سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1979ع

باب: --

صفحو :4

اوهان اهڙن ٻارن جا انٽرويو وٺي موڪليو، جن ۾ سندن مختصر سوانح حيات به هجي. اهڙن ٻارن جا يا سندن ڪم ڪندي جيڪڏهين وڌ ۾ وڌ ٽي فوٽا به موڪليندا ته اهي به شايع ڪنداسون. فوٽن جو ٿيل خرچ اسين اوهان کي موڪلي ڏينداسون پر ان لاءِ فوٽو گرافر جو يا تصديق ٿيل بل شامل ضرور هجي.

اسان کي اميد آهي ته سنڌ جا سڄاڻ ٻار هن سلسلي ۾ سٺي موٽ ڏيندا ۽ هميشہ وانگر سهڪار ڪندا. ادارو.

اڪبر جسڪاڻي

روح رهاڻ

علي بخش ميمڻ سن

س: پي- ايڇ- ڊي ڇا جو شارٽ فارم آهي؟

ج: ڊاڪٽر آف فلا سافي جو.

نورين بانو، خيرپور ناٿن شاهه

س:حضرت عثمان ڪڏهن شهيد ٿيو ۽ حضرت علي ڪڏهن خليفو ٿيو.

ج: حضرت عثمان غني رضه 656ع ۾ شهيد ٿيا ۽ ساڳئي سال حضرت علي ڪرم الله وجه خليفو مقرر ٿيو.

جاويد احمد چانڊيو ، وارهه

س: ڪارل مارڪس ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن وفات ڪيائين.

ج: 1818ع ۾ ۽ 1883ع ۾ وفات ڪيائين.

تبسم عبدالغفار ڀٽو رتوديرو

س: بم ڪنهن ايجاد ڪيو.

ج: ٽالٽ، آمريڪا ۾ 1916ع ۾

علي محمد جمالي، ڳوٺ کيسانا موري

س: غلامن ۾ سڀ کان پهرين اسلام ڪنهن قبول ڪيو؟

ج: حضرت بلال حبشي.

مجاهد سومرو، پراڻي وارهه

س: قران شريف ڪنهن ترتيب ڏنو

ج: حضرت عثمان غني.

سوال: بي_ بي _ سي ڇا جو شارٽ فارم آهي.

ج: برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوزيشن جو.

فياض حسين ميمڻ، نواب شاهه

سوال ائٽم بم پهرين ڪٿي ڪيرايو ويو؟

ج: هيرو شيما ۾.

عبدالله گل، ٽنڊوالهيار

س: سڀ کان پهرين ڌرتي تي ڪهڙو انسان آيو؟

ج: حضرت آدم عليہ السلام.

پرڪاش راءِ راڄو خاناڻي

س: ڇا مريخ تي آبادي آهي؟

ج: پوريءَ طرح اڃا معلوم نه ٿي سگھيو آهي، پر سائنسدان سمجھن ٿا ته اتي ڪجھ نه ڪجھ حياتي ضرور آهي.

سانول جوهي

س: ڪهڙي نانگ ۾ زهر وڌيڪ آهي؟

ج: سنگچور ۾.

ٻارن جي اخبار

وڏي ۾ وڏي سرنگ

سوئٽزرلئنڊ ۽ اٽلي ٻه پاڙيسري ملڪ آهن. جيڪي يورپ ۾ آهن. انهن ملڪن جي وچان تمام اتاهان جبل آهن ٻنهي ملڪن کي ريل وسيلي ملائڻ لاءِ اهي جبل رڪاوٽ هوا. انڪري جبل ٽڪي سرنگ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

1896ع ۾ سرنگ جي کوٽائي شروع ٿي ۽ ستن سالن جي جاکوڙ ۽ پورهئي کان پوءِ اها جڙي تيار ٿي. ان کان پوءِ ريل جا پٽا وڇايا ويا. هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ تمام سولو ٿي پيو آهي.

ميڻ جو عجائب گھر

لنڊن جي شهر ۾ هڪ اهڙو عجائب گھر آهي، جنهن ۾ رڳو ميڻ جا پتلا رکيل آهن. اهي دنيا جي مشهور ماڻهن جا آهن. انهن کي اهڙي طريقي سان سينگاري رکيو ويو آهي آهي جو سندن نقلي هجڻ بابت ڪوبه شڪ ڪونه ٿو ٿئي. دروازي تي هڪ سپاهي ڪاري پوشاڪ پائي بيٺو آهي ۽ ڏسندڙ ائين محسوس ڪندو ته ڄاڻ هي اسان جي رهبري ڪندو. عجائب گهر مان هڪ ڪتابڙو ملي ٿو جنهن ۾ سمورن پتلن جا نالا لکيل آهن. دنيا جا وڏا وڏا سياستدان، سائنسدان، جنرل، عالم، شاعر، ايڊيٽر ۽ مصنف پتلن جي صورت ۾ موجود آهن. ڪلاڪ کن گهمي ڦري جڏهن ٻاهر نڪرجي ٿو ته بازار ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن لاءِ به شڪ گذري ٿو ته اهي سچا پچا ماڻهو آهن يا ميڻ جا پتلا؟

اسڪول جي چوري

صوبي پنجاب جي ضلع ملتان ۾ ڪبير والا کان اڍائي ميل پري هڪ ڳوٺ گوڌر ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت چوري ڪئي وئي. ان جي ڇت، ٻتيون، دروازا، دريون، فرنيچر ۽ نلڪو به چورايو ويو آهي. ان  عمارت جي جوڙائڻ تي پنجاب حڪومت ٻه لک رپيا خرچ ڪيا هوا. هاڻي اتي عمارت جي جاءِ تي رڳو بنياد آهن.

هڪڙو ڪيڪ

آمريڪا ۾ هڪ ميلي جي موقعي تي هڪڙو ڪيڪ ٺاهيو ويو. جنهن جو وزن 25 هزار پائونڊ (312 مڻ) گولائي 60 فوٽ ۽ اوچائي ساڍا ٻاويهه فوٽ هئي. ان ۾ کنڊ 4 هزار پائونڊ، مئدر ڏهه هزار پائونڊ، ڪشمڪش هزار پائونڊ، بادام ٻه هزار پائونڊ، لوڻ هڪ سؤ پائونڊ ۾ بيدا 18 هزار پيل هوا.

پلاسٽڪ جا نوٽ

آسٽريليا ۾ پلاسٽڪ جا نوٽ ٺاهڻ جو تجربو ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر جي راءِ ۾ پني جا نوٽ بيمارين جي جيوڙن سان ڀرجي وڃن ٿا. بلاسٽڪ جي نوٽن کي ڌوئي به سگبو. ان کان سواءِ جٽادار به رهندا.

نوٽن جي رنگين مشين

اڄ ڪلهه رنگين فوٽو اسٽيٽ بنائڻ وارن لاءِ هڪ عجيب مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اها مشين ان لاءِ ٺاهي ويئي هئي ته فوٽو اسٽيٽ ڪرڻ مهل اصل ڪاپيءَ جا سمورا رنگ به ان ۾ ظاهر ٿي سگهن ۽ اها ڏاڍي ڪامياب ويئي آهي. پر نقلي نوٽ ٺاهڻ وارن جي ٻيگهي مچي ويئي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي هنن کي بلاڪ ٺاهڻ، پريس قائم ڪرڻ يا هلائڻ لاءِ خاص جاءِ جو انتظام ڪرڻ جو ڪوبه مسئلو ڪونه آهي ڇاڪاڻ ته ان مشين ذريعي هو ڪيئي لک نقلي نوٽ ڇاپي سگهن ٿا. سائنسدان هاڻي ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن ته ان مشين ۾ اهڙي خوبي پيدا ڪئي وڃي جو نوٽ ڇاپڻ کان پوءِ اصلي ۽ نقلي نوٽن جي پرک ٿي سگهي.

اوهانجو امتحان

[نوٽ: گذريل مهيني (ماهه مئي) ۾ امتحان نمبر 46 ڏنو ويو آهي. جنهن جو درجو غلط پڇجي ويو آهي. انڪري اسين اهو درجو درست ڪري ڏيئي رهيا آهيون. ڪوپن جو نمبر به ساڳيو 46 ڏنو ويو آهي پر ان جي ڀر ۾ A شامل ڪئي وئي آهي. رڳو انهن ڪوپنن وارا جواب قبول ڪيا ويندا جيڪي جون واري پرچي مان کنيا ويا هوندا. ادارو]

امتحان نمبر – 46 A

پيرل ۽ جاويد وٽ ڪجهه رپيا آهن. پيرل، جاويد کي چيو ته جيڪڏهن تون پنهنجي کيسي مان 160 رپيا مون کي ڏيندي ته باقي جيڪي تنهنجي کيسي ۾ بچندا تن کان مون وٽ ٻيڻا ٿي پوندا. جاويد، پيرل کي چيو ته جيڪڏهن تون پنهنجي کيسي مان 160 رپيا مون کي ڏيندي ته باقي جيڪي تنهنجي کيسي ۾ بچندا تن کان مون وٽ ٽيڻا ٿي پوندا. ٻڌايو ته پيرل ۽ جاويد وٽ ڌار ڌار اصل ڪيترا رپيا هوا.

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 10 جولاءِ 1979ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 46 A ڀري موڪلڻ ضروري آهي صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن ۾ 25 رپيا جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.

انعام

امتحان نمبر 45 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا آهن.

1- شوڪت حسين ميمڻ سڪرنڊ، ضلع نواب شاهه، 2- امام شاهه بخاري کيسانا موري ضلع حيدرآباد. 3- رضيه ناياب چانڊيو رتوديرو ضلع لاڙڪاڻو. 4- غلام قاسم پنهور، حسين آباد ضلع خيرپور ميرس. 5- محمد ابراهيم ميمڻ، ڪنري ضلع ٿرپارڪر.

سڀني ٻارن کي پنجن پنجن رپين جا ڪتاب ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

امتحان نمبر- 45

ٻڪري، جيتري خريد ڪئي هيم، اوترو سيڪڙو مٿس فائدو رکي وڪڻي ڇڏيم. جيڪڏهين ٻڪريءَ جو وڪرو آهي 25- 107 رپيا ته سندس خريدي ڪيتري هوندي؟

جواب

ٻڪريءَ جي خريدي آهي 65 رپيا. هي حساب اسان کي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا کان مس رضيه نور شهوڪ موڪليو آهي. جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

”جيڪب آباد“: رتن ڪمار بجاج. ”ڪنڌڪوٽ“: راج ڪمار ڏاواڻي، ڪئلاش ڪمرا ڏاواڻي. ”بڊاڻي“: چترڀان. ”ٺل“: عبدالحميد دائود پوٽو، عدالقيوم دائود پوٽو ۽ اسدالله دايو. ”لاڙڪاڻو“: شيخ وزيرحسين، رضوان ميمڻ، صدرالدين کهڙو، منيرحسين ڪوريجو، عبدالله صديقي، شفقت حسين شاهاڻي، امبرت راءِ هرجاڻي، منوهرلال هرجاڻي، زاهد علي شيخ، نور الله شيخ، بدرالدين کهڙو، مهيندر لعل هرجاڻي، آفتاب ابراهيم صديقي، غلام حسين صديقي، سهيل ظهير آگاڻي، عبدالمالڪ شيخ، ۽ طفيل مجتبيٰ چانڊيو. ”قمبر“: دليپ ڪمار جيسواڻي، محمود علي چانڊيو، ديدار بلوچ، محمد ياسين رند، سراج الدين شيخ، آزاد اسلم شاهه، رميش لعل گيمنائي، وحيدالرحمان ميتلو، عبدالله شيخ، حاجي غلام عمر رند، ابل شيخ، علي گوهر شيخ، رشيد احمد شيخ، غلام مجدد شيخ، سعيد رشيده، شيخ اياز، جاويد رضا شيخ، ۽ جاويد اختر شاهه. ”رتوديرو“: عبدالجبار جتوئي، بشير احمد ڀٽو، چمن لعل آهوجا، نبي بخش جلباڻي، عبدالوحيد ابڙو، عبدالرشيد منگي، محمد نواز جکرو، امان الله، غلام مصطفيٰ گهانگهرو، حاجن سيال، اميد علي ابڙو، ديدار حسين ابڙو، رضيه ناياب چانڊيو، ارشاد حسين ڀٽو، عبدالغفور چانڊيو، عبدالغفار ڀٽو، عبدالمجيد ڀٽو، گهنشام داس، ۽ الهداد بروهي. ”شهدادڪوٽ“: محمد حنيف قربان علي منگي، مظهر علي شيخ، اختر علي شيخ، ۽ شيخ شاهنواز علي ”نصيرآباد“:  شيوڪ لعل نانگديو، دليپ ڪمار، بدرالدين تونيه، الطاف حسين شيخ، گيانچند، اشوڪ ڪمار پرٿياڻي ۽ شوڪت علي گهانگرو. ”ڏوڪري“: محبوب علي شاهه ۽ ذوالفقار علي سانگهرو. ”نئون ديرو“:  نور مصطفيٰ کهڙو ۽ غلام رسول کهڙو. ”مارو خان ڏيرو“: خليل احمد ڏيرو. ”پيرمحمد ميتلو“: حفيظ الرحمان ميتلو. ”ڏامراها“: تسنيم جوڻيجو: ”راوت کيرڙو“: مقبول احمد ميراڻي. ”ننڍي وهڻي“: عبدالوها جوڻيجو. ”گنبدشريف“: شاهه محمد ساريو“: زين العابدين ساريو نئون ڳوٺ. ارباب علي ميراڻي ابراهيم علي چانڊيو شوڪت علي چانڊيو. ”کاهي مينهون“: آصف علي قاضي ”ٻورڙا“: الهه ڏنو. ”ڏاڍارا“: لياقت علي شاهه“: ”بنگلديرو“: اخلاق حسين ڀٽو، غلام ياسين ڀٽو، رياض حسين ڀٽو ۽ ممتاز علي عباسي. ”باڊهه“: محمد خان بروهي، غلام حسين لاڙڪ، عبدالغفور راڄپر، شام ڪمار ڏوڏاڻي، پرديپ ڪمار، رامچند، برڪت علي شورو، پرڪاش لعل، ٻلرام، سندرمل ڏاڏاڻي، هيمون ابڙو، نثار احمد سيال، عبدالرزاق منگي، مشڪور حسين سيال: عبدالحفيظ جوڻيجو، عزيز برڪت علي چنا، ممتاز علي ٻهگيو، ذوالفقار علي بوهر، علي محمد بروهي الهه رکيه سومرو، محمد جمن ساريو، غلام عباس، غلام سرور گوپانگ، محمد علي ٿلهو، محمد سليم مشوري، غلام شاهه، خادم حسين ابڙو، محمد سليم ڪنڀر، ذاڪر حسين ڏهر، لعل چنڊ، شاهه محمد ابڙو عباس علي چنو، فدا حسين ڦلپوٽو، عبدالغفار سومرو، ايشور لعل هندو، سليم رضا ڪلهوڙو، اختيار احمد ابڙو، گهنشامداس، گل حسن ڦلپوٽو، عاشق علي سيال، سڪندر علي ڍڪڻ، ۽ محمد عثمان بروهي. ”ڳڙهي ياسين“: اجيت ڪمار بٺيجا، عرفان علي مغل، نياز احمد ميمڻ، محمد پناهه اڍو، اصغر علي پٺاڻ ۽ امتياز علي مورو. ”شڪارپور“: عمران عطا سومرو، الطاف سومرو، وسيم الله شيخ، امتياز حسين سولنگي  ۽ راجپال خوبچند ”سکر“: امتياز احمد شيخ. ”خيرپور ماٿيلو“: عبدالغفار مگسي، عبدالرزاق سومرو. ”جروار“: هريداس، قطب الدين لنڊ، عبدالواحد لنڊ، سريش ڪمار جيسواڻي، مڪيش ڪمار جيسواڻي، اشوڪ ڪمار تلريجا، نانڪ رام، ميرمحمد گبول ۽ شنڪر الال پهلاڻي. ”پنو عاقل“: وشنداس آهو جا، عبدالمتين شيخ، مڪيش ڪمار ۽ سڌام چند. ”ڪالو خان سيال“: امان الله سيال. ”خان پور مهر“: هو تومل ڪؤڙو مل. ”خانڳڙهه“: ارشاد علي انصاري. ”کاهي“: ايشورلال. ”خيرپورميرس“: اطهرحسين پٺاڻ، مارئي، فريد حسين ڀٽو ۽ محمد اعظم پٺاڻ. ”ٺيڙهي“: مظهر علي شيخ. ”کهڙا: اختيار حسين ميمڻ، ظفرالله ميمڻ ۽ فيض محمد. ”جاني ٻرڙو“: مظهر علي ٻرڙو، منيراحمد بلوچ ۽ احمدعلي ٻرڙو. ”ستايو“: محمد مشڪ رتڙ. ”نئون ڳوٺ پٺاڻو“: تنوير احمد پٺاڻ. ”رفيق مهيسر“: مقصود محمود مهيسر. ”قربان علي سولنگي“: بخت علي سولنگي . ”مهتاڻي“: عادل شر. ”پير  جو ڳوٺ“: نثار ميمڻ ”اڳڙا“: مجيب الرحمان ٽالپر. ”سيد باقر شاهه“: غلام مهدي شاهه. ”دادو“: امبر ڪمار اوڏ، لکمير چند راٺوڙ. ”آراضي“: نثار احمد ڪلهوڙو، ڪريم بخش سمون، سڪندر علي ملڪ، عبدالرزاق ڪلهوڙو، بصرالدين ڇٽو، محمد اشرف لاکو، غلام حيدر جت، علي خان چانڊيو، ”بختيارپور“: محمد عظيم قريشي. ”لاکا“: مشتاق احمد ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ، محمد اسحاق پنوهر ۽ غلام قادر. ”ميهڙ“: اشوڪ ڪمار، شهداد علي شيخ، سراج علي شيخ، محمد اسماعيل شيخ، محمد ابراهيم شيخ، ۽ محمد اسحاق شيخ. ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“ نورالدين، ظهيرالدين ابڙو، نبي بخش شورو، علي بخش، ساجده شورو حفيظان شورو، زبيده شورو، امين الدين ابڙو، محمد علي سيال، وسيم گل مغل، حنيف گل ۾غل، عبدالرحمان مغل ۽ پيرل حسن خاصخيلي. ”جوهي“: ذوالفقار علي لغاري ۽ منصور احمد بلوچ. ”پيارو ڳوٺ“: غلام سرور چانڊيو. ”سيوهڻ“: آفتاب احمد سومرو، مشتاق احمد سومرو. ”سن“: قمرالدين  ميمڻ، ”انڙپور“: محمد رمضان. ”بوبڪ“: سعيد احمد ميمڻ، ”خداآباد“: شجاع الدين قريشي. ”ڪريم داد لنڊ“: محمد اقبال سولنگي خان“: تلوڪ مل. ”راڌڻ“: محمدايوب. ”بچل سولنگي“: محمد اقبال سولنگي . ”نواب شاهه“ فياض حسين ميمڻ، هيرانند نارواڻي، آصف علي سومرو، حسنين نواز ميمڻ، محمد اسلم پيرزادو، محمي هارون بلوچ، محمد امين مغيري، زاهد حسين ميمڻ، ثناءُالله قريشي، اعجاز احمد ميمڻ، سليم رضا ڏاهري، عبدالنواز ميمڻ، طارق انور ميمڻ، عبدالمجيد ميمڻ، منوهر لال تنواڻي ۽ اشفاق قاضي. ”ڀريا شهر“: شاد سنڌي، لياقت علي ميمڻ، محمد ابراهيم ميمڻ، احسان علي ميمڻ، رشيد علي ميمڻ، مشتاق علي ميمڻ. ”محراب پور“: عون قمر جوکيو، الطاف حسين جوکيو، عضنفرعلي سومرو، ۽ غلام شبير ميمڻ، ”اڌل سهتو“: خادم حسين سهتو ۽ محمد هاشم سهتو. ”ڄام نورالله“: عبدالماجد سهتو، عبدالمالڪ سهتو ۽ آصف حسين سهتو. ”ٺارو شاهه“: عبدالشڪور سيال ۽ ساجن داس. ”نوشهرو فيروز“: عبدالقدير ميمڻ، رضوانه جبين قاضي. ”مٺا خان جوکيو“: عرض محمد جوکيو ۽ عبدالوهاب جوکيو. ”ماهي خان وگهيو“: قربان علي، غلام مصطفيٰ، غلام مرتضيٰ عبدالجبار عبدالغفار، ماهي خان، غلام شبير، خامد حسين، پرويز جاويد، آفتاب ۽ غلام نبي وگهيو. ”راضي ڪلهوڙو“: منور علي عباسي. ”محبت ديرو جتوئي“: ارشاد علي عباسي. ”محمد خان آگرو“: محمد يوسف ڀٽي، محمد عارب، محمد شفن، اعظم ڀٽي، معظم ڀٽي، ڪوثر پروين ڀٽي ۽ مظفرڀٽي. ”ٺوڙهاشريف“: سجاد احمد ميمڻ. ”خانواهڻ“: بشيراحمد ڪونڌر. ”کاهي قاسم“: امداد علي ميمڻ. ”چنيهاڻي“: محمد ادريس سومرو. ”سڪرنڊ“: شوڪت حسين ميمڻ. ”ڪنڊيارو“: غلام شبير چنڙ. ميرمحمد سومرو. ”بکري“: عبدالمجيب آگرو ”گهرام مري“: جان محمد سومرو، سعيد ابڙو ۽ ممتاز علي شاهه. ”نارائڻ پور“: ڌڻي بخش بگٽي. ”حيدرآباد“: مهتاب فهيم، سريش ڪمار سدريا ۽ اشفاق گل پاٽولي. ”کيسانه موري“: بشير احمد سولنگي ۽ امام شاهه بخاري ”بهاول زئونر“: منظور حسين شاهه. ”ٽنڊو ڄام“: رضا محمد چانڊيو، شمشاد بيگم بلوچ ۽ مظفر علي غلام قدر، فيصل اقبال طارق اعجاز ميمڻ، عطاء الله جاويد ابڙو، فضل الدين متقي، غلام قادر، فيصل اقبال قاضي، وحيد اسحاق ابڙو، ڪرشن ڪرشن ڪمار سونارو،  امتياز احمد ميمڻ، محمد انور متقي، وحيد اسحاق ابڙو، ڪرشن ڪمار سونارو، امتياز احمد ميمڻ، محمد انور متقي، عمر اختر ميمڻ، عبدالغفور  انصاري، محمد اسلم آخوند، نثار عمر ميمڻ، خليل احمد متقي، حاجي محمد سرهيو، سيف الله سرهيو، زينب بانو متقي ۽ محمد شفيق متقي. ”خيرمحمد ڪاڪا“: الهداد سومرو. ”نيوسعيدآباد“: يوسف گل ميمڻ، محمد اسلم قاضي، جاويد گل ميمڻ، ”ڀٽ شاهه“: ظفر حسين خاصخيلي، گل بهار رنگ، ڏاڙهون خان، محمد سومار شيدي، امتياز حسين. ”کيبر“: شمس الدين شيدي، عبدالحق شيدي ، عتيق الرحمان ميمڻ، ”مٽياري“: سليم احمد. ”ڀليڏنو ڪاڪا“: رياض احمد ڪاڪا ”قاسم جي وسي“: بشيراحمد ميمڻ. ”باگو رند“: عبدالمجيد راهو. ”بڪيرا“: منظور احمد آرائين: حشمت علي شاهه، پريل شاهه ڏاڏاهي. ”ٽنڊو الهيار“: اسماعيل مجيداڻو. الهيار مجيداڻو ، عبدالله گل، لعل چند اوڏ، اشوڪ ڪمار، آفتاب احمد نظاماڻي، چمن لعل ٿري. ”پيرمٺن“: ذوالفقار شاهه. ”ٽنڊو محمد خان“: تلسي داس، رفيق احمد ميمڻ، اشفاق احمد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ ۽ نظر علي خواجه. ”نئون آباد“: ننگر خان مهر، دولترام کتري، ڪرشن ڪمار کتري، محمد بخش مهر، محمد يعقوب مهر، هو تومل، احمد خان ڪنڀر ۽ دودو خان مهر. ”ٽنڊو آدم“: محمد عيسيٰ عمراڻي، مسعود احمد چنا، ڪاشف جان، رضوان سعيد قاضي، فرحان سعيد قاضي، شهزادو سليم ۽ فوزيه تسنيم يوسفاڻي. ”بخش علي رند“: نور محمد رند ۽ غلام سرور. ”کپرو“: سونومل، نريش ڪمار ڪانجاڻي ۽ هرچندداس. ”امان الله ڏاهري“: عالم خان ڏاهري، خيرمحمد ڏاهري، الهه بچايو، حاجي ڀيل ۽ يوسف ڏاهري. ”سرهاڙي“: نيچلداس ۽ ليکومل. ”باکوڙ“: غلام مصطفيٰ لغاري. ”شهدادپور“: عبدالوحيد عطار. ”ڪيهر رند“: سوڀارو رند. ”تاج محمد ڏاهري“: عبدالله بروهي ”ٺاروخان لغاري “: مجمل بيگ بلوچ. ”ٽوپڻ ڏاهري“: غلام حيدر سومرو. ”اسماعيل بگٽي“: ڀائي خان بگٽي. ”ميرپور خاص“: منوج ڪمار شرما، ڀونيش ڪمار شرما، منظور احمد ميمڻ ۽ رياض حسين ميمڻ. ”ڪنري“: ممتاز علي ميمڻ، رميش ڪمار دولترام، پرتابراءِ، محمد ابراهيم ميمڻ ۽ دليپ ڪمار. ”چيلهار“: جهامنداس ٿري، شروڻ ڪمار ڪيلا ۽ تنوگر سوامي. ”ڏيپلو“: پرديپ ڪمار مورائي ۽ محمد خان مهراڻي. ”مٺي“: سريش شارڌا ۽ ڪشور گورماڻي. ”ڇاڇرو“: اختر حسين گدارو ۽ خالد حسين گدارو. ”موليڏنو خاصخيلي“: نيڪ محمد خاصخيلي. ”دولت لغاري“: غلام مصطفيٰ بلوچ. ”بدين“: عزيز الله ميمڻ، حبيب الله ميمڻ ۽ ظفر عباس خواجه. ”ڇتوماندراڻي“: اميد علي احمداڻي ۽ عبدالمبين شورو. ”حاجي مٺو ٽالپر“: عبدالخالق ٽالپر. ”ٽنڊو غلام علي“: شيوڪرام . ”ٺٽو“: عبدالحسين واسواڻي، نصيراحمد ميمڻ، محمد آچار ريڍار، الطاف حسين قريشي، عبدالحميد ممياڻي، غلام شبير شيخ، شازي طلعت قريشي ۽ امتياز حسين تنيو. ”چوهڙ جمالي“: مگارام، الهه بچايو ميمڻ، عبدالڪريم ميمڻ، عبدالعزيز ميمڻ، جيرامداس، محمد عثمان ميمڻ، غلام رسول ميمڻ، ڪيشورداس، وشنومل ۽ عبدالقادر ميمڻ، ”جهمپير“: چيتن مل، ريوارام مهراج، محمد اسماعيل، گوبندرام واگهيلا، گوبندرام تارواڻي، وشنومل ملاڻي ۽ حميرمل لوچواڻي. ”ميرپور بٺورو“: رفيق احمد ميمڻ ۽ عبدالقادر کتري. ”ڪراچي“: هيمن ڪمار، گلزار اشفاق ميمڻ ۽ عبدالمالڪ شيخ. ”مراد ميمڻ“: عبدالغفار ميمڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com