لڳي. دل چويس پئي ته
جيڪر وڏا ٻوڪڙ ڪري، سانول کي سڏ ڪري کيس ڪجهه به
سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا ڪري. سوسائٽي جو مين روڊ
ڪراس ڪري سامهون واري گهٽي ۾ نظر ڊوڙايائين، سندس
نظر وڏي مسجد جي منارن تي وڃي پئي.
اوچتو دل ۾ خيال آيس ته ”مسجد جي مولوي صاحب کي
وڃي چوان ته لائوڊ تي اعلان ڪري ته منهنجو سانول
ڪٿي آهي؟
اها سوچ ڪري هوءَ مسجد جي طرف وڌي آئي، مسجد کي
وڏو ڪلف لڳل هو ۽ مسجد جي چانٺ تي ڏاڪڻ جي مٿئين
ڏاڪي تي هڪ ٻار اکين تي پنهنجي ننڍڙي ٻانهن رکيو
ستو پيو هو.
حرمت جي دل ٽپو کاڌو ۽ هلڪي دانهن نڪري ويس. ”پٽ
سانول“ سڏ تي ٻارڙن منهن تي ٻانهن هٽائي، اٿي
ويٺو.
حرمت کيس ڳراٽڙيءَ ۾ ورتو، ماءُ جي ڀاڪر ۾ ايندي
سانول اداس ٿيندي چيو: ”امڙ الله سائين جو گهر ته
ڳولي لڌو اٿم، پر تالو لڳو پيو آهي.“ ماءُ معصوم
سانول کي ڇڪي زور سان ڇاتيءَ سان لائي ڀاڪر ۾ آڻي
پنهنجي رئي سان لڪائي ڇڏيو.
مائي سوڍي
اڄ اسان جيئن ڪاليج کان گهر پهتاسين ته گهر ۾،
مائي سوڍي کي ويٺل ڏٺوسين. ان کي ڏسي ڏاڍو عجب لڳو
ته مائي سوڍي وري ڪٿان اچي ويئي. ڇو ته هوءَ پنجن
سالن کان گم هئي، اها خبر ڪنهن کي به نه هئي ته
هوءَ ڪيڏانهن ويئي هئي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي گهر
ايندي هئي ۽ ڪجهه وقت انهن جي گهر ۾ پنهنجو وقت
گذاريندي هئي. ماني ٽڪر کائي الائي ڪيڏانهن ويندي
هئي. مائي سوڍي جي صورت ايڏي ته بگڙيل هئي جو مان،
هن کي ڏسي پنهنجي اکين تي هٿ رکي ڇڏيندي هيس. ڇو
ته مون کي هن کان ڏاڍو خوف ٿيندو هو، پر جيئن مان
وڏي ٿيندي ويس، تيئن مون کي هن جي ڳالهين ۾ مزو
اچڻ لڳو، هن جا چپ ۽ نڪ ۽ اکيون بگڙيل ڏسي حق تي
ٻار ڊڄندا هئا.
پر مائي سوڍيءَ جي صورت، جيتري خراب، ايترو سندس
ڳالهائڻ ۾ پيار هوندو هو. هن جي ڳالهائڻ ۾ هر وقت
۽ هر ڳالهه تي شاهه صاحب جا شعر پڙهڻ ۽ اهي شعر
خاص ڪري چوندي، جن ۾ مارن جي حب سڪ هجي مون کي ته
ان ڳالهه تي ڏاڍو عجب لڳندو هو، ته اسان پڙهيل
لکيل به شاهه صاحب جو هڪ اڌ شعر به ڪيتري ڪوشش کان
پوءِ ياد ڪري يا سمجهي به نه ٿا سگهون، پر مائي
سوڍي شاهه صاحب جا شعر ايترو آسانيءَ ۽ رواني سان
چوندي هئي، ڄڻڪ هن کي شاهه جو رسالو سڄي جو سڄو
ياد هجي.
اسان جي گهر ايندي هئي، امان هن کي ماني کارائيندي
هئي، جڏهن هي ويندي هئي ته امان چوندي هيس ته مائي
سوڍي ويهه، پر هي چوندي هئي ته، نه امڙ، هاڻي مان
وڃان ٿي. الله خوش رکي توهان کي ”مارئي کي وري
پنهنجا مارو ياد پيا اچن“ ائين چئي هلي ويندي هئي،
مائي سوڍي مارئي ته پاڻ کي چوندي هئي پر مارو
الائي ڪنهن کي چوندي هئي.
هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه نه گهريو. هن جا هن دنيا
۾ ڪي به مائٽ ڪونهي، اها ڪنهن کي به خبر نه آهي ته
هوءَ ڪٿي آهي ڪيڏهون آئي، بس هو هڪ درويش عورت
پنهنجي رب سان بيپناهه محبت ڪرڻ واري آهي. مائي
سوڍي اڪثر ڳالهيون، پنهنجي سفر جون ڪندي هئي، ته
ماڻهو هن سان ڪيئن پيش آيا ۽ هن جي ڪهڙي مدد
ڪيائون، مائي چوندي هئي ته منهنجو پيءَ رڳو شاهه
صاحب جا بيت چوندو هو ۽ مان ننڍي هيس جو گهر ۾
بابا کي ڏٺم. ٻيو ڪو مائٽ ڪونه هو. بابا جي عادت
هوندي هئي جو هو هر وقت شاهه صاحب جا بيت چوندو
هو. ۽ ائين مون کي به اهي ياد ٿي ويا. ان جي مرڻ
کان پوءِ مان بلڪل اڪيلي رهجي ويس.“ مائي سوڍي کي
شاهه صاحب سان ڏاڍي محبت هئي. وقت بوقت ڀٽ تي
ويندي هئي. محبت ۽ سڪ هن جي من ۾ سمايل هئي. تڏهن
هر وقت اهي شعر پڙهندي هئي. جن ۾ حب ۽ سڪ سمايل
هجي.
اڄ مان جڏهن ڪاليج کان گهر پهتس ته مون سان گڏ
ٻيون به ڇوڪريون هيون، انهن ڇوڪرين جو مائي سوڍيءَ
کي ڏٺو سو هڪ ٻئي کي ڏسي هن تي ڏاڍو کلڻ لڳيون ۽
هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون ته هن جي صورت ته ڏسو ڪهڙي آ
مائي سوڍيءَ جا هنن جون ٺٺوليون ٻڌي رهي هئي، هنن
کي چوڻ لڳي ته ”اڙي امڙيون، مون تي ڇو ٿيون کلو
”کلو ته ان ڪاريگر تي، جنهن مون کي ٺاهيو آ“ جنهن
توهان کي به ٺاهيو آ. اهو ٻڌي ڇوڪريون ڪجهه لڄي
ٿيون ۽ مائي سوڍي اٿڻ لڳي ۽ مان چيومانس ”مائي
سوڍي ويهه ٻڌاءِ ته تون پنج سال ڪاڏي ويئي هئين“
چيائين ”امڙ بس سير سفر تي ويئي هيس، هاڻي وڃان
ٿي. مارئي کي وري پنهنجا مارو ياد پيا پون ائين
چئي ويندي رهي.
شيدا ڪاشميري
منير سولنگي
بيوقوفن جو شهر
قديم زماني ۾ ڪوهه ڪاف جبل جي ويجهو، بيوقوفن جو
هڪ ڳوٺ هيو. مگر هاڻي ان ڳوٺ جو ڪوبه نالو نشان
ڪونهي. ان ڳوٺ جا رهاڪو، بيوقوفي جي ڪري سڄي تر ۾
مشهور رهيا. خاص ڳالهه، اها هئي ته هنن ڪڏهن ٻلي
ڪانه ڏٺي هئي. اهي ٻلي جي نالي کان به واقف نه
هئا. ٻلي نه هجڻ ڪري هنن جي ڳوٺ ۾ ڪئا تمام گهڻا
هئا. جيڪي ڳوٺ وارن جا اناج ۽ ڪپڙو وغيره کائي چٽ
ڪري ڇڏيندا هئا. ڳوٺ جا ماڻهو، ڏاڍا ششدر هئا. هو
ڪنهن به قيمت تي، ڪئن کان جند ڇڏائڻ لاءِ آتا هئا.
ان باري ۾ ڳوٺ جي ماڻهن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو، پر
کين ڪابه ترڪيب سمجهه ۾ نه آئي. هڪ ڏينهن شام جو
هڪ مسافر انهن جي راڄوڻي اوطاق تي اچي ٽڪيو. مسافر
سان هڪ ٿلهي متاري ٻلي به ساڻ هئي. اها ٻلي ڪوئن
جي شڪار ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڀڙ هئي. جنهن اوطاق ۾ مسافر
اچي ٽڪيو هيو، ان ۾ ڪئا بي ڊپا ٿيا ٺينگ ٽپا ڏيئي
رهيا هيا، ٻلي پهريائين ته ڪئن کي هيڏي هوڏي بي
ڊپو گهمندي ڏسندي رهي.ڱ آخر هن خوشي وچان هڪ ٽپ
ڏنو، نشانو پورو لڳو. ڪجهه ڪئا مارجي ويا. ڪجهه
زخمي ٿي پيا ۽ ڪجهه ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اوطاق ۾ جيترا به ماڻهو هيا. انهن جو ڪئن جي ڀاڄ
ڏٺي ته اهي عجب ۾ پئجي ويا. اهي ڳوٺ جي ٻين ماڻهن
کي به سڏي آيا ۽ ٻلي ڏيکارڻ لڳا. ٻلي وري ڪئن کائڻ
۾ رڌل هئي. ڳوٺاڻن مان هڪڙي ماڻهو چيو جيڪڏهن هي
جانور اسان کي ملي وڃي ته ڪئن کان سڄي ڳوٺ جي جند
ڇٽي پوندي، پوءِ سڀني صلاح ڪري مسافر کي هڪ هزار
رپيا ڏنا ۽ ان کان ٻلي خريد ڪيائون. مسافر کي جو
ٻلي جا ڏهه سو مليا ته هو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي.
ساڳي وقت هن دل ۾ سوچيو ته هن ڳوٺ جا ماڻهو بيوقوف
آهن. متان سودي تان ڦري نه وڃن، تنهنڪري هن رات بي
آرامي ۾ گذاري ۽ هو صبح جو ساجهر ئي بيوقوفن جي
ڳوٺ مان وٺي ڀڳو. مسافر جڏهين ڳوٺ کان ٻاهر نڪري،
چڪو ته پوئتان ڳوٺ وارن کي خيال آيو ته اسان مسافر
کان اهو ته ڪونه پڇيوسون، ته هي جانور ڇا کائيندو
آهي. انهن هڪ ماڻهو مسافر جي پٺيان ڊوڙايو. مسافر
جڏهين ڏٺو ته ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان ڊوڙندو اچي ته
سندس دل زور سان دهڪڻ لڳي، تنهن ڪري هن به کڙين تي
زور ڏنو. پويان ايندڙ ماڻهوءَ مسافر کي رڙ ڪري
چيو، ته او ڀائو! او ادا اسان کي جانور جو کاڌو ته
ٻڌائي وڃ! مسافر ڊڪندي ئي اتان جواب ڏنو ته ”اهو
جانور ٿلهي متاري مينهن جو گوشت کائيندو آهي“
بيوقوف ماڻهوءَ دل ۾ سوچيو، ته هي جانور ٿلهي
متاري مينهن کائيندو آهي، هاڻي ڇا ٿيندو؟ اسان کير
مکڻ ڪٿان حاصل ڪنداسون، اسان جا ٻچا کير مکڻ کان
سواءِ ڪيئن زندهه رهندا؟
انهيءَ پريشانيءَ ۾ ڳوٺ وارن وٽ اچي پهتو ۽ کين
سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. پوءِ ته ڳوٺ جا سڀ
بيوقوف اچي مڙيا. اهي هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪرڻ
لڳا ته ”اسان جو ٿلهيون متاريون مينهون ٿورن ڏينهن
۾ ئي ختم ٿي وينديون ۽ پوءِ ڏٻريون مينهون به هي
جانور کائي ويندو. جڏهن سڀ مينهون به کپي وينديون
ته هي جانور ڇيلا ٻڪريون به کائي ويندو. جڏهن
ٻڪريون ختم ٿي وينديون ته پوءِ اهو جانور ڪڪڙيون
کائڻ شروع ڪندو، جڏهين اهي به خلاص ٿي وينديون، ته
پوءِ شايد اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي به کائڻ شروع
ڪندو. اهي ڳالهيون ٻڌي عورتون روئڻ لڳيون. عورتن
کي ڏسي ٻار به روئڻ لڳا. عورتن ۽ ٻارن کي روئيندو
ڏسي مرد به دڙهيون هڻي روئڻ لڳا. ايتري ۾ روڄ راڙ
ٿي ويو، جو پري پري تائين ڪن ئي نه پيو ڏاري. جڏهن
سڀ ماڻهو روئي روئي ٿڪجي پيا تڏهين انهن مان هڪ
ڪراڙي ماڻهوءَ ڳوڙها اگهي، انهن کي چيو: ”هاڻي
روئڻ مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو، اسان سڀ سياڻا
ماڻهو آهيون، اسان کي هن جانور کان بچڻ لاءِ ڪا
اٽڪل سوچڻ گهرجي“ پوءِ ته سڀ مؤرک ويهي رهيا ۽ مٿن
کي هٿ ڏيئي ڪا رٿ سوچڻ لڳا. نيٺ انهن مان هڪ وڏي
عقلمند چيو ته ”هن کي زهر ڏنو وڃي“ ماڻهن ۾ واهه
واهه ٿي ويئي. ايتري ۾ ميڙ مان هڪ ماڻهو اٿي بيٺو.
هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو ”توهان سڀ ماڻهو بيوقوف
آهيو توهان شايد اهو وساري ويٺا آهيو، ته جيڪو
جانور هڪ ٿلهي متاري مينهن کائيندو آهي. اهو زهر
ڪيئن کائيندو؟“ سڄي ميڙ ۾ چپ ڇانئجي ويئي. وري
ٻيهر سارو ڳوٺ روئڻ ۾ شروع ٿي ويو. نيٺ هڪ ٻيو
عقلمند اٿيو، تنهن چيو ته ”عورتون روئن ٿيون ته
ٻار روئن ٿا انهن سڀني جو روئڻ اسان کان ڏٺو نٿو
ٿئي، تنهن ڪري، لاچار اسان به روئي ويهون ٿا.
ان ڪري عورتن ۽ ٻارن کي گهرن ڏانهن روانو ڪجي، ته
اسان سڀ ماڻهو هڪ منا ٿي ڪا اٽڪل سوچيون. هي ماڻهو
ٻليءَ کان ايترو ته ڊنل هئا، جو انهن مان هڪ
ماڻهوءَ چئي ڏنو ته ”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو اسان
پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي هيکل گهرن ڏانهن موڪليون.
انهيءَ تي خوفناڪ جانور جيڪڏهن مينهن جي بدران
اسان جي عورتن ۽ ٻارن کي کائڻ شروع ڪيو ته اسان ان
کي ڇا ڪري سگهنداسون، افسوس! اسان کي ڪهڙيءَ بلا
کاڌو جو مسافر کان هيءُ جانور خريد ڪيو سون.
انهيءَ کان ته ڪئا، هزار دفعا بهتر هئا. آخر فيصلو
ٿيو ته جيستائين انهيءَ جانور کي مارڻ جي ڪا تجويز
سمجهه ۾ اچي تيستائين عورتن ۽ ٻارن کي ڪيڏانهن وڃڻ
نه ڏبو. آخر هنن کي هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي. ترڪيب
هيءَ هئي ته جنهن گهر ۾ اهو جانور هن وقت موجود
آهي ته ان گهر کي يڪدم باهه ڏني وڃي. انهيءَ ترڪيب
سان سڀني اتفاق ڪيو ۽ خوشيءَ وچان نچڻ ڪڏڻ لڳا.
هنن ان گهر کي باهه ڏني، جنهن ۾ ٻلي هئي. باهه گهر
کي چوڌاري وڪوڙي ويئي، ٻليءَ کي جڏهين خطرو محسوس
ٿيو ته تڏهين هوءَ نهايت آرام سان دريءَ مان ٽپ
ڏيئي، ٻئي گهر ۾ هلي ويئي. جڏهن بيوقوف ٻليءَ کي
سلامتيءَ سان ٻئي گهر ۾ ويندي ڏٺو ته، تڏهن اهي سڀ
خوف وچان ڏڪڻ لڳا. انهن جلدئي ٻئي گهر کي به باهه
ڏني ته ٻلي وري ٽئين گهر ۾ هلي ويئي. بيوقوف ڏاڍا
پريشان ٿي ويا مطلب ته گهرن ساڙڻ جو سلسلو ان وقت
تائين هليو، جيستائين سارو ڳوٺ سڙي رک نه ٿي ويو.
ماڻهن جو ڏٺو ته ٻلي انهيءَ رستي سان ڀڄندي پيئي
وڃي. جنهن رستي سان سندس مالڪ صبح جو ساجهر روانو
ٿي چڪو هو. ٻليءَ کي ويندي ڏسي، هي سڀ ماڻهو ڏاڍا
خوش ٿيا. انهيءَ خوشيءَ ۾ گهڻو وقت دير تائين هڪ
ٻئي کي گهرن جي رک مکيندا رهيا.
غلام مرتضيٰ
سولنگي اسان جا
اديب
امداد حسيني
سنڌي ادبي کيتر ۾ امداد حسيني هڪ وڏو نالو آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ درجي جي حيثيت رکندڙ
شاعر امداد حسيني جو اصل نالو، امداد علي شاهه
آهي. سندن والد محترم جو نالو سيد فضل محمد شاهه
آهي. سندن جنم 1941ع تي علم و ادب جي گهر واري شهر
ٽکڙ (ضلع حيدرآباد) ۾ ٿيو. پڙهائيءَ جي سانگي سان
حيدرآباد کي مستقبل ديرو بنايائين.
موسيقي جي به سٺي ڄاڻ اٿس. ڪمپيئرنگ ڪرڻ ۾ به سندس
مٽ ڪو ورلي ٿيندو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان
ڪيترائي پروگرام ڪيا اٿس. جن ۾ خاص طرح پروگرام
”جهڙا گل گلاب جا“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو
آهي. پاڻ نه صرف شاعر آهي، پر هڪ اعليٰ درجي جو
نقاد پڻ آهي. هو نوان تجربا ڪرڻ، نوان خيال پيدا
ڪرڻۡ ۽ ادب ۾ انقلاب آڻڻ جو حامي رهيو آهي. ڪجهه
عرصو سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي علمي ۽ ادبي رسالي
”مهراڻ“ ۾ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ
بڪ بورڊ (ڄام شورو/ حيدرآباد) ۾ سبجيڪٽ (سنڌي)
اسپيشلسٽ آهي. اچو ته سندس ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهون.
مصطفيٰ سولنگي: سائين! توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهنڙا
ڪيئن گذريا؟ ۽ تعليم ڪهڙي نموني حاصل ڪئي؟
امداد حسيني: دود ڦُلا، گرگُالون ۽ گولاڙا پٽيندي،
ست رنگا پيرون پٽيندي، کنڀيون ڳوليندي؛ ڪُمن ۽
ڪوڻين لاءِ ڍنڍن ۾ تڙڳندي، جوئر جا ڳنا چوسيندي،
ٻاجهر جا کيرا آڀون کائيندي، ڊوڙن پائيندي،
رانديون: (ونجهه وٽي، لاٽمن (لاٽونءَ) ڦرڦر سونٽي،
لڪ لڪوٽي، اٽي ڏڪر، ٺٻ ٺٻاڻي، ڏاڪ چماڻي، اگهه
ٻگهه، بلورن (چڌن) گراڙن، ڪندرو (پاڻي جي راند)...
کيڏندي ڏاڏي جي جوٽ تي ڪنڌ لاڙي آکاڻيون ٻڌندي....
ننڍپڻ پر ڪري الائجي ڪيڏانهن اڏري هليو ويو.
باقي رهيو تعليم وارو سوال ته مان پرائمري تعليم
ڳوٺ جي کٿاب (مڪتب) ۾ ورتي مئٽرڪ نور محمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد مان ڪيم، پوءِ سچل سرمست ڪاليج ۾
داخل ٿيس ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم.
مصطفيٰ سولنگي: ادبي کيتر ۾ پير پائڻ جو مکيه
ڪارڻ؟
امداد حسيني: مون پاڻ کي ظاهر ڪرڻ ٿي گهريو. چوڻ
ٿي چاهيم ڪجهه. جذبي ۽ احساس کي اظهارڻ ٿي گهريم
لفظن جي روپ ۾، سنڌي ٻوليءَ ساهت ۽ سڀيتا کي جيڪي
خطرا آڏو هئا، انهن کي ٽارڻ به ان جو هڪ ڪارڻ ٿي
سگهي ٿو. ماحول، وقت ۽ حالتون به ان لاءِ تلاهي
آهن.
مصطفيٰ سولنگي: ننڍپڻ ۾ اوهان جون ڪهڙيون مشغوليون
هونديون هيون؟
امداد حسيني: رلڻ، رانديون کيڏڻ ۽ ڏاڏي کان روز
رات جو آکاڻيون ٻڌڻ. آکاڻي کان سواءِ مون کي ننڊ
نه ايندي هئي، پوءِ ڪتابن پڙهڻ جو چسڪو لڳو.
مصطفيٰ سولنگي: ننڍپڻ جي ڪا شوخ شرارت؟
امداد حسيني: ڪيتريون ئي آهن. جنب هڻڻ، هائو ڪرڻ،
ڪرسي سوري وٺڻ، جتيون لڪائي ڇڏڻ. پٺيان ڦري اکين
تي هٿ رکڻ جي هير اڄ به نه وئي آهي، مون مان... هڪ
ڀيري ڳوٺ جي مڻن واري گهٽيءَ جي ڇيڙي تي، استي
محمد ڪنڀار جي ڪنهن مهمان جا لوڙهي تي ڪپڙا پئي
سڪيا، سٿڻ، پهراڻ ۽ پٽڪو. اسين اهي ڪپڙا لاهي
ڳنڀيرن جي پاڙي ۾ وياسين ۽ حاجي لکاني (هي به هڪ
ڪردار هو جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو) کي سڏي،
کيس ڪپڙا ڏئي چيوسين، ته ”فلاڻي ماڻهو هي ڪپڙا خدا
ڪارڻ ڏنا آهن“ کيس اهو به چيوسين ته، ”اهو ماڻهو
بازار ۾ ويٺو آهي ۽ تون ڪپڙا پهري هلي ڏيکار! هن
خوش ٿي اسان کان ڪپڙا ورتا. اسين بازار پهتاسين،
ته گولي جي هوٽل ۾ استو محمد ۽ سندس مهمان (گوڏ
ٻڌل) اڳي ئي ويٺا هئا، هنن کي پڪ هئي ته ڪپڙا اسان
ئي کنيا آهن. پر اسين اتي ويا سين. هاڻي اسان کي
انتظار هو، حاجي لکاني جو، ته هو ڪپڙا پائي اچي،
ته ٿئي ملاکڙو! پر هن کي به ڪو شڪ پئجي ويو هو ۽
هو ڪپڙن جي هڙ جي هڙ کڻي آيو ۽ چيائين ته ”توهان
وڏا ٺڳ آهيو آئون ڪپڙآ ڪونه پهريندس،“ ائين ڪپڙا
موٽي مالڪن کي مليا.
مصطفيٰ سولنگي: اڄڪلهه ٻارڙن لاءِ جيڪو ادب تخليق
ٿئي پيو، ڇا اهو ٻارڙن جي ذهني معيار تي پوريءَ
طرح لهي ٿو؟
امداد حسيني: نه! اسان اڃا ٻارن جا ”ايڇ گروپ“ ئي
نه ٺاهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جا لوڪ ادب سلسلي
هيٺ ڇپايل ڪتاب، خاص ڪري پکين جانورن، جنن، ديون،
پرين، راڻين ۽ بادشاهن جون آکاڻيون ٻارن جي ذهني
معيار وٽان آهن. اهي ضرور پڙهڻ گهرجن، پر انهن جي
ڇپائي ۽ گيٽ اپ به ٻارن جي معيار وٽان هئڻ گهرجي.
مهم جوئي، جاسوسي، سائنس فڪشن ۽ معلوماتي ڪتاب به
اچڻ گهرجن. ڪومڪسس به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجن
”گلي ورجو سير“ جهڙن ڪتابن کي باتصوير ۽ وڏي سائيز
۾ آڻڻ گهرجي.، سنڌباد، حآتم طائي، الف ليليٰ وغيره
با تصوير ڪري ڇپايا وڃن. ٻارن لاءِ ۽ ٻارن جي لکيل
ادب جون چٽا ڀيٽيون ڪرايون وڃن ۽ انعام کٽندڙ ڪتاب
ڇپايا وڃن. لوڪ ٻاراڻا ٻول جهڙوڪ: ارچڪ مرچڪ،
ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڙي، جو ڊيمبو؛... لوڪ ادب رٿا هيٺ
ڇپايا وڃن ورهاڱي کان اڳ ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر ڇپايو
وڃي.
مصطفيٰ سولنگي: اوهان ڪهڙن ادبي ادارن ۽ اديبن جي
ڪارڪردگيءَ مان خوش آهيو، جن ٻاراڻي ادب کي ترقي
وٺائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي؟
امداد حسيني: ان ڏس ۾ في الحال ته سنڌي ادبي بورڊ
جو ئي نالو وٺي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ مرتضيٰ ڀٽي جو
نالو ضرور وٺندس، جيڪو ”گلستان“ رسالو ڪڍندو هو.
منهنجي لکڻ جي شروعات به ان رسالي کان ٿي. اياز
پاتوليءَ به ان ڏس ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي.
انفرادي طور تي، جن اديبن ٻارڙن لاءِ لکيو آهي،
انهن ۾ استاد بخاري ۽ الطاف عباسيءَ جا نالا خاص
طور تي وٺندس. نصير مرزا، ادل سومري ۽ نياز پنهور
به ٻارڙن لاءِ شاعري ڪئي آهي. اڪبر جسڪاڻي نثر ۾
”بتين واري ناني“ لکيو آهي. اسان جي وڏن وڏن اديبن
کي به ٻارن لاءِ لکڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي
ننڍپڻ بابت ته ضرور لکڻ گهرجي. اهو مواد ڇپيو ڪٿي،
ته اهو هڪ ڌار مسئلو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ
الاجي کي ٻاراڻي ادب لاءِ ڌار سيل مقرر ڪرڻ گهرجي.
مصطفيٰ سولنگي: سائين اوهان جي ذهن ۾ اڄوڪي سنڌ جي
ٻار جو ڪهڙو تصور آهي؟
امداد حسيني: سنڌي ٻار ڏاڍو ذهين ۽ بهادر آهي. ان
کي هرڪا سهولت هڪي ڪري ڏيڻ گهرجي، تعليم، توڙي هم
نصابي تعليم ۽ راندين جي ڏس ۾ سونهپ ۽ واهر ڪرڻ
گهرجي ته جيئن اڳتي هلي دنيا جي سطح تي هو پاڻ کي
مڃرائي.
مصطفيٰ سولنگي: سنڌي ٻارڙن جي تعليم و تربيت، سيرت
۽ ڪردار ۽ صحت و مسرت لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
امداد حسيني: ان ڏس ۾ مائٽن ۽ استادن کي پنهنجو
فرض ادا ڪرڻ گهرجي. ٻارڙن جي وندر ۽ دلچسپي لاءِ
اپاءُ وٺڻ گهرجن. مائٽن کي اسڪول وزٽ ڪري پڙهائي
جو معيار پرکڻ گهرجي. ذهني توڙي جسماني صحت لاءِ
ٻارن کي رٿابندي سان سکيا ڏيڻ گهرجي. اسان جي ٻار
۾ هر گُڻ موجود آهي، نه رڳو ان گُڻ کي بچائڻو آهي،
پر ان کي وڌائڻو به آهي. گهر، اسڪول، ڪاليج، ويندي
يونيورسٽيءَ تائين باقاعدي رٿابنديءَ سان ٻار کي
تيار ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ”پاڻ ارپڻ“ وارو جذبو
ضروري آهي، استادن جي ان ڏس ۾ بنيادي ذميواري آهي.
هر اسڪول ۽ ڳوٺ ”ٻارڙن جي ٻاري“ ٺاهڻ گهرجي.
اسڪائوٽ گرل گائيڊ جون تنظيمون قائم ڪجن.
مصطفيٰ سولنگي: آخر ۾ ٻارڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ
چاهيندو؟
امداد حسيني: ٻارڙن لاءِ منهنجو پيغام ”سنڌي پنجون
ڪتاب“ ۾ ڇپيل منهنجو سڄو نظم ”قدم وڌائي اڳتي هل“
آهي. هتي ان جو آخري شعر ٻڌايان ٿو.
وقت وڃائين مفت متان
قيمت لهڻي هرڪو پل!
نظم
وڻي ٿو پيارو رسالو گلن جو،
سدا سونهن وارو رسالو گلن جو
ٽلن مور جهڙا ننڍڙا ٻار سهڻا
ڏسو هي نظارو رسالو گلن جو.
رهي هي هميشہ دعا آهي دل جي،
سدا هي دلارو رسالو گلن جو،
ادب خُلق سان جو سنواري ٿو ٻالڪ،
اهو جيءَ جيارو رسالو گلن جو،
”آصف“ آهي هردم انهيءَ جو پياسو،
قلب جو قرارو رسالو گلن جو.
عبدالمالڪ ”آصف“ پلي
عبدالصمد سومرو
مضمون نمبر 1
سلسلو نمبر 43
ٻوڏ جا راڱا ۽ غريب ماڻهو جا حال
جن وٽ صرف الله جو نالو ئي رهيو آهي. هڪ ويلي جي
ماني لاءِ محتاج آهين.
هڪ رات تمام تيز برسات ۽ هوا لڳي، جيڪا ايتري قدر
ته تيز هئي جو پاڻيءَ جون ڇوليون، بندن جي مٿان
اچي رهيون هيون، ڄڻ ڪنهن مٿان اُلر ڪن پيون. ان
رات تمام وڏو خطرو هئو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو انديشو
هئو. اهڙي حالت ۾ غريب ماڻهن وڏي همت سان حالات
سان مقابلو ڪيو ۽ بندن کي وڌ ۾ وڌ مضبوط ڪيو. اگر
ان وقت باقي رهيل بند به ٽٽي پون ته اهڙي صورت ۾
الله ئي واهي آهي، ڇو ته ان وقت مدد جو آسرو بلڪل
نه هوندو آهي.
ٻوڏ دوران مختلف بيماريون اچي منهن ڪڍنديون آهن،
جهڙوڪ مليريا، دستن جون بيماريون ۽ ڪالرا وغيرهه.
هي اُهي بيماريون آهن، جن جي بروقت روڪٿام نه ٿيڻ
ڪري وڌيڪ ڦهلجڻ جو خطرو هوندو آهي ۽ هزارين ماڻهو
بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ موزون علاج ۽ غذا
جي گهٽ دستيابيءَ سبب بيمارين وگهي موت جي چنبي ۾
اچي وڃن ٿا.
ٻوڏ دوران اهو ڏٺوسين ته ڪجهه جانور تيز ۽ گهڻي
پاڻيءَ سبب جلدي نڪري نه سگهندا. سي ٻڏل جهوپڙين
جي مٿان بُکن کان پاهه ٿيا ويٺا هئا. دانهون ۽
اونايون ڪري رهيا هئا. غريب ماڻهو جي ڪسمپرسي جي
هي حالت ڏسي هيانءُ ڀرجي اچي ٿو.
تازيون ٻوڏون نه فقط سنڌ جو پر پوري برصغير جو
بدترين حادثو آهن. تاريخ ۾ اهڙيون ٻوڏون وڏيون
هاڃيڪار ثابت ٿيون آهن. ٻوڏن پنهنجي هن عمل سان
ڪڏهن مالي ته ڪڏهن جاني نذرانو ورتو آهي. جنهن
پنهنجي موجن سان قومن ۽ تهذيبن کي ناس ڪيو آهي.
سنڌوءَ جي تاريخ اهڙين واقعن سان ڀري پئي آهي.
سنڌوءَ جي سيني ۾ تاريخ جا اَملهه دور سمايل آهن.
هن جي اوج کي شايد ڪير به نه روڪي سگهيو آهي.
اسان وٽ تازو مثال سورجاڻي بند جو آهي، جيڪو پاڻي
جي زور وچان ٽُٽي پيو ۽ هزارين جانيون پاڻي اندر
ڦاسي پيون ۽ لکن روپين جا فصل، مال متاع ۽ گهر
تباهه ٿي ويا. هن افسوسناڪ واقعي ۾ ويچارا
ماروئڙا، بي وسي جي حالت ۾ بي يارو مددگار کليل
آسمان هيٺيان مدد لاءِ سڏين پيا. ان وقت جيڪا
امداد سرڪاري ڪامورن هٿان ورهائي پئي وڃي سا بلڪل
نه هجڻ جي برابر هئي. مٿيون مثال صرف ٺٽي ضلع جو
آهي. جڏهن ته پوري سنڌ هن مصيبت ۾ گهيريل هئي.
غريب ماڻهوءَ جي حال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي
ٿو ته هو پنهنجا سر بچائي ٻاهر نڪتا . سندن سارو
الهه تَلهه چٽ ٿي ويو. ويچارا سادهه دل ماروئڙا، |