نيپچون:
هي گرهه زمين کان گهڻو پري آهي، هن گرهه کي 1864ع
ڌاري لڌو ويو هو، هي سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر
”165“ سالن ۾ پورو ڪري ٿو.
پلوٽو:
هي گرهه نظام شمسي جو نائون ۽ آخري گرهه آهي، هن
گرهه کي سائنسدانن 1930ع ۾ ڳولهي لڌو. پلوٽو سج
کان ”6000000000“ ڇهه ارب ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي
آهي. هي سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر ”284“ سالن ۾
پورو ڪري ٿو، اڃا تائين هن گرهه جي ڪنهن به چنڊ جي
باري ۾ خبر نه پئجي سگهي آهي.
اپگرهه:
اپگرهه ننڍڙن ننڍڙن گرهن کي سڏجي ٿو، مريخ ۽ مشتري
جي مدارچن جي وچ ۾ هزارن، لکن جي تعداد ۾ اپگهرهن
کي ڏٺو ويو آهي، هي جسم جي لحاظ کان گرهن کان تمام
ننڍا آهن پر هر طرح سان هي گرهن سان مشابهت رکن
ٿا، ڪيترن ئي سائنسدانن جو خيال آهي ته گرهن جي
پاڻ ۾ ٽڪراءِ جي ڪري ڪجهه ننڍا ٽڪرا ڌار ٿي ويا،
جن کي اسين پوءِ اپگرهه سڏڻ لڳاسين.
کل ته سهي
·
فقير زوردار آواز ۾ چيو ڪڍ الله جي نالي ته هڪ
رپيو! ماڻهوءَ ويچاري ڊڄي هڪ رپيو ڏئي ڇڏيو. ان
کان پوءِ فقير چيس.
گُهر جيڪو گُهرڻو اٿئي؟
ان ماڻهو چيو: منهنجو رپيو واپس ڪر.
سعيد احمد ابڙو جوهي
·
استاد (انور کان پڇيو) ٻڌاءِ نوٽ بوڪ ڇا کي چئبو
آهي؟
انور: سائين جنهن بوڪ ۾ نوٽ ئي نوٽ هجن.
عبدالوهاب هاليپوٽو بدين
.
·
هڪ ماڻهو پنهنجي گهر فون ڪئي، سندس ننڍڙي ڌيءَ
ٽيليفون کنئي ۽ روئڻ لڳي. ماڻس روئڻ جو سبب پڇيس.
ڌيءَ چيو: امان، بابا هاڻ فون مان ڪيئن نڪرندو.
سعيده خانم ابڙو جوهي
·
هڪ ڇوڪرو اسڪول ۾ ڦڻي نه ڏئي آيو (استاد پڇيس) پٽ
ڦڻي ڇو نه ڏئي آيو آهين. ڇوڪر چيو ته سائين ڦڻي گم
ٿي وئي آهي. استاد چيو: ته ”پٽ پاڙي وارن کان وٺي
هان“ ڇوڪر چيو ”سائين اهي سڀ گنجا آهن.
رنجيت ڪمار سيواني ميرپور ماٿيلو
·
پٽ، ماءُ کان پڇيو ته؟ امان هن شيشي ۾ ڪهڙو تيل
آهي“
ماءُ چيو: ابا هن ۾ ته کؤنر آهي.
پٽ: مان به چوان ته ٽوپي مٿي مان ڇو نه ٿي لهي.
آفتاب احمد ٻٻر
·
هڪ ڇوڪر (ٻئي کي) وڏا وڏا ماڻهو به منهنجي پيءُ
آڏو پٽڪو يا ٽوپي لاهي ويهندا آهن.
(ٻيو ڇوڪر) هو ڇا ڪندو آهي.
پهريون ڇوڪر: بابا حجام آهي.
نريت ڪمار راٺي پنگريو
·
هڪ مريض ڊاڪٽر وٽ آيو، ڊاڪٽر ان کي دوا ڏيندي چيو
ته ٽي چمچا، صبح، ٽي شام، ٽي رات. مريض چيو:
سائين مون وٽ ايترا چمچا ڪونه آهن.
غلام حسين خاصخيلي بوبڪ
·
اليڪشن جي وقت ۾ ٻن اميدوارن جي وچ ۾ بحث ٿي رهيو
هو. هڪ اميدوار چيو: مون کي خبر آهي ته تون ڪنهن
جي اشاري تي هلين ٿو. ٻيو، اميدوار ڪاوڙجي پيو ۽
چيائين: تون اليڪشن جي وچ ۾ منهنجي گهر واري جو
نالو ڇو ٿو کڻين.
ممتاز علي ميمڻ ٻيلو شهر
·
آءِ جي پوليس هڪ خطرناڪ ڏوهاري جا ڇهه مختلف فوٽو
سڄي سنڌ جي ٿاڻن تي ڏياري موڪليا.
هڪ پوليس ٿاڻي تان آءِ جي کي لکيو ويو.
ڇهن خطرناڪ ڏوهارين مان هڪ کي پڪڙيو ويو آهي ۽ ٻين
جي ڳولا جاري آهي.
ممتاز قريشي مڪلي ٺٽو
·
هڪ دست، ٻئي دوست کي چيو، يار توهان چوڪيدار رکيو
آهي ڇا. هو توهان جي گهر جي در وٽ سڄي رات کنگهيو
پئي.
ٻيو دوست ”نه يار اهو ته منهنجو ڏاڏو هو.
محمد آچار ناهيو ٺٽو
·
هڪ ڀت تي، انگريزي ۾ ڪجهه لکيل هو، واٽهڙو ان کي
ڏسي رهيو هو. گهر ڌڻي پڇيس ته ڇا ٿو ڏسين، واٽهڙو
چيو ته هي ڇا لکيل آهي گهر ڌڻي چيس ته لکيل آهي
ڀتين تي لکڻ خراب ڳالهه آهي.
واٽهڙو چيو: ماڻهو ڏاڍا ڪنا آهن پوءِ به لکي ويا
آهن.
ناصر احسان عباسي
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: جميل احمد شيخ
ڪلاس: ڇهون ”بي“
وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو
·
نالو: اختر حسين ميمڻ
ڪلاس: ڏهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: پوسٽ ٻيلو تعلقو سجاول
·
نالو: مظفر حسين کوسو
ڪلاس: نائون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول نمبر 2
شهدادڪوٽ
·
نالو: امتياز ميمڻ
ڪلاس: ڏهون
وندر: ريڊيا ٺاهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: عثمان ميڊيڪل اسٽور ٻيلو سجاول
·
نالو: سيد امداد شاهه
ڪلاس: ڇهون ڊي
وندر: سنڌي ادب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: جي. پي. ڊي. سي هاءِ اسڪول سجاول.
·
نالو: عبدالرافع شيخ
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: مطالعو ڪرڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ
·
نالو: محمد علي کهاوڙ
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 14 سال
ائڊريس: هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه
·
نالو: گل حسن سومرو
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين.
·
نالو: ظفر اقبال
ڪلاس: ڏهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڪرونڊي
·
نالو: اشوڪ ڪمار مينگهواڙ
ڪلاس: نائون اي
وندر: شاهه صاحب جا بيت ياد ڪرڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 ٽنڊوڄام فارم.
·
نالو: سڪندر علي ڇٽو
ڪلاس: اٺون بي
وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه.
·
نالو: دولت ڪمار
ڪلاس: اٺون بي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه.
·
نالو: غازي خان ٻگهيو
ڪلاس: ڏهون
وندر: شاهه لطيف جو مطالعو ڪرڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: پي هاءِ اسڪول ڏهرڪي.
·
نالو: امير احمد لاکو
ڪلاس: ستون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: مڊل اسڪول پوليس لائينز سانگهڙ.
·
نالو: علي اصغر ميرجت
ڪلاس: پنجون
ائڊريس: پرائمري اسڪول اقراء ٽائون وارهه.
·
نالو: ممتاز علي وگهيو
ڪلاس: نائون اي
وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: پائليٽ سيڪنڊري اسڪول دادو.
·
نالو: سڪندر علي جوکيو
ڪلاس: ستون اي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول گجو
·
نالو: شبير احمد شيخ
ڪلاس: نائون سي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 16 سال
ائڊريس: منظور ڪلاٿ مرچنٽ شهدادڪوٽ.
·
نالو: رياض حسين ڏهراج
ڪلاس: اٺون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 13 سال
ائڊريس: ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.
اڌ ملاقات
·
سنيل ڪمار ڪنڌڪوٽ: ادا، رسالو اسان جي شهر ۾ دير
سان اچي ٿو، مان رسالو ڇهن سالن کان پڙهندو اچان
ٿو. مواد ۽ فوٽو موڪليان ٿو شايع ڪندا. (ادا، فوٽو
واري سان شايع ڪبو. دير لاءِ معذرت گهرون ٿا.)
·
طارق احمد سومرو شڪارپور: جنوري جو پرچو پسند آيو،
رنگ ڀريو ۾ اها تصوير شايع ڪندا ڪريو. مان ڪجهه
چتر ٺاهي موڪلي رهيو آهيان. شايع ڪندا. (ادا، رنگ
ڀريو ۾ چار ڪلر ٿي ويندا جيڪي ڇپجڻ مسئلو آهي،
باقي تصوير ته پهرين ڏيندا آهيون. اوهان پنهنجا
چتر بٽر پيپر تي ڪاري مس سان ٺاهي موڪليو)
·
الهورايو بوزدار مومل جي ماڙي: ادا، ڪهاڻي موڪليان
ٿو شايع ڪندا. (ڀاءَ ڪهاڻي نگران صاحب کي موڪلبي
پاس ٿي ته شايع ڪبي)
·
بابو غلام مجتبيٰ کٽي سجاول: ادا ڄاڻ جي کاڻ ۾
اوهان لکيو آهي ته قرآن شريف ۾ ڇهه سؤ سورهن آيتون
آهن پر اهو غلط آهي قرآن شريف ۾ ڪل آيتون ڇهه هزار
ڇهه سؤ ڇاهٺ آيتون آهن.
(ادا، نشان دهي ڪرائڻ لاءِ مهرباني)
·
محمد عثمان خاصخيلي ڄام شورو: ادا، مان غريب آهيان
ڪا صلاح ڏيو جيئن تعليم جاري رکي سگهان (ادا،
اسڪول جي وقت کان پوءِ ڪو ڌنڌو ڪريو.“
·
اياز احمد ميمڻ هالا: ادا، جنوري جو رسالو پسند
آيو. هڪ ڏينهن جي ڳالهه بند نه ڪريو (ادا، انهيءَ
سلسلي کي گهڻو وقت ٿي ويو هو)
·
آزاد محمد صديق دل امروٽ: ادا، ڪافي مواد موڪليو
اٿم شايع نه ٿا ڪريو. هي نظم موڪليان ٿو شايع
ڪندا. (ادا نگران کي موڪلبو پاس ٿيو ته شايع ڪبو)
·
منير احمد ميرجت خيرپور ميرس: ادا، مان توهان ڏي
ڪافي خط لکيا آهن ڪوبه جواب نه ٿا ڏيو. مضمون به
شايع نه ٿا ڪريو، ڪهاڻي راهب جو انصاف موڪليان ٿو
شايع ڪندا (ادا، راهب جو انصاف گل ڦل ۾ اڳ ۾ شايع
ٿيل آهي.
·
محمد عبدالغفار احمد سومرو: ادا، رسالو اسان جي
شهر ۾ دير سان اچي ٿو. جنوري جو رسالو ڏاڍو
خوبصورت ڪري ڪڍيو اٿو. (ادا، رسالي کي پسند ڪرڻ
لاءِ مهرباني)
·
سڪندر علي خاصخيلي تلهار: ادا، چار دوست نالي
ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. شايع ڪندا. (ادا، هي
ڪهاڻي ته نقل ٿيل آهي)
·
خالد حسين شيخ قمبر:ڃ ادا، جنوري جو پرچو مليو،
پرچو سٺو آهي پر توهان ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ سلسلي
کي ختم ڪيو آهي. ان جاءِ تي ٻيو سلسلو هلايو، ٻيو
ته اڌ ملاقات به بند ڪئي اٿو ڇا؟ ٽيون ته ٻارن
لاءِ انعامي سلسلا شروع ڪريو (ادا، اڌ ملاقات ته
هن ڀيري شايع ڪري رهيا آهيون. انعامي سلسلن ۾ پوسٽ
جو خرچ وڌيو وڃي ۽ عام ٽپال ۾ ٻارن کي ڪتاب به ملن
ئي ڪونه ٿا.)
ننڍڙن اديبن لاءِ
قادري بشير ڪلهوڙو:
انٽرويو وٺندڙ
ميمڻ مقصود احمد مقصود
پيارا ٻارو! اڄ مان اوهان کي هڪ هوشيار شاگرد جنهن
پهرين درجي کان انٽر تائين نمايان پوزيشن حاصل ڪري
مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ نواب شاهه ۾ ٽئين درجي
جو شاگرد آهي. پاڻ يونيورسٽي ۾ ٽئين پوزيشن مسلسل
کڻندو رهيو آهي.
سندس نالو مقصود احمد ذات ميمڻ محله راڻي پور ۾
رهندڙ آهي پاڻ سٺي شاعري به ڪندو آهي سندس لکڻين ۾
ڏاڍو لطف اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت راڻيپور جي
محفلن ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائيندو آهي.
ساڻس واقفيت ته وڏن جي دوستي ڪري ٿي. باقي گهرائپ
86ع ۾ جڏهن سندس داخلا ٿي پوءِ ڪجهه وقت لاءِ روم
پارٽنر ٿي رهيو.
جلدي مان به بي- اي پاس ڪري آيس پوءِ ڪم ڪار سان
نواب شاهه جڏهن به ايندو هوس ته پوءِ هن ساٿيءَ
سان به روح رهاڻ ٿيندي هئي. سندس مسلسل پوزيشن اچڻ
ڪري ساڻس گل ڦل لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪيم.
قادري: اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا؟
مقصود: سائين! منهنجو پورو نالو مقصود احمد ذات
ميمڻ اٿم. منهنجي پئدائش ضلع خيرپور جي شهر راڻي
پور ۾ ٿي ۽ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، مئٽرڪ
به راڻيپور جي هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر گورنمينٽ
سائنس ڪاليج مان پاس ڪيم ۽ هن وقت مهراڻ يونيورسٽي
ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاهه ۾
آخري سال مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي رهيو آهيان.
قادري: ادل! اوهان پنهنجي تعليمي ڪارڪردگيءَ متعلق
ٻڌائيندا؟
مقصود: سائين! مان پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جا
امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ نمايان نمبرن ۾ پاس ڪيا اٿم ۽
انجنيئرنگ ۾ پهرين سال کان ٽئين سال تائين پنهنجي
شعبي ۾ ٽئين پوزيشن کڻندو رهيو آهيان.
قادري: موجوده تعليمي نظام بابت اوهان جو ڇا خيال
آهي؟
مقصود: منهنجا سائين! موجوده تعليمي نظام فرسوده ۽
مدي خارج آهي، اهو ائين ته هيٺين سطح کان وٺي
اعليٰ تعليم تائين تعليم جو معيار بلڪل ڪري چڪو
آهي جنهن جا مختلف انتظامي اسباب آهن. جن مان چند
هي آهن.
پهرين ته تعليم جي لاءِ بجيٽ تمام گهٽ رکي وڃي ٿي
جيڪا ترقي پذير ملڪ لاءِ جتي جو تعليمي سيڪڙو
26%
هجي ان لاءِ نه جي برابر آهي. هن سال حڪومت تعليمي
بجيٽ 5-2 مان وڌائي 4410 ڪئي آهي جيڪا به تمام گهٽ
آهي ٻيو ته تعليم جي حساب شعبي سان وابسته استادن
کي سٺيون پگهارون ۽ ٻيون سهوليتون مثلاً رهائشي،
طبي، سواري ۽ سندن اولاد لاءِ بهتر مستقبل جي
ضمانت وغيره جون سهولتون نه هئڻ ڪري هوشيار ماڻهو
تعليم جي شعبي ۾ نٿا اچن، نتيجي طور گهٽ اهليت
رکندڙ ماڻهن کي تعليم جي شعبي ۾ ڀرتي ڪيو ٿو وڃي.
ٽيون ته هيٺئين سطح جي تعليم به مفت نه هئڻ ڪري ۽
نصاب جي ڊگهي هئڻ ڪري بنيادي تعليم کي مهانگو ۽
ڏکيو بڻايو ويو آهي. چوٿون ته انهن ڏکين حالتن
هوندي به فارغ التحصيل ٿيندڙ شاگردن کي روزگار جي
ضمانت نه هئڻ به تعليم جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.
پنجون ته اعليٰ تعليم جي ادارن خصوصاً ڊاڪٽري ۽
انجنيئرنگ جي شعبن ۾ تمام ڳريون فيون ۽ ذهين
شاگردن لاءِ ٻاهرين ملڪن جو اسڪالرشپون نه هئڻ ڪري
غريب ۽ ذهين شاگردن جون صلاحيتون مفلوج ٿيو وڃن.
ڇهون سبب اهو آهي ته استادن جون ڀرتيون سياسي
بنياد تي سفارش سان ڪيو وڃن ٿيون ۽ نه ڪي اهليت جي
بنياد تي جنهن ڪري نااهل ماڻهو تعليم جي شعبي ۾
اچن ٿا. پوءِ ان صورت ۾ حڪومت چاهي ڪيڏو به نصاب
بدلائي يا پرائمري سطح تي انگريزي پڙهائي يا وري
هاءِ اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر سيکاري، ان جو ڪوبه فائدو
نه ٿيندو جڏهن استاد کي ئي نه ايندو ته پوءِ اهي
تبديليون ته اجايون آهن.
سڄڻ سائين! جيستائين تعليمي نظام مان اهي خاميون
دور نه ڪيون وينديون تيستائين اسان جي تعليم جو
معيار ۽ مقدار وڌڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
قادري: ڀاءُ وري هڪ دفعو ڊگهو سوال! اسان جي
معاشري ۾ ٻارن جو مستقبل ڪيئن ٿا سمجهو؟
مقصود: سائين سڄڻ! خدا تعاليٰ ڪندو ته ٻارن جو
مستقبل روشن ٿيندو، پر هن وقت تائين ته ٻارن جي
زندگي سڌارڻ تي ڪا توجہ نه ڏني ويئي آهي. پاڪستان
۾
40%
ٻار ته بنيادي تعليم کان ئي محروم باقي جيڪي ٻار
پڙهن ٿا انهن مان صرف
20%
ٻار پنج درجا پاس ڪن ٿا ۽ وري انهن مان صرف
30%
ٻار مئٽرڪ پاس ڪن ٿا. باقي سڀ جيڪي مختلف سببن جي
ڪري تعليم ڇڏي ٿا وڃن انهن کان ننڍي عمر ۾ ئي محنت
۽ مزدوريءَ جو ڪم ورتو ٿو وڃي جيڪا ٻارن سان بلڪل
زيادتي آهي. حڪومت کي گهرجي ته چوڏهن سالن کان گهٽ
عمر جي ٻارن کان ڪم وٺڻ تي قانوني بندش وجهي ۽
بنيادي تعليم مفت ۽ ضروري ڪري ته جيئن ٻارن جي ڪچن
ذهنن جي بهتر نشوونما ٿئي جنهن سان پنهنجي مستقبل
کي سنواري ۽ سڌاري سگهن.
قادري: ”گل ڦل“ جي پڙهندڙن لاءِ پيغام؟
مقصود: تعليم پرايو ۽ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ
ڪوششون وٺو. ان ۾ ئي اسان جي قومي معاشي، سماجي،
اخلاقي ۽ سياسي ڀلائي آهي.
شبير احمد ”ناز“ لوهر
وطن جي خاطر
هالار هڪ فوجيءَ جو پٽ هو. هن جو پيءَ وطن جي خاطر
وڙهندي دشمن هٿان شهيد ٿي ويو. هن کي ماءُ پاڙي
وارن جا ڪپڙا سبي گذر سفر به ڪندي هئي ۽ هالار جي
پڙهائيءَ جو به خرچ ڀريندي هئي. هالار به پيءَ
وانگر بهادر ۽ هوشيار هوندو هو. هن اٽل فيصلو ڪري
ڇڏيو هو ته جيڪڏهن وطن تي ڪنهن به ڌارئي ملڪ حملو
ڪيو ته هو به پيءَ وانگر وطن جو دفاع ڪندو.
هڪ ڏينهن جيئن ئي هالار اسڪول کان اچي رهيو هو ته
هن لائوڊ اسپيڪر جو آواز ٻڌو. جيڪو هڪ فوجي گاڏيءَ
۾ لڳل هو. اهو اعلان اچي رهيو هو ته دشمنن ملڪ تي
حملو ڪيو آهي. ”دشمنن جا سپاهي سرحد ٽپڻ وارا آهن.
سڀ نوجوان هٿيار کڻي فوج ۾ شامل ٿيو. عورتن ۽ ٻارن
کي گهرن کان ڪڍي ڪنهن محفوظ هنڌ تي لڪايو“.
هالار جيئن ئي اهو اعلان ٻڌو ته هن کي ڏاڍو جوش
اچي ويو ۽ گهر ڏانهن ڊوڙندو ويو. ماءُ کي سمورو
احوال ٻڌايائين ۽ ماءُ کان موڪل وٺڻ لڳو ته ”مون
کي موڪل ڏي ته مان وطن جي حفاظت خاطر فوج ۾ شامل
ٿي دشمنن جو مقابلو ڪريان“ ماءُ هن جو اٽل فيصلو
ڏسي هن کي موڪل ڏني ته ”وڃ وڃي فوج ۾ شامل ٿي وطن
جي حفاظت ڪر.“
هالار ڳوٺ جي ويجهو فوجي ڪيمپ ۾ وڃي ڪمانڊر سان
مليو ۽ هن کي پنهنجو سمورو احوال ٻڌايائين. ڪمانڊر
هالار جي جذبي کي ڏسي هن کي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي
اجازت ڏني.
انهيءَ وقت هڪ سپاهي ڊوڙندو آيو ۽ ڪمانڊر کي
چيائين ”سائين خطرو وڌي ويو آهي دشمن جون فوجون
سرحد واري پل تي پهچي ويون آهن جيڪڏهن رات تائين
اسان کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه وياسين ته سڀاڻي
دشمنن جون فوجون اسان جي ملڪ ۾ ڪاهي پونديون.“
ڪمانڊر ڪجهه سوچڻ لڳو! ايتري ۾ هالار ڪمانڊر کي
چيو ”جيڪڏهن توهان مون کي ٻه بم ڏيو ته مان پل کي
ختم ڪري ڇڏيندس.“
ڪمانڊر هالار کي چيو ”ڏس پٽ اهو ڪم خطري وارو اهي
هن ۾ تنهنجي جان به وڃي سگهي ٿي.“
هالار ڪمانڊر کي چيو ”سائين وطن کان وڌيڪ مون کي
جان پياري نه آهي؛ جنهن ڌرتي جو نِمَڪُ کاڌو اٿم
ان جي مٿانهن هڪ جان ته ڇا هزار جانيون هجن ته
قربان ڪندس.“
ڪمانڊر هالار جي جذبي کي ڏسي هن کي ٻه بم ڏنا ۽
چيو ته توسان گڏ ٻه سپاهي به موڪليان ٿو جيڪي توکي
پل ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندا. جڏهن تون پل جي ويجهو پهچين
ته ٻئي بَمِ ڪڍي پل جي مٿان اڇلي جلدي پوئتي
موٽجان!.
هالار ٻن فوجن سان گڏجي پل جي طرف روانو ٿيو. جڏهن
پل جي ويجهو پهتا ته رات جي اونداهي ٿي چڪي هئي.
هالار سان گڏ آيل فوجن هن کي چيو ”هاڻي اسان هت
وڻن جي اوٽ ۾ لڪي ويهون ٿا تون ريڙهيون پائيندو پل
جي طرف وڃ متان توکي دشمنن جا ڪي فوجي ڏسي نه
وٺن.“
هالار فوجن کان موڪلائي زمين تي سمهي پل جي طرف
ريڙهيون پائيندو ويو. هيءَ جڏهن پل جي تمام ويجهو
پهتو ته هن ڪنڌ کڻي ڏٺو ته پل تي دشمن جي فوج تمام
گهڻي تعداد ۾ موجود هئي. هالار ٻئي بَمِ ڪڍي وڏي
اڇل سان پل جي مٿان اڇلايا . بَمنَ ڪرڻ سان ئي وڏو
ڌماڪو ٿيو. پل تي موجود فوج به ختم ٿي وئي پل جا
به ٽڪر وڃي پري پري تائين ڪريا.
هڪڙو ٽڪر اچي گوليءَ وانگر هالار کي مٿي ۾ لڳو.
هالار وڃي ڌرتيءَ تي ڪريو. ڌڪ نه سَهِي سگهيو شهيد
ٿي ويو. هالار جي لاش کي وڏي فوجي اعزاز سان سندس
ڳوٺ آندو ويو. ڳوٺ وارا هالار جي ڪارنامي کي
ساراهڻ لڳا. هالار جي ماءُ کي جڏهن پنهنجي پٽ جي
ڪارنامي جي خبر پئي ته هن کان صرف اکين مان ٻه
ڳوڙها نڪتا. جن کي زمين تي ڪرڻ ڪونه ڏنو.
جبل ملڪ
مَن اندر مانڌاڻ
غريب آباد وارو ڪچو رستو ڇڏي هاڻ شهر واري رستي تي
چڙهيو آهيان اسپتال ڏانهن ويندي موڙ تي قدم بيهي
ٿا وڃن.
رستي جي پاسي واري ڦٽ پاٿ جي هڪ ڪنڊائتي پاسي کان
لڳل ٿنڀي جي ٻرندڙ راڊ جي خوبصورت روشني ۾ هڪ
اٻالو ٻار پڙهي ٿو ويٺو،
کيس ڏسندو ٿو رهان
هو بي نياز اکرن ۾ اکيون اٽڪايو ويٺو آهي ۽ ڪيڏي
مهل ڪنڌ ڌوڻي وات سان ڪجهه ٻولي ٿو.
هن پڪي رستي تي ڏاڍو گوڙ آهي.
کوڙ ساريون گاڏيون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون ۽ خاص ڪري
ٽانگن جو ٽٻڙڪو ته بنهه زور آهي، اهڙي سمي هيٺ
ٻالڪ پڙهي ٿو ويٺو.
همٿ هٿ ۾ ڪري وڌي ٻالڪ ڏانهن لڙي آيس
ميرڙو آ ۽ ڇيهون، چيهون ٿيل ڇهين جو ڪتاب هٿ ۾
اٿس.
من جي آنڌ مانڌ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌي پڇيانس ٿو.
ڪيرُ آهين؟
اکرن مان اکيون ڪڍي مُنهن ۾ گهوري نهاري ٿو،
غريب هوندي اکين ۾ عزم اٿس سائين باگڙي آهيان،
جرئت سان جواب ڏنائين
اڙي، هي ته باگڙي آهي.
آخوند پاران پلئه پيل نفرت اٿل کاڌي
يار، وري به ته انسان آهي، ڪنڊ مان سجاڳ ضمير
چونڊڙي هنئي ۽ آخوند جي وڌل نفرت ۾ محبت جو ريج
اچي ويو. گهر ڪٿي اٿئي؟
هن يڪدم ڪتاب ۾ اکر اٽڪايل آڱر کڻندي سَون جي
تعداد ۾ اڏيل اونداهين ڀونگين ڏانهن اشارو ڪيو ۽
پوءِ ڪافي دير تائين انهن تاريڪ جهوپڙين کي ڏسندو
رهيو.
نه معلوم جهوپڙين کي ڏسندي هن جي مَن ۾ ڪهڙين
تبديلين جا اظهار جاڳڻ لڳا.
هڪ تيز رفتار گاڏي جي آواز تي هن جي نهار جو تسلسل
ٽٽي پيو ۽ وري اکرن ۾ اٽڪي ويو.
نالو ڇا اٿئي؟
سائين، سيتل داس
هن وڏي اسڪول ۾ پڙهان ٿو ۽ گهڻو پڙهندس.
هي اڳواٽ ئي منهنجي سوچيل سوالن جا جواب ڏيئي ويو
۽ آئون کوکلو رهجي ويس.
سندس ڪلراٺي مُنهن ۾ آخري ڀيرو نهاري شابس ڏيئي
منزل ڏانهن راهي ٿيس.
”اسان جو مُلڪ ترقي يافته مُلڪن جي صفن ۾ جلد شامل
ٿي ويندو“
ها، جڏهن به اهڙي قسم جون خبرون پڙهندو آهيان ۽
سيتل جهڙا نينگر ٿنڀن ۾ لڳل بلبلن جي روشني ۾
پڙهندي ڏسندو آهيان ته ان وقت ترقي جي دعويٰ ڪندڙ
مُلڪن لاءِ سيتل هڪ ڀونڊو محسوس ڪندو آهيان.
سنڌيڪار: عبدالغفار انجم شاهاڻي
دولت
حضرت علي رضه جو قول آهي ” ته دولت جي مستيءَ کان
خدا جي پناهه گهرو، ڇو ته هيءَ ڊگهي مستي آهي
جنهنجي نشي کي موت کانسواءِ ڪا ٻي شيءِ ختم ڪري
نٿي سگهي.
ائين نه آهي دولت سڀئي ضرورتون پوريون ڪري سگهي
ٿي. ڇو ته دولت سان عينڪ خريد ڪري سگهجي ٿي پر نظر
خريد نه ٿي ڪري سگهجي. دولت سان اسين نرم گرم
بسترو خريد ڪري سگهون ٿا پر مٺي ننڊ نٿا خريد ڪري
سگهون.
(مخزنِ اخلاق“ تان ورتل)
نتيجو ڏاهپ جا نڪتا
ماهه جنوري واري پرچي ۾ ڏاهپ جا نڪتا ڪالم ۾،
هيٺين نڪتي کي 15 ٻارن پسند ڪيو آهي.
محبت کائي مٺا لفظ (اووڊ)
1-
نثار احمد چانڊيو محرابپور 2- حزب الله ڀٽو قمبر
3- نرسنگ لعل کيماڻي خان پور مهر 4- عبدالوسيع لنڊ
ميهڙ 5- نويد احمد لنڊ ميهڙ 6- محمد نور گاڏهي
ميهڙ 7- جميل احمد شيخ لاڙڪاڻو 8- عبداللطيف چنا
ڀرڪڻ 9- بدرالدين کوسو شهدادڪوٽ 10- محمد اسلم
ناريجو ٿرڙي محبت 11- جميل احمد کٽي بدين 12- جان
محمد ڀٽي ميهڙ 13- خالد حسين ميمڻ ٻيلو 14- ڪريم
بخش لاکو قاضي احمد 15- عبدالجبار رند خيرپور
ميرس.
ٻين نڪتن کي پسند ڪندڙ ٻار:
16- اشوڪ ڪمار مينگهواڙ ٽنڊوڄام 17- شبير احمد لنڊ
ايل ايم سي ڄام شورو 18- جميل احمد ڀٽو باگو ڀٽو
19- مختيار علي لغاري ميرپور بٺورو 20- سيد امداد
علي شاهه نواب شاهه 21- شبير احمد اعواڻ ڪنڌڪوٽ
22- تيجو مل سوٽهڙ ميرواهه گورچاڻي 23- عبدالرافع
شيخ شهدادڪوٽ 24- نياز ڪلوئي سرڪاري کوهه 25- خليل
احمد ڀٽو نئون ديرو 28- عبدالغني سوهو ميرپور
بٺورو 29- جمشيد علي شورو ميرپور بٺورو 30- شوڪت
علي ميمڻ ڄام شورو 31- خالد حسين شيخ قمبر 32- راج
ڪپور خانپور مهر 33- غلام مصطفيٰ خاصخيلي ڳوٺ
لکاڏنو کوسو 34- محمد يوسف سومرو نسيم ننگر
حيدرآباد 35- ضمير حسين سهتو هنڱورجا 36- ممتاز
علي وگهيو دادو 37- وفا نعيم مهيسر ميهڙ 38- اشفاق
احمد ڪلوڙ روهڙي 39- پرويز احمد ڪلوڙ روهڙي 40-
مخدوم لبيب الزمان هالا نوان 41- مخدوم انيق
الزمان هالا نوان 42- نويد الرحٰمن ڀٽو وارهه 43-
نسيم احمد گهنجو هنڱورو 44- آڪاش ايم اڪرم ميمڻ
سجاول 45- ممتاز قريشي مڪلي ٺٽو 46- محمد اسلم
مڱڻيجو وارهه 47- معشوق علي نظاماڻي هنڱورجا 48-
ڊي- ڪي پريمي خانپور مهر 49- صاحب خان ميراڻي
ڏوڪري 50- شائسته نظاماڻي ڳوٺ ٽنڊو سومرو 51-
ممتاز علي ميمڻ ڳوٺ ٻيلو مرزاپور 55- محسن سنڌي
نرڇ شريف 56- شاهد حسين شيخ قمبر 57- ذوالفقار
گاڏهي خيرپور ناٿن شاهه 58- نياز احمد گولو ٺل 59-
عابده پروين جسڪاڻي جوهي 60- واحد بخش شيخ دادو
61- نسيم الغني حيدرآباد.
نتيجو رنگ ڀريو
ماهه جنوري ۾ ڏنل تصوير ۾ ٻارن رنگ ڀري موڪليا،
جيڪي محترم طارق عالم ڏٺا، پهريون نمبر آيو محمد
عثمان عباسي ڪوارٽر نمبر بي- 6 سنڌ يونيورسٽي
ڪالوني ڄام شورو سنڌ، جنهن کي ٽن مهينن تائين
رسالو موڪلبو باقي نالا: 2- آمنا پروين قريشي دادو
3- سبحان علي ميراڻي ڏوڪري 4- سنڌي، ڊي- ڪي پريمي
خانپور مهر 5- اشوڪ ڪمار مينگهواڙ ٽنڊوڄام 6-
نرنجن لعل جيسواڻي ڳوٺ جروار 7- سعيد خان چانڊيو
نئون ڪوٽ 8- نارائڻ آشواڻي مهيشوري سجاول 9- گوتم
لال ايس راماڻي عمرڪوٽ 10- عزيز الله پليجو جنگ
شاهي 11- همت علي کوسو ميهڙ 12- منصور علي شاهه
13- محمد خان مگسي ڪنڌڪوٽ 14- غلام مجتبيٰ کٽي
سجاول 15- ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاهه 16-
جميل احمد شيخ لاڙڪاڻو 17- عبدالجليل بليدي کوسڪي
18- حاجي خان شيخ دادو 19- محب علي کوسو ڳوٺ غلام
محمد بگٽي 20- سنيل ڪمار ميرپور ماٿيلو 21- خان
محمد گهانگهرو رتوديرو 22- نرسنگ لعل خانپور مهر
23- هشمت رام ڳوٺ جروار 24- منور ملاح کپرو 25-
احسان علي پتافي داد لغاري 26- راج ڪپور خان پور
مهر 27- گهنشام داس لوهاڻو 28- اسرار احمد آريجو
لاڙڪاڻو 29- نجم علي چانڊيو محراب پور 30- مقبول
احمد مهيسر لاڙڪاڻو 31- مير محمد ملاح کپرو 32-
سڪندر علي جوکيو گجو 33- نثار احمد عباسي ٺٽو 34-
جميل احمد کٽي بدين 35- چيتن لعل سوٽهڙ نئون ڪوٽ
36- غلام غازي ٻگهيو ڏهرڪي 37- امير احمد لاکو
سانگهڙ 38- آسن داس ڪرپالاڻي ڪوهستان مول 39- خليل
احمد ابڙو جوهي 40- عبدالوسيع لنڊ ميهڙ 41- شاڪره
نظاماڻي ٽنڊو سومرو 42- منور علي مڱڻهار نئون ديرو
43- محمد اسلم ڪنڀر کورواهه 44- شبير احمد خواجا
سلطان آباد 45- ممتاز علي وگهيو دادو 46- محمد
ميمڻ چوهڙ جمالي 47- نرسنگ لعل خانپور مهر 48-
شاهد حسين شيخ قمبر 49- راجا اقبال شيخ هنڱورجا
50- محمد اڪرم ميمڻ سجاول 51- ڪليم الله شيخ نئون
ديرو 52- محمد مراد جويو وارهه 53- زهره مشتاق
مٺواڻي ڏيپلو 54- محمد رفيق ڇٽو وارهه 55- شنڪر
لعل باڊهه 56- آغا فاروق پٺاڻ ڪنڌڪوٽ 57- صغير
احمد چنا ڏوڪري 58- عبدالغني سوهو ميرپور بٺورو
59- محمد يونس شيخ ڪوٽ پير ملوڪ شاهه 60- عبدالله
سومرو مرزاپور 61- جمشيد علي شورو ميرپور بٺورو
62- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 63- علي اڪبر
چنا ٽنڊو آدم 64- ساجد حسين لغاري ميرپورخاص 65-
محمد اسماعيل بروهي ڳڙهي ياسين 66- ممتاز علي ميمڻ
درٻيلو 67- محمدياسين سومرو لاکو لنجاري 68- سجاد
علي ميراڻي ڏوڪري 69- نياز محمد ڪلوئي سرڪاري کوهه
70- لڇمڻ داس محرابپور 71- محمد صديق سانگهڙ 72-
اشفاق احمد قريشي دادو 73- محمد عارب سمون چوهڙ
جمالي 74- نولرام سٺ ميل 75- جهمٽ لعل جهمپير 76-
پرمانند ڪمار پنوعاقل 77- عائشه سنڌي 78- گل حسن
ٽانوري بوزدار وڏا 79- وڪرم لعل ميرپور ماٿيلو 80-
محمد نور گاڏهي ميهڙ 81- شوڪت علي ميمڻ ڄام شورو
82- الطاف حسين ڀٽي 83- نامديو ڪمار بيکاڻي داد
لغاري 84- ايس الرحمٰن نظاماڻي ٽنڊو سومرو 85-
ثمينه لغاري بابن شاهه ڪالوني حيدرآباد 86- علي
حسن ٽانوري بوزدار وڏا 87- ساجد حسين چنا نئون
ديرو 88- آفتاب حسين موريو ڏوڪري 89- عبدالوهاب
هاليپوٽو بدين 90- اظهر الدين شيخ شڪارپور 91-
محمد حنيف پنهيار بوزدار وڏا 92- جميل احمد ڀٽو
باگو ڀٽو 93- آغا دانش علي نواب شاهه 94- حزب الله
ڀٽو قمبر 95- محسن سنڌي نرڇ شريف 96- پورڻ داس داد
لغاري 97- ساجده پروين جتوئي شڪارپور 98- فدا حسين
سنديلو چوهڙ پتافي داد لغاري.
ذهني آزمائش نمبر هڪ جو نتيجو
پنجن ئي سوالن جا جواب ڪنهن به ٻار جا صحيح نه
آيا، چئن سوالن جا جواب صحيح آيا. جن جا نالا شايع
ڪجن ٿا.
جواب: 1- سالو 2- آهم ايءُ عجب، جيئن واريو ويڄ
وهارئين 3- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 4- اديون
آهه اڙيو از لئون آريءَ انگ 5- 1843ع ۾.
1-
محمد اسلم مڱڻيجو وارهه 2- نور احمد چانڊيو وارهه
3- اعجاز علي تنيو وارهه 4- شبير احمد اعواڻ
ڪنڌڪوٽ 5- راج ڪپور خان پور مهر 6- منٺار علي
پتافي ميرپور ماٿيلو 7- محمد شريف پتافي داد لغاري
8- پرويز احمد ڪلوڙ روهڙي 9- صابر علي سهرياڻي
ڪنڌڪوٽ 10- محمد لائق مهر دولو فقير مهر 11- نويد
الرحٰمن ڀٽو وارهه 12- حفيظ الرحٰمن منگي 13- جميل
احمد ڀٽو باگو ڀٽو 14- زاهد حسين تنيو ٻير شريف
15- شاهد حسين لغاري داد لغاري 16- محمد مراد جويو
وارهه 17- مهمد يوسف سومرو نسيم ننگر حيدرآباد 18-
نرسنگ کيماڻي خان پور مهر 19- ڪليم الله شيخ نئون
ديرو 20- علي مراد سندراڻي دڙي سندراڻي 21-
ذوالفقار علي پتو جو جکر شريف 22- نصير محمد جويو
داد لغاري 23- مظفر احمد چانڊيو وارهه 24- چندر
ڪپور ڏهرڪي 25- علي حسن جروار بوزدار وڏا 26- فدا
حسين سنديلو داد لغاري 27- عبدالله سومرو وارهه
28- محسن سنڌي ڳوٺ نرڇ شريف 29- آغا سهيل پٺاڻ
ڪنڌڪوٽ 30- علي اصغر پتافي داد لغاري 31- اصغر
نواز سومرو 32- صفوره حريم سعيد ابڙو هالا نوان
33- ڪاشف علي سندراڻي دڙي سندراڻي 34- آغا فاروق
پٺاڻ ڪنڌڪوٽ 35- مخدوم لبيب الزمان هالا نوان 36-
محمد قاسم چاچڙ ڳوٺ مارو والا 37- رياض سرور جتوئي
شڪارپور 38- ثناء الله سولنگي وارهه 39- جميل احمد
ڀٽو باگو ڀٽو 40- اشفاق احمد ڪلوڙ روهڙي.
(مواد لاءِ هدايتون)
مواد پني جي هڪ پاسي تي لکي موڪلجي، هرهڪ سلسلي
لاءِ الڳ پنو استعمال ڪجي، گهڻا ٻار هڪ ئي پني تي
سمورو مواد لکي ٿا موڪلين. جيڪو مواد ورهائڻ وقت
رهجيو وڃي، ان لاءِ هر سلسلي کي الڳ لکي موڪلجي.
گڏيل مواد شامل نه ڪبو.
(ايڊيٽر)
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ذهني آزمائش نمبر 4
صحيح جواب موڪليندڙ ٻارن جا نالا شايع ڪبا
سوال نمبر1: رشتو ٻڌايو
مون جڏهن شير محمد کان پڇيو ته شفيع محمد اوهان جو
ڇا ٿئي؟ ان تي شير محمد جواب ڏنو ته مان شفيع جي
ڌيءَ جي پڙڏاڏي جي اڪيلي نهن جو پٽ ٿيان.
ٻڌايو ته شفيع محمد شير محمد جو ڇا ٿئي؟
سوال نمبر2: شاهه جو بيت مڪمل ڪريو
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار،
پسن ڪارڻ پرين جي، سهسين ڪن سينگار،
سوال نمبر3: شخصيت ٻڌايو؟
واسطو مذهب ۽ علم ادب سان پنهنجي اصل نالي بدران
تخلص سان مشهور آهي. لطيف سائين جي دور ۾ پاڻ اڃا
ننڍو هو. ڪيترن ٻولين جو ماهر هو.
سوال نمبر4: هڪ پهاڪي جا لفظ اڳ پوءِ ڪري لکيا ويا
آهن، اوهان انهن کي درست ڪريو:
”ڪوڙاءِ نه ته کڻي ڦڻي ته وار“
سوال نمبر5: ڪهڙي سال سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان الڳ
ڪري صوبائي حيثيت ڏني وئي؟ |