راشد منگي
هاءِ هي حياتي
هوءَ کٽ جي پائي سان ٽيڪ ڏيو ويٺي آهي، سندس اکين
مان لڙڪ وهي رهيا آهن، کٽ تي سندس پٽ گهريءَ ننڊ ۾
ستل آهي. متان هڪ ميري رلي پيل اٿس. هوءَ هر هر در
ڏانهن واجهائي رهي آهي، وري پٽ جي نرڙ تي هٿ رکي
ٿي. سندس اکين مان لڙڪن جون لارون وهڻ لڳن ٿيون.
سندس پٽ کي ايڏو بخار آهي. ڄڻ اونهاري ۾ ٽاڪ
منجهند جو تتل ڏامر وارو روڊ، جنهن مان گرمي ڄرون
ڪري نڪرندي آهي، ڄڻ ته سندس مٿو نه پر کورو هجي.
هو هفتي کن کان بيمار آهي. سندس گهر ۾ ته ٻن
ڏينهن کان باهه ڪونه ٻري آهي، سندس مڙس کي ٻن
ڪارخانن کان جواب مليو هو. اڄ وري به هو نوڪريءَ
جي ڳولا ۾ نڪتو هو. سندس گهر ۾ مايوسين پنهنجا گهر
ٺاهيا آهن. مايوسين جا ڄار ائين ئي پکڙيل آهن،
جيئن سندن اونداهين گهر جي ڪنڊ ۾ ڪوريئڙن جا ڄار.
ڪڏهن ڪڏهن آڪاش ڏانهن به نظرون کڄي وڃنس ٿيون.
سندس مک تي پيڙا جا ڪڪر ڇانئجي وڃن ٿا. شڪايتون
اکين ۾ اوتجي اچنس ٿيون. ڄڻ ائين ئي چوندي هجي ته
هي ڪهڙو سرشتو آهي، جو هڪڙن کي دوا ۽ پيٽ جي دوزخ
ڀرڻ لاءِ پئسو ڪونهي. اوندها گهر ڄڻ جيئري ئي قبرن
۾ پيل آهن، ڪن جون اوچون ماڙيون اڏيل آهن، هماليه
جيان ڳاٽ کنيون بيٺيون آهن. ڪن جا پيٽ پٺيءَ لڳل،
ته ڪن جا پيٽ کٽ جي هڪ ٻانهيءَ کان ٻيءَ ٻانهيءَ
تائين هي نظام ڪهڙو آهي؟
سندس مڙس جڏهن چانئٺ ٽپي اندر آيو، تڏهن سندس
خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، سندس مڙس جي چهري تي
مايوسين جا تهه چڙهيل هئا ۽ پگهر ۾ شل. اندر
گهڙندي ئي پڇيائين ته گوهر ڪيئن آهي؟
”ساڳي حالت م آهي“ پنهنجي اکين کي اگهندي جواب
ڏنو.
لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس، ڄڻ ڪونين جي ٽڪي ڳهڻ جو
ڪوشش ڪندي هجي.
”ڀلا نوڪري ملي؟“
”نه حليما! اڄ به ساڳيو جواب مليو، جنهن وٽ به وڃ،
جڳهه خالي ڪانهي. ڄڻ ڌرتيءَ تي اسان جي لاءِ ڪائي
جڳهه نه هجي، ساڳيا جواب ٻڌي ٻڌي جيئڻ کان دل ٽٽي
پئي آهي.“
ٻئي ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويا. سج پنهنجو سفر
پورو ڪري چڪو آهي، رات پنهنجا پَر پکيڙڻ شروع ڪيا
آهن. اوچتو ٻار جي رڙ ٿي، ٻئي سوچن جي ڪُن مان
نڪري آيا. سندن پٽ بخار جي دماغ تي چڙهڻ ڪري کٽ تي
ڦٿڪي رهيو آهي. ماڻس سيرانديءَ کان ويٺي آهي. سندس
پيءُ خاموش تڪي رهيو آهي، هو هٿن هوندي به پاڻ کي
لولهو سمجهي رهيو آهي. ٻار هڏڪي ڏني ۽ لڱا سيٽجي
ويس، ماڻس کان رڙ نڪري ويئي سج لهڻ سان گڏ گهر ۾
ٽمڪندڙ ڏيئو به اُجهامي ويو. ٻنهي جون رڙيون اُڀ
ڏاري رهيون آهن. پنهنجي غريبي تي ماتم ڪري رهيا
آهن. سماج جي اونداهي سرشتي کي پاراتا ڏيئي رهيا
آهن. جن وٽان هنن کي پيٽ ڀرڻ ته ٺهيو پر دوا لاءِ
پئسا به ڪونه مليا. خاموش ماحول ۾ رڳو هنن جا سڏڪا
ٻڌجن پيا. ڄڻ ساري ڪائنات ٻوڙي ۽ گونگي هجي، آسمان
تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن. ٻئي کٽ جي ڀرسان روئي
رهيا آهن، پنهنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ لاءِ. ائين ٿو
لڳي. ڄڻ دنيا جا غريب روئي روئي دم ڏيندا ۽ لاوارث
ٿي مرندا. ڪير به ڳوڙهن اُگهڻ وارو ڪونه آهي، بس
رڳو ڄڻ هنن جو ڪم آهي روئي روئي ناڪامين ۽
نامرادين سان مري وڃڻ.
اڪبر جسڪاڻي
بنان عنوان جي ..................
هن ڪهاڻي جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري، اسان ڏانهن
اهڙي طرح ڏياري موڪليو، جو اسان وٽ ڏهين جون کان
اڳ پهچي وڃي. جنهن جو به عنوان سٺو هوندو، ان کي
ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. – ايڊيٽر
اڄ ويهن سالن کان پوءِ هو پنهنجي پراڻي شهر ۾ آيو
هو.
اڄ هن شهر جي حالت بلي پلي هئي يا سورج کي ائين ٿي
نظر آيو. ڇاڪاڻ ته هو اڄ کان ويهه سال اڳ وارو
سورج ڪونه هو. اڄ هتي هو اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت
۾ آيو هو. اهي رستا، اهي جايون، اهي اسڪول، اها
اسپتال، سڀ ساڳيا هوا پر الائي ڇو کيس ائين محسوس
ٿيو ته هو هن شهر ۾ بلڪل نئون آيو آهي. هو جڏهين
پنهنجي پراڻي اباڻي گهر ۾ گهڙيو ته سندس دل کي
ڪجهه آٿت آيو. ڪئين واقعا آڏو تري آيس. هن سوچيو
ته اڄ انهيءَ حيثيت کي ڪيئن پهتو؟ ائين سوچيندي هو
سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو.
هو پيءُ ماءُ کي هڪڙو پٽ هو. انڪري دادلو هوندو
هو. پڙهڻ جو نالو وٺڻ سان هي سڄو ڪنبي ويندو هو.
ڇو جو سندس ذهن تي اسڪول جو تصور هڪ ڀيانڪ نموني
جو هوندو هو. هو استادن کان ايترو ته ڇرڪندو هو،
جو پاڙي جو ڪو ماستر ڪنهن گهٽيءَ مان ايندي ڏسندو
هو ته اها گهٽي ڇڏي ويندو هو.
اتفاق سان سورج بيمار ٿي پيو. سندس پيءُ هن کي
ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا. ڊاڪٽر به ٻارن سان ٻار هوندو هو
گهڻو ڪري مريض هن جي خوش طبع هجڻ ڪري، هن جو
ڳالهيون ٻڌي به اڌ چاق ٿي ويندا هئا. سورج کي
تپاسيندي چيائينس ”ڪائين جماعت پڙهندو آهين؟“ اهي
لفظ ٻڌي سورج جي منهن جو پنو لهي ويو هو. ۽ نفرت
واري نموني سان ڊاڪٽر کي وراڻي ڏني هئائين ”پڙهندو
ڪونه آهيان.“ ڊاڪٽر هن کي ڏسي مرڪي پيو هو ۽ هن کي
چيو هئائين ته ”پٽ جي پڙهندين ته مون وانگر ڊاڪٽري
يا ٻي ڪا نوڪري ڪندين. عزت ٿيندءِ. ۽ هي ڏس اخبار،
جي پڙهيل هجين ها ته پڙهي وڃي ها هن منجهه ڏاڍيون
دنيا جون مزيدار ڳالهيون لکيل اٿئي، ۽ ٻارن جون
آکاڻيون به. پر تون ته پڙهيل نه آهين. پٽ! جڏهن
وڏو ٿيندين. تڏهن دوستن جا خط پٽ ايندءِ، اهي ٻين
کان پڙهائيندين. ڪي ذاتي مسئلن تي هوندا. پوءِ
ڏاڍو شرمندو ٿيندين اسان کي گهرجي ته اهڙو ڪم نه
ڪريو جو ٻين اڳيان هيڻو يا شرم سار ٿيڻو پويس.“
ڊاڪٽر ائين چئي بس ڪئي. سورج جي اکين ۾ ان وقت ئي
هڪ آئيندي جي جوت جرڪڻ لڳي. اتان اٿي گهر آيو.
صبح جو اڃا سندس لنڱ ڪوسا هئا، پر اٿڻ سان ٿيلهو
کنيائين. ماڻس کان ماني گهريائين. اها کائي، ٿيلهو
کڻي اسڪول وڃڻ لڳو. واٽ تي پاڙي جا ٻارهن کي ٿيلهي
سان ايندو ڏسي مڙي آيس ”سورج ڇا اڄ پڙهڻ ٿو هلين؟“
سڀني سان هاڪار ملائيندو اسڪول پهتو هو، هيڊ ماستر
هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو، ڇو جو هيڊماستر سندن
پاڙي جو هو ۽ حيلا ڪيا هئائينس ته اسڪول اچ. پر اڄ
پنهنجو پاڻ اسڪول آيو هو.
هيڊ ماستر هن کي پهرئين ڪلاس جو استاد کي گهرائي،
ان جي حوالي ڪيو. جنهن اچي ڪلاس ۾ ويهاريس. پهرين
پهرين، ڪلاس جي اوپري ماحول کان ڏاڍو ڀؤ ٿيڻ لڳس،
بئنچن جي قطار، اسڪول جي ڀتين تي رنگ برنگي،
تصويرون ڏسي دل ڌڙڪڻ لڳندي هيس، استاد جڏهن گهرائي
الف انب، جو سبق ڏيڻ، لڳس تڏهن سڄو پگهر ۾ شل ٿي
ويو هو، ۽ صفا جهيڻي آواز ۾ الف انب لفظ اچاريو
هئائين ۽ پوءِ سڄو وقت ويٺي اسڪول ۾ ان کي ياد
ڪيائين. جڏهن موڪل مليس تڏهن گهر ويو هو. پڻس ۽
ماڻس ڏاڍا خوش ٿيا هئا، جو سندن سڪيلڌو پٽ اسڪول
ويو هو. سورج اهو ڏينهن ڳڻتين ۾ گذاريو ته سڀاڻي
سبق ڪچو ٿيندو ته استاد ماريندو الائي ڇا؟
انهيءَ ڪري هن الف انب کي ته رٽي ڇڏيو، پر ب بلا،
ٻ ٻڪري تائين ياد ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن تي استاد
هن کي پيار سان سبق ڏنو. آهستي آهستي سورج جو خوف
لهندو ويو ۽ پوءِ ڪوبه اهڙو ڏينهن ڪونه آيو جو غير
واجبي هن اسڪول کان گسايو هجي.
اهڙيءَ طرح تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌندو رهيو.
انٽر پاس ڪيائين ته پيءُ گذاري ويس. پر ماءُ سهارو
ڏنس! هو انجنيري پڙهي انجنيئر بڻجي ويو. ماءُ کيس
هڪ سٺي گهراڻي مان پرڻايو.
سورج پنهنجي ماضيءَ تي سوچيندو رهيو ۽ ويٺي ويٺي
کل اچي ويس، سوچيائين جي ڊاڪٽر نصيحت نه ڪري ها ته
واقعي مان هينئر جاهل هجان ها ۽ هينئر جا ايتري
لئه اٿم سا نه هجي ها، ڪاش اهڙا ماڻهو هجن جيڪي
راهه ڀلجندڙن کي دڳ لائن!
وڌيڪ چڱو
خراب ماڻهن سان گڏ ويهڻ کان اڪيلو وهڻ وڌيڪ چڱو
آهي. چڱن ماڻهن سان گڏ رهڻ، اڪيلو رهڻ کان وڌيڪ
آهي. ڪنهن کي چڱيون ڳالهيون ٻڌائڻ ماٺ ۾ رهڻ کان
وڌيڪ آهي. ڪنهن سان خراب ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان ماٺ
۾ رهڻ وڌيڪ چڱو آهي.
(حديث شريف)
- موڪليندڙ: سبزوئي عبدالحميد، ڪنڌ ڪوٽ
اڪبر ابڙو
(سائنس)
تيلي
اڄ کان هزارين سال اڳ دنيا جا ماڻهو جهنگن ۾ رهندا
هئا. انهن جو کاڌو يا ته وڻن جا پن ۽ گل هو يا
شڪار جو گوشت. جهنگ ۾ رهندڙ جانور انهن کي پنهنجو
دشمن سمجهندا هئا ۽ موقعو ملندئي انهن تي حملو
ڪندا هئا. انهن وٽ بچاءَ لاءِ ٻيو ڪو طريقو نه هو
ته هو مقابلو ڪري پاڻ مرن يا انهن کي مارين. پر
اوچتو رات جي وقت جانور حملو ڪندا هئا. جنهنڪري
ماڻهو گهر وڻن ۾ ٺاهيندا هئا، هي اهو زمانو هو،
جڏهن دنيا وارا باهه ٻارڻ جي فائدن کان اڻ واقف
هئا.
انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ سياري جي رات
ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جي چمڪاٽ سان طوفان شروع
ٿيو. ماڻهو دهلجي ويا. هڪ ئي وقت کنوڻ زبردست
ڌماڪي سان گڏ هڪ وڻ تي اچي ڪري. ماڻهن ڏٺو ته وڻ
ٻري رهيو آهي ۽ انهيءَ مان باهه جا شعلا نڪري رهيا
آهن. هنن سمجهيو ته ڪنهن ديوتا مٿن عذاب نازل ڪيو
آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هو ڊڄندا ڊڄندا انهيءَ جي
ويجھو آيا ته انهن محسوس ڪيو ته هاڻي کين سيءُ
ڪونه ٿو پوي. بدن ڪوسو ٿي ويو آهي. هو باهه جي
انهيءَ طاقت ۽ تيز اثر تي عجب محسوس ڪرڻ لڳا.
قبيلي جا سڀ ٻار ۽ پوڙها، جيڪي سيءَ جي ڪري ڏڪي
رهيا هئا، باهه جي ويجهو گڏ جمع ٿي ويا ۽ پنهنجو
بدن باهه تي سيڪڻ لڳا. هاڻي انهن سمجهيو ته هتي
ڪنهن ديوتا جو قهر ۽ غضب نه پر شفقت ۽ رحمت آهي.
انهن ديوتائن جي انهيءَ تحفي کي جان کان به وڌيڪ
محفوظ رکيو ۽ انهيءَ کي پوڄڻ لڳا.
جنهن مهل قبيلي جا ماڻهو باهه جي ويجهو گڏ ٿي
خوشيون ڪري رهيا هوا ته انهيءَ مهل ڀرسان وڻن جي
جهڳٽي مان هڪ جانور نڪتو. سڀني ڦڙتائيءَ سان
پنهنجي حفاظت لاءِ پٿر کنيا، پر جانور مٿن حملو
ڪرڻ بدران، ٻي پاسي ڀڄي ويو ۽ مُڙي پويان
نهاريائين به ڪونه. انهيءَ کان پوءِ جڏهن به قبيلي
وارن باهه ٻاري، هنن ڏٺو ته هيڏانهن باهه جي اُلن
جو نڪرڻ ۽ هوڏانهن جانور مٿي تي پير رکي ڀڄي ويندا
هئا. هاڻي هن کي خبر پئي ته ديوتانن کين جانورن
کان بچائڻ لاءِ باهه موڪلي آهي.
توهان حيران ٿيندا هوندو ته اهي ماڻهو باهه ڪيئن
ٻاريندا هوندا. اچو ته توهان کي ٻڌايان: پهريائين
پهريائين جڏهن باهه ڏٺي ويئي ته هنن انهيءَ کي
محفوظ رکڻ لاءِ هيءُ ختم ٿيڻ اختيار ڪيو ته جڏهن
به اُلا ختم ٿيڻ لڳن ته انهيءَ ۾ ٻيا ڪاٺين جا
ٽڪرا ۽ ڇوڏا وجهي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح هنن باهه
کي ڪافي وقت تائين قائم رکيو. هڪ رات جڏهن هو
گهڻيون ڪاٺيون وجهي سمهي رهيا ۽ صبح اٿيا ته ڏسن
ته رڳا ڪوئلا پيا آهن. انهن کي باهه وسامي وڃڻ کان
پوءِ وري ٻارڻ ۾ گهڻو وقت لڳو.
هڪ ڏينهن هڪ وحشي (جهنگلي ماڻهو) ڪنهن جانور جي
پٺيان ڀڄي رهيو هو، پر شڪار هٿ مان نڪري چڪو هو.
انهيءَ چڙ ۾ اچي هن پٿر کي هڪ ٻئي پٿر تي زور سان
هنيو هن جي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته
پٿر تي پٿر لڳڻ سان باهه جون چڻنگون پيدا ٿيون.
جڏهن هن اها ڳالهه قبيلي وارن کي ٻڌائي ته عقلمند
ماڻهن گهڻي مغز ماري کان پوءِ فيصلو ڪيو ته وڻ ۾
ٽڪرايو وڃي، انهيءَ سان ضرور باهه ٿيندي ۽ سڪل پن
ٻرڻ لڳندا، جڏهن اهڙي قسم جو تجربو ڪيو ويو ته اهو
ڪامياب ثابت ٿيو. ۽ هوڏانهن باهه ٻارڻ لاءِ جدا
جدا طريقا به ايجاد ٿيڻ لڳا. هزارين سال پوءِ جڏهن
گندرف، فاسفورس ۽ پوٽيشيم جي فائدن جي ماڻهن کي
خبر پئي ۽ سائنسدانن انهن جي خاصيتن جي معلومات
ورتي ته تيليون ايجاد ٿيون، پر پراڻين ۽ اڄ جي
تيلين ۾ وڏو فرق آهي.
سڀ کان پهريائين جيڪا تيلي ايجاد ڪئي ويئي، انهيءَ
جي مٿان پوٽيشيم ڪلوريٽ، کؤنر ۽ کنڊ جي ملاوٽ لڳل
هوندي هئي انهيءَ کي جڏهن گندرف جي تيزاب ۾ ٻوڙيو
ته باهه پيدا ٿيندي هئي. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ
انهيءَ ۾ درستي ڪئي ويئي. گَهَڻ سان ٻرڻ واريون
تيليون ٺاهيون ويون. انهن جي چوٽيءَ کي پهريائين
پگهريل گندرف م ٻوڙيو ويندو هو ۽ پوءِ انهن تي
پوٽيشيم ڪلوريٽ، ائنٽي مَني سلفائيڊ ۽ زردي
فاسفورس جي ملاوٽ لڳائي وارنش ۾ وڌو ويندو هو.
انهن تيلين کي ڪنهن سخت جاءِ تي گَهي ٻاري سگهبو
هو. انهيءَ قسم جون تيليون به پهرئين قسم جي تيلين
کان گهٽ خطرناڪ نه هيو. ڪنهن وقت اتفاق سان معمولي
گَهڪي سان تيلي ٻري پوندي ۽ باهه لڳي ويندي هئي.
اڄڪلهه جيڪي تيليون استعمال ڪيون وينديون آهن.
انهن کي اسين (Safety
Matches)
يعني محفوظ تيلين جي نالي سڏيون ٿا. ان جي چوٽيءَ
تي اينٽي مني سلفائيڊ، پوٽيشيم ڪلوريٽ ۽ ڪجهه
ڳاڙهو وارنش لڳايو ويندو آهي. انهيءَ کان سواءِ
ماچيس جي پاسن کان ڳاڙهو فاسفورس، ائنٽي مَني
سلفائيڊ ۽ پيٺل شيشا ملائي ان جو ليپو هنيو ويندو
آهي. جيستائين تيليءَ کي ماچيس جي پاسي کان نه
گَهبو تيسين باهه پيدا ڪانه ٿيندي. ان ڪري هي
تيليون خطرناڪ ڪونه آهن. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ اهڙي
قسم جون تيليون ٺاهيون وينديون آهن.
اسان جي ملڪ ۾ به تيلين جا تمام گهڻا ڪارخانا آهن،
جتي لکين ماچيس تيار ٿيندا آهن.
وقت جو ڦيرو
سانوڻ هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو، پر کيس تعليم حاصل
ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن جي ننڍپڻ کان ئي ڪوشش
هوندي هئي ته هو وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿئي ۽ ڳوٺ جي غريب
ماڻهن جي خدمت ڪري. جيتوڻيڪ سانوڻ جي ڳوٺ ۾ ڪو
اسڪول ڪونه هو پر تنهن هوندي به هو ٻه ميل پنڌ ڪري
ڀر واري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو.
صبح جو سوير جڏهن ڳوٺ جي مسجد مان ٻانگ جو مٺڙو
آواز سانوڻ جي ڪنن تي پوندو هو، تڏهن هو ننڊ جي
غافل دنيا کي ڇڏي پنهنجي پالڻهار کي ريجهائڻ لاءِ
نماز پڙهندو هو ۽ نماز جي آخر ۾ اهائي دعا گهرندو
هو ته ”يا خدا! مون کي ڊاڪٽر بناءِ“ ماءُ به سويل
اٿندي هئي، جيڪا کيس ماني پچائي ڏيندي هئي. پوءِ
سانوڻ پنهنجي ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول ڏانهن
ويندو هو.
سانوڻ محتني هجڻ ڪري ڪلاس جو مانيٽر پڻ هو ۽ استاد
به هن کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. ڳوٺ جي زميندار جو
سڪيلڌو پٽ نواز، سانوڻ سان ڏاڍو حسد ڪندو هو. هو
هر وقت ڪلاس جي ٻين شاگرن کي سانوڻ جي خلاف
ڀڙڪائيندو هو هر روز ٽانگي تي اسڪول ايندو هو ۽
رستي ۾ سانوڻ کي پنڌ ويندو ڏسي هن تي چٿرون ڪندو
هو ۽ سانوڻ اهو سڀ ڪجهه صبر سان سهي ويندو هو.
نواز پنهنجي پيءُ کي سانوڻ جي شڪايت به ڪندو هو.
جنهنڪري زميندار صابر خان به سانوڻ جي پيءُ کي
گهرائي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. آخر ڪار اهو ڏينهن
به آيو جڏهن صابر خان جي ظلم جو پيالو لبريز ٿي
چڪو هو. هن نٿي چاهيو ته ڳوٺ جو ڪو ٻيو ٻار به
تعليم حاصل ڪري جنهنڪري هن سانوڻ جي پيءُ کي زمينن
تان بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ هو ٻي ڪا واهه نه ڏسي اتان
لڏي شهر ۾ وڃي رهيو.
وقت جي تيز وهڪري سانوڻ کي ڊاڪٽر بنائي ڇڏيو. هن
جي مراد پوري ٿي چڪي هئي، هن جي منهن تي محنت جو
پگهر چمڪڻ لڳو هو.
هڪ ڏينهن هو پنهنجي اسپتال ۾ ويٺو هو، ته هڪ ماڻهو
پريشان هال هن وٽ آيو ۽ چيائين ته هڪ مريض جي حالت
تمام خراب آهي، جنهنڪري مون سان گڏجي هلو. سانوڻ
ان ماڻهوءَ کي ڏٺو. هن جي دل ۾ عجيب هلچل پيدا ٿي
جنهنڪري ان ماڻهوءَ سان هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
اهو ماڻهو سانوڻ کي سندس ئي ڳوٺ ۾ وٺي آيو. کيس
حيرت ته ان وقت لڳي جنهن وقت هن نواز کي هڪ ڇنل کٽ
تي ڦٿڪندو ڏٺو، هو رڳو چند گهڙين جو مهمان هو.
سانوڻ جيڪڏهن چاهي ها ته نواز کان بدلو وٺي ٿي
سگهيو. پر هن جو ڌنڌو سڀني سان ڀلائي ڪرڻ وارو هو
۽ تنهن کان سواءِ نواز کي قدرت طرفان ڪافي سزا ملي
چڪي هئي. جو هن وقت هو موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي
بيهي ڪنهن کان مدد گهري رهيو هو. تنهنڪري سانوڻ سڀ
ڪجهه وساري به نواز جو علاج شروع ڪيو ۽ هو ڪامياب
ٿيو. جڏهن نواز چاق ٿيو ته سانوڻ جو رويو ڏسي ڏاڍو
شرمسار ٿيو ۽ سانوڻ کان معافي ورتائين. سانوڻ جي
پڇڻ تي نواز پنهنجو احوال کيس هن طرح ٻڌايو ته
”جڏهن توهان اسان جي ڳوٺ مان لڏي ويا ان سال
منهنجو پيءُ صابر خان به گذاري ويو ۽ پوءِ سڄي
ملڪيت منهنجي هٿ ئي آئي. ان وقت منهنجا يار دوست
به گهڻا ٿي ويا ۽ مان ڏاڍو عياش ۽ فضول خرچ ٿي
پيس. سڀ ڪو منهنجو دوست سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو
هو. مٽن مائٽن ڏاڍو سمجهايو، پر مان ان وقت دولت
جي نشي ۾ مخمور هئس، جنهنڪري مون انهن جي هڪ به نه
ٻڌي ۽ منهنجي اک ان وقت کلي، جڏهن وقت جي واڳ
دوستن جو رخ ڦيري ڇڏيو، يعني مان ڪنگال ٿي ويس ۽
پنهنجي ويران دنيا ۾ تنها رهجي ويس. مان نشي جو به
ڏاڍو عادي ٿي چڪو هوس، تنهنڪري مون کي آهستي آهستي
هي بيماري ٿي پيئي. پر الله تعاليٰ جي فضل سان
توهان جي مهربانين سان اڄ مان بلڪل ٺيڪ آهيان.
سانوڻ کي نواز جي ڏکن جي ڪهاڻي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽
ان کي معاف ڪري ڇڏيائين. پوءِ ٻئي گڏجي ڀائرن
وانگر گذارڻ لڳا.
گل شير ڪاڪا ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا
محنت سان ئي ماڳ
سليم وارا تمام غريب هئا، ايتريقدر جو سندس پوڙهو
پيءُ هر ڪاهي ڌرتيءَ جو سينو ڏاري سونا سونا سنگ
اپائيندو هو. پوءِ به هي ظالم سماج کيس گهٽ نظر
سان ڏسي ٿو. سندس پيءُ جو آسون اميدون سليم ۾
هيون. سليم کي پڙهندو ڏسي پئي دل ٺرندي هيس ته هڪ
ڏينهن منهنجو ٻچڙو به ڊاڪٽر ٿي خلق جي خدمت ڪندو.
۽ پوءِ مان سک سان زندگي پيو گذاريندس. پوءِ هر نه
ڪاهيندس. نه وڏيري جون ڇڙٻون نه سهندس. پر کيس
ڪهڙي خبر ته تون رڳو ڪن ڏينهن لاءِ مهمان آهين ۽
پوءِ هليو ويندين. شايد سليم جا اُهي سک به پسي نه
سگهين.
هڪ ڏينهن سليم جو پيءُ ٻنيءَ تان ڪم ڪار لاهيو گهر
ڏانهن واپس پيو اچي ته واٽ تي پيٽ ۾ ڪجهه درد
محسوس ڪرڻ لڳس، جيئن گهر ۾ پهتو تيئن درد وڌندو
ويس، اهڙي حالت ڏسي سليم ڊوڙي ڳوٺ جي ڊاڪٽر ڏانهن.
پر سندس پيءُ جو روح پرواز ڪري ويو.
سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ ماءُ روايت کي قائم
رکيو آئي. پورهيو ڪري ڪپڙا سبي سليم کي پڙهائيندي
هئي ته جيئن سليم وڏو ٿي پڙهي ڊاڪٽر ٿيندو.
سليم به سلڇڻو ڇوڪرو هو. ماءُ جو چوڻ وٺندو هو.
سندس اهائي ڪوشش هئي ته گهڻي کان گهڻي محنت ڪري
پنهنجي ماءُ پيءُ جي آس پوري ڪريان. مئٽرڪ جو
امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري سرڪار طرفان
اسڪالرشپ به حاصل ڪيائين. اهڙي ريت سليم جي وڌيڪ
همت افزائي ٿي. هن انٽر جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس
ڪيو. کيس جلد ئي ميڊيڪل ۾ داخلا ملي ويئي. سليم
پنهنجي اعليٰ مقصد کي تصور ۾ رکي محنت ۽ جفاڪشي
سان پنج سال پورا ڪيا. اڄ هن جي ذهن ۾ تبديلي اچي
ويئي ته اڄ کان پوءِ امان ڪپڙا نه سبندي. پورهيو
نه ڪندي جنهن سان کيس تڪليف رسي. ڇو ته مان اڄ
پنهنجو اعليٰ مقصد کي ماڻيو آهي. جڏهن ماءُ کي خبر
پئي ته هو بي انتها خوش ٿي. سندس ڪنن ۾ لفظ پڙاڏو
بنجي گونجندا رهيا. ڊاڪٽر..... ڊاڪٽر.....: کلي
کلي، سليم ماءُ کي چيو ”امان اڄ کان پوءِ تون ٻين
آڏو هٿ نه ٽنگيندينءَ. ڪنهن کي سوال نه ڪندينءَ
ڪپڙا نه سبندينءَ. ڇو ته مون محنت ڪري پنهنجو ماڳ
حاصل ڪيو.
مختيار ناز سومرو |