سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل  1996ع

باب: --

صفحو :5

اياز پاٽولي

ديس ڪريو گلزار

ديس ڪريو گلزار، اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ديس منهنجي جا سهڻا ساٿي،

ديس منهنجي جا مرد مانجهي،

ٻهڪي ٿو جن سان سنسار اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ديس منهنجي جا عمدا کيت،

جن سان منهنجي خوب پريت،

آهن اکين سندا ٺار اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ديس منهنجي جي مٺڙي ٻولي،

ڄڻ ته امڙ ڏي پئي لولي،

ونڊيو ان سان پيار اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ديس منهنجي کي شاهه سنواريو،

لعل قلندر پڻ ڏيئو ٻاريو،

صاحب ڪرامت ڪئين قرار اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ديس منهنجي جا جنگ جوان،

هوشو دودي جهڙا ڪئين پهلوان،

جي ديس سان ٿيا جانثار اي ٻارو،

ديس ڪريو گلزار...!!.

ضمير کرل

نظم

علم سان جو آ تنهنجو چاهه

تڏهن ته تو ۾ آهي ساهه

پڙهو ته پُرجهو، چپ نه چوريو

فرمايو ائين آهي شاهه.

آهي جهالت اونداهي ۽

علم ئي آهي روشن راهه،

چوڌاري اسڪول جي آهن

ڪيڏا وڻ ٽڻ گل ڦل گاهه،

علم پرائڻ سان ٻارن ۾،

ٿيندو آ، پيدا نئون اتساهه

جيڪو علم پرائيندو آ

ان جو حافظ آهي الله

علم سان آهي عزت ملندي

علم سوا ٻيو آ اونداهه،

تڏهن ته تو ۾ آهي ساه

علم سان جو آ تنهنجو چاهه.

زاهد چنا

ڪتو يا ڇيلي

هڪ ڳوٺاڻو پالڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڇيلڙي خريد ڪري پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪجهه ٺڳن کيس ڏسي ورتو. هن سوچيو ته ڪنهن نموني. هن کي ٺڳي ٻڪري کانئس ڦري وٺون. هڪٻئي سان مشورو ڪري اهي ٺڳ وچ رستي تي اچي بيٺا جڏهن ڳوٺاڻو ويجهو آيو ته ان مان هڪڙي چيو:

”اسلام عليڪم چاچا! شڪار ڪرڻ جو ارادو اٿئي ڇا جو ان پتڙي ڪتي کي گڏ وٺيو پيو وڃين؟“

ٻئي وري ٽوڪ ڪندي چيو، ”ڪمال آهي! ايترو نمازي ۽ پرهيزگار هئڻ جي باوجود توهان ڪتي کي ڪڇ ۾ کنيو آهي خبر نه اٿو ته هي پليت جانور آهي.

ٽئين چيو، ”يار اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هيءُ ڪتو ڏاڍو ٺاهوڪو آهي. ان ڪري هيءُ ويچارو ڀلجي پيو ۽ ننڍڙي ڪتڙي کي ڇيلڙي سمجهي ويٺو. هن ويچاري جو ڪو ڏوهه ڪونه آهي هن سادي سودي ڳوٺاڻي سان ڪنهن ٺڳي ڪئي آهي.“

ويچاري ڳوٺاڻي تي ٺڳن جي ڳالهين جو اثر ٿيو، کين چيائين ته ”توهان هيءُ ڇيلڙي جهلي بيهو مان وڪڻڻ واري کي ڊوڙي وڃي وٺي ٿو اچان پوءِ ڇيلڙي ان جي حوالي ڪري، پنهنجا پيسا کانئس موٽائي وٺندس.“

ٺڳن قبول ڪيو، جيئن ئي ڳوٺاڻو وڪڻڻ واري جي ڳولها لاءِ ڊوڙيو ته هڪ ٺڳ ڇيلڙي ڪاهي ڀڄي ويو، ڳوٺاڻو ٻڪري وڪڻڻ واري کي گڏ وٺيو آيو، ۽ ٺڳن کان پڇيائين. ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي، جنهن کي مون ٻڪري جهلڻ لاءِ ڏني هئي. ”ٺڳن چيو ”چاچا توهانجي وڃڻ کان پوءِ اهو ڪتو اسانکي چڪ پائڻ لاءِ ڊوڙيو ته اسين ڊپ کان ان کي ڇڏي ڏنو.“

ڳوٺاڻو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ گهڻو بحث ڪيائين پر کين پنهنجي ڇيلڙي نه ملي. ۽ وڪڻڻ واري ان جي قيمت به نه موٽائي، آخر لاچار ٿي ڳوٺاڻو خالي هٿين پنهنجي گهر موٽي آيو.

سميع ساجد جوڻيجو

ڏاهو ماڻهو

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ڀريل درٻار ۾ هڪ بادشاهه چيو ته ”آهي ڪو جيڪو منهنجي هن سوال جو جواب ڏي ته ”منهنجي هٿن جي ترين تي وار ڇونه آهن“؟ جيڪو شخص ان سوال جو صحيح جواب ڏيندو ان کي تمام گهڻو انعام ڏيندس جو غلط جواب ڏيندو ته کيس مارائي ختم ڪرائي ڇڏيندس بادشاهه سلامت جي اها ڳالهه سڄي درٻار ٻڌي پر انجو جواب ڪوبه نه ڏئي سگهيو، اوچتو ان درٻار مان هڪ هوشيار شخص اٿي چوڻ لڳو ته: ”حضور مان اوهانجي ان سوال جو جواب ڏيندس.“ بادشاهه ان شخص کي وري چيو ته: ”چڱو ڀلا ٻڌاءَ ته منهنجي هٿن جي ترين تي وار ڇو ڪونهن؟“ ان شخص چيو: ”بادشاهه سلامت توهان ايترا ته سخي آهيو جو خدا جي راهه ۾ خير خيرات ڏئي اوهانجن هٿن جي ترين جا وار گسي ويا آهن.“ اهو جواب ٻڌندي بادشاهه ان کان انڪار نه ڪري سگهيو ۽ جواب کي درست سمجهندي وري کيس چوڻ لڳس ته چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي هٿن جي ترين تي وار ڇو ڪونهن؟ تنهن تي ان شخص جواب ڏنو، حضور اوهان جڏهن به خيرات ڏيندا آهيو ته صرف مون کي ئي ڏيندا آهيو اوهانجي بار بار خيرات ڏيڻ سان منهنجي هر هر وٺڻ سان هٿن جي ترين جا وار گسي ختم ٿي ويا آهن.

بادشاهه انجي اها ڳالهه به صحيح مڃي وري کانئس ٽيون ڀيرو پڇيائينس ته: ڀلا هي جو هيڏا سارا ماڻهو هت جمع ٿيا آهن. انهن جي هٿن جي ترين تي وار ڇو نه آهن؟ اهو ٻڌي ان شخص بادشاهه کي چيو ته اوهان جڏهن به خير ڏيندا آهيو ته صرف مونکي ئي ڏيندا آهيو، اوهانجي ان خاص مهربانيءَ کي ڏسندي اهي سڀ ساڙ ۽ حسد ۾ جلندا آهن ۽ افسوس ڪندي تابش مان پنهنجا هٿ مهٽيندا آهن ان سبب جي ڪري انهن جي هٿن جي ترين تي وار کسي ويا آهن. ان شخص جي ان ڏاهپ کان بادشاهه بيحد متاثر ٿيو ۽ کيس وڏن وڏن انعامن اڪرامن سان نوازي ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيائينس.

ڊاڪٽر سليمان شيخ

انفلوئنزا

انفلوئننزا هڪ ڄاتل سڃاتل بيماري آهي. هيءَ بيماري اوچتي نمودار ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچڙندڙ بيمارين وانگر سڄي ملڪ ۾ ڦهلجندي آهي. هيءَ بيماري ساهه جي سرشتي جي مٿئين حصي يعني نڪ، ڳلي ۽ نڙگهٽ تي اثرانداز ٿئي ٿي. هن بيماري جو وڏي ۾ وڏو حملو 19-1918ع ۾ سڄي دنيا تي ٿيو هو جنهن ۾ پنجاهه ڪروڙ ماڻهو اثر انداز ٿيا هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ اجل جو نشانو بڻيا هئا.

هيءَ بيماري سياري جي موسم جي شروعات سان اسان جي ملڪ ۾ شروع ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته وبا وانگر پکڙجي ويندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ هيءُ بيماري هانگ ڪانگ ۾ شروع ٿي. ان ڪري هن کي هانگ ڪانگ فلو به چئجي ٿو هن بيماريءَ ۾ مٿي، ڪلهن، سنڌن ۽ ٽنگن ۾ سخت سور ٿئي ٿو. ڳلي ۾ خارش ۽ سوزش رهي ٿي. نڪ مان پاڻي وهندو رهي ٿو. خشڪ کنگهه به ٿئي ٿي. اوچتو سيءُ تپ ٿئي ٿو، جيڪو 102 کان 104 درجن تائين وڃي ٿو. مريض جو منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. اکين مان پاڻي اچڻ شروع ٿئي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين پوري علاج نه ملڻ ڪري نمونيا به ٿي سگهي ٿي.

هِن بيماريءَ کان بچڻ لاءِ هي اپاءُ وٺڻ گهرجن.

1-   مريض کي الڳ هوادار ڪمري ۾ ليٽائجي.

2-  گهر جا ڀاتي ۽ ٻار بيمار جي ويجهو نه اچن.

3-  تندرست ماڻهو کي مريض جون شيون استعمال نه ڪرڻ گهرجن.

4-  مريض جي بچايل شين، ٿڪ ۽ سنگهه وارن رومالن کي ساڙي ڇڏجي.

5-  مريض جي باسڻن، ڪپڙن ۽ ٻين شين کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڌوئجي ۽ تيز اس ۾ سڪائجن.

6-  بيمار کي کنگهندي ۽ ڇڪن ڏيندي رومال منهن تي رکڻ گهرجي.

7- مريض کي دفتر، مجلسن، سينمائن ۽ هوٽلن تي وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ان ڪري بيماري سڄي ڳوٺ يا شهر ۾ پکڙجي ويندي.

8-  مريض کي ڪمزوريءَ کان بچڻ گهرجي ۽ ڪڪڙ جو آنو شوربو ۽ طاقت وارا کاڌا کائڻ گهرجن.

هيءَ بيماري ٻارڙن ۾ خطرناڪ صورت حال پيدا ڪري سگهي ٿي. ان حالت ۾ نمونيا پيدا ٿيو پوي. جيڪا ڪڏهين ڪڏهين معصوم ٻارڙن کي اجل آڏو بيوس ڪري ڇڏي. ان ڪري ٻارڙن کي هر حالت ۾ هن بيماريءَ کان بچائجي، اڄڪلهه هن بيماري جو مڪمل علاج ممڪن آهي. ان ڪري 19-1918ع واري صورت حال پيدا ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. مگر علاج هڪدم شروع ڪجي. جيئن بيماريءَ تي ضابطو ڪري سگهجي ۽ ٻين کي به ان بيماريءَ کان بچائي سگهجي.

انور علي لوهار

مجبوري

شفيق بي. اي جو امتحال ڏنو ۽ هاڻي هو نتيجي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن جو نتيجو آيو ۽ هي سٺن نمبرن سان پاس ٿيو.

پوءِ هن جي پيءُ هن کي چيو ته پٽ: هاڻي مون ۾ ايڏي طاقت نه آهي جو توکي اڳتي پڙهائي سگهان ان لاءِ هاڻي توکي ڪٿي نوڪري ڪرڻ گهرجي. بابا: مون کي ڪجهه پڙهڻ ڏيو پوءِ مان پاڻ ئي ڪٿي نوڪري تلاش ڪندس، شفيق چاهيندو هو ته هو اڳتي پڙهي ۽ ڪو وڏو مقام حاصل ڪري. ان ڪري هن ايئن پنهنجي پيءُ کي چيو.

ڇا تون گهر جي حالتن کان واقف نه آهين؟ توکي اها به خبر هوندي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گهر ۾ ماني به ڪونه پچندي آهي. ان هوندي به مون توکي پڙهايو ۽ انهي قابل بڻايو ته تون پنهنجي پيرن تي بيهي سگهين ٿو شفيق جي پيءُ شفيق کي سمجهائيندي چيو.

مان گهر جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ئي ته چوان ٿو ته مون کي ڪجهه پڙهڻ ڏيو ۽ پڙهي جڏهن مان آفيسر ٿيس ته پوءِ ئي انهي گهر جو حالتون سڌرنديون.

شفيق پيءُ کي چيو.

پٽ: تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇونه ٿو ڪرين، هاڻي مون ۾ اها جواني نه رهي آهي ۽ مان پوڙهو ٿي چڪو آهيان. هاڻي مون کان زمينن جو ڪم نه ٿو ٿي سگهي، منهنجون ڪمزور ٻانهون لابارو ڪري نه ٿيون سگهن.

مان توکي هٿ ٻڌان ٿو ته ڪٿي نوڪري ڪر.

شفيق جي پيءُ هن کي ٻانهون ٻڌندي چيو.

بابا! اهو ڇاٿا ڪريو جيئن توهان چوندا ايئن ئي مان ڪندس. مان پنهنجي خواهش کي هن گهر مٿان قربان ڪري نوڪري ڪندس ۽ سڀاڻي ئي نوڪري جي تلاش ۾ شهر ويندس.

شفيق پنهنجي پيءُ اڳيان هار مڃيندي چيو.

مون کي تو مان اهائي اميد هئي. شفيق جي ماءُ چيو، جيڪا گهڻي وقت کان خاموش ويٺي پيءُ پٽ جي وچ ۾ بحث ٻڌي رهي هئي.

صبح سوير هي پنهنجي ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهي رهيو هو ته هن جو پيءُ آيو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته هي وٺ پئسه اتي توکي شهر ۾ ڪم ايندا. اهي پئسه مان پوسٽ ماسٽر کان وٺي آيو آهيان.

پوسٽ ماسٽر هنن جو ويجهو مائٽ هو ۽ انهن جي گهڻي مدد ڪندو هو. پوءِ شفيق شهر ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن شهر پهچي ويو ته هن اتي هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ ڪمرو ورتو. هن سوچيو ته اڄ آرام ڪري صبح سوير نوڪري جي تلاش ڪندس.

جڏهن صبح ٿيو ته هي اٿيو ۽ پنهنجا ڪاغذات کڻي ڪنهن اڻ معلوم مقام ڏانهن روانو ٿيو.

رستي ۾ جتي به هن کي ڪا آفيس نظر ايندي هئي ته هي اتي وڃي پڇندو هو ته اتي ڪا جاءِ خالي آهي مثلاً ڪلارڪي وغيره سواءِ نااميدي جي هن کي ڪجهه به نه ملندو هو.

هاڻي ته هن جو روز جو معمول بڻجي ويو ته صبح جو سوير نوڪري جي تلاش ۾ نڪرڻ ۽ شام جو نا اميد ٿي واپس موٽڻ.

هاڻي شفيق به شهر ۽ آفيسن جا چڪر لڳائي ٿڪجي پيو هو ۽ نا اميد ٿي پيو هو ايتري ۾ بيرو آيو ۽ شفيق کي چوڻ لڳو ته سائين توهان کي اسان جي هوٽل ۾ هفتو ٿي ويو آهي ۽ اسان هفتي ۾ سڀني گراهڪن کان ماني ۽ رهائش جو حساب ڪندا آهيون ۽ ان لاءِ هي توهان جي هفتي جو بل آهي، بيري هڪ ڪاغذ شفيق کي ڏيندي چيو، شفيق پڙهي هن کي پئسه ڏنا ۽ پوءِ هن جي جي هٿ ۾ صرف 50 رپين جو نوٽ وڃي بچيو، جيڪو اڄ جي ماني ۽ ڳوٺ تائين ڪرايو مس ٿيندو. هي سوچي رهيو هو ته بابي کي ڪهڙو جواب ڏيندم ته نوڪري نه ملي ۽ جيڪي تو پئسه ڏنا هئا سي سڀ خرچ ٿي ويا، اهو چوندو ته تون ڪوڙ ڳالهائين ٿو. تو پاڻ نوڪري نه ڪئي هونديئي ڇو جو توکي پڙهڻ جو شوق آهي.

مان ڇا ڪريان؟ ڇا مجبوري ئي انسان جي ڪمزوري آهي؟

ٿوري کڙڪي تي شفيق خيالن جي دنيا مان واپس آيو. هن ڏٺو ته هن جي ڀرسان هڪ اجنبي شخص ويٺو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ هڪ امير ماڻهو لڳي پيو. ڇا سوچي رهيو آهين نوجوان.

هن اجنبي شفيق کان پڇيو.

بس اهوئي سوچي رهيو هيم ته غريب جو ڪو مستقبل نه آهي.

حال ۽ مستقبل صرف امير ماڻهن لاءِ آهي. انهن جو هڪ فون اٺين پاس کي ڪنهن محڪمي ۾ ڊائريڪٽر بڻائي سگهي ٿو.

۽ انهن جو هڪ فون ڪنهن ڊائريڪٽر کي پٽيوالو بڻائي سگهي ٿو.

شفيق هن شخص کي جواب ڏنو.

پر تون ڇو پريشان آهين؟

هن شخص وري شفيق کان پڇيو. مون جهڙا نوجوان توکي هر شهر ۾ ملندا، جيڪي پنهنجون بد نصيب ڊگريون کڻي ڪنهن سيلزمين وانگر هر شهر ۾ گهمندا آهن ۽ اخبارن ۾ نوڪري جا اشتهار ڏسندا آهن ۽ جڏهن هنن کي ڪو اشتهار نظر ايندو آهي. اها اميد ڪري انٽرويو ڏيڻ لاءِ ويندا آهن ته اها نوڪري اسان کي ملي ويندي آهي.

پر اشتهار ڏيڻ وارا پهرين ڪنهن سفارشي کي نوڪري ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اشتهار ڏيندا آهن.

ڇو جو غريبن جي ٻارن سان انهن کي مذاق ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. شفيق هن اجنبي شخص کي چيو.

هون: ته تون نوڪري لاءِ پريشان آهين، جيڪڏهن توکي نوڪري ملي وڃي ته پوءِ....

هن شخص شفيق کي چيو، اهڙا ڀاڳ اسان غريبن جا ڪٿي... جتي سفارش ۽ رشوت جو دور هجي اتي ڪنهن غريب نوجوان کي نوڪري ملڻ مشڪل آهي. شفيق نااميد ٿيندي چيو.

توکي نوڪري مان ڏيندس، تون مون وٽ نوڪري ڪندين.

هن شخص شفيق کان پڇيو.

منهنجي خيال ۾ تون به انهن امير ماڻهن مان آهين. جيڪي غريب جي ٻارن سان مذاق ڪندا آهن ۽ انهن کي غريب هئڻ جو طعنو ڏيندا آهن. شفيق هن شخص کي چيو.

نه! نه مان انهن ماڻهن مان نه آهيان جيڪي غريب ٻارن سان مذاق ڪندا آهن مان به پهرين غريب هيس امير مان پوءِ ٿيس مون کي غريبن لاءِ همدردي آهي، هن شخص شفيق کي يقين ڏياريندي چيو.

ٺيڪ آهي مان نوڪري ڪندس، نوڪري آهي ڪهڙي، شفيق هن کان پڇيو ته هن شخص چيو ٿورو هيڏانهن اچ پوءِ شفيق جي ڪن ۾ هن ڪجهه چيو، آهي ته ظلم پر اها نوڪري مان نه ڪندس.

پوءِ هي ڳوٺ موٽي آيو، ۽ هڪ ڊرائي ڪلينرس واري وٽ، ڪپڙا استري ڪرڻ لڳو. دوست کلندا هئا، پر هن جو ضمير مطمئن هو. جو هن ڪنهن جو به حق ڪونه ماريو هو.

زاهد حسين ابڙو

ليونار ڊوڊوانچي

”عظيم مصور ۽ سائنسدان“

عظيم مصور ۽ سائنسدان ليونار ڊوڊوانچي فلورنس جي ويجھو ”ونسي“ نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو، مصوري سکڻ جي ابتدا پنهنجي استاد ويرو شيو(Verrochio) وٽان ڪيائين ۽ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي تصوير ٺاهڻ جي ٽيڪنڪ سان استاد ويرو شيو کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيائين، هن عظيم مصور جي ٺاهيل صرف هڪ تصوير جو نالو لکان ٿو ان تصوير جو نالو آهي ”موناليزا“ جنهن کي مصوري جي دنيا جو هڪ بي مثال شاهڪار سڏيو وڃي ٿو. ليونار ڊوڊوانچي هڪ عظيم مصور هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين سائنسدان پڻ هيو.

ليونار ڊوڊوانچي ان زماني ۾ جڏهن پيچ ڪش به ملڻ مشڪل هو، هڪ ڪرين ايجاد ڪري ڇڏي جنهن سان وچين درجي جي عمارت آساني سان کڻي سگھبي هئي، صرف انهي هڪڙي ئي ايجاد مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ليونار ڪيترو وڏو سائنسدان ۽ ذهين هو انهي کانسواءِ ليونار اهو به ٻڌايو ته پاڻي کي توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ليونار ڊوڊوانچي بادلن ۾ ٿيندڙ گوڙ ۾ پمڪ جو مشاهدو ڪري اهو ثابت ڪيو ته آواز جي مقابلي ۾ روشني تيزي سان سفر ڪري ٿي ميلان شهر جي چوڌاري ليونار پنهنجي نگراني ۾ اهڙيون ناليون ڪڍرايون جو جنهن کي اڄ جا انجنيئر به قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. سائنسدان ڪو پرنيڪس کان تمام پهرين ئي هن عظيم ذهين انسان ۽ بي شمار خوبين جي مالڪ ليونار پيشنگوئي ڪري ڇڏي ته سج زمين جي چوڌاري گردش نٿو ڪري آوزا جي باري ۾ به ليونار ٻڌايو ته آواز لهرن وسيلي سفر ڪري ٿو. ليونار کي پاڻي سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي، اهوئي سبب آهي جو ليونار ڊوڊوانچي پاڻي جي مشاهدي سان اهو ٻڌايو ته پاڻي پاڻمرادو حرڪت نٿو ڪري، صرف هوا جي زور تي ئي پاڻي حرڪت ڪري ٿو. سواءِ ان کان جو پاڻي بلندي کان هيٺ جي طرف ڪري ۽ اهو به واضع ڪيو ته درياءَ جو پاڻي گهرائي جي نسبت مٿين سطح تي تيزي سان حرڪت ڪري ٿو، جهڙي طرح ليونار روشني ۽ پاڇي جي باري ۾ سمجهاڻي ڏني آهي اُن کي ڪنهن ٻئي انداز ۾ بيان ڪرڻ عام انسان لاءِ تمام مشڪل آهي، ليونار جي تحقيقي ۽ علمي مواد جو ڪاٿو تقريباً ڇهه هزار صفحن ۾ لڳايو وڃي ٿو، ليونار ڊوڊوانچي جي تعريف ۾ ليونار جو آخري سرپرست ۽ شاهه فرانس ”فرنڪوئي“ پهريون لکي ٿو ته جيترو ڪائنات جي باري ۾ ليونار ڄاڻي ٿو، اوترو شايد ٻيو ڪو ڄاڻيندو هجي. ليونار ڊوڊوانچي جي باري ۾ هڪ ٻيو دلچسپ نظريو آهي ته هو ڄاڻندو هو ته ڪنهن به شيءَ جي باري ۾ سمجهڻ هن لاءِ ناممڪن نه آهي.

شبير احمد ”سچار“

ملان نصير الدين خواجه

ملان نصير الدين جو نالو ته اوهان ضرور ٻڌو هوندو ۽ سندس لطيفا ۽ قصا به کوڙ سارا پڙهيا هوندا، اچو ته اڄ سندس زندگيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪيون، سندس لطيفا ڏکڻ ايشياءَ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي روايتي ادب جو حصو آهن.

ملان نصيرالطين جي زندگي بابت اڄ تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مطابق ٻه روايتون آهن.

پهرين روايت مطابق پاڻ چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ زنده هئا، جيڪو بايزيد اول، تيمور ۽ ڪرماني ۽ علاؤالدين جو زمانو هو.

ٻيو بيان تيرهين صدي يعني علاؤالدين سلجوقيءَ جو دؤر. سندس تعلق ترڪيءَ سان آهي، ملان جو مقبرو واقع آقچا شهر ۾ آهي. سندس تاريخ پيدائش هن ريت لکيل آهي84-1285ع جڏهن ته حسن علي آفندي مطابق ملان نصيرالدين قوريه خورتا ۾ پيدا ٿيو، جيڪو سولا حصار جي ويجهو آهي. ان مطابق 1208ع-1209ع بمطابق 605هه ۾ پيدا ٿيا، پوءِ پنهنجي پيءُ جي جڳهه امام جو عهدو سنڀاليائون 1237ع 1238ع بمطابق 635 هه ۾ آقچا شهر ۾ آيا ۽ اتي ئي 1284-1285ع بمطابق 683 هه ۾ وفات ڪيائون.

ملان پنهنجي ذهانت، سادگيءَ ۾ انسان دوستيءَ ڪري ايشيا ۽ آفريڪا ۾ هڪ مقبول شخصيت آهي چيني، ترڪستان ۾ انهن کي ”آفندي“ يعني ”آقا“ سڏيندا آهن. سندس لطيفا پوڙها، ٻار، جوان تمام گهڻي شوق سان پڙهندا آهن سندس ڪجهه چونڊ لطيفا پيش خدمت آهن.

چاٻي ڪٿي ڪري هئي؟

هڪڙي ڏينهن ملان نصيرالدين پٽ تي نِوڙي ڪا شيءِ ڳولي رهيو هو. ڪنهن واٽهڙو پڇيس ملان ڇا وڃايو اٿئي؟ ملان چيس چاٻي گم ٿي وئي آهي پوءَ اهو واٽهڙو، به ساڻس گڏجي چاٻي ڳولڻ لڳو، آخر ان واٽهڙو پڇيس ته ڄاٻي ڪٿي ڪري هئي ملان چيس ڄاٻي ته ڪمري ۾ گم ٿي هئي واٽهڙو پوءَ هتي پيو ڳولين، ملان چيس اتي اوندهه آهي

گڏهه، لوڻ، اُنَ ۽ واههُ

هڪ دفعي ملان نصير الدين پنهنجي گڏهه تي لوڻ کڻي ڀر واري شهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ واهه مان اُڪرڻو پيو جڏهن هو واهه مان اڪري ٻاهر آيو ته سمورو لوڻ ڳري چڪو هو.

ملان کي هن نقصان ڪري دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو هوڏانهن وري گڏهه خوشيءَ مان هينگاٽ ڪرڻ لڳو ڇاڪاڻ ته مٿس بار هلڪو ٿي ويس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ملان کي وري ساڳي واهه مان اُڪرڻو هو پر هن دفعي ملان گڏهه تي اُن رکي هئي، جڏهه واهه مان نڪتو ته اُن سڄي پسي وئي هئي ۽ اُن جو وزن ٽيڻ تي وڌي ويو. ۽ گڏهه ريڙهيون پائڻ لڳو، ملان گڏهه جو ڀر ۾ بيهي ڪن ۾ چيائينس، تو سمجهيو هو ته جنهن وقت به پاڻيءَ مان گذرندين ته تنهنجو وزن هلڪو ٿي ويندو ڪيئن مزو آيو.

چورن کان شرم

هڪڙي رات ملان جي گهر ۾ ڪي چور آيا ملان انهن کي ڏسي الماڙيءَ ۾ لڪي ويٺو، جڏهن چورن الماڙي کولي ته ملان چيم ته مون کي شرم ٿو اچي ته توهان کي منهنجي گهر مان ڪابه شيءَ هٿ نه لڳي.

مينهن خدا جي رحمت

هڪ دفعي مينهن وسي رهيو هو ته ملان هڪ نيڪ مرد شهر جي آغا عاقل کي ڀڄندو ڏسي چيو ته توهان کي ڪهڙي همت ٿي آهي جو اوهان خدا جي رحمت مان فيض حاصل ڪرڻ بجاءِ ان کان ڪناره ڪشي ڪريو پيا ان تي آغا عاقل هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ گهر ڏانهن آهستي وڃڻ لڳو.، جڏهن گهر پهتو ته دريءَ مان ڏسي ته ملان گهر ۾ ويٺو آهي سو ان بزرگ چيس ملان تون ڇو نه ٿو فيض حاصل ڪرين.

ملان وراڻيو ته مان پنهنجي ناپاڪ قدمن سان خدا جي رحمت کي ناپاڪ ڪرڻ نٿو چاهيان.

ملان نصيرالدين جي لطيفن جو پهريون مجموعو (1837ع) ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ 125 لطيفا هئا.

محمد توفيق جو نسخو ”بو آدم“ يعني هي ماڻهو (1883ع) ۾ شايع ڪيو ويو جنهن ۾ 871 لطيفا هئا.

حڪايات نصيرالدين بعد ۾ آيو.

ملان جا لطيفا هنگري، روسي، انگريزي، اردو، يوناني، سربو وغيره ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

روسي، ترڪي ۾ رومانوي شاعرن سندن حڪايتن کي نظمن ۾ به پيش ڪيو آهي.


 

اڪبر سومرو

ڪنول ڪهاڻي نمبر

 

چلڊرين ادبي بورڊ ڀان سيدآباد ضلعو دادو ۾ قائم ٿيئي تمام ٿورو وقت ٿيو آهي. هن اداري طرفان غلام مصطفيٰ سولنگي جيڪو هن اداري جو چيئرمن پڻ آهي ماهوار رسالو ڪنول ڪڍي رهيو آهي. ٻارن لاءِ هونءَ ته گهڻائي رسالا نڪري رهيا آهن. پر هي پنهنجي انداز جو نرالو ۽ انوکو رسالو آهي. جنهن کي نه رڳو شوق سان ٻار پڙهي رهيا آهن بلڪ هن ۾ لکي به رهيا آهن. هن رسالي چڱا ٻالڪ ليکڪ به پيدا ڪيا آهن. سبب صرف اهو آهي ته هن رسالي ۾ لکڻيون ۽ شعر بنا ڪنهن سفارش جي غير جانبداريءَ سان ڇپبا آهن.

ماهوار ڪنول جو ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي پاڻ به هڪ محنتي ۽ جاکوڙي ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ڪوشش جو نتيجو ئي آهي جو سُٺي سرڪيوليشن نه هئڻ جي باوجود به ڪنول جا پرچا مسلسل ڇپجي رهيا آهن.

سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ آهي. سواءِ ڪجهه اخبارن جي ٻاراڻن صفحن ۽ ڪن ادارن جي ڪجهه ٻارن لاءِ رسالن جي ٻيو ڪجهه به ٻارن لاءِ شايع نه ٿي رهيو آهي. گل ڦل، مُرڪ، ارچڪ مرچڪ، گلستان ۽ ٻالڪ رنگ کان پوءِ ٻارن لاءِ هي ئي رسالو آهي جيڪو مسلسل نڪري رهيو آهي.

هاڻ ته هن رسالي خاص خاص نمبر ڪڍڻ شروع ڪيا آهن، تازو فيبروري 96 جو پرچو ڪهاڻي نمبر جي حيثيت ۾ نڪتو آهي. پرچو سيٽ اپ ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان تمام سٺو آهي، هي پرچو ٽائيٽل ۽ بيئڪ ٽائيٽل جي پنن کان سواءِ به 48 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سندس قيمت صرف 8 رپيا آهي.

ڪنول ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، تفريحي ۽ معلوماتي ميگزين آهي. هي خاص نمبر به ٻارن کي ضرور متاثر ڪندو هن پرچي ۾ سنڌ جي وڏن اديبن جون ڪهاڻيون ته ڪونه آهن، جنهن جو ذڪر غلام مصطفيٰ سولنگي ”پنهنجون ڳالهيون“ ۾ به ڪيو آهي ته بار بار رابطي ڪرڻ جي به موچاري موٽ ڪانه ملي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جا وڏا ۽ ناميارا اديب ٻارن لاءِ لکڻ کي عيب ڇو ٿا سمجهن، هو اهو ڇو ٿا ڀائن ته ڪو ائين لکڻ سان سندن ڪا گهٽتائي ٿيندي، ٻار اسان جو آئيندو آهي. مستقبل جا معمار ۽ هن معاشري جي پيڙهه آهن. انهن  لاءِ لکڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن مستقبل کي روشن رکڻوآهي ته نه رڳو ٻارن کي دنياوي تعليم ڏيارڻ ضروري آهي بلڪ انهن لاءِ سرجڻ به ضروري آهي.

ٻار، ڪهاڻين، شعرن ۽ مضمونن کان ڏاڍا متاثر ٿيندا آهن. ڪنول جي هن ڪهاڻي نمبر ۾ جن اديبن، دانشورن ۽ شاعرن پنهنجا رايا ڏنا آهن. اهي آهن، ادل سومرو، نصيرمرزا، تاج جويو، ناز سنائي، خليل عارف سومرو، اڪبر جسڪاڻي، راشد مورائي، اسرار شام، سليم چنا، منصور قادر جوڻيجو، آصف مٺياڻوي، درد سولنگي، فتاح دائودپوٽو ۽ گل ڪونڌر، ڪاش! انهن ئي ماڻهن جيڪڏهن رڳو هڪ اڌ ماڻهو هن ڪهاڻي نمبر لاءِ پنهنجون ڪهاڻيون ڏين ها ته به هي پرچو نه رڳو يادگار پر شاهڪار به بڻجي وڃي ها. بهرحال پوءِ به مصطفيٰ سولنگي جي سچائي ۽ لگن رنگ لاتو آهي. هن ڪهاڻي نمبر ۾ گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون سٺيون ۽ معياري آهن.

منظور احمد ڀٽو جي ڪهاڻي ”حقيقي روزو“ ترجمو ٿيل آهي باقي سڀ ڪهاڻيون اصلو ڪيون آهن.

جن جون ڪهاڻيون تمام سٺيون آهن، اهي ليکڪ آهن. عبدالجبار عبد، محمد پنهل پياسي، حبيب ابڙو، رابيل جوکيو، غلام مصطفيٰ سولنگي، غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، ضامن هيسباڻي، حاڪم گل مهر، آفتاب ناز خاصخيلي، مشتاق احمد سومرو، علي اصغر بلوچ، مرڪ لغاري، منير احمد چنه، سيد امتياز شاهه ڪاظمي، باقي جن جون ڪهاڻيون ايتريون خاص معياري ناهن بس چڱيون آهن تن ۾، رجب آزاد سولنگي، پرديپ ڪمار پياسي، پيرل برهماڻي، ايوب کٽي، شوڪت علي خاصخيلي، محسن سومرو، نظير احمد کوسو، عبدالوحيد درياڻي، خير محمد ملاح ۽ امر امتياز حسين خادم، ان هوندي به ڪنول ڪهاڻي نمبر مجموعي طور هڪ بهترين ڪهاڻي نمبر آهي.

احسان احمد ملڪ

نصيحت

درويش کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تمام گهڻو شوق هو. اسڪول جي ڇوڪرن کي گڏ ڪري شهر جي رستن تي ڪرڪيٽ کيڏندو هو. درويش جو پيءُ شهر جو معزز وڪيل هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو درويش جي عزت ڪندا هئا، درويش محلي وارن کي تمام گهڻو تنگ ڪري رکيو هو. محلي وارن گهڻن ڏينهن تائين صبر ڪيو، آخرڪار اهي ڪيترن ڏينهن تائين صبر ڪندا رهندا. هڪ ڏينهن سڄي محلي وارن اها صلاح ڪئي ته سڀ هلي ڪري وڪيل صاحب کي درويش جي شڪايت ڪنداسون. هڪ شام محلي جا سڀ ماڻهو درويش جي پيءُ سان اچي مليا، وڪيل صاحب ايترن ماڻهن کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ چيائين ”خير ته آهي ڪيئن اچڻ ٿيو.“

انهن مان هڪ ڳالهايو: ”خير ڪٿي آهي صاحب تنهنجي پٽ جي شڪايت کڻي آيا آهيون.“ ٻئي ماڻهو چيو ”وڪيل صاحب تنهنجي پٽ ته منهنجي دريءَ جا سمورا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آهن. انهيءَ کي سمجهاءِ ڪرڪيٽ رستن تي ته ڪونه کيڏي ويندي آهي“ هڪ صاحب شڪايت ڪئي ته ”وڪيل صاحب هڪ ڏينهن بال منهنجي گهر جي اندر اچي ڪريو. اهو ته خدا جو شڪر آهي جو  بال ڪنهن کي نه لڳو نه ته...؟“

هڪ بزرگ چيو: ”صاحب تنهنجي پٽ منهنجي پيٽ ۾ اهڙو ته بال هنيو، جيڪڏهن اهو بال مونکي نه لڳي ها ته لازماً ڇڪو ٿي وڃي ها.“ انهيءَ ڳالهه تي سڀ ماڻهو کلڻ لڳا.

درويش جي پيءُ کي درويش تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. وڪيل صاحب سڀني ماڻهن کي يقين ڏياريو ته هاڻي انشاءِ الله توهان کي شڪايت جو موقعو نه ملندو، مان درويش کي سمجهائيندس، توهان ويهو مان توهان جي لاءِ چانهه ٺهرايان ٿو، سڄي محلي وارن چيو، ”اهڙي ڳالهه نه آهي مهرباني وڪيل صاحب، هاڻي اسان هلون ٿا ۽ سڀ هليا ويا. جڏهن درويش پيءُ سان مليو ته درويش جو پيءُ درويش کي سمجهائڻ لڳو: ”پٽ اڄ محلي وارا ماڻهو شڪايت کڻي مون وٽ آيا هئا. مون کي انهن جي شڪايت ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. پٽ جيڪڏهن ڪرڪيٽ کيڏو ته رستن تي نه کيڏندا ڪيو، وڏي گرائونڊ تي وڃي ڪرڪيٽ کيڏندا ڪيو. جيئن ڪنهن کي نقصان نه ٿئي.

درويش سر جهڪائي خاموشيءَ سان پنهنجي پيءُ جي نصيحت ٻڌي رهيو هو. بعد ۾ درويش چيو ”بابا اڄ کان بعد توهان کي منهنجي شڪايت نه ملندي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ درويش جو پيءُ ڪنهن ڪم سان ڪراچي هليو ويو انهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ درويش کي ڇوڪرن ڪرڪيٽ کيڏڻ تي مجبور ڪيو. درويش سڀ ڪجهه ڀلي ويو ۽ وري رستن تي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي.

هڪ ڏينهن درويش فيلڊنگ ڪري رهيو هو. احسان نالي ڇوڪرو بيٽنگ ڪري رهيو هو. بالر بال اڇلايو بيٽسمين پوري قوت سان شاٽ کيڏيو بال تمام مٿي ويو درويش به تيزيءَ سان ڀڄندي بال جي پويان پهتو، درويش بلڪل رستي جي وچ تي بيٺو اکيون مٿي ڪيائين بال کي ڪيچ ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ هئو، انهيءَ کان پهريائين جو بال درويش جي هٿ ۾ اچي انهيءَ رستي جي موڙ کان هڪ ڪار تمام تيزيءَ سان نڪتي ۽ درويش کي وڃي لڳي، درويش پري وڃي ڪريو، ڪار واري جلديءَ سان بريڪ هنئي، درويش وٽ آيو. سڀ ڇوڪرا درويش جي چوڌاري جمع ٿي ويا. ڪار واري جلدي درويش کي اسپتال پهچايو ڪار جي ڊرائيور کي گهڻي انتظار کان پوءِ ڊاڪٽر چيو، ”ڇوڪرو هاڻي هوش ۾ آيو آهي.“

مٿي تي معمولي ڌڪ لڳو هئس.

وڪيل صاحب کي جڏهن خبر پئي ته درويش جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، جلدي ڪراچي کان واپس آيو، اچڻ سان ڊاڪٽر کي چيائين: ”منهنجو درويش ڪيئن آهي.“

ڊاڪٽر چيو: ”بلڪل ٺيڪ آهي وڪيل صاحب“ جڏهن درويش جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته درويش هڪ پني تي لکي رهيو هو. ”رستن تي ڪرڪيٽ نه کيڏندا ڪيو شڪريه؟“ وڪيل صاحب ٿورو مشڪيو.

ٻارو؟ ڏسو جيڪو ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ جو چيو نه وٺندو آهي. اهو هميشه نقصان ۾ ويندو آهي.


 

ترجمو: عرفان احمد هاليپوٽو

پاڪستان جا مشهور ڪرڪيٽر

ڪرڪيٽ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي بهترين ٽيمن مان هڪ آهي.

هونئن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪيترائي بهترين رانديگر آهن، پر هتي ڪجهه رانديگرن جي ڪارڪردگي تي نظر وجهان ٿو.

رميز راجا:

رميز راجا جو گهراڻو ڪرڪيٽ راند سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ وسيم حسن راجا هڪ بهترين بيٽسمين پڻ هو. رميز راجا به هڪ بهترين بيٽسمين آهي. ورلڊ ڪپ 1992ع جي فتح حاصل ڪرڻ ۾ رميز راجا اهم ڪردار ادا ڪيو.

رميز راجا کي اهو اعزاز پڻ آهي ته هن ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنچريون ٺاهيون آهن. رميز راجا هيستائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نو سنچريون پڻ ٺاهي چڪو آهي. ان کي ون. ڊي. ڪرڪيٽ ۾ پنج هزار رنسون ٺاهن جو اعزاز پڻ حاصل آهي.

انضمام الحق:

ملتان جو باصلاحيت رانديگر انضمام الحق جڏهن ڪرڪيٽ جي افق تي نمودار ٿيو ته ورلڊ ڪپ 92 شروع ٿيڻ وارو هو. ورلڊ ڪپ 1992 جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ سوڀ به هن رانديگر جي راند ڪري ٿي، ۽ ائين پاڪستان، ورلڊ ڪپ 1992 کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. انضمام الحق کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڏسي ٿيو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪيترائي ميچ انضمام الحق جي شاندار بيٽنگ ڪري کٽيا آهن. انضمام الحق جي شاندار بيٽنگ ڪري کٽيا آهن. انضمام الحق هڪ بهترين بيٽسمين سان گڏوگڏ هڪ سٺو فيلڊر پڻ آهي. انضمام الحق هيستائين ون. ڊي ڪرڪيٽ ۾ 25 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 22 ڪيچ ڪري چڪو آهي. انضمام الحق هيستائين 27 ٽيسٽ ميچن ۾ حصو ورتو آهي. ۽ انهن ميچن ۾ 2052 رنسون ٺاهيون آهن. انضمام الحق چار سينچريون ۽ اوڻيهه نصف سينچريون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ان جو بهترين اسڪور 135 رنسون آهن. جيڪو هن نيوزي لينڊ جي خلاف ٺاهيو هو.. جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي جي 96 ميچن ۾ 3310 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ۽ ون ڊي ۾ چار سينچريون ۽ ٻاويهه نصف سينچريون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

وقار يونس:

وقار يونس موجوده دور ۾ سڀ کان تيز بالر آهي. هي 16 نومبر 1971ع تي بوريوالا شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تيز رفتار بالنگ جي ڪري کيس بوريوالا ايڪسپريس چيو وڃي ٿو. وقار يونس بال کي سوئنگ ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. ان پنهنجو پهريون ٽيسٽ ڀارت جي خلاف ڪراچي ۾ کيڏيو. وقار يونس کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ننڍي عمر ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جون 200 وڪيٽون ورتيون آهن. ان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهترين بالنگ 7 وڪيٽون زمبابوي جي خلاف  آهن. هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 187 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون آهن، ۽ ان جي بهترين بالنگ 32 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون نيوزي لينڊ کان ورتيون.

عامر سهيل:

عامر سهيل 14 سيپٽمبر 1966ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق هو. جيڪو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌندو رهيو. ۽ آخرڪار 1991 ۾ عامر سهيل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيو. شارجه ڪپ 1996 ۾ عامر سهيل بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. هي بهترين بيٽسمين ۽ هڪ موثر اسپن بولر سان گڏوگڏ هڪ چست فيلڊر پڻ آهي.

عامر سهيل هيستائين 26 ٽيسٽ ميچن ۾ 1970 رنسون ٺاهي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ 55 وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز به هن کي حاصل آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ عامر سهيل جي بهترين راند انگلينڊ جي خلاف انگلينڊ ۾ آهي جنهن ۾ هن 205 رنسون ٺاهيون. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ عامر سهيل 85 ميچن ۾ 2609 رنسون ٺاهيون آهن. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هن جو بهترين اسڪور 134 آهي جيڪو هن نيوزي لينڊ جي خلاف ٺاهيو هو.

عاقب جاويد:

عاقب جاويد 5 آگسٽ 1972 تي شيخوپوره ۾ پيدا ٿيو. عاقب جاويد 1989ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ۽ زخمي وقار يونس جي ڪمي پوري ڪندي 11 وڪيٽون ورتائين. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ عاقب هيستائين 55 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي ان جي بهترين بالنگ 84 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون آهي، ون ڊي ڪرڪيٽ ۽ عاقب هيستائين 127 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ون ڊي ۾ ان جي بهترين بالنگ 37 رنسون 7 وڪيٽون آهي جيڪي هن شارجه ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي. عاقب ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ هيٽ ٽرڪ به ڪري چڪو آهي.


 

پرڏيهي ادب مان                     ترجمو: روشن ڪنڀر

اولاد جي نعمت

ڳچ عرصو اڳ جي ڳالهه آهي ته اٽليءَ جي گاديءَ واري شهر روم جي هڪ وڏي باغ ۾ رکيل بينچ تي ننڍڙا ڇوڪرا پريان بيٺل پنهنجي ماءُ کي ڪنهن عورت سان ڳالهائيندي ڏسي رهيا هئا.

”ادا“ تو امان جي سهيليءَ جهڙي سهڻي عورت ڪڏهن ڏٺي آهي. . ؟“ ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کان سوال ڪيو، ” اها  ته پري ٿي لڳي. . . ائين نه. . . ؟“

”پر اها ته اسان جي ماءُ کان وڌيڪ سهڻي ناهي . . . “ وڏي ڀاءُ جواب ۾ چيو ته ”ان عورت جا ويس وڳا ته ضرور سهڻا آهن پر سندس چهري تي پيار جو ڪوبه نانءُ نشان ڪونهي. . . .“

”تون سچ ٿو چوين“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”سڄي روم شهر ۾ اسانکي پنهنجي ماءُ جهڙي پياري عورت ڳولهي نه لڀندي.“

سندس ماءُ ڪانيليا پنهنجي سهيلي کان ڌار ٿي وٽن هلي آئي، کيس سادو سودو وڳو پهريل هو ۽ ان زماني جي رواج مطابق پير اگھاڙا هئس.

سندس آڱرين ۾ نه ڪا منڊي هئي ۽ نه ئي ڳلي ۾ ڪو هار پيل هوس. هن پنهنجي ٻارڙن جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چيو ”منهنجا پٽڙوء ! توهان کي ڪجھ چوڻ چاهيان ٿي.“

اهي ٻئي ڀائر فرمانبردار ۽ سڌريل ٻارن وانگي پنهنجي ماءُ اڳيان ڪنڌ جھڪائي بيٺا.

”ڇا ڳالهه آهي امان“ هنن پڇيو.

اڄ رات جو کاڌو توهان مون سان ۽ منهنجي سهيلي سان گڏهن باغ ۾ کائيندا. کاڌي کان پوءِ منهنجي سهيلي توهان کي پنهنجا اهي زيور ڏيکاريندي جن جي باري ۾ توهان گھڻو ڪجھ ٻڌو هوندو.

ٻنهي ڀائرن مرڪ مرڪندي پريان بيٺل عورت کي ڏٺو ۽ حيران ٿيندي سوچڻ لڳا ته ان عورت جي ٻنهي هٿن جون آڱريون منڊين سان ڀريل آهن. مگر سندس ڳچي هيرن جي هارن سان ڀري پئي آهي، پر پوءِ اڃان وٽس ڪي هيرا جواهر آهن. . . . ؟

شام جو کاڌو ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ نوڪرياڻي گھر وڃي ان عورت جي زيورن جي پيتي کڻي آئي. ان عورت پيتيءَ جو ڍڪ کوليو ته ٻنهي ڀائرن جا وات پٽجي ويا. کير جهڙن اڇن موتين جا هار هيرن جا ڪنگڻ ۽ ٻيا ڪيترائي لال جواهر . . . پيا هئا.

ٻئي ڀائر دير تائين انهن هيرن جواهرن کي ڏسندا رهيا ”آهه“ ننڍي ڀاءُ هوريان ٿڌو ساهه کڻندي چيو ”ڪاش! اسان جي امان وٽ به اهڙا هيرا جواهر هجن ها.“

”ڪارنيليا ! ڇا تو وٽ هيرا لال جواهر ڪونهن. . . .“ ان عورت کيس مخاطب ٿيندي پڇيو، ڇا تون هڪ غريب عورت آهين.“

”نه. .... نه مان هرگز غريب عورت نه آهيان“ هن وڏي فخر وچان جواب ڏنو. ”منهنجا پٽڙا ئي منهنجا هيرا جواهر آهن ۽ مان کين دنيا جي سڀني هيرن جواهرن ۽ خزانن کان وڌيڪ قيمتي سمجھان ٿي ائين چئي هن پنهنجن پٽن کي ڀاڪر پاتو ۽ سندس سهيليءَ کي اکين ۾ لڙڪ تري آيا جو هن کي اولاد ڪونه هو.

علي مردان ريٽي

کڙکٻيتو ۽ روشني

اونهاري وارين راتين ۾، ننڍپڻ ۾ اوهان کڙکٻيتا جھليا هوندا ۽ ان کي هٿن جي ٻُڪن ۾ بند ڪري، هڪ اک سان آڱرين جي سوراخن مان ان کي ڏٺو هوندو ته ان مان اها روشني ڪٿان ٿي اچي.

اها ڳالهه سائنسدان لاءِ کوجنا جو موضوع بنجي ويئي آهي. شروع ۾ سائنسدان کي به کڙکٻيتي جي روشني ڏسي حيرت ٿي هئي. ۽ پوءِ هنن ان جو سبب معلوم ڪري ورتو نه رڳو ايترو، پر کين انهيءِ ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته انسان ۽ جانورن جي جسم ۾ توانائي ڪهڙي طرح پيدا ٿئي ٿي.

کڙکٻيتو، صدين کان اسان جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. آڳاٽن قصن ڪهاڻين ۾ انهن جو گھڻو ذڪر ملي ٿو. يونان ۾ رومن زماني ۾ غلام ڇوڪرا رات ٿيندئي انهن جي ڳولا ۾ ڊوڙندا وتندا هئا، ڇو ته سندن مالڪياڻيون انهن جيتن جي چمڪندڙ حصي سان پنهنجي وارن ۽ هٿن کي سينگاري، رات جي وقت شاهاڻين دعوتن ۾ شريڪ ٿينديون هيون، آمريڪا جا قديم باشندا، کڙکٻتين کي ديوتا سمجھي انهن جي پوجا ڪندا هئا ۽ وچ اوڀر ۾ ان کي هڪ مقدس جيت سمجھيو ويندو آهي.

بالٽي موري لينڊ ”آمريڪا“ ۾ 1948ع کان اهو رواج هلندو پيو اچي، ته اونهاري واري موسم ۾ اسڪولي ٻار ڪيترائي کڙکٻيتا جھلين ٿا. ۽ انهن کي بوتلن ۾ گڏ ڪن ٿا، بعد ۾ انهن کي مشاهدي ۽ تجربي لاءِ هڪ سائنسي تجربيگاهه ۾ موڪليو ويندو آهي. جتي ٻارن کي ڪجھ نقد پئسا انعام طور ڏيندا آهن. اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي موسم ۾  3 لک کڙکٻيتا جھليا ويندا آهن.

سائنسدان انهن کڙکٻيتن کي سڪائي انهن جي روشني واري حصي کي ڌار ڪن ٿا. سڪل حصي کي پينهي، پائوڊر ٺاهيو ويندو آهي، ۽ جڏهن ان ۾ پاڻي ملايو ويندو آهي ته اهو اونڌاهي ۾ چمڪڻ لڳندو آهي 1885ع ۾ سائنسدان معلوم ڪيو هو، ته کڙکٻيتي جي پوئين حصي ۾ ڪيميائي جزا 1- لوسي فرين ۽ 2- لوسي فريس آهن.

لوسي فرين ۾ گرمي نه هوندي آهي، ۽ اهو جلدي ڪٽجي وڃي ٿو ۽ لوسي فريس انهيءَ عمل کان پري رهي ٿو. جڏهن ڊاڪٽر وليم کي اها معلومات حاصل ٿي. ته هن کڙکٻيتي مان لوسي  فرين ۽ لوسي فريس نج حالت ۾ حاصل ڪري ورتا، ۽ جڏهن انهن ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو ته انهن مان اهائي چمڪ پيدا ٿي ويئي. جيڪا ڪنهن اڏامندڙ کڙکٻيتي مان پيدا ٿئي ٿي. ڊڪٽر وليم وڌيڪ کوجنا ڪري اهو به معلوم ڪيو ته کڙکٻيتي جي پٺئين حصي ۾ آڪسيجن ۽ مئگنيشم سلفيٽ وغيره شامل آهي.

هن وڏي محنت سان انهن جزن کي ڌار ڪيو ۽ پوءِ انهن کي مختلف طريقن سان گھڙي گھڙي پاڻ ۾ ملائي ڏٺو. پوءِ انهن ٽنهي ۾ مئگنيشم سلفيٽ ملايو ويو ته هڪ مرڪب جلد چمڪڻ لڳو.

سائنسدانن ڪيترن ئي تجربن ذريعي اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته انهن جزن ۾ اي. ٽي. بي. نالي مادو تمام گھڻي اهميت رکي ٿو. يعني ان جو مقدار جيترو وڌيڪ هوندو مرڪب ايترو ئي وڌيڪ چمڪندو.

اهڙي طرح سائنسدانن کي پهرئين سوال جو جواب ملي ويو جنهن کين چڱو پريشان ڪري ڇڏيو هو ”کڙکٻيتي جي پوئين حصي ۾ روشني تي ڪنٽرول ڪندڙ شيءِ ”اي. ٽي. بي“ آهي جيئري کڙکٻيتي ۾ اهي جزا صحيح مقدار ۾ مليل هوندا آهن ان ڪري انهن مان هڪجھڙي روشني نڪري ٿي.

سائنسدانن ڪن ٻين سوالن جا جواب به معلوم ڪرڻ ٿي گھريا يعني اها روشني مستقل طور ڇو نٿي نڪري ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ کوجنا ڪرڻ تي اڃا به وڌيڪ نتيجا نڪتا جيڪي هي آهن ته کڙکٻيتي جو مٿي ڄاڻايل جزن تي پوري طرح ڪنٽرول هوندو آهي ۽ هو هڪ مادي پروٽين پائروفاسفيٽس جي مدد سان پنهنجي چمڪ ”روشني“ بند ڪندا آهن ۽ جيستائين اهو مادو ڪم ڏيندو آهي. کڙکٻيتي جي روشني بند رهندي آهي. ان کان پوءِ وري روشني پيدا ٿي ويندي آهي ڇو ته سندس ننڍڙي جسم ۾ اعصابي چرپر جي ڪري هڪ ٻيو مادو پيدا ٿيندو آهي جنهن کي ”پائروفاسفيٽ“ چئجي ٿو.جڏهن اهو پروٽين پائروفاسفيٽ تي عمل ڪندو آهي ته چمڪندڙ ڪيميڪل ظاهر ٿيندا آهن. ان ڪري ان ۾ روشني پيدا ٿيندي آهي.

کڙکٻيتي تي تجربن کان پوءِ سائنسدانن کي اها به خبر پئي ته انساني جسم ۾ توانائي ڪهڙي طرح گڏ ٿئي ٿي ۽ جڏهن انسان کي انهيءَ جي ضرورت پوي ٿي ته اها ڪهڙي طرح خارج (نيڪال) ٿئي ٿي. کڙکٻيتي ۾ روشني جو خزانو اهوئي آهي جنهن مان سمورا انسان ۽ حيوان به قوت حاصل ڪن ٿا. يعني سج، جنهن مان کڙکٻيتو به روشني حاصل ڪري ٿو.

رابيل جوکيو

کمن ۽ جمن

ڪنهن ڳوٺ ۾ کمن ۽ جمن نالي ٻه دوست رهندا هئا. هو گھڻا شرارتي ۽ چرچي باز هئا. هي ٻئي روزانو هڪ باغ ۾ ويندا هئا ۽ راند جو بهانو ڪري باغ جو ميوو پٽي کائيندا هئا. کمن ۽ جمن جي پاڻ ۾ دوستي گھڻي گھاٽي هئي. اسڪول به ٻئي پاڻ ۾ گڏ وڃن ۽ شام جو راند گڏ ڪندا هئا. موڪل واري ڏينهن کمن ۽ جمن ڳوٺ جي ٻاهران هڪ واهه جي ڀرسان گھاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي ڳالهيون ڪندا هئا ۽ ايندڙ وقت جي لاءِ پيا سوچيندا هئا. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هو پنهنجي خواهشن کي به ظاهر ڪندا هئا. کمن چوندو هو ته، آءُ هڪ وڏو آفيسر ٿيندس منهنجي هيٺيان ڪيترائي نوڪر هوندا ۽ آءُ انهن تي حڪم هلائيندس.“ جمن وري چوندو هو ته ” آءُ هڪ ڊاڪٽر ٿيندس ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو علاج ڪندس ۽ ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي صحتمند بڻائيندس.“ اهڙي طرح هو ٻئي گھڻيون ئي ڳالهيون ڪندا هئا. هنن جو ڌيان پڙهڻ طرف گھٽ ۽ راند ڪرڻ ۾ ۽ ڳوٺ جي باغ جو ميوو پٽي کائڻ ۾ گھڻو هوندو هو.

هڪ ڏينهن اسڪول کان موڪل هئي، کمن ۽ جمن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اڄ ڳوٺ جي واهه تي ويهڻ بجاءِ، باغ ۾ راند جو بهانو ڪري تمام گھڻا ميوا پٽي کائيندا ۽ خوب پيٽ ڀريندا. اهو ارادو ڪري هو باغ ۾ راند جي بهاني سان اندر داخل ٿيا. باغ ۾ موجود مالهيءَ هنن کي ميوي نه پٽڻ جي تلقين ڪئي، پر هنن مالهيءَ جي هڪ به نه ٻڌي. مالهيءَ باغ ۾ پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. هنن خوب ميوو کاڌو ۽ گھر به کڻي وڃڻ لاءِ سوچيو، هنن ڏٺو ته مالهيءَ پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي، سو هنن موقعو ڏسي باغ مان نڪرڻ لڳا ته اوچتو هنن تي مالهيءَ جي نظر پئجي ويئي. ۽ پوءِ مالهيءَ هنن کي پڪڙي ورتو ۽ هنن کي هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيو، هنن مالهي کي گھڻائي عرض ڪيا پر مالهيءَ تي انهن جو ڪوبه اثر نه پيو، گھڻي وقت تائين هي ٻئي ٻڌل رهيا. مالهي کي گھڻي ڪاوڙ هئي ڇو ته هو روزانو راند جو بهانو ڪري ميوو پٽي ويندا هئا. ان ڪري هن هنن کي اڄ اهڙي سزا ڏني ۽ پوءِ مالهيءَ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. شام ٿي چڪي هئي، اونداهه به ٿيڻ لڳي، کمن ۽ جمن هاڻ ته ڊپ وچان روئڻ لڳا. ڪجھ دير  بعد اتان هڪ راهگير لنگھيو ته کمن ۽ جمن هن کي آزاد ڪرڻ لاءِ گھڻي منٿ ڪئي، راهگير به هنن تي قياس کاڌو ۽ هنن کي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ تي کمن ۽ جمن گھر ڏانهن ڊوڙندا ويا ۽ آئيندا باغ مان ميوو پٽڻ کان توبهه ڪئي.

محمد موسيٰ سولنگي

محنت ۽ نه محنت جو نتيجو

انور ۽ ظهير ٻئي هڪڙي ڪلاس ۾ گڏ پڙهندا هئا ۽ ٻئي هڪ ئي، ڊيسڪ تي گڏ ويهندا هئا. هي ٻئي هوشيار ۽ ذهين هوندا هئا. هنن سان گڏ وڏيري جان محمد جو پٽ به پڙهندو هو. ان جو نالو رفيق هو، پر سندس گھر جا ڀاتي پيار مان ببلو ڪري سڏيندا هئا. رفيق لاپرواهي ۽ آواره گردي ڪرڻ وارو ڇوڪرو هو. هن کي پنهنجي پڙهائي تي ايترو شوق نه هوندو هو، نه وري استاد جي ڳالهين تي عمل ڪندو هو.

هڪ دفعي انور ۽ ظهير پنهنجي ڪلاس جي پٺيان ڇٻر تي پڙهي رهيا هئا ته اوچتو انور جي نظر رفيق تي وڃي پئي، جيڪو ڪتابن سوڌو تڪڙو تڪڙو پنهنجن گھرن دوستن ڏانهن وڃي رهيو هو. انور رفيق کي سڏ ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ پڙهڻ لاءِ چيو، پر جڏهن رفيق پڙهڻ جي باري ۾ لفظ ٻڌا ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ چوڻ لڳو ته ”توهان پڙهي وري ڪهڙا ڊاڪٽر يا آفيسر ٿيندؤ

انور ۽ ظهير هن کي گهڻو ئي سمجهايو، پر رفيق هنن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، وري ساڳيو ئي پنهنجي گهرن دوستن ڏانهن تڪڙا قدم کڻندو هليو ويو، انور ۽ ظهير رات ڏينهن محنت ڪندا رهيا ۽ رفيق پنهنجو قيمتي وقت پڙهڻ بجاءِ اجايو ڪمن ۾ گذاريندو رهيو.

آخر جڏهن امتحان جو نتيجو ظاهر ٿيو ته انور ۽ ظهير تمام سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيا ۽ رفيق جي رزلٽ تمام خراب آئي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجو قيمتي وقت لاپرواهي ۽ آواره گرديءَ ۾ گذاريو. هاڻي انور ۽ ظهير ڊاڪٽريءَ ۾ پڙهندا رهيا ۽ رفيق کي به شاهوڪار هئڻ ڪري ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا ملي ويس.

هڪ ڏينهن انور ۽ ظهير پنهنجي اوطاق تي رفيق کي گهرايو ۽ هن کي وري ٻيهر محنت ڪرڻ جي باري ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رفيق هنن جي ڳالهين تي ڪابه توجهه نه ڏني ۽ ٻنهي کان موڪلائي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. اهڙي طرح انور ۽ ظهير رات ڏينهن محنت ڪندا رهيا ۽ ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري سٺن ڊاڪٽرن جي حيثيت سان پنهنجي پاڙي جي غريبن ۾ مسڪينن جو مفت ۾ علاج ڪندا رهيا.

هوڏانهن رفيق به هنن سان گڏ ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو. رفيق ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري ته آيو، پر هن ۾ ڪابه ڄاڻ، ڪابه اهليت نه هئي ۽ ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن کي موت جي منهن اماڻي ڇڏيو.

هڪ دفعي رفيق جي پيءُ کي اوچتو پيٽ ۾ سخت سور پيو ۽ کٽ تي دڙهيون هڻڻ لڳو. رفيق کي ڊاڪٽريءَ جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي. جو سندس علاج ڪري. جنهن ڪري رفيق جي پيءُ جي حالت تمام خراب ٿيندي پئي وئي.

گهر جا سڀئي ڀاتي ڏاڍو پريشان ٿيڻ لڳا. رفيق جلدي اندر ڪمري ۾ ويو ۽ پنهنجي دوست انور ڏي ٽيليفون ڪئي. انور ۽ ظهير يڪدم هن جي گهر آيا ۽ سندس پيءُ جو علاج ڪيو، رفيق جو پيءُ ٻن ٽن ڏينهن ۾ بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. انور ۽ ظهير جو اهو رويو ڏسي رفيق ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ انهن جي پيرن تي ڪري، معافي ورتائين. انور ۽ ظهير هن کي معاف ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کان وٺي رفيق هنن وٽ هلي ايندو هو ۽ هنن کان ڊاڪٽريءَ جي باري ۾ آهستي آهستي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.

پيارا ٻارو اوهان ڏٺو ته محنت ۽ نه محنت ڪرڻ ۾ ڪيترو فرق ٿئي ٿو. ٻارو، جيڪڏهن توهان به سچي دل سان محنت ڪندو، ته يقيناً توهان به ڪنهن ڏينهن وڏي منزل تي پهچي سگهو ٿا.

سنيه ميمڻ

عام معلومات

1.      سائنسدانن آمريڪا ۾ هڪ فون ايجاد ڪئي آهي جنهن ۾ آواز سان گڏ تصوير به ڏسي سگهجي ٿي.

2.     بيلجم ۾ جيڪو به ماڻهو پير اگهاڙا ڪري هلندو آهي ان کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي.

3.     عام ماڻهوءَ جي بدن ۾ ڪل 639 مشڪون ٿين ٿيون.

4.     انسان جي بدن ۾ هڪ سئو اٺ هڏا آهن.

5.     انساني جسم ۾ ٽي ڪروڙ سوراخ ٿين ٿا. جن مان پگهر ٻاهر نڪري ٿو.

6.     پکين جي دل هڪ منٽ ۾ اٽڪل پنج سئو ڀيرا ڌڙڪندي آهي.

7.     دنيا ۾ فقط چمڙو ئي اهڙو پکي آهي. جيڪو ٻچا ڏيندو آهي.

8.     سال جو ڪئلينڊر عمر خيام ايجاد ڪيو.

9.     مشهور سائنسدان ايڊيسن جي آخري ايجاد نقلي رٻڙ آهي.

10. چانهه ۽ ڪافي ۾ ڪيفين نالي زهر شامل هوندو آهي.

علي محمد

پڙهو ۽ پرايو

1.  اهو ڏاڍو ڀلو آهي ته ماڻهو ٻين جو تمام گهڻو لحاظ ڪري،پر شرط اهو آهي ته توهان سمورن ماڻهن جو هڪ جهڙو خيال نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته ان سان نا انصافي جو انديشو هوندو آهي.

2.     ڊڄڻا ڪڏهن به اڳتي نه وڌندا آهن ۽ ڪمزور وچ رستي ۾ مري ويندا آهن.

3.     عظيم ترين فتح پاڻ کي فتح ڪرڻ آهي.

4.     جيڪو سٺا ڪتاب نه ٿو پڙهي اهو ڄڻ ڪتاب ئي نه ٿو پڙهي.

5.     بي مقصد زندگي ڏوهن جي ماءُ آهي.

6.     اهو غرور (وڏائپ) هيو جنهن فرشتي کي شيطان بڻايو ۽ اها عاجزي آهي جيڪا انسان کي فرشتو ٿي بڻائي.

7.     جيڪو ٽهڪ ڏئي سگهي ٿو اهو غريب نه آهي.

8.     سمجهوءَ لاءِ هڪ لفظ ئي ڪافي آهي.

کل ته سهي

* هڪ ماڻهو گڏهه کي وهنجاري رهيو هو. هڪ ماڻهو پڇيس ”ادا، گڏهه کي ڪهڙي خوشيءَ ۾ وهنجاري رهيو آهين.“

ان جواب ڏنو، ”اڄ منهنجي گڏهه جي شادي آهي.“

”ته پوءِ ان خوشيءَ ۾ ڇا کارائيندين“

ان جواب ڏنو ته. ”جيڪو گهوٽ کائيندو سو ڄاڃي کائيندا.“

پطرس سومار، پيارو لنڊ

* بلديه وارن رولو ڪتن کي مارڻ جو مهم شروع ڪئي، واٽ ويندي، هڪ همراهه ڪتي کي ڪاهي وڃي رهيو هو.

بلديه جي انسپيڪٽر چيس: پالتو ڪتي جو لائسنس ٺهرايو اٿو. همراهه جواب ڏنو ”اڃا هن ڊرائيونگ ڪانه سکي آهي.

عبدالروف جويو، باڊهه.

* هڪ بيوقوف (ٻئي کي چيو) يار ڪمال آهي ڪڪڙ جو ٻچو بيدي مان ڪيئن ٿو نڪري، ٻئي بيوقوف چيو: ”يار مان ته حيران آهيان اهو ٻچو بيدي ۾ ڪيئن ٿو وڃي.“

عبدالغفار مهر، رڪ شريف

* ڪ همراه، هڪ دانشور کان پڇيو: ”مون کي اهڙي صلاح ڏيو، جو ماڻهو هميشه مون کي ياد رکن.“

دانشور جواب ڏنس: ماڻهن کان قرض وٺي کائي وڃ“

اياز، ڄام شورو

* هڪ اڻپڙهيل ماڻهو نوڪري جي تلاش ۾، شهر ۾ هڪ نوجوان سان مليو، ۽ ان کي چيائين: ”يار، ڪا نوڪري ملندي.“

نوجوان چيس: ”ها، ڇو نه.“

اڻپڙهيل ماڻهو چيو، ”پگهار گهڻي ملندي“ نوجوان چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ ٻه وقت جي ماني ملي ته وڏي ڳالهه آهي، همراهه چيو ٺيڪ آ.“

نوجوان چيس: هي ٿانو کڻ، سامهون درگاهه تان لنگر وٺي اچ ته ٻئي کائون.

گيانچند منڇاڻي، شيخ ڀرڪيو

* هڪ امير ماڻهو هڪ شاعر کي، ڏٻرو گهوڙو تحفي ۾ ڏنو. هڪ مجلس ۾ امير ماڻهو شاعر کان پڇيو: ڏي خبر گهوڙو ڪيئن آهي.“ شاعر جواب ڏنو ”سائين اهو ته اهڙو تيز هو جو پهرين ڏينهن هن جهان مان هُن جهان ۾ پهچي ويو.“

عديل مڱريو، هالا نوان

* هڪ دوست (ٻئي دوست کان پڇيو) يار بدڪ کي ٻه ٽنگون هونديون آهن. پر ننڊ ڪرڻ وقت هڪ ٽنگ تي ڇو بيهندي آهي.

دوست جواب ڏنس، توکان سياڻي آهي، ان کي خبر آهي ته جي ٻي ٽنگ مٿي ڪندي ته ڪري پوندي.

عبدالقادر انڊڙ، پنو عاقل

* هڪ پليٽ فارم تي گاڏي بيٺي، دٻيءَ ۾ دري کان هڪ ٿلهو ماڻهو ويٺو هو. هڪ سنهي ماڻهو دريءَ مان پڇيو: ”ڇا هي گاڏو صرف هاٿين لاءِ آهي ڇا؟“ ٿلهي ماڻهو جواب ڏنو ”نه گڏهن لاءِ به آهي؟“

عبدالرشيد سومرو، دادو

* هڪ ماڻهو پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو ”پٽ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائيندو ڪر، ڇو جو ڪوڙي ماڻهو جو منهن ڪارو هوندو آهي.

پٽ چيو: بابا پوءِ جلد ٻڌايو، سويرو جيڪو بسڪيٽن جو دٻو آندو هو، اهو ڪاٿي رکيو اٿو.

محمد عمر سولنگي، دادو.

* هڪ مڙس خوبصورت هو، ۽ سندس زال ڪاري هئي شهر مان وڃي رهيا هئا ته هڪ دوست چيو: ڏس فوٽو جي ڪاري ۽ اڇي ڪاپي.

عدنان فهيم، سڪرنڊ.

* هڪ سياسي ليڊر جلسي ۾ تقرير ڪري رهيو هو. ۽ جذبات ۾ اچي چيائين جي مان ڪامياب ٿيس ته عوام لاءِ جان جي قرباني ڏيڻي پئي ته اها به ڏيندس. ان ليڊر جو ڪن ڪپيل هو. سو جلسي گاهه مان ڪنهن رڙ ڪري چيو: سائين ڪن ڪٽيل جي قرباني جائز نه آهي.“

منير احمد پنهور، دادو

* استاد ڪلاس ۾ شاگردن کي قطب مينار بابت ٻڌائي رهيو هو، هڪ شاگرد جو ڌيان ڪلاس ۾ نه هو، استاد ان کان پڇيو ”مون هنيئر ڇا چيو آهي.“

شاگرد: سائين توهان چيو آهي ته ڪتو بيمار آهي.

شاهنواز علي پنهور، دادو

* هڪ زال، مڙس کي چيو ته ڏائڻ ڪيئن هوندي آهي. مڙس جواب ڏنس: تو وانگر جهيڙو نه ڪندي آهي، باقي تو جهڙي هوندي آهي.

عبدالرحمان ڪنڀر، عمرڪوٽ

* هڪ همراهه جنرل اسٽور تي وڃي هڪ ٽاءِ جي قيمت پڇائين، دڪاندار ٻڌايس: هزار رپيا. همراهه چيو: پنج سئو ۾ ته بوٽ ٿا ملن“

دڪاندار چيس: پوءِ اُهي وٺي پائي ڇڏيو.

سيف الرحمان، ٺٽه

* گهوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ٻاتا هئا، پر اها خبر ٻنهي کي ڪانه هئي، نڪاح کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي آڏو بسري کائڻ لاءِ آندائون.

گهوٽ جڏهن گرنهن ڀڳو ته چيائين توسي آ، ڪنوار چيو: ڦوتو ڏي.

گهوٽ چيو: تون مون تي ٽوڪون ٿي ڪرين.

ڪنوار چيو: نه الله جو قشم مان به ٻاتي آهيان.

محمد ڄام جسڪاڻي، جوهي

* هڪ بيوقوف، ٻئي کان پڇيو: يار عيد جو چنڊ دير سان ڇو نظر ايندو آهي.“

ٻئي بيوقوف چيو: ماڻهن کي تنگ ڪندي مزو ايندو اٿس.

سانوڻ خاصخيلي، جهمپير

* پيءُ، (پٽ کي ڪاوڙ ۾ چيو) اُٺ اچي ٿيو آهي عقل ڪونه سکئين.

پٽ چيو: بابا هوش ڪريو مان اٺ ٿوريئي آهيان اوهان جو پٽ آهيان، اوهين چوندا آهيو ته منهنجو چهرو، اوهان جهڙو آهي، پوءِ اٺ ڪيئن ٿيس.

علي مردان رند، اوٻاوڙو.

گل ڦل قلمي دوستي

 

·            نالو: وفا داود ساهڙ

ڪلاس: ڇهون

وندڙ: ريڊيو ٻڌڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت ناز مٺو مل سائيسري پوسٽ آفيس غلام الله ڳوٺ محمد اسماعيل ساهڙ ٺٽو.

·            نالو: اسلم حسين شاهه

ڪلاس: نائون(B)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڏيجي.

·            نالو: تاج محمد مهر

ڪلاس: نائون (B)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جروار ضلعو گهوٽڪي.

·            نالو: خيرالدين راهمون

ڪلاس: يارهون

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ

·            نالو: پرويز علي لانگاهه

ڪلاس: ستون(A)  

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: عاشق ڪيپ هائوس شاهي بازار چوڪ دولتپور صفن.

·            نالو: عاقب علي ساگرچنا

ڪلاس: ستون

وندر: علم سان چاهه

عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميان جو ڳوٺ شڪارپور

·            نالو: خادم حسين کوسو

ڪلاس: ڏهون

وندر: ادب سان چاهه

عمر: 16 سال

ائڊريس: محمد سليمان بلوچ هوٽل سائٽ ايريا سکر

·            نالو: سليم انصاري

ڪلاس: نائون (B)

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: دفتر اسلامي جمعيت طلبه ريشم گلي قمبر

·            نالو عقيل انور لاکير

ڪلاس: اٺون (A)

وندر: شاعري ڪرڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ.

·            نالو: سريش دت

ڪلاس: انٽر

وندر: فوٽو گرافي ڪرڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: سنڌ بڪ اسٽور پنوعاقل

·            نالو: شفيق الرحمنٰ ڄامڙو

ڪلاس: نائون

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: المدينه آٽو اسٽور نيشنل هاءِ وي راڻي پور

·            نالو: عبدالغفار انصاري

ڪلاس: نائون(D)  

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: انصاري محله گهر نمبر 142 قمبر علي خان ضلع لاڙڪاڻو.

·            نالو: احمد خان کٽي

ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: عبدالغفور کٽي اسٽور شاهه لطيف روڊ تلهار

·            نالو: غلام مصطفيٰ

ڪلاس: اٺون (A)

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول الهرکيو شاهه ڪوٽڙي

·            نالو: ڀڄن داس

ڪلاس: ستون (B)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 12 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر ڊهو گهوٽڪي

·            نالو: وجئه پرڪاش

ڪلاس: نائون (A)

وندر: سير ڪرڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيات پتافي

·            نالو: مزمل الهديٰ

ڪلاس: نائون (A)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ٻرڙو ضلعو جيڪب آباد

·            نالو: ممتاز علي پنهيار

ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 18 سال

ائڊريس: اصغر ڪنڀر سيلون وارو شهر جروار

·            نالو: تيرٿداس مالهي

ڪلاس: اٺون (B)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1- عمرڪوٽ

·            نالو: وسيم ملاح

ڪلاس: ستون (A)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: معرفت جمن ملاح ٽيلر ماسٽر لڳ المهراڻ بدين

·            نالو: مختيار علي

ڪلاس: نائون (B)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لالو لنجاري

·            نالو: ساجد شيخ

ڪلاس: ستون (C)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول 1-ميهڙ

·                   نالو: محمد صديق اڄڻ

ڪلاس: اٺون (B)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کهڙا

·            نالو: نياز محمد پنهور

ڪلاس: ڏهون (A)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور خاص.

·            نالو: ماجد بشير منگي

ڪلاس: پنجون (الف)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: ويجهو شناختي ڪارڊ آفيس شيدي محله جيڪب آباد

·            نالو: غلام مصطفيٰ ميمڻ

ڪلاس: نائون (B)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: وسيم ميڊيڪل اسٽور ميرپور بٺورو

·            نالو: عديل مڱريو

ڪلاس: نائون (F)

وندر: والي بال کيڏڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: ايم، جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان

·            نالو: عبدالغفار چانڊيو

ڪلاس: ڏهون (C)

وندر: والي بال کيڏڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول سيد پور فريدآباد.

·            نالو: لياقت علي

ڪلاس: پنجون (A)

وندر: ڪراٽي سکڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول وارهه ضلعو لاڙڪاڻو.

·            نالو: مشتاق ساگر سوهو

ڪلاس: ٻارهون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: ڳوٺ سُوهو، ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور ميرس.

·            نالو: الطاف حسين

ڪلاس: ڏهون (A)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گهر نمبر 43 سي هائوسنگ سوسائٽي دادو.

·            نالو: اقرار احمد ڪولاچي

ڪلاس: ٻارهون

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 17 سال

ائڊريس: معرفت ڀٽائي بوڪ اسٽور ميرپور ماٿيلو

·            نالو: خالد حسين ڀرڳڙي

ڪلاس: ڏهون (B)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: ادڙا سائيڪل ورڪس ڪاليج روڊ دادو

·            نالو: راجڪمار ايل

ڪلاس: نائون(A)  

وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ

عمر 14 سال

ائڊريس: رميش جنرل اسٽور پارڪ روڊ سجاول

·            نالو: صداقت الله چاچڙ

ڪلاس: ستون

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ اين، ايم، ايس پبلڪ هاءِ اسڪول پنو عاقل.

·                   محمد مستقيم خواجه

ڪلاس ڏهون

وندر: گُل ڦل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو.

·            نالو: ڪيشو ڪمار

ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 9 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول پسٽان شهر تعلقو ڪنري.

·            نالو: جنسار علي دايو

ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميان جو ڳوٺ شڪارپور.

 

ايڊيٽر، ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ

خط

* ادا، گل ڦل جو تازو پرچو مليو، مهرباني، مواد ڇپڻ لاءِ به مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، مير مصطفيٰ سولنگيءَ جي نالي سان سال ٻه اڳ شاعريءَ سان ادبي ميدان ۾ لهندڙ ۽ هاڻي ڪنول رسالو جاري ڪري پاڻ کي مهان اديب سمجهندڙ غلام مصطفيٰ سولنگي ڀانائي مون لاءِ وڏو مسئلو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ورهين جي قلمي پورهئي ۽ ملڪ جي مڙني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٽڪل پنج سئو کن لکڻين کي پنهنجي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ هي دوست ڪنهن به صورت ۾ Compromise ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڏس ۾ اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته گل ڦل ۾ اهڙي وضاحت ڇپي ڇڏيو. اها درخواست مان ان بنياد تي ڪريان ٿو، ته مان گل ڦل جو مستقل لکندڙ آهيان ۽ هيل تائين گل ڦل ۾ منهنجيون 80 کان وڌيڪ لکڻيون شايع ٿي چڪيون آهن. اوهان اڳي ڊاڪٽر شمس سومري واري معاملي ۾ به اهڙي وضاحت ڇپي هئي.

اوهان جي ڀاءُ غلام مصطفيٰ سولنگي شڪارپور.

ادا، آئون پهريون دفعو خط لکي رهيو آهيان. اميد ته مايوس نه ڪندا. مان شروعات خط سان ڪيان ٿو. ادا مارچ وارو رسالو تمام گهڻو پسند آيو آهي. هن رسالي ۾ سڀيئي سلسلا بهتر آهن. هن خط کي ردي  ٽوڪري ۾ نه اڇلائجو. نه ته مان وري خط  نه لکندس.

توهان جو ڀاءُ صحبت بلوچ ڳوٺ سامارو شاخ

* چاچا آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان پر خط پهريون دفعو موڪلي رهيو آهيان. اميد ته ضرور شايع ڪندا. فيبروريءَ وارو پرچو هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ لطيفي لات، رمضان المبارڪ، مستقبل لاءِ ڪجهه، نئون سال ۽ سڄو رسالو پسند آيو. پر هڪ ڳالهه سخت افسوس ڪرايو جو گل ڦل وقت سر نه ٿو پهچي ۽ اسان کي ڏاڍو انتظار ڪرايو ٿا. اميد ته ٻيهر انتظار نه ڪرائيندا. چاچا سائين جڏهن مان ٻين دوستن جا رسالي ۾ خط ڏٺا ته مان به اميد سمجهي خط لکيو. اميد ته خط شايع ڪري مايوسيءَ کان بچائيندا ته جيئن مان ۽ منهنجا ٻيا دوست سمجهن ته کهڙا مان به خط آيو آهي.

توهان جو ڀائٽيو نويد حسين اڄڻ کهڙا شريف.

* ادا جيئن ته آئون گل ڦل جي پراڻن پڙهندڙن مان آهيان. منهنجي هٿن ۾ فيبروري جو گل ڦل آهي. هن شماري ۾ رمضان مبارڪ، سير سفر جو شوقين ڇوڪرو، محترم شمس  الدين سومري جو گلشن سيريز پاران شايع ڪرايل ڪتاب ”ڦليلي“ تي تبصرو، نئون سال، جوانيءَ جو چشمو ۽ نيڪ دل پري ڏاڍو وڻيا ۽ شاعري ۾ عيد مبارڪ، ڪاپي ڪلچر به تمام سٺا نظم هيا. ادا هن ڀيري آئون قلمي دوستي لاءِ تعارف موڪلي رهيو آهيان. اميد ته شايع ڪندا ۽ مهرباني.

توهان جو ڀاءُ محمد اياز ڪيريو ڳوٺ ”تلي“ سڪرنڊ.

*ادا جئين ته گل ڦل فيبروري 1996ع جو مليو. هن دفعي رسالي ۾ ڏاڍو مزو هيو. ڪهاڻين ۾ خاص ڪري سانول سوڀارو، مهمان، نئون سال تمام بهترين هيون. شاعري ۾ عادل چوهاڻ، امجد عباسي جي شاعري سٺي هئي. ٻيا سلسلا جهڙوڪ کل ته سهي، قلمي دوستي ۽ خال ڀريو سٺا لڳا. خال تمام سٺا هوندا آهن. ان طرف ڪجھ توجھ ڏيندا. اوهان هن دفعي منهنجي ڪا به ڪهاڻي شايع نه ڪئي، اها سراسر اسان ٻهراڙيءِ جي شاگردن سان ناانصافي آهي. مهرباني ڪري ائين نه ڪندا.

اوهان جو ڀاءُ محمد آچر گڏاڻي گھوٽڪي

*آئون گل ڦل جو لاڳيتو ۽ پراڻو پڙهندڙ آهيان. مان گل ڦل خال ڀريو 29 جا جواب ۽ قلمي دوستي لاءِ تعارف ۽ فوٽو موڪلي رهيو آهيان. گل ڦل ۾ شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي، ائين نه ٿئي جو ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪري ڇڏيو.

اوهان جو ڀاءُ تبسم ناز ڪنڀر، مٺي ٿرپارڪر

*اسان گل ڦل 1990ع کان پڙهندا آهيون پر خط پهريون دفعو لکي رهيا آهيون. اميد ته ضرور شايع ڪندا. اوهان جي مهرباني. ٻيو عرض آهي ته گل ڦل جو فيبروريءَ وارو رسالو تمام ليٽ پهتو آهي ۽ گل ڦل هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ رمضان مبارڪ، اڄ جو وتايو، نيڪ دل پري ۽ سڄو رسالو پسند آيو. اميد ڪجي ته هي خط ردي جي ٽوڪريءِ کان بچائيندا ۽ رسالي ۾ شامل ڪندا.     

امام الدين بانگو فقير کهڙا شريف

*احوال ته آئون گلن جهڙي ماهوار رسالي جو تمام گھڻو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ آئون ساري نه سگھيس. خط جي ذريعي ملاقات جو موقعو ورتم. آئون پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان. مهرباني ڪري خط شايع ڪندا. مون کي اميد آهي ته مارچ وارو رسالو گل ڦل سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچندو مهرباني.

توهان جو ڀاءُ عبدالله ڳوٺ عرض محمد شر

*جئين ته مون هن خط کان اڳ هڪ خط پهرئين به لکيو هو. اهو توهان ردي جي ٽوڪري ۾ شامل ڪري ڇڏيو. مون کي هينئر اميد آهي ته هي خط توهان ردي جي ٽوڪري ۾ شامل نه ڪندا. فيبروري جو گل ڦل اسان جي هٿن ۾ آهي. جنهن ۾ لطيفا ۽ خط پڙهي ڏاڍا خوش ٿياسين. گل ڦل هميشه سٺي طرح ۽ رنگين نڪرندو آهي. انشاءالله نڪرندو رهندو،. مان کي ۽ منهنجي دوست کي گل ڦل پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي. گل ڦل جيئن گھر ۾ ايندو آهي ته ڄڻ اسان لاءِ ”عيد“ يعني خوشيءَ جو ڏينهن. هي منهنجو ٻيو خط آهي. جيڪڏهن هي خط شايع نه ڪيو، ته اسان لاءِ عذاب جو ڏينهن يعني خوشيون وڃائيندڙ ڏينهن ٿيندو.

موڪليندڙ غلام نبي شيخ

*ادا آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان. اميد ته ضرور شايع ڪندا. فيبروري واروپرچو اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ پرچو پڙهي هي خط لکڻ شروع ڪيم. هن ڀيري رمضان المبارڪ، بهار جي موسم، نئون سال، مهمان، جواني جو چشمو ۽ پورو رسالو پسند آيو.

توهان جو ڀاءُ صبغت الله بلوچ، شهر سامارو موري.

*چاچا، آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ خط آئون پهريون دفعو موڪلي رهيو آهيا. اميد ته ضرور شايع ڪندا. هن ڀيري سڄو رسالو پسند آيو.

توهان جو ڀائيٽو ڊاڪٽر پرتم ڪمار سامارو شاخ.

*ادا. 1 مارچ فيبروري 96ع جو رسالو اسٽال تي ڏٺم ۽ خريد ڪيم. مواد پسنديده هو، مگر رسالو دير سان ٿو اچي. ٿيڻ ائين کپي جو رسالو جنهن مهيني جو هجي، انهيءَ مهيني جي آخر ڏهاڪي ۾ پهچڻ گھرجي مگر ائين ڪو نه ٿو ٿئي. براءِ ڪرم ڪوشش ڪري رسالو جلد از جلد شايع ڪري موڪلڻ جي عنايت ڪندا ڪريو. مهرباني، هڪ ٻي گذارش ته سلسلو ”خال ڀريو“ ۽ ”رنگ ڀريو“ اوهان هڪ ئي پني جي ٻني صفحن تي ڏيندا آهيو. انهيءَ لاءِ جيڪڏهن اهي الڳ الڳ صفحن تي هجن ته بهتر ٿيندو. منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن ”رنگ ڀريو“ لاءِ رسالي جي وچ ۾ هڪ الڳ پنو هجي جنهن تي رنگ ڀري موڪلجي. اهڙيءَ طرح ”خال ڀريو“ لاءِ آخر ۾ بلڪل ٺيڪ آهي. انهيءَ مان اسان کي اهو فائدو ٿيندو ته اسان خال ڀري موڪليون يا رنگ ڀري موڪليون. اها مشڪل نه ٿيندي ته پنهنجي پسند پاڻ وٽ رکون. توهان کي ان ۾ اها آساني ٿيندي ته توهان ”خال“ الڳ ۽ ”رنگ“ الڳ ڪري فيصلو ڪري سگهو.

اوهان جو ڀاءُ صفدر ڀٽو ڪنڌڪوٽ

* چاچا، آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان. مون اڳ ۾ به ٽي چار خط  لکيا. هاڻي هي خط لکي رهيو آهيان. اميد ته شايع ڪندا. چاچا توهان اسان ٻهراڙي وارن جا خط شايع نٿا ڪريو. ڇا اسان سان نفرت آهي؟ اسان جا خط گند جي دٻي جي حوالي ٿا ڪريو. هي خط آئون لکي رهيو آهيان. مهرباني ڪري شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

اوهان جو گرڌاري لال هريجن، ڪنري.

* ادا فيبروري جو گل ڦل 25 تاريخ تي مليو. ادا مهرباني ڪري دير جو سبب ضرور ٻڌائيندا؟ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ته توهان کي ڇپائي جي هر سهولت آهي. پوءِ به ايڏي دير. ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر گل ڦل ايتري دير سان ڇو ٿو نڪري؟ جواب ضرور ڏيندا.

اوهان جو منير احمد پنهور، هائوسنگ سوسائٽي دادو.

* ادا، جيئن ته گل ڦل فيبروري وارو شمارو پسند آيو. انهيءَ ۾ خاص ڪري لطيفي لات، رمضان المبارڪ، بهار جي موسم، سير سفر جو شوقين ڇوڪرو، اڄ جو وتايو، نئون سال، مهمان، جوانيءَ جو چشمو، نيڪ دل پري، پيپلز ڪلچر ميلو، سانول سوڀارو، کل ته سهي مطلب ته سمورو رسالو پسند آيو.

اوهان جو ڀاءُ پرويز سولنگي سيتا روڊ.

* ادا آئون گل ڦل جو نئون پڙهندڙ آهيان. فيبروري وارو پرچو مليو، پڙهي ڏاڍو لطف اندوز ٿيس. اوهان جي رسالي گل ڦل جي جيتري تعريف ڪجي ايتري گهٽ آهي. اسان جي اها دعا آهي ته اوهان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اها اميد آهي ته پنهنجي ڪوشش کي جاري رکندا. فيبروري واري پرچي ۾ نئون سال، اڄ جو وتايو، عيد آئي، کل ته سهي، نيڪ دل پري ڏاڍا وڻيا ۽ اميد ٿي ڪجي ته هي منهنجو خط ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا ۽ ضرور شامل ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

اوهان جو ڀاءُ علي بخش کوسو راهو آباد.

ادا، هينئر فيبروري جو گل ڦل اسان جي هٿن ۾ آهي، گل ڦل پڙهي دل تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ غم به ٿيو ان جي لاءِ جڏهن مون ٻين جا خط گل ڦل ۾ شايع ٿيل ڏٺا ۽ اوهان منهنجو خط شايع نه ڪيو. ڏک ان جي لاءِ آهي ته مون چار خط لکيا پر موٽ نه ملي. هي مان پنجون خط لکي رهي آهيان. اميد آهي ته ادا سائين هي خط ضرور شايع ڪندا.

اوهان جي ڀيڻ ناهيد مهر، ڳوٺ وڌڻ مهر.

* پيارا ڀاءُ! مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان پر گل ڦل ۾ پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان. اميد ته خط شايع ڪري محبت ۽ ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيندا. فيبروري وارو رسالو منهنجي هٿ ۾ آهي. ڪهاڻيون ۽ نظم تمام بهترين آهن. پر هڪ ڳالهه جو سخت افسوس آهي جو گل ڦل وقت تي نٿو پهچي ۽ اسان کي ڏاڍو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. اميد ته وقت سر شايع ڪندا. جيئن اسان پڙهي سگهون ۽ خط لکي سگهون. مهرباني ڪري هن خط کي پنهنجي رسالي گل ڦل ۾ شايع ڪندا ته وڏي مهرباني ٿيندي.

فقط توهان جو ڀاءُ وفا محمد حنيف ملاح بيگنا موري.

* ادا، مان پنهنجي پهرين هڪ تصوير موڪلي چڪو آهيان، جنهن کي 5 مهينا ٿيا آهن، پر ڪنهن به پرچي ۾ شايع ٿي ناهي. گل ڦل هر مهيني خرچيءَ مان ڪجهه بچائي خريد ڪري پڙهندو آهيان پر خط ان ڪري نه لکندو آهيان، جو خط شايع نٿا ڪريو. وري ڪن ڀائرن جا ٻه ٻه نالا هڪ پرچي ۾ شايع هوندا آهن ۽ اسان هڪ خط وڏي محنت سان لکون، اهو به شايع نه ڪيو. اهو سٺو ناهي. ڀاءُ پڙهندڙ ته اسين به اهڙا آهيون يا اسان کي لکڻ جو حق ناهي.

اوهان جو ڀاءُ قربان علي راڄڙ لوڻ کاڻ کپرو.

* ادل! گل ڦل جو پرچو 24 فيبروري 1996 تي مليو، جنهن کي پڙهڻ سان ئي ذهن گلڙن وانگر ٽڙي ۽ تازو ٿي پيو. ڀاءُ سچ پڇو ته گل ڦل جو آءُ پراڻو ساٿي آهيان. مون کي 15 سيپٽمبر 1995ع ۾ نومبر 1995ع وارا ٻئي پرچا مليا هئا، جنهن ۾ ڪهاڻيون چالاڪ ٻلي، سائنسي راز، هاري، لطيفي لات ۽ خوبصورتي جي ڳولا سڀ کان بهترين هيون. فيبروري جي پرچي ۾ ڪهاڻيون اڄ جو مهمان، جواني جو چشمو ۽ اڄ جو وتايو سڀ کان بهترين هيون. هن پرچي ۾ سميع ساجد ۽ ارباب علي جي شاعري چڱي هئي.

توهان جو ڀاءُ غلام مصطفيٰ سنجراڻي ڳوٺ مولا بخش سنجراڻي.

 

نتيجو رنگ ڀريو-29

هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا. پهريون نمبر آيو: ڪرشن داس معرفت رام ديو ڪلاٿ هائوس ميرپور ماٿيلو.

نتيجو خال ڀريو- 29

هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا. جن مان ٽن ٻارن جا جواب صحيح آيا، کين رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: 1- ميان عبدالرشيد 2- ابوالقاسم حسن فردوسي 3- عبدالرحمنٰ چغتائي 4- درياء سين 5-63 سال

نالا: 1- محمد صالح جاگيراڻي معرفت: غلام حيدر جاگيراڻي ڪلاٿ مرچنٽ نئون ديرو

2- رميش ڪمار راٺور معرفت: رام لعل نيشنل بئنڪ مٺي ٿر.

3- اڪبر علي لغاري، پوسٽ ڪنگورو شاخ وايا ڊگهڙي ضلعو ميرپورخاص.

رنگ ڀريو- 31

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ صحيح ڀريل هوندو، ان کي ”گل ڦل“ رسالي جي هڪ ڪاپي اعزازي موڪلبي.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس……..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com