گلزار چنا
دودا بڻبا
ڏاڍا آهن پيار ڙا،
ننڍڙا مٺڙا ٻارڙا،
هردم درد مٽائن ٿا
دلين جا دلدار ڙا.
مٺوءَ جان ٿا ٻوليون ٻولن،
هر گهر جا سينگار ڙا.
ڪنهن جي نيڪي ڪريان مان
آهن سڀ هوشيار ڙا.
ديس جا آخر دودا بڻبا
ڀورا توڙي ڪار ڙا.
شال حياتي وڏي ماڻن
ابي امڙ جا ٺار ڙا.
سنڌيڪار: گل محمد مڱريو
نم
قديم زماني جي ڳالهه آهي ته برصغير هندستان مان هڪ
شخص مشهور حڪيم لقمان سان ملڻ لاءِ يونان روانو
ٿيو. سفر جي مسافري ۾ هو جتي به ترسندو هو ته ٻٻر
جي وڻ هيٺان آرام ڪندو هو ۽ ٻٻر جي ڪاٺين جو ٻارڻ
ٻاري رڌ پچاءِ ڪندو هو ۽ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جو لڪڻ
پنهنجي هٿ ۾ هميشه کڻندو هو، ڏينهن، هفتا ۽ آخر ۾
مهينا به گذريا ته هو به منزلون ڪندو اچي حڪيم
لقمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن وقت هي شخص اتي
پهتو ته گهڻو بيمار ٿي پيو.
حڪيم لقمان جيئن ته پنهنجي وقت جو هڪ وڏو حڪيم هو،
پنهنجي مهمان سان ملڻ ۾ ئي سمجهي ويو ۽ پڇيائينس
ته ”توهان پنهنجي سفر دوران آرام ڪرڻ وقت ٻٻر جي
وڻ جو انتخاب ڪيو ۽ ٻٻر جي ڪاٺين تي پنهنجو رڌ
پچاءَ ڪيو، ۽ ٻٻر جي ئي وڻ جو لڪڻ هٿ ۾ کڻي سفر
ڪيو.
مهمان مسافر اقرار ڪندي چيو ”جي ها سائين، توهانجي
ڳالهه درست آهي پر توهانکي ان جي ڪيئن خبر پئي؟“
حڪيم لقمان جواب ڏنس ته توهان جي حالت ڏسي مون کي
خبر پئي ته توهانکي جنهن بيماري ورتو آهي. اها ٻٻر
جي وڻ مان ئي توهان کي لڳي آهي.
حڪيم لقمان مهمان کي پاڻ وٽ رهايو ۽ چڱي طرح ان جي
مهمانوازي ڪيائين. ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ، ان
شخص حڪيم صاحب کان واپس پنهنجي ملڪ ورڻ جي اجازت
ورتائين موڪلائڻ وقت حڪيم صاحب ان شخص کي هدايت
ڪئي ته واپسي جي سفر ۾ توهان جتي به ترسو ۽ آرام
ڪيو ته نم جي وڻ هيٺان ڪجو، ۽ رڌ پچاء به نم جي
ڪاٺين تي ڪجو ۽ نم جي لڪڻ پنهنجي هٿ ۾ ساڻ رکجو.
اهڙي طرح جڏهن توهان پنهنجي ملڪ پهچندو ته بلڪل
صحت مند هوندا. مهمان مسافر حڪيم صاحب کان موڪلائي
پنهنجي مُلڪ ڏانهن روانو ٿيو، سفر جي دوران ان شخص
حڪيم صاحب کان مليل هدايت تي سختيءَ سان عمل ڪندي
نم جي وڻ هيٺيان آرام ڪيو ۽ نم جي ڪاٺين تي رڌ
پچاء ڪيو ۽ نم جي لڪڻ کي پنهنجي سفر ۾ ساڻ رکندي
پنهنجي ملڪ پهچي ويو، جڏهن هو پنهنجي ملڪ پهتو ته
واقع صحتياب ٿي چڪو هو ۽ انجون سڀ بيماريون ختم ٿي
چڪيون هيون.
سائنسي اصلاح ۾ نم کي ايجدي ريڪٽا چئبو آهي، جيڪو
فارسي لفظ آزاد وڻ جو ترجمو آهي، گجراتي ۾ ليمسٽري
۽ بنگالي ٻوليءَ ۾ نم گاجهه چوندا آهن. هندن جي هڪ
قبيلي جا ماڻهو نم جي وڻ جي وڏي عقيدت ۽ پوڄا به
ڪندا آهن.
نم وڏو ڪار آمد ۽ مفيد وڻ آهي. هي وڻ سواد مطابق
ته ڪڙو آهي، پر انجا فائدا تمام گهڻا مٺا آهن، ۽
انساني صحت لاءِ خير خواهه دوست جي مثال آهي.
نم جو وڻ پاڪستان ۽ هندستان ۾ هر جاءِ تي گهڻي
تعداد ۾ اُپايو ٿو وڃي هي سڌي ٿڙ وارو خوبصورت، قد
آور ۽ سدا بهار وڻ آهي، ان کي سج جي روشني تمام
گهڻي پسند آهي. هي وڻ ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي
آڪسيجن خارج ڪندو آهي انجي سڀ کان وڏي خاصيت هيءَ
آهي ته هي وڻ رات ۽ ڏينهن ۾ به آڪسيجن خارج ڪري
ٿو. جيڪا ٻين وڻن ۾ ڪانهي ۽ انساني صحت لاءِ گهڻو
فائيديمند آهي. هي وڻ نرم ۽ سُٺي زمين کان وٺي
خراب ۽ جابلو پٿريلي زمين ۾ به با آساني اُپائي
سگهجي ٿو. جن علائقن ۾ مينهن گهٽ وسندو آهي. اُتي
به هي وڻ جيئرو رهي وڌندو آهي. خاص ڳالهه ته انجي
ٻوٽي کي ڪنهن به وڻ جي ڀر ۾ پوکبو ته اُتي به وڌڻ
شروع ڪري ڏيندو. هي وڻ وڏو قدآور ٿيندو آهي. انجو
پاڙون زمين ۾ پري پري تائين پکڙيل هونديون آهن
جيڪي زمين جي مٽيءَ کي ڪلر وغيره کان محفوظ
رکنديون آهن.
نم جي وڻ جا پن مارچ مهيني ۾ ڇڻندا آهن ۽ وري نوان
پن نمودار ٿيندا آهن. نم جي وڻ ۾ پن ڇڻ واري مُند،
ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ وقت جي هوندي آهي. نم
جو وڻ پهرئين ٻور جهليندو آهي، تنهن کانپوءِ ڦري
گل ٿيندا آهن. جيڪي ڏسڻ ۾ ننڍا ۽ اڇي رنگ جا هوندا
آهن. انهن گلن مان هلڪي هلڪي وڻندڙ خوشبوءِ ايندي
آهي. هي گل مارچ کان مئي مهيني جي وچ واري مُند ۾
ڦٽندا آهن، جن مان ڦري نموريون ٺهڻ شروع ٿينديون
آهن. جن جو رنگ پهرئين سائو ۽ پچڻ کان پوءِ پيلو
ٿي پوندو آهي. نموريءَ جي گولائي هڪ سينٽي ميٽر ۽
ڊيگهه ۾ ٻه سينٽي ميٽر هوندي آهي:
نم جي وڻ جا پن، ٽاريون، ٻور جا گل، نموريون، ٿڙ،
ڇوڏا ۽ پاڙ سڀ ڪارآمد شيون آهن. انسان انهن مان
وڏا فائدا حاصل ڪري ٿو نم جو ڪاٺ تعميراتي ڪم لاءِ
بي حد پائيدار هوندو آهي ڇو ته انجي ڪاٺي کي
اُڏوهي ڪانه لڳندي آهي ۽ مضبوطائي ۾ به پڪو هوندو
آهي ڪُڙمين جي اوزارن ۽ باهه ٻارڻ ۾ به ڪم اچي ٿو.
طبيبن ۾ حڪيمن جي نظر ۾ نم جو وڻ هڪ انسان دوست ۽
گهريلو طبعي مددگار جي مثال رکندڙ آهي. مثلاَ نم
جي پنن کي گهوٽي پيئڻ سان رت صاف ٿيندو آهي، چمڙي
جي بيماري ۽ بخار جهڙي ڪيفيت ۾ پاڻيءَ ۾ اوٻاري
وهنجڻ سان فائدو ٿيندو آهي ۽ طبيعت خوشگوار رهندو
آهي انهيءَ پنن کي سُڪائي ڪتابن جي صفحن ۽ ڪپڙن جي
الماڙين ۾ رکجي ته جراثيم ۽ ڪيڙي لڳڻ کان محفوظ
رهندا، مليريا جي موسم ۾ پنن جو روزانو دونهون ڪرڻ
سان مڇرن جو خاتمو ٿئي ٿو. نم جي ٻور جي گُلن مان
ڪجل ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو اکين ۾ خارش وغيره لاءِ
بي حد مفيد هوندو آهي.
نم جون نموريون پچي پيليون ٿيڻ تي چوساڙجن ته وات
جو ذائقو ۽ پيٽ جو هاضمو به درست رهندو آهي.
انهيءَ نمورين کي سڪائي تيل ڪڍيو ويندو آهي، جنهن
مان ملم ۽ ڪريم ٺاهي ويندي آهي، ملم کي پراڻن زخمن
تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آهي ۽ جلد ڇٽي پوندا
آهن، ڪريم کي منهن جي داڻن تي لڳائڻ سان چهرو صاف
ٿيندو آهي، ۽ انهيءَ ڪريم کي مٿي جي وارن ۾ لڳائڻ
سان جُئن جو خاتمون ٿيندو آهي ۽ وار وڏا ٿيندا
آهن.
نم جي ڪچڙين ٽارين جي ڏندڻ ڏندن لاءِ اڪسير جو
درجو رکي ٿو، جنهنجي روزانو استعمال ڪرڻ سان وات
جي بيماري ۽ ڏندن جي ڪيڙي جوخاتمو ٿيندو آهي ۽
ڏندن جي زندگي وڌندي آهي. نم جو ڏندڻ ڪرڻ وارا هر
قسم جي ٽوٿ پيسٽ ۽ منجن وغيره کان بي نياز ٿي
ويندا آهن.
نم جي ڇوڏن ۽ پاڙون کي مناسب دوائن سان گڏ اوٻاري
پيئڻ سان پراڻو موسمي بخار ختم ٿي ويندو آهي ۽ پيٽ
جي ڪيڙن وغيره جو به خاتمو ٿي ويندو آهي.
نم صابڻ
(Neem Soap)
سان غسل ڪجي ته گرمي جا داڻا، آرايون وغيره ختم ٿي
وينديون ۽ انسان خارش جهڙي موذي مرض کان به محفوظ
رهندو. اهوئي صابڻ صحت لاءِ تازگي بخش به آهي.
هن وڻ کي اينٽي سيپٽڪ چئبو آهي. ۽ هن مان پراڻن
زخمن کي ڌوئي صاف ڪبو آهي ته ڇٽي ويندا آهن.
نم جي وڻ مان ٻيا به بي شمار فائدا آهن جيڪي
انساني زندگي لاءِ بي حد ضروري سمجهيا ويندا آهن،
پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ سائنسدان ان تي تجربا ڪري
رهيا آهن. جيئن هن مان وڌ مان وڌ فائدا حاصل ڪري
سگهجن.
پيارا ٻارو! جڏهن توهان هي مضمون پڙهي وٺو ته ڪوشش
ڪري پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ نم جو هڪ ٻوٽو ضرور
پوکجو. ۽ اُنجي وڏي ٿيڻ تائين ان کي پاڻي ڏجو ۽
حفاظت ڪندا رهجو، ڇو ته توهان به پڙهي لکي ڪري وڏا
ٿيندا ته نم جو ٻوٽو به وڌي وڻ ٿي ويندو ته پوءِ
توهان به پنهنجي تعليمي قابليت جي روشنيءِ ۾ ان وڻ
مان ضرور فائدا حاصل ڪندا رهجو ۽ سدائين تندرست،
صحت مند، ۽ تازا توانا ٿي ڪري پنهنجي ديس جي خدمت
ڪندا رهجو ۽ خوشيون ماڻيندا رهجو.
ڊاڪٽر منير احمد چنه
ڪوڙي ڪهاڻي
تمام پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته يونان ملڪ تي هڪ
شهنشاهه حڪومت ڪندو هو. ان هڪ ڏينهن اهو اعلان
ڪيو ته جيڪو به ماڻهو، مون کي ڪوڙي ڪهاڻي ٻڌائيندو
۽ ان ڪهاڻي ۾ ذري برابر به سچ شامل نه هوندو. صرف
ڪوڙئي ڪوڙ هجي ۽ ڪٿي به، ڪهڙي به موڙ ۽ لمحي تي سچ
ثابت نه ٿئي ته، مان ان کي تمام گھڻا انعام اڪرام،
هيرا ۽ موتي ڏيندس. ۽ جيڪو ماڻهو ان ڪهاڻي جي
دوران، ڪٿي به سچ ڳالهايو ۽ ثابت ٿيو ان کي پنجاهه
ڪوڙن جي سزا ڏني ويندي، پنجاهه ڪوڙن جي خوف کان،
ڪو به ماڻهو ڪهاڻي ٻڌائڻ جي همت نه پيو ڪري، ٻن
چئن ڪهاڻي ٻڌائي به کڻي ته انهن کان به آخرڪار سچ
نڪري وڃي پيو ۽ سزا جا مستحق ٿين پيا.
شهنشاهه جو اهو اعلان آخرڪار هلي هلي هڪ ڌنار جي
ڪن تي پيو.ڌنار سوچيو ڇو نه مان به قسمت آزمائي
ڪيان، ۽ درٻار ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ پڄي ويو.
محل ۾ شهنشاهه، ڌنار کان اچڻ جو سبب پڇيو ته ڌنار
نهايت ادب سان چيو ته مان هڪ ڪوڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ
لاءِ حاضر ٿيو آهيان. انهي تي شهنشاهه چيس ته توکي
خبر آهي ته ڪهاڻي مان سچ ثابت ٿيڻ تي ڇا سزا
آهي،انهي تي ڌنار چيو ته مون کي سزا، ۽ انعام ۽
شرطن جي خوب خبر آهي.
ٻيءَ ڏينهن درٻار لڳي ۽ ڌنار پنهنجي ڪهاڻي ڪجھ
هينئن شروع ڪئي.
”جڏهن مان 30 سالن جو ٿيس ته منهنجو پيءُ پيدا
ٿيو. منهنجي ڏاڏي ڏٺو ته منهنجو پيءُ پينگھ ۾ مزي
سان جھولا کائي رهيو آهي ته منهنجي ڏاڏي ضد ڪيو ته
مان به پينگھ ۾ لڏندس، ليڪن مان، تمام گھڻي مشڪل
کان پوءِ ڏاڏي کي مٺائي کارائي چپ ڪرائي ڇڏيو. ڪجھ
ڏينهن کان پوءِ مان، بابا کي گھمائڻ لاءِ ٻاهر وٺي
وڃڻ لڳس ته ڏاڏو به ضد ڪرڻ لڳو ته مان به تو سان
گڏ هلندس. تڏهن، مان ڏاڏي کي به کڻي ڪلهي تي کنيم
۽ بابا کي هنج ۾ کڻي اچي بازار ۾ پهتس، تڏهن بابا
ضد ڪيو ته مان چوزو وٺندس، مون سوچيو ته جيڪڏهن
چوزو وٺجي ته جھنگ مان ڪاٺيون کڻي اچڻ لاءِ سهولت
ٿي پوندي ۽ انهي ڪري 5000 درهمن ۾ چوزو خريد ڪيم ۽
پوءِ مان، بابا ۽ ڏاڏو چوزي تي چڙهي گھر پهتاسون.
چوزو ٻلي جو سخت دشمن هو. چوزو هو ته ٻلين جو گھر
۾ اچڻ بند ٿي ويو هو. چوزي مان اسان کي ٻيا گھڻا
فائدا هئا، چوزو روزانو 20 سير کير ڏيندو هو. گھر
جو ڪم ڪندو هو. بابا ۽ ڏاڏي کي چڪر کارائيندو هو،
ليڪن کائيندو ڪجھ به نه هو. وڏو فائدو ته اهو هو
جو چوزو کائيندو ئي ڪجھ نه هو. رات جو پهرو به
ڏيندو هو.
اهڙي طرح هڪ ڏينهن سير و تفريح ڪرڻ لاءِ، مان بابا
۽ ڏاڏو چوزي تي چڙهي گھمڻ وياسون ته رستي تي سخت
طوفان آيو. مان ڏاڏي کي چيو ته منهنجي ڏندن ۾ لڪي
وڃ ۽ بابا کي مان ڪن ۾ ويهاري ڇڏيو ته اوچتو
سامهون هڪ مک ظاهر ٿي، جنهن سان چوزي جو ايڪسيڊنٽ
ٿي پيو، مان زمين تي ڪري سخت زخمي ٿي پيس، گھر اچي
زخمن تي لوڻ ٻرڪيم ته زخم ٺيڪ ٿي ويا.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ بابا ۽ ڏاڏي کي پڙهڻ لاءِ جھنگ
۾ موڪليم، جتان هو جلدي قابل ٿي آيا.
ڏاڍو خوش ٿيس، خوشيءَ ۾ بابا ۽ ڏاڏي کي ٽي ڏينهن
ماني نه ڏنم.
ايترو ٻڌي ڪري، اچانڪ شهنشاهه اٿيو ۽ ڌنار کي هٿ
ٻڌي چيائين ته هاڻي بس ڪر تون پنهنجا انعام وٺي،
جان ڇڏ، اسان توکي ڪوڙ ۾ استاد مڃيوسين ڌنار جلدي
۾ پنهنجو انعام ورتو ۽ باقي ڏينهن سکيا گذارڻ لڳو. |