شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي
تربيت جنهن طريقي سان ٿي، ان جو اندازو ته سندس
مٿي پيش ڪيل تفصيل مان ظاهر ٿئي ٿو. ننڍي هوندئي
ئي سندس ڏاڏي ميان عبدالمطلب جي وفات ڪري وڃڻ ڪري
سندس دل کي نهايت ئي گهڻو صدمو رسيو. ان کان پوءِ
سندس والده ماجده مائي صفوران پنهنجي سخت محنت،
جفاڪشي سان، جنڊ پيهي به پنهنجي ٻچن جو گذران ڪندي
هئي. سندس والد ماجد ميان محمد دائود پوٽو، نهايت
ئي سخي مرد، نيڪو ڪار ۽ سادو ڳوٺاڻو هو، جيڪو ٻوکي
راهي ڊکڻڪي ڪري پنهنجي ڪٽنب جي ضرورتن جو پورائو
ڪندو هو، جنهن جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ ۽ همٿ
ڏيارڻ سبب ئي پاڻ ان اعليٰ مقام تي رسيو.
اسڪول ۽ ڪاليج جي استادن ۾ ڄيٺانند، قاضي
عبدالوهاب بوبڪن وارو، محمد ابراهيم سومرو، ماستر
ٿڌارام، مولوي عبدالڪريم ڀٽو، مولوي عبدالرحيم
مگسي، مسٽر ڊي- پي ڪوٽوال (پرنسيپال)، مسٽر وائينس
صاحب پرنسيپال، سنگ چندا سنگ شهاڻي پروفيسر ٽي-
ايم آڏواڻي، پروفيسر رضا محمد شيرازي ۽ ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻي جو وڏو هٿ رهيو. خاص طور
تي ڊاڪٽر گربخشاڻي سان سندس ناتو گهڻو گهاٽو رهيو.
شاگردي واري زماني کان پوءِ به ساڻس گڏجي ادبي ڪم
ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هو. ادبي دنيا ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي هن لاءِ تمام گهڻو سڦلائتو ثابت ٿيو ۽ هن
لاءِ هڪ ادبي استاد جي حيثيت رکندو هو.
شاگردي واري زماني ۾ جن شخصيتن جو مٿس مهرباني جو
هٿ هوندو هو، انهن ۾ مرحوم قائم خان شيخ، مرحوم
ڀائي خان ڦل، مرحوم شاهه محمد خان کهڙو، مرحوم
شاهه محمد لاهوري، مرحوم الله بخش ٻگهيو، وڏيرو
غلام قادر انڙ ۽ سر شاهنواز ڀٽو شامل هئا. ان کان
سواءِ مرحوم ولي محمد، حضرت مولانا غلام محمد
ملڪاڻي، حضرت مولانا حسن جان سرهندي ۽ ٽکڙ جا سَيد
جن ۾ سيّد زين العابدين عرف چڳل شاهه؛ جيڪو سيّد
ميران محمد شاهه جو والد هو، سيد عبدالحڪيم شاهه ۽
سيد اسد الله شاهه جن جي همت افزائي، نصيحتن ۽ مدد
جو سندس زندگي تي گهڻو اثر رهيو.
شاگرديءَ جي زماني کان وٺي علامه صاحب کي سٺن
سنگتين هڏ ڏوکي هم ڪلاسين جي صحبت نصيب ٿيندي ٿي
آئي. انهن مان سيد ميران محمد شاهه ۽ سنڌ مدرسي جي
باني حسن علي آفنديءَ جي پوٽي حسن علي جو ساڻس
تمام گهڻو سُڀاءُ هوندو هو. انهن کان سواءِ سيد
عطا حسين شاهه موسوي، نصير محمد نظاماڻي ۽ الله
بخش ٽالپر به سندس سٺا هم ڪلاسي هئا. ان وقت؛
پنهنجي دؤر جون مشهور هستيون ساڻس گڏ تعليم حاصل
ڪنديون هيون. انهن مان محمد ايوب کهڙو، غلام رسول
ڪيهر ۽ سردار واحد بخش خان ڀٽو لاڙڪاڻي واري مدرسي
۾ گڏ پڙهندا هئا.
علامه صاحب جو ڪنهن سان به وير وروڌ ڪونه هوندو
هو، سڀ ڪنهن سان نمي کَمِي هلندو هو بُغض ۽ ڪينو
ته سندس مذهب جي برخلاف هو. هن جي نظر ۾ سُني توڙي
شيعا، هندو توڙي ڪرستان هڪجهڙا هوندا هئا.
پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي سوال نه ڪندو هو ۽ نه ئي
ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ جي عادت هئس، کيس ڏيڻ وڻندو هو
۽ وٺڻ کان وَنءُ ويندو هو. هڪ دفعي شيخ قائم خان
مدرسي ۾ آيو ته هو پيرين پئي وڃي مليس. هلندي وقت
هن کيس هڪ رپيو يا ٻه ڏيڻ ٿي چاهيان. هن ادب سان
انڪار ڪندي چيائين ته اهو سندس شان وٽان نه هو؛ جو
ايتري خسيس رقم ڏئي. ان سان گڏ هڪ حڪايت به
ٻڌايائين؛ ته اسڪندر اعظم کان ڪنهن شخص هڪ درهم جو
دان گهريو، جيڪو هن اهو چئي ڏيڻ نه قبوليو ته ”هي
منهنجي شان وٽان نه آهي.“ تنهن تي سائل عرض ڪيس
ته: ”فلاڻو ڪِي فلاڻو علائقو مون کي عطا ڪريو.“ ان
تي سڪندر اعظم چيس ته، ”تون انهيءَ جي لائق
ناهين!“
علامه صاحب ان زماني ۾ غريبي ۽ مسڪيني هوندي به
جنهن همت، جذبي ۽ چاهه سان تعليم حاصل ڪئي. ان جو
بيان ڪرڻ تمام ڏکيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته انهن ايامن ۾
تعليم حاصل ڪرڻ فقط وڏن ماڻهن ۽ اميرن جو حق هوندو
هو.
غريب ۽ وچين طبقي وارا ماڻهو ان علم جي دولت کان
بلڪل وانجهيل هوندا هئا. شاگرديءَ جي زماني ۾
علامه اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي اولاد سان گڏ پڙهندي
فخر محسوس ڪندو هو ۽ پنهنجي مسڪيني حال ڪري ڪڏهن
به ڪمتريءَ جو احساس نه ڪيائين. هن پنهنجي زندگي
جي لاهن چاڙهن تي لکيل ڪتاب ”منهنجي مختصر آتم
ڪهاڻي“ ۾ سنڌ مدرسي واريءَ زندگيءَ جو ذڪر هيٺين
لفظن ۾ ڪيو آهي:
”هتي ته ليکو ئي ابتو هو، مال تي مٺائي هئي فِري
بورڊرن ۽ غريب شاگردن جو کاڌو تمام غليظ ۽ بي
سوادو هوندو هو. صبح جو ٽشي جهڙي چانهه ۽ رکي ڊبل
روٽي جا ٽڪر، ٻن پهرن جو سڪل اڀوڳي ڪڻڪ جي ماني،
دال، پٺڙي شوري وارو گوشت يا وري سائي اڻڀي ڀاڄي
يا اڌ پاڻي ملايل کير ملندو هو. مطلب ته هڪڙي ئي
ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي وارا چورما ۽ قورما وسري ويا.
ڀرسان متوسط ۽ اعليٰ درجي وارن کي پلاءُ، بريانيون
۽ يخنيون کائيندو ڏسي، غريب شاگردن جو پِتو پيو
پاڻي ٿيندو هو. ڪيترا ته پيا واجهائيندا هئا ته
مَن ڪو سڻڀو ٽڪرڀور، ٻوڙ يا پلاءُ سامهون دوستن
کان پلئي پوين! مان سڪل ڍوڍن تي هِريل هوس؛ سو مان
کي ته انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ئي ڪانه رهندي هئي.“
پاڻ سخت محنتي ۽ هوشيار هوندا هئا. اهو ئي سبب
هوندو هو جو، ٽئين درجي ۾ هو ته پنهنجي هم ڪلاسين
کي حساب ۽ اسڪول جو ٻيو ڪم سيکاريندو هو. گهڻن هم
ڪلاسين کي ته ٽيوشن به ڏيندو هو، جتان جيڪي ڪجهه
ملندو هوس سو پنهنجي خرچ پکي ۽ ڪتابن خريد ڪرڻ تي
صرف ڪندو هو. (هلندڙ)
رنگ ڀريو
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار وڌيڪ
سٺو رنگ ڏنو هوندو، ان کي گل ڦل رسالو ٽن مهينن
تائين مفت ۾ موڪلبو. (ايڊيٽر)
سنڌيڪار: غلام مصطفيٰ سولنگي
سائنسي ڪهاڻي
مِتِيا، راڪيٽ ۽ خلائي مخلوق
زيرو، وَن، ٽُو، ٿِري..... زُون- راڪيٽ تيزيءَ سان
مٿي اڏاڻو. ڪنٽرول پينل تي لڳل رنگين روشنيون
ٻڌائي رهيون هيون ته راڪٽ جا سمورا پُرزا پنهنجو
ڪم ٺيڪ طرح سان ڪري رهيا آهن.
پوءِ! اوچتو گُهگُهو وڳو. ”ڇا ٿيو وري....؟ ڪنٽرول
پينل تي ويٺل ڊاڪٽر جيمز پڇيو. کير جي ٽانڪي خالي
آهي. روبوٽ جواب ڏنو. ان ۾ ٿورو به کير ڪونهي؟ ”جي
نه! اها بلڪل خالي آهي. روبوٽ ٻڌايو: کير کان
سواءِ خلا ۾ اسان مشڪل سان رهي سگهنداسين، ان ڪري
جلدي راڪيٽ کي ڌرتيءَ تي لاهيو ته جيئن اتان کير
وٺي اچجي.
”ٺيڪ آ- ائين چئي ڊاڪٽر جيمز ڪارو بٽڻ دٻايو. ان
ئي گهڙيءَ راڪيٽ هڪ ميدان تي اچي لٿو. ڀرسان ئي هڪ
ننڍڙو ڇوڪرو مٽي جا رانديڪا ٺاهي رهيو هو. ڊاڪٽر
جيمز ۽ سندس ساٿي خلا باز راڪيٽ مان هيٺ لهي آيا.
”پٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر جيمز ننڍڙي ڇوڪري
کان پڇيو. مان مِتيا آهيان“ ”مِتيا پٽ! اسان کي
ڪجهه کير وٺڻو آهي توکي خبر آهي ته کير خانو هِتان
کان ڪيترو پري آهي؟“ ”بس! هِتان ويجهوئي آهي. هي
روڊ پار ڪري وڃو. روڊ جي ٻئي پاسي هڪ گِهٽي ڇڏي ٻي
گهٽي ۾ کير خانو آهي، اتان اوهان کي سولائي سان
کير ملي ويندو.“ مِتيا تفصيل سان پار پتا ڏسيا.
”مهرباني پٽ تنهنجي! ڀلا اسان جي راڪيٽ تي ٿوري
نظر رکجانءِ اسان کير وٺي جلدي موٽي ٿا اچون.
ائين چئي ڊاڪٽر جيمز ۽ سندس ساٿي خلا باز کير وٺڻ
لاءِ روانا ٿي ويا. متيا کي شوق جاڳيو ته جيڪر
راڪيٽ ۾ چڙهي ڏسجي. پوءِ هن پنهنجا هٿ صاف ڪيا ۽
راڪيٽ وٽ اچي بيٺو. راڪيٽ جي دري کليل هئي ۽ ڀرسان
ڏاڪڻ به پئي هئي هن ڏاڪڻ رکي ۽ راڪيٽ جي اندر هليو
آيو. الماري کوليائين ته ان ۾ هڪ خلائي لباس پيو
هو. هن جلدي جلدي اهو لباس پاتو ۽ اچي پائليٽ جي
ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪنٽرول پينل تي هڪ ڳاڙهو بٽڻ چمڪي
رهيو هو. مِتيا اڃا ان تي اڱر رکي ئي مس ته دري
هڪدم بند ٿي وئي ۽ راڪيٽ تيزيءَ سان مٿي اڏامڻ
لڳو.
”هي ڇا ٿي ويو؟ مان ته وڏي غلطي ڪري ويٺس.“ متيا
سوچڻ لڳو، ”هاڻي الائي جي ڇا ٿيندو؟ مان واپس موٽي
به ايندس الائي نه؟“ اوچتو ڪرسيءَ کي هڪ زوردار
جَهٽڪو لڳو. جهٽڪي سان ئي مِتيا ڇت سان وڃي لڳو. ۽
هيٺ ڪرڻجي بجاءِ راڪيٽ جي اندر ترڻ لڳو. ”اوهه!
مون کي ته هاڻي ڪوبه وزن محسوس نه پيو ٿئي. شايد
مان بي وزن ٿي ويس. هو پريشانيءَ مان سوچڻ لڳو.
پاسي ۾ لڳل شيشي مان آسمان ۽ ستارا صاف نظر ٿي آيا
۽ پتڪڙي ڌرتي به ڏسڻ ۾ پئي آئي، جيڪا تيزيءَ سان
سج جي چوڌاري گردش ڪري رهي هئي.
وري اوچتو هڪ هلڪو جهٽڪو لڳو ۽ جهٽڪي سان ئي متيا
اچي فرشتي ڪريو، پر هن کي ڪوبه ڌڪ نه لڳو. هُو
اُٿيو ۽ وري اچي پائليٽ جي ڪرسيءَ تي ويٺو مان
هاڻي سائي بٽڻ کي دٻايان شايد ان کي دٻائڻ سان
راڪيٽ واپس ڌرتيءَ تي موٽي هلي. ”هن سوچيو: ”هاڻي
ته راڪيٽ جا مالڪ کير وٺي موٽيا به هوندا. مون کي
۽ راڪيٽ کي نه ڏسي ڇا سوچيندا...؟ |